نفس جي اصلاح جي ضرورت

idara letterhead universal2c

نفس جي اصلاح جي ضرورت

مولانا محمد عاشق الاهي بلند شهري

سنڌيڪار: عبدالصمد بروهي

تڪبر ۽ آڪڙ جي مذمت

                        تڪبر بري بلا آهي، اهوئي ابليس جي ملعون ٿيڻ جو ڪارڻ ٿيو آهي. الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته:

اِنَّ اللّٰہَ لَا یُحِبُّ مَنۡ  کَانَ  مُخۡتَالًا  فَخُوۡرَا ﴿ۙ۳۶﴾

بيشڪ الله پاڻ پڏائيندڙن کي دوست نه ٿو رکي، (۽ نه انهن کي) جيڪي بخل ڪن ٿا. (النساءَ ٣٦)

                        هن آيت ۾ انهن ماڻهن جي مذمت ٿيل آهي جيڪي پنهنجو پاڻ کي وڏو ۽ ٻين کي گهٽ ڄاڻندا آهن، فخر، تڪبر ۽ گهمنڊ جي نشي ۾ مگن رهندا آهن. لفظ مختال خيلاءَ مان ورتل آهي ۽ باب اشتعال مان اسم فاعل جو صيغو آهي، هي لفظ پاڻ کي وڏو سمجهڻ، آڪڙ ۽ وڏائي ڪرڻ، آپي مان نڪري وڃڻ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي. پنهنجو پاڻ کي وڏو سمجهڻ هي دل جي تمام وڏي بيماري آهي. گهڻا گناهه انهيءَ ڪري ٿيندا آهن، شهرت جو طالب هجڻ، عملن ۾ ڏيکاءَ ڪرڻ شادي غمي ۾ دنيا داري جي رسمن کي اختيار ڪرڻ ۽ هي خيال ڪرڻ ته ايئن نه ڪيو ويو ته ماڻهو ڇا چوندا؟! هي سڀ تڪبر آهي.

                        ناحق تي ضد ڪرڻ، هق کي ٺڪرائڻ، غلط ڳالهه ڪري حقيقت سامهون اچڻ تي حق کي قبول نه ڪرڻ، شريعت تي هلڻ ۾ شرمندگي محسوس ڪرڻ، گناهن کي ان لاءِ نه ڇڏڻ ته معاشري وارا ڇا چوندا، هي سڀئي تڪبر مان پيدا ٿيڻ واريون شيون آهن. هڪ صحابي عرض ڪيو: يا رسول الله ﷺ هڪڙو ماڻهو پسند ٿو ڪري ته ان جا ڪپڙا سٺا هجن، جتي سٺي هجي ڇا هي تڪبر آهي؟ پاڻ ڪريم ﷺ فرمايو الله تعاليٰ جميل آهي، جمال کي پسند ڪندو آهي، تڪبر هي آهي ته حق کي ٺڪرائي ۽ ماڻهن کي حقير سمجهي. (مسلم سريف ۾) مختال جي مذمت سان گڏ فخور جي پڻ مذمت ڪئي آهي، لفظ فخور فخر مان ورتل آهي، پاڻ پڏائن، پنهنجي ڪوڙي تعريف ڪرڻ، لفظ فخر انهن سڀني کي گهيرو ڪندڙ آهي، گهڻن ماڻهن کي هي مرض به هوندو آهي ته مال، علم يا عهدي جي نشي ۾ ڌت رهندا آهن. پاڻ کي پڏائيندا آهن ۽فخر ڪندا آهن، انهن جو ذهن ان پاسي نه ويندو آهي ته انهن وٽ جيڪو ڪجهه آهي الله تعاليٰ ڏنو آهي ۽ هي ته اهي الله تعاليٰ جا عاجز ٻانها آهن، جيڪي نعمتون الله تعاليٰ انهن کي عطا ڪيون آهن. انداز ۾ ماڻهن جي آڏو انهن کي بيان ڪندا آهن جيئن انهن کي حاصل ڪرڻ ۾ انهن جو پنهنجو ڪمال شامل آهي ۽ جن وٽ اهي شيون ناهن انهن کان پاڻ کي بلند ۽ مٿانهون سمجهندا آهن ۽ پنهنجي خالق ۽ مالڪ کي وساري ڇڏيندا آهن، ان جنهن کي ڏنو آهي پنهنجي فضل سان عطا ڪيو آهي ۽ جنهن کي نه ڏنو آهي ان ۾ ان جي حڪمت آهي، ٻانهي جو ڪم هي آهي ته پاڻ کي عاجز سمجهي ۽ شڪر ڪندڙ ٿي ڪري رهي ۽ الله تعاليٰ جي ٻين ٻانهن کي گهٽ نه سمجهي.

