دل ۽ ان جون حالتون

idara letterhead universal2c

دل ۽ ان جون حالتون

حضرت خليفه محمد هارون ڪوريجه             سهيڙيندڙ: مولانا  عطاءَ الله پٺاڻ

                        بزرگ حافظ محمد هارون ڪوريجه نواب شاهه ضلعي جا تمام وڏي پايي جا فنا  في الله بقا الله شخص گذريا آهن. هڪ ڀيري  مهمان ٿي آيل علماءِ صالح جي ڪچهريءَ ۾ ”دل“ قلب بابت سوال جواب ٿيا.  دلچسپ منظر هو. اصلاحي بيان هئا. قرآن پاڪ مان چونڊ ٿي رهي هئي. ڇا ٻڌايان.

                        پهرين ڳالهه هيءَ هئي ”دل“ ڇا آهي. پاڪ پيغمبر ڪريم فرمايو ته ”دل“ هڪ ٻوٽي آهي. ٻوٽي، (جا خيال، ڪم) صحيح آهن. ته سارو بدن صحيح آهي. ۽ دل به ٻين عضون وانگر ميري ٿيندي آهي. مٿس لوهه جيان ڪٽ به چڙهندي آهي الله سائين فرمايو اهڙي دل جو علاج، منهنجو لاءِ منهنجي اڳيان  روئڻ ۽ ڳوڙهن ڳاڙڻ سان آهي جن سان دل صاف شفاف ٿي وڃي ٿي.“ هڪ ڏاهي جو قول آهي ته نادان ۽ اياڻو آهي اهو ماڻهو جيڪو دولت گڏ ڪرڻ جي نشي ۾ دل جو سڪون ۽ چين وڃائي ويهي ٿو ۽ ڏاهو سياڻو، دانشمند ماڻهو هميشه دل جي سڪون ۽ چين لاءِ دولت لٽائي ڇڏي ٿو.

                        حضرت حسن بصري رحه جو قول نقل ڪندي فرمايائون ته پنج شين جيڪري دل بگڙجي خراب ٿيو وڃي ٿي. توبه ڪرڻ جي آسري ۾ گناهه ڪندو رهي توبه نه ڪري. (٢) ديني علم سکي پر عمل نه ڪري. (٣) سهڻا اخلاق نه هئڻ (٤) روزي رزق کائي شڪر نه ڪرڻ (٥) مئل دفن ڪري ۽ ڪابه عبرت يا نصيحت حاصل نه ڪري.

                        ان کانپوءِ فرمايائون ته جيترا به پيغمبر سڳورا دنيا جي تختي تي آيا انهن سڀني سڀ کان وڌ محنت انسانن  جي دل جي تزڪيه ۽ صفائي تي ڪئي. ڇو ته دل صاف پاڪ ٿيندي ته انسان پاڪ ٿي ويندو. دل جي بدلجڻ، مٽجڻ، ڏنگي ٿيڻ سان انسان به بدلجي ۽ مٽجي وڃي ٿو. توهان ڏسو ته قرآن پاڪ ۾ ڪيترين جاين تي ان جو ذڪر ڪيو ويو آهي.  دلين جا اٽڪل پندرهن قسم بيان ڪيا ويا آهن:

(١) دانشمند، ذڪي، هوشيار، سجاڳ دل

رَبَّنَا لَا تُزِغۡ قُلُوۡبَنَا بَعۡدَ  اِذۡ ہَدَیۡتَنَا وَ ہَبۡ لَنَا مِنۡ لَّدُنۡکَ رَحۡمَۃً ۚ اِنَّکَ اَنۡتَ الۡوَہَّابُ ﴿۸﴾  (آل عمران: ٨)

                        ڌڻي سڳورا جڏهن تون اسان کي سڌي واٽ جو ڏس ڏيئي هلائي چڪو آهين ته هاڻي اسان جي دل ۾ ڏنگائي نه آڻج ۽ پنهنجي رحمت ۽ فيض جي خزاني مان اسان تي رحمت جي پالوٽ ڪرتون ئي پالوٽ ڪندڙ آهين.“ (جنهن دل کي الله پاڪ پاڻ هدايت ڏيئي ۽ سڌي واٽ تي هلائي ته اها واقعي سجاڳ دل سڏبي).

(٢)مطمئن (سڪون ۽ سمجهه واري) دل

اَلَا بِذِکۡرِ اللّٰہِ تَطۡمَئِنُّ الۡقُلُوۡبُ ﴿ؕ۲۸﴾  (الرعد:٢٨)

                        خبردار ٿيو! سجاڳ ٿيو! الله پاڪ جو يادگيرو ئي ۽ ذڪر ئي هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن سان دلين کي اطمينان، سڪون ۽ فرحت حاصل ٿيندي آهي. (مطلب ته دنيا، دولت، منصب يا جاگير سان حقيقي ۽ اصلي سڪون حاصل ٿي سگهندو آهي. ذڪر ڪرڻ سان جيڪو تعلق ۽ لاڳاپو الله پاڪ سان حاصل ٿيندو اهوئي دل جي گهٻراهٽ بي سڪوني، بي آرامي کي ختم ڪندو آهي).

(٣) خدا جي خوف کان ڀرجي، لرزي ويندڙ دل

اِنَّمَا الۡمُؤۡمِنُوۡنَ الَّذِیۡنَ اِذَا ذُکِرَ اللّٰہُ وَجِلَتۡ قُلُوۡبُہُمۡ وَ اِذَا تُلِیَتۡ عَلَیۡہِمۡ اٰیٰتُہٗ زَادَتۡہُمۡ  اِیۡمَانًا  (الانفال: ٢)

سچي ۽ پڪي ايمان وارا اصل ۾ (اهي ماڻهو آهن جن جون دليون، الله پاڪ جو ذڪر ٻڌي ڪنبي وڃن ٿيون. (هوشيار سجاڳ ٿي وڃن ٿيون) ۽ جڏهن قرآن پاڪ جون آيتون، وٽن پڙهيون ٿيون وڃن ته سندن ايمان ۾ واڌارو اچي ويندو آهي.

(٤) ڏڪي ويندڙ دليون:

وَ  بَشِّرِ  الۡمُخۡبِتِیۡنَ ﴿ۙ۳۴﴾  الَّذِیۡنَ اِذَا ذُکِرَ  اللّٰہُ وَجِلَتۡ قُلُوۡبُہُمۡ وَ الصّٰبِرِیۡنَ عَلٰی مَاۤ  اَصَابَہُمۡ وَ الۡمُقِیۡمِی الصَّلٰوۃِ ۙ وَ  مِمَّا  رَزَقۡنٰہُمۡ  یُنۡفِقُوۡنَ ﴿۳۵﴾  (الحج:٣٥، ٣٦)

۽ (اي پيغمبر!) نياز نوڙت ڪندڙن کي خوشخبري ڏي (مبارڪ ڏي) جن جي حالت هي آهي جو جڏهن الله پاڪ جو ذڪر ٻڌن ٿا ته سندن دليون لرزجي وڃن ٿيون ۽ جيڪا مصيبت ۽ تڪليف مٿن ايندي آهي ان تي صبر ڪندا آهن، نماز قائم ڪن ٿا، ۽ جيڪا روزي رزق اسان  کين ڏنو آهي ان مان (الله پاڪ جي رستي ۾ جائز ڪمن ۾) خرچ ڪندا آهن.

(٥) صحيح سلامت دل

یَوۡمَ لَا  یَنۡفَعُ  مَالٌ  وَّ  لَا  بَنُوۡنَ ﴿ۙ۸۸﴾  اِلَّا  مَنۡ  اَتَی اللّٰہَ  بِقَلۡبٍ سَلِیۡمٍ ﴿ؕ۸۹﴾  (الشعراءَ:٨٨،٨٩)

۽ ان ڏينهن جڏهن ڪوبه مال نفعو نه ڏيندو ۽ نه ئي ڪا اولاد (ڪم ايندي پر) جيڪو سليم (سلامت) دل سان الله جي آڏو پيش ٿيندو (اهوئي فائدي ۾ رهندو) تشريح ڪندي فرمايائون اهڙي دل جيڪا حسد، ساڙ، ڪفر، شرڪ ۽ ٻين خراب ۽ ڪمزور گندن عقيدن ۽ بدعت فڪر کان خالي هجي. اهائي سلامت دل سڏبي آهي. اها ئي  ڪم ايندي اتي نافرمان اولاد ۽ ڦرلٽ جو مال به ڪم نه ايندو. نيڪ اولاد ۽ مال حلال نموني ڪمايل مال جو فائدو به تڏهن ملي ٿو جڏهن پنهنجي دل ڪفر شرڪ ۽ بدعت جي پليتي کان پاڪ هوندي.

(٦)  ايمان واري دل:

اَلَمۡ یَاۡنِ  لِلَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا  اَنۡ  تَخۡشَعَ قُلُوۡبُہُمۡ  لِذِکۡرِ اللّٰہِ  وَ مَا  نَزَلَ مِنَ الۡحَقِّ  ۙ  وَ لَا یَکُوۡنُوۡا کَالَّذِیۡنَ اُوۡتُوا الۡکِتٰبَ مِنۡ قَبۡلُ فَطَالَ عَلَیۡہِمُ  الۡاَمَدُ فَقَسَتۡ قُلُوۡبُہُمۡ ؕ وَ کَثِیۡرٌ  مِّنۡہُمۡ فٰسِقُوۡنَ ﴿۱۶﴾  (الحديد:١٦)

                        ڇا؟ ايمان جي دولت حاصل ڪندڙن لاءِ اڃا اهو وقت نه آيو آهي جو انهن جون دليون الله پاڪ جي ذڪر ڪرڻ سان ڳرڻ لڳن! ۽ ان جي نازل ڪيل حق اڳيان جهڪي پون (آڻ مڃين) ۽ اِهي انهن گذريل ماڻهن جهڙا نه ٿيڻ گهرجن. جن کي پهريائين ته هڪ ڪتاب ڏنو ويو (ان تي عمل ڪندا رهيا) پوءِ جڏهن ڊگهو زمانو گذريو ته (ڪتاب جي تعليم ۽ سکيا کي پُٺي ڀر اڇلائي ڇڏيائون . نه پڙهن نه عمل ڪن) نيٺ (غلط ۽ من گهڙت راهه تي هلڻ ڪري) سندن دليون سخت بنجي و يون ۽ نيٺ کوڙ سارا انهن مان حدون اورانگهڻ وارا ٿي پيا.

                        فرمايائون الله پاڪ آڏو روئڻ، عاجزي ڪرڻ، معافي گهرڻ، سچي توبه ڪرڻ سان دل ڌوئجي صاف ٿي وڃي ٿي ۽ ايمان جي چاشني جو مزو اچڻ لڳي ٿو.

(٧) متڪبر، وڏائي خور دل

یَطۡبَعُ اللّٰہُ  عَلٰی کُلِّ  قَلۡبِ مُتَکَبِّرٍ  جَبَّارٍ ﴿۳۵﴾ (المؤمن:٣٥)

                        الله پاڪ متڪبر ۽ سرڪش جي دل تي قهر (ٺپو) هڻي ڇڏي ٿو ان جو مطلب بيان ڪندي فرمايائون غرور ۽ وڏائي جيڪري پيغمبرن سڳورن جون ڳالهيون، وعظ، نصيحتون ٻڌي حق آڏو نه جهڪڻ وارا نا مراد آهن. سندن تڪبر ۽ وڏائي سان ڀريل دل، مڃڻ کان منع ڪري ٿي.

(٨) مُهر، ٺپو لڳل دل

کَذٰلِکَ نَطۡبَعُ عَلٰی قُلُوۡبِ الۡمُعۡتَدِیۡنَ ﴿۷۴﴾  (يونس:٧٤)

                        اهڙي ريت اسين، حد کان لنگهي ويندڙ جي دل تي مُهر (ٺپو) هڻي ڇڏيندا آهيون. تشريح ۾ فرمايائون گناهه ڪرڻ سان دل تي ڪارو داغ ٿي پوي ٿو. ٻئي گناهه ڪرڻ سان ٻيو…. اهڙي طرح ڪارا داغ وڌندا پوري دل کي ڪارو ڪري ڇڏين ٿا ته اهڙي دل تي الله پاڪ پنهنجي جباريت واري مهر هڻي ڇڏي ٿو ان ۾ اندر ڪڏهن به ڪا ڀلائي داخل نه ٿيندي. ختم الله قلوبهم (البقره:٧) الله پاڪ سندن دل تي مهر هڻي ڇڏي. هاڻي اهو ماڻهو نيڪي ڏانهن اصل نه لڙندو. ”ياد رکو ته اهو ٺپو تمام جلد نه لڳندو آهي ڪيترن مرحلن مان دل جي گذرڻ بعد لڳي ٿو: جهڙوڪ: پهريان ته گناهه ڪندا رهن ٿا پوءِ ٻئي درجي ۾ حق کي ڪوڙو ۽ جوٺو چوڻ لڳن ٿا پوءِ ٿوري عرصي بعد حق وارن سان دشمني ۽ جهيڙي واري واٽ وٺن ٿا جڏهن حق ۽ حق وارن سان جهيڙو جوٽين ٿا ته نيڪي قبولڻ واريون هر قسم جون طاقتون جواب ڏيو ڇڏين ۽ دل تي مهر جباريت لڳي وڃي ٿي ۽ ڪاري دل سان ڪاري اونداهي جهنم جو ٻل ٿيو پون.

(٩) انڌي، نابين دل

اَفَلَمۡ یَسِیۡرُوۡا فِی الۡاَرۡضِ فَتَکُوۡنَ لَہُمۡ قُلُوۡبٌ یَّعۡقِلُوۡنَ بِہَاۤ  اَوۡ اٰذَانٌ یَّسۡمَعُوۡنَ بِہَا ۚ فَاِنَّہَا لَا تَعۡمَی الۡاَبۡصَارُ  وَ لٰکِنۡ  تَعۡمَی الۡقُلُوۡبُ الَّتِیۡ فِی الصُّدُوۡرِ ﴿۴۶﴾  (لحج: ٤٦)

                        ڇاهي ماڻهو ڌرتيءَ تي گهمن ڦرن نٿا؟ جو سندن دليون حق ڳالهه کي سمجهڻ واريون يا سندن ڪن حق کي ٻڌڻ وارا بنجي وڃن ها. اصل حقيقت هي آهي ته ظاهري اکيون انڌيون نه ٿينديون آهن پر اهي دليون انڌيون بڻجي وينديون آهن جيڪي سيني ۾ سانڍيل آهن.

                        مطلب ته اکين سان ڏسڻ کان پوءِ دل سان غور فڪر نه ڪرڻ کي دل جو انڌو ٿي وڃڻ چيو ويو آهي. انڌي دل جي معنيٰ هي آهي ته نيڪي ۽ بدي، چڱائي ۽ برائي ۾ فرق نه ڪري سگهي. وڏا وڏا گناهه پيو ڪندو پر تر جيترو به خوف محسوس نه ڪندو. ٻئي هنڌ فرمايائين (الاعراف:٦٤) هوءَ انڌي قوم هئي يعني اکين کان نابين نه هئي پر پنهنجي وقت جي پيغمبر کي ان جي حق ڳالهه کي پنهنجي خالق مالڪ جي پيغام ۽ پروگرام نه سڃاتائون جنهن ڪري کين انڌو چيوويو.

(١٠)سوچ فڪر نه ڪندڙ دل، بيخبر رهندڙ دل

وَ لَقَدۡ ذَرَاۡنَا لِجَہَنَّمَ کَثِیۡرًا مِّنَ الۡجِنِّ وَ الۡاِنۡسِ ۫ۖ  لَہُمۡ قُلُوۡبٌ لَّا یَفۡقَہُوۡنَ بِہَا ۫ وَ لَہُمۡ اَعۡیُنٌ لَّا یُبۡصِرُوۡنَ بِہَا ۫ وَ لَہُمۡ اٰذَانٌ لَّا یَسۡمَعُوۡنَ بِہَا ؕ اُولٰٓئِکَ کَالۡاَنۡعَامِ بَلۡ ہُمۡ اَضَلُّ ؕ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡغٰفِلُوۡنَ ﴿۱۷۹﴾  (الاعراف:١٧٩)

                        پڪي ۽ اصل ڳالهه هي آهي ته ڪيترائي جن ۽ انسان اهڙا آهن جن کي اسان جهنم دوزخ لاءِ بنايو آهي. ڇو ته وٽن دليون آهن پر ان سان سوچين نٿا، اکيون وٽن آهن پر (حق سچ ڏي) ڏسن نٿا،  وٽن ڪن آهن پر هو انهن سان (حق سچ) ٻڌن نٿا (ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نٿا ٿين) اهي ڍورن (جانورن) جيان آهن پر انهن کان به وڌ بيڪار آهن. هي اهي ماڻهو آهن جيڪي غفلت ۽ بيخبر رهڻ واري ڪُن  ۾ ٻڏي چڪا آهن.

                        مطلب ته ظاهري عضوا سمورا وٽن اٿن طاقتور ۽ صحيح نموني سان، انهن مان د نيا جا مزا ۽ عيش  ۽ خواهشات پوري ڪرڻ ۾ صرف ڪري رهيا آهن البته حق سچ ٻڌڻ واري دل کي انڌو ۽ غافل بنايو ويٺا آهن.

(١١) گناهه جو ٻڏل، گناهه سان آلوده دل

وَ مَنۡ یَّکۡتُمۡہَا فَاِنَّہٗۤ اٰثِمٌ قَلۡبُہٗ ؕ وَ اللّٰہُ بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ عَلِیۡمٌ ﴿۲۸۳﴾٪  (البقره:٢٨٣)

جيڪو (سچي ۽ ڏٺل وائٺل ڳالهه جي لاءِ) شاهدي لڪائيندو ان جي دل گناهه ۾ ٻڏل (گناهه جي پاڻي سان آلي) آهي. ۽ ٻڌو! الله پاڪ توهان جي سڀني ڪرتوتن کان چڱي طرح باخبر آهي.

                        ان جي تشريح ۾ فرمايائون دل گنهگار (يعني مسخ ٿيل (ميٽجي ويل) دل آهي.

(١٢) ٽيڙي دل: ڏنگي دل

فَاَمَّا الَّذِیۡنَ فِیۡ قُلُوۡبِہِمۡ زَیۡغٌ فَیَتَّبِعُوۡنَ مَا تَشَابَہَ مِنۡہُ ابۡتِغَآءَ الۡفِتۡنَۃِ وَ ابۡتِغَآءَ تَاۡوِیۡلِہٖ ۚ؃  (آل عمران:٧)

                        جن جي دل ۾ ڏنگائي  آهي. اهي هميشه فتني ۽ فساد جي ڳولا ۾ (اهڙيون آيتون تلاش ڪندا) رهندا آهن جيڪي متشابهات مان هونديون آهن پوءِ اهي انهن آيتن کي پنهنجي مقصد مطلب جون معني ڍڪائيندا آهن حالانڪه اصل ۽ حقيقي معني، الله پاڪ کانسواءِ ڪوبه نه ڄاڻندو آهي.

(١٣) سخت، پڪي دل:

ثُمَّ قَسَتۡ قُلُوۡبُکُمۡ مِّنۡۢ بَعۡدِ ذٰلِکَ فَہِیَ کَالۡحِجَارَۃِ اَوۡ اَشَدُّ قَسۡوَۃً ؕ وَ  اِنَّ مِنَ الۡحِجَارَۃِ لَمَا یَتَفَجَّرُ  مِنۡہُ الۡاَنۡہٰرُ ؕ وَ اِنَّ مِنۡہَا لَمَا یَشَّقَّقُ فَیَخۡرُجُ مِنۡہُ الۡمَآءُ ؕ وَ اِنَّ مِنۡہَا لَمَا یَہۡبِطُ مِنۡ خَشۡیَۃِ اللّٰہِ  ؕوَ مَا اللّٰہُ بِغَافِلٍ عَمَّا تَعۡمَلُوۡنَ ﴿۷۴﴾ (بقره:٧٣)

                        پوءِ اهڙين چٽين نشانين ڏسڻ کان پوءِ به نيٺ توهان جون دليون سخت ٿي ويون. پٿرن جيان سخت پر سختي  ۾ ان کان به وڌ آهن. توهان ڏسو ٿا ته پٿرن مان ڪي اهڙا به آهن جن مان پاڻي جا چشما ڦٽي وهن ٿا. ڪي پٿر پنهنجو پاڻ چيرجي ڦاٽي پون ٿا. انهن مان پاڻي وهڻ لڳي ٿو، ۽ ڪي پٿر الله پاڪ جي خوف کان ڪنبي (ڏڪي) جبل جي چوٽي کان هيٺ اچي ڪري پون ٿا. (ڪنهن جبل ڀرسان بيهندؤ ته توهان کي پٿرن جا اهڙا کوڙ سارا نمونا نظر ايندا). (ياد رکو!) الله پاڪ توهان جي سمورن ڪرتوتن کان چڱي طرح واقف آهي.

                        تشريح ۾ فرمايائون ته جهڙي طرح زمين ۾ پوکي ڪرڻ، هر ڦار ڏيڻ، سنڀال سرڙي نه ڪبي ته اها سڪي ٺوٺ ٿي ويران ٿي ويندي. ساڳي ريت دل تي محنت نه ڪبي ته اها به ائين ويران ۽ سخت ٿي ويندي.

(١٤) زنگ، ڪٽ چڙهي ويل دل (ڪٽجي ويل)

کَلَّا بَلۡ ٜ رَانَ عَلٰی قُلُوۡبِہِمۡ مَّا کَانُوۡا یَکۡسِبُوۡنَ ﴿۱۴﴾ (المطففين:١٣)

ايمان ۾ خلل (سچائي نه هئڻ) جي ڪري دلين تي ڪٽ چڙهي ويندي آهي.

                        پوءِ نتيجو هي ٿيندو آهي ته حق سچ جي سڌي ڳالهه به ڀوڳ مسخري ۽ هڪ قسم جو افسانو معلوم ٿيندي آهي. ۽ فرمايائون ته بُرن ۽ بچڙن عملن جي دز، اثر  ۽ ڪاراڻ  دلين تي چڙهي ويندي آهي. جيئن حديث پاڪ ۾ آهي ته  گناهه ڪرڻ سان دل تي ڪارو رنج ٿي پوندو آهي. ۽ گهڻن گناهن جيڪري گهڻا داغ ٿي ويندا آهن ۽ آخرڪار سچي دل ڪٽجي ڪاري ٿي ويندي آهي. ان جو علاج ”ذڪر ڪثرت الموت و تلاوت القرآن) قيامت ۾ حساب ڪتاب ڏيڻ جو خوف ۽ هراس دل ۾ سانڍڻ، استغفار ۽ توبه ڪرڻ ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ ۾ آهي.

(١٥) ايمان ۽ ڪلمي کان محروم (وانجهيل) دل:

وَ  اِذَا ذُکِرَ اللّٰہُ  وَحۡدَہُ  اشۡمَاَزَّتۡ قُلُوۡبُ الَّذِیۡنَ لَا یُؤۡمِنُوۡنَ بِالۡاٰخِرَۃِ ۚ وَ اِذَا ذُکِرَ الَّذِیۡنَ مِنۡ دُوۡنِہٖۤ  اِذَا ہُمۡ یَسۡتَبۡشِرُوۡنَ ﴿۴۵﴾   (الزمر:٤٥)

                        جڏهن هڪ اڪيلي الله جو ذڪر (۽ بيان) شروع ڪبو آهي. ته آخرت جي ڏهاڙي تي ايمان نه رکندڙن جون دليون ڪڙهڻ ۽ سڙڻ ۽ کامڻ لڳن ٿيون. پر ان الله کانسواءِ ڪن ٻين جو تذڪرو  بيان شروع ڪبو آهي ته هو هڪدم خوشيءَ وچان ٻهڪڻ لڳندا آهن.

                        ڪوڙ ڳالهائڻ سان، واتان اهڙي ڪني ۽ خراب ڌپ نڪرندي آهي جنهن جي بدبوءِ کان فرشتا ٻه ميل پري ڀڄي هليا ويندا آهن (حديث)

                        جهڙي طرح اکين تي چڙهيل پردي هٽائڻ لاءِ ڊاڪٽر آپريشن ڪري ٿو اهڙي طره دل جي پردي جو آپريشن الله وارا ڪندا آهن.  انهن جي هڪ ئي نظر سان دل روشن ٿيو وڃي. جنهن به ڪنهن ڌارئين عورت ڏي بري نگاهه سان ڏٺو ته ڄڻ ان دل سان ان سان زنا ڪئي (حضرت عيسيٰ) جنهن ماڻهوءَ تي ڪا نصيحت اثر نه ڪري ته اهو سمجهي وڃي ته سندس دل مان ايمان جو نور  ۽ لاٽ وسائنجي چڪا آهن (حضرت ابوبڪر رضه) دوستي جو حال پنهنجي دل کان پڇو هي اهو شاهد (گواهه) آهي جيڪو رستو نٿو وٺي. (حضرت علي)

                        دل جيستائين الله پاڪ جي ذڪر ۾ رڌل آهي ته اهو ماڻهو ڄڻ نماز ۾ آهي، توڻي جو بازار ۾ هلندڙ گهمندڙ هجي. (شفيق بلخي رحه) دل ۾ ڪنهن لاءِ  به برو خيال اچڻ نه ڏيو ڇو ته ان جو عڪس (اولڙو) اُن اڳئين ماڻهو جي دل تي به پوندو آهي اهو به توهان لاءِ برائي سوچي ٿو. (بو علي سينا)

                        دل کي روشن، چمڪندڙ صاف شفاف بنائڻو هجي ته اجايو ۽ گهڻي ڳالهائڻ کان پاسو ڪريو (حضرت امام شافعي رحه) ڪفر ۽ شرڪ کانپوءِ وڏي ۾ وڏو گناهه ڪنهن جي دل ناجائز طور ڏکائڻ آهي پوءِ اهو ڏکويل مسلمان هجي يا غير مسلمان (مجدد الف ثاني)

                        پنهنجي دل ۾ ڪينو، حسد، ساڙ ۽ بغض رکندڙ، پنهنجن زخمن ۽ جهيرن کي تازو رکندڙ آهي. ماني کائڻ مهل هر گرهه سان گڏ ”الماجد“ پڙهڻ سان دل مقوي ۽ طاقتور ٿئي ٿي ان مان اوندهه ختم ۽ نورانيت اچي ٿي. دل کي نوراني ڪندڙ بنائڻو هجي ته هر جمعي تي سورت ڪهف پڙهڻ گهرجي. هاءِ پريشر ختم ڪرڻ، دل جي پريشاني کان بچاءِ لاءِ