نماز ۾ دل ڇو نٿي لڳي؟

idara letterhead universal2c

قرآني آيتون ۽   سائنسي حقيقتون

مصنف: ڊاڪٽر هلوڪ نور باقي احمد الدين شر بلوچ

موضوع نمبر 40 هوائن جا ڳجھا راز

وَ تَصۡرِیۡفِ الرِّیٰحِ اٰیٰتٌ لِّقَوۡمٍ یَّعۡقِلُوۡنَ (الجاثيه:٥)

”۽ هوائن جي ڦيرگھير (رخ مٽائڻ) ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا.“

                        قرآني آيتن ۾ موجود ڪيترين ئي سائنسي حقيقتن کي گھڻو ڪري عام قسم جا پيغام سمجھيو ويندو آهي. اهو سڀ ڪجھه اسان جي علمي کوٽ جي ڪري آهي. خاص طور تي جيڪڏهن بيان اهو هجي ته ”انهيءَ ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا“ ته پوءِ انهيءَ تي بنا ڪنهن شڪ جي ويساهه ڪرڻ گھرجي ته اها آيت پڪ سان ڪن سائنسي حقيقتن جي ڄاڻ ڏئي ٿي. جيئن ته هيءَ آيت سڳوري به اهو ئي پيغام ڏئي رهي آهي، تنهن ڪري ان کي به انهيءَ ئي انداز سان ڏسڻ گھرجي.

                        اچو ته هاڻي ڏسون ته هوائون ڪهڙي طرح وجود ۾ اچن ٿيون. هڪ تمام سادي سمجهاڻي جنهن کي هرڪو ڄاڻي ٿو، سا اها آهي ته مرڪزن ۾ جدا جدا گرمي پد هجڻ جي ڪري وهندڙ ڪرنٽ (Convectional Current)  هوا ۾ اڀرندا آهن. اهو هڪ عام خيال آهي، جيڪو هر شيءِ کي ضرورت کان وڌيڪ سادو ۽ آسان ظاهر ڪندو آهي. اسان ڄاڻون ٿا ته هر پاسي کان ايندڙ هوائون زمين جي هر علائقي تائين پهچنديون آهن، ايتري تائين جو اسان جي شهر جي زهر ڀريل فضا به انهن مناسب رفتار وارين هوائن جي ڪري صاف ٿيندي رهندي آهي. هوائن جو اهو هڪ تمام پکڙيل نظام آهي، جيڪو ڪڪرن کي لکين انساني آبادين تائين وٺي اچڻ جو بندوبست ڪري ٿو. اِن سان هوا صاف ٿيندي آهي ۽ ضرورت موجب برف پگھربي يا ڄمندي آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته تپش جو مرڪز يا نظر ايندڙ نظام ڪيترو گرم يا ٿڌو هئڻ گھرجي ته جيئن زندگيءَ جي نعمتن کي مٿي بيان ڪيل آبادي جي لکين مرڪزن ۾ پهچائي سگھجي؟

                        بي دين ماڻهو اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ڄڻ ته انهن کي هوائن جا اهي حيرت ۾ وجھندڙ نمونا نظر ئي نٿا اچن ۽ هو انهن ئي هوائن جا اهي عام طرف سمجھندا آهن جن ۾ گرمي يا ٿڌ ٿيندي آهي. پر الله تعالىﷻ قرآن پاڪ جي معجزاتي فرمان جي ذريعي سندن اِن طريقي کي بيڪار ڪري ڇڏي ٿو.

                        انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي غور ڪرڻ وارا آهن، هوائن جي مختلف طرفن ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن. هوائن جي مضمون کي سمجھڻ جي لاءِ اچو ته اسان ان جو مطالعو ڪجھه ٻئي انداز سان ڪريون.

                        (الف) ان وقت ڇا ٿئي ها جڏهن زمين هڪ قسم جو اهڙو گرهه هجي ها جنهن جو مدار ان جي گردش واري رستي جي نسبت سان عمودي هجي ها؟ اهڙي صورت ۾ زمين تي هوا ته نه هجي ها، باقي سهپ کان وڏا طوفان سدائين جي لاءِ زمين جي قطبن کان وٺي خط استوا تائين ۽ اتان کان پوئين پير هلندا رهن ها. ائين ان وقت ٿئي ها، جڏهن زمين هڪ ڪدوءَ جي شڪل واري عمودي حالت ۾ قائم ڪئي وئي هجي ها. جڏهن الله تعالىﷻ زمين کي 23.5 ڊگري تي جھڪيل ٺاهيو آهي. اهڙي طرح اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب جي ٿڌي هئڻ جو عمل ۽ سج جو اثر سال جي هر ڏينهن ۾ مختلف هوندو آهي. اهڙي طرح هوائن جي رفتار ۾ گھٽتائيءَ جو اثر پڻ پيدا ٿئي ٿو. جيئن جيئن خط استوا جي نسبت سان هر هڪ زميني قطب جي وچ ۾ گرمي پد ۾ فرق ايندو آهي، هوائون به مناسب رفتار سان گھلڻ شروع ٿي وينديون آهن.

                        (ب) جيئن ته فضا جي اوچائي قطبن جي خط استوا کان نسبت جي لحاظ کان مختلف هوندي آهي، انهيءَ ڪري فضا جي مٿين ۽ هيٺين حصي ۾ هوائن جي رفتار به انهن ٻنهي حصن تي جدا جدا ٿي ويندي آهي. انهيءَ عمل جي ذريعي گرم ۽ ٿڌي طرف وارن نظامن جي نون ۽ گھڻي تعداد ۾ مرڪزن جنم ورتو آهي ۽ هوائن ۾ اها خاصيت پيدا ٿي وئي آهي ته اهي ڪنهن هڪ پاسي هلڻ بدران مختلف طرفن ۾ هلن ٿيون.

                        (ٻ) زمين جو مٿاڇرو ڪهڙي شڪل ۾ هئڻ گھرجي؟ يعني جبلن جي بناوت، ميدان ۽ مٿاڇرو ڪهڙي قسم جو هجي جو دنيا جي آبادي جا سمورا مرڪز هر پاسي کان هوائون حاصل ڪري سگھن ۽ گرم ۽ ٿڌن طرفن جا متبادل نظام ان ۾ هر هڪ مرڪز جي اوسي پاسي ۾ پيدا ٿي سگھن.

                        انهيءَ ڳالهه کي ٻين لفظن ۾ هن طرح بيان ڪري سگھجي ٿو ته فرض ڪريوته زمين جو ٽڪرو اڃا نئون نئون وجود ۾ آيو آهي. توهان هزارن جي تعداد ۾ سائنسدانن ۽ ايتري ئي تعداد ۾ ڪمپيوٽرن کي گڏ ڪريو ٿا. ان کان پوءِ توهان انهن کي چئو ته اهي اهڙي ڍنگ سان جابلو سلسلا، ميدان ۽ مٿانهان پٽ پيدا ڪن جو زمين جي هر ڪنڊ ڪڙڇ تائين ٿڌين ۽ ڪوسين هوائن جي پهچڻ جو بندوبست ٿي سگھي يعني آبادي جو هر هڪ مرڪز سڀني پاسن کان هوا حاصل ڪري سگھي. سائنسدانن جو گروهه جيڪڏهن هڪ هزار سالن تائين لڳاتار جاکوڙيندو رهي ته به جبلن جي رڳو هڪڙي سلسلي کي به ترتيب ڏئي نه سگھندو. جڏهن ته الله تعالىﷻ زمين تي جبلن جي نمونن جي اهڙي ته انداز ۾ ترتيب ٺاهي آهي جو زمين تي هر سال جي هر ڏينهن تي هوا جو هڪ نئون پاسو پيدا ٿئي ٿو ۽ هوا هر پاسي کان گھلي ٿي. اهڙيءَ طرح جيڪي بي عقل ماڻهو اهو چوندا آهن ته هوا ڇا آهي؟ اها ته رڳو گرم ۽ ٿڌين هوائن جو هڪ عام نظام آهي؛ تن کي هيءَ آيت سڳوري اهو جواب ڏئي ٿي ته توهان سوچ ويچار ئي نٿا ڪريو، توهان ته سائنس مان ڪجھه به نه سکيو آهي.“

                        (ڀ) هوائن جي اها مهم اتي ئي ختم نٿي ٿئي. الله تعالىﷻ فضا کي ٻه اهم خاصيتون عطا ڪيون آهن، ته جيئن گرم ۽ ٿڌن مرڪزن ۾ گرمي پد جو فرق ضرورت کان وڌي نه وڃي ۽ هوائون برداشت کان چڙهي نه وڃڻ. انهن مان پهرين خاصيت اوزون جو تهه (Ozone Layer) آهي، جيڪو ضرورت کان وڌيڪ سج جي گرميءَ کي پنهنجي اندر جذب ڪري، گرمي پد کي وڌي وڃڻ کان روڪي ٿو. ٻي خاصيت هوا ۾ موجود ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو سَوَڙِ جهڙو اثر آهي، جيڪو زمين کي نهايت ٿڌو ٿي وڃڻ کان بچائي ٿو، خاص ڪري رات جي وقت. سائنسي لحاظ کان اهي سڀئي عجوبا گڏيل طور تي هڪ اهڙي صورتحال پيدا ڪن ٿا جو هوائون وسندين تائين پهچي سگھن ٿيون. جيڪڏهن توازن کي بحال رکندڙ اهو نظام موجود نه هجي ته اهي طوفان جيڪي اسان کي خوفزده ڪن ٿا، سي هن زمين کي تباهه ڪري ڇڏين ها. جيڪڏهن هڪ انسان کي، هڪ ٽچڪندڙ ڏينهن ۾ چانهن جا سرڪ ڀريندي انهيءَ ڳالهه جو احساس ٿي وڃي ته هن وقت گھلندڙ هوا جي هڪ ٿڌڙي هير جي پٺيان ڪيترو نه نازڪ قسم جو حساب ڪتاب ڪم ڪري رهيو آهي ته هو يڪدم اٿي کڙو ٿيندو ۽ بي اختيار سجدي ۾ ڪري پوندو.

                        هوائن جي مختلف طرفن ۾ هلڻ جا ڪيترائي اهم سبب آهن. اهي جيڪي ٿڌين ۽ گرم هوائن کي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي وٺي وڃن ٿيون ته انهن جو پهريون ۽ اهم مقصد مينهن لاءِ تياري ڪرڻ هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هوائون تيز ٿي وينديون آهن ۽ پاڻ سان گڏ هوا مان آئن (Ions) کي ڇڪي وٺي وينديون آهن. اهڙي طرح برقي توانائيون، جيڪي زندگيءَ جو بنياد هونديون آهن، مينهن جي ذريعي هوا سان گڏ زمين تائين پهچنديون آهن، جتي پاڻي جي هڪ ننڍڙي بوند به بجليءَ مان چارج ٿيل زندگي ڏيندڙ شيءِ بڻجي پوي ٿي. هوا جي وسيلي ٻوٽن جي ٻجن جو هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين پهچڻ، ايتري تائين جو گلن جي ٻُور تي نرائڻ (Insemination) يعني ٻوٽن ۾ تخليقي عمل بابت به قرآن ۾ ذڪر ملي ٿو.

                        هوائن جو هڪ تمام اهم ڪم انهن جو آڪسيجن ۽ تازي هوا کي شهرن ۾ آڻڻ ۽ شهرن جي زهريلي ۽ خراب هوا کي ٻيلن ڏانهن صفائيءَ جي لاءِ کڻي وڃڻ به آهي. اها هوا جيڪا اسان کي خراب نظر اچي ٿي، ڪنهن حد تائين وڻن جي لاءِ خوراڪ جو ذريعو پڻ آهي. اهڙي طريقي دنيا ۾ آڪسيجن جي هڪ خاص حد برقرار رهي ٿي. اهي سڀئي حيران ڪري ڇڏيندڙ عمل، قادر مطلق جي عظيم ڪمپيوٽري نظام ۾ پهريان کان ئي لکيل آهن، جيڪي بنا ڪنهن خرابيءَ جي هلندا رهن ٿا.

                        جي ها، مهربان پڙهندڙؤ! توهان اهو ويساهه ڪريو ته هر شيءِ جي ڄاڻ رکندڙ الله تعالىﷻ جي ڪمپيوٽر ۾ اهو اڳواٽ ئي لکيل آهي ته ڪهڙي هوا ڪهڙي علائقي ۾ پيدا ٿيندي، ڪهڙي هوا ڪهڙي شهر ۾ گھلندي ۽ ڪهڙي وقت گھلندي. انهن سڀني ڳالهين جو انتظام هن وقت کان وٺي قيامت جي ڏينهن تائين اڳواٽ ئي ترتيب ڏنل آهي. اها ئي اصل سائنس آهي. انهيءَ جي برخلاف سوچڻ ۽ اها دعوى ڪرڻ ته ڪڪر ته رڳو پاڻي جا ڦڙا آهن ۽ هوائون رڳو هوائن جو وهڪرو آهن، عقلي سائنس جي نالي تي هڪ داغ آهي. اها ئي اها حقيقت آهي جنهن تي آيت جي آخري حصي ۾ زور ڏئي ڪري فرمايو ويو آهي ته ”انهيءَ ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڪيتريون ئي نشانيون آهن جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا.“

                        هن آيت جي هڪ تمام اهم باريڪ بيني اها آهي ته سڀني علائقن ۾ هوائن جو مٽ سٽ طرفن ۾ هلڻ خاص اهڃاڻن واري ڳالهه آهي. جيئن ته مون بيان ڪيو آهي ته ڪيترن ئي طرفن ڏانهن هلندڙ هوائن جو وجود ڪيترين ئي طبعياتي عجوبن تي مشتمل آهي.

                        هائو! هوا جي هر جھوٽي سان، اسان جو پالڻهار اسان مان تمام گھڻي شڪرگذاري ۽ حمد و ثنا جي اميد رکي ٿو.