                        اڄڪلهه ڀيڏين کان هيٺ ڪپڙو پائڻ جو رواج تمام گهڻو آهي، حديث ۾ ان تي سخت وعيد آئي آهي، حضرت عبدالله بن عمر رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جيڪو ماڻهو تڪبر ڪندي پنهنجو ڪپڙو گهلي هليو الله تعاليٰ ان ڏانهن رحمت جي نظر سان نٿو ڏسي. (بخاري)

                        حضرت ابو سعيد خدري رضه فرمايو ته مون رسول الله ﷺ کان ٻڌو آهي ته مؤمن جي گوڏ (يا ڪانچ جا پانچا) اڌ پني تائين هجڻ گهرجن (۽) ان ۾ ان تي ڪو گناهه ناهي ته گوڏن ۽ ڀيڏين جي وچ ۾ هجي ۽ جيڪو ان کان هيٺ هجي اهو دوزخ ۾ وٺي ويندڙ آهي ۽ الله تعاليٰ  قيامت جي ڏينهن ان ڏانهن رحمت جي نظر سان نه ڏسندو جنهن پنهنجي گوڏ تڪبر ۽ آڪڙ سان گهليو. (ابودائود)

                        ڪپڙو ڀيڏين کان هيٺ لٽڪائڻ جو گناهه صرف گوڏ ۾ ئي ناهي، بلڪه ٻين ڪپڙن ۾ به آهي، جيئن قميص سٿڻ وعيره کي جيڪڏهن ڪو ڀيڏين کان هيٺ لٽڪائي ته هي به انهي منع ڪيل ۾ شامل آهي.

                        حضرت جابر بن سليم رضه کي نبي ڪريم ﷺ جيڪي نصيحتون ڪيون، انهن مان هڪ هي آهي به آهي: گوڏ کي لٽڪائڻ کان بچو ڇاڪاڻ ته هي تڪبر جي ڪري هوندو آهي ۽ بيشڪ الله تعاليٰ تڪبر کي پسند نٿو ڪري. (ابودائود)

                        نبي ڪريم ﷺ جن انها من المخيلة فرمائي ڪري انهن ماڻهن جي ڳالهه کي رد ڪري ڇڏي جيڪي ڀيڏي کان هيٺ ڪپڙو پائيندا آهن، اهي چوندا آهن تڪبر جي ڪري نه پائيندا آهيون، جيڪي ماڻهو ڀيڏين کان هيٺ ڪپڙا پائيندا آهن اڌ پنيءَ تي ڪپڙو پائڻ کي پنهنجي بي عزتي سمجهندا آهن  ۽ جيڪي ماڻهو ڀيڏي کان مٿي ڪپڙو پائيندا آهن انهن کي حقير سمجهندا آهن، اهوئي تڪبر آهي، اهو ماڻهو ڪنهن به طرح اڌ پنيءَ تائين گوڏ ٻڌي ڪري بازار ۾ وڃي ڏيکاري ته نفس گوارو ڪندو آهي يا نه؟ انهيءَ مان خبر پئجي ويندي ته ڀيڏين کان هيٺ پائڻ تڪبر ئي جي لاءِ آهي يا ناهي؟

                        اڳوڻن امتن مان هڪ ماڻهوءَ جي باري ۾ رسول الله ﷺ فرمايو ته: اهو تڪبر سان پنهنجي گوڏگهلندو وڃي رهيو هو لهذا ان کي زمين ۾ ڳهائيو ويو، هو قيامت تائين زمين ۾ هيٺ ويندو رهندو. (بخاري)

                        ماڻهن هي ٻڌو آهي ته حضرت ابوبڪر رضه جي گوڏ  هيٺ ٿي ويندي هئي، ان کي ماڻهن شلوار ۽ گوڏ ۽ ٻين ڪپڙن کي ڀيڏي کان هيٺ پائڻ جي جواز جي دليل ٺاهي، اهي ماڻهو چوندا آهن ته اسان حضرت ابوبڪر صديق رضه جي ناپسندي ڪندا آهيون.

                        پهرين ڳالهه هي ته رسول الله ﷺ جو چٽو فرمان ته جيڪو ڪپڙو ڀيڏي کان هيٺ ٿيو اهو دوزخ ۾ وڇڻ جو ذريعو آهي ان کي ڇڏي ڪري حضرت ابوبڪر صديق رضه جي پيروي ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟ پوءِ ڇا حضرت ابوبڪر صديق رضه جي پيروي جي لاءِ اهوئي هڪ ڪم رهجي ويو آهي؟ انهن الله تعاليٰ جي رستي ۾ سمورو مال خرچ ڪرڻ جي لاءِ رسول الله ﷺ جي خدمت ۾ آڻي پيش ڪري ڇڏيو هيو، اوهان ته چوٿون حصو به خرچ ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهيو!

                        ۽ حديث ۾ ائين آهي ته جڏهن رسول الله ﷺ جن فرمايو ته: جيڪو ماڻهو تڪبر جي طور تي پنهنجو ڪپڙو گهليندو هلي قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ ان ڏانهن رحمت جي نظر سان نه ڏسندو ته حضرت ابوبڪر صديق رضه عرض ڪيو ته: يا رسول الله ﷺ منهنجي گوڏ سرڪي هيٺ ٿي ويندي آهي، ها! آئون جيڪڏهن ان جو خاص اهتمام ڪيان ته نه ٿيندو آهي ته ان تي نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو: توهان انهن مان ناهيو ته جيڪي ان کي تڪبر جي طور تي ڪندا آهن. (مشڪوات)

                        حضرت ابوبڪر صديق رضه جي گوڏ بي خيالي ۾ هيٺ سرڪي ويندي هئي ۽ رسول الله ﷺ انهن جي باري ۾ چٽو فرمايو ۽ شاهدي ڏنائون ته توهان انهن  مان ناهيو، جيڪي ان ڪم کي تڪبر جي وجه کان ڪندا آهن، هاڻي اهو ماڻهو پنهنجي ظلم کي پاڻ کي داد ڏين، جيڪي حضرت ابوبڪر صديق رضه جي ابتاع جو دعويٰ ڪندا آهن، ڪپڙو وٺڻ وقت ارادي سان سوچي ڪري خريد ڪندا آهن ته ڀيڏي کان هيٺ سيرائڻو آهي، پوءِ درزي وٽ ڀيڏي کان هيٺ سبرائڻ جي لاءِ ماپ ڏيندا آهن، پوءِ ارادي سان ڀيڏي کان هيٺ پائيندا آهن ۽ مٿي پائڻ ۾ عزت جي گهٽتائي سمجهندا آهن، انهن جو هي سڄو عمل ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضه جي گوڏ جو بي خيالي ۾ هيٺ ٿيڻ ڇا هڪ ئي ڳالهه آهي؟ اهڙين بي تُڪي ڳالهين سان ڇا گناهه ڪرڻ حلال ٿي ويندو انسان گناهه کي گناهه سمجهي ڪري ته توبه جي توفيق ملي ويندي آهي، اٽڪلون سٽڪلون ڪري ان کي حلال سمجهي ته گناهگار ئي مرندو آهي.

                        اسان جي هڪ دوست پتلون پائڻ ڇڏي ڏني، پرانا پتلون، رکيل هئا، اهو مون کي چوڻ  ته انهن جو ڇاڪيان؟ مون چيو ڪٽرائي ڪري ڀيڏين کان مٿي ڪيو ۽ ان کان پوءِ پائيو ۽ پائڻ وقت اڳيان پوئيان ڪڙتي جا پلئه ۽ يهڪي ڇڏجان! هي ٻڌي ڪري هن کلي ڏنو، جو کلڻ هي ظاهر ڪري رهيو هو ته جڏهن ڀيڏي کان هيٺ نه رهيو ۽ قميص جو پلئو به يڪجي ويو ته اهو پتلون ئي ڪٿي رهيو؟ پتلون جو ته مقصد ئي تڪبر ڪرڻ ۽ پاڻ کي چمڪائڻ ۽ ڦونڊيل ڏيکارڻو آهي.

                        مسلمانو! ڪهڙي مصيبت آهي ته لباس ۽ طور طريقي ۾ اسلام جو طريقو ڇڏي ڏيون ۽ ڪافرن جي طور طريقي ۽ شڪل صورت اختيار ڪيون! اسان جو دين جدا آهي، دشمنن جو دين ڌار آهي. اسلام جي دشمنن جو طريقو اسان کان مختلف آهي! انهن وٽ ته ٻه چار تصورن ۽ وهمن کانسواءِ دين آهي ئي نه.

                        اسان جو دين ڪامل آهي، مڪمل آهي، جامع آهي، زندگي جي هر شعبي تي غالب آهي، لهذا اسان کي پنهنجي دشمن جي طرف نظر کڻي ڪري ڏسڻ ۽ انهن جهڙو ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ڪيڏي بيغيرتي آهي ته اهي اسان جي طور طريقي ۽ لباس ۽ معاشرت کي اختيار ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن ۽ اسان جا فيشن جا عاشق ڀائر انهن جي سانچي ۾ پئجي رهيا آهن! قرآن ۾ الله تعاليٰ فرمايو:

وَ لَا تَرۡکَنُوۡۤا اِلَی الَّذِیۡنَ ظَلَمُوۡا فَتَمَسَّکُمُ النَّارُ ۙ

۽ ظالمن ڏانهن لاڙو نه ڪريو نه ته اوهان کي باهه لڳندي. (هود: آيت ١١٣)

                        تڪبر وڏو ٿيڻ جو نالو آهي، ان جي سزا به ذلت واري آهي. حضرت عمرو بن شعيب رحمت الله عليه پنهنجي پي (۽) ڏاڏي کان راويت ڪندو آهي، رسول الله ﷺ فرمايو ته: تڪبر ڪرڻ وارن جو حشر قيامت جي ڏينهن  ڪولين وانگر هوندو (جسم ڪولين جي برابر هوندا) صورتون انسانن جون هونديون، هر طرف کان انهن تي ذلت ڇانيل هوندي، انهن کي دوزخ جي جيل خاني ڏانهن هڪليو ويندو، انهن تي باهين کي ٻارڻ واري باهه وڪوڙيل هوندي، انهن کي دوزخين جي جسم جو رت (۽پونءِ) پياريو ويندو (جنهن جو نالو) طينة الخبال آهي. (مشڪوات)

                        بادشاهه کي هي بيماري هئي ته پنهنجي تعريف ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي درٻار ۾ شاعرن کي گهرائيندا هئا، شاعر انهن جي تعريف ۾ زمين ۽ آسمان جون وٿيون ملائي ڇڏيندا هئا ۽ انهيءَ جي مزدوري کائيندا هئا، اهي ئي شاعر جڏهن ڪنهن ڳالهه تي ناراض ٿي ويندا هئا ته پوءِ گلا ۽ مذمت ۾ به انتها ڪري ڇڏيندا هئا، نه ڪوڙي تعريف سان خوش ٿين ها، نه ئي گلا جي نوبت اچي ها، ارڏائي ۽ خود ثنائي برو مرض آهي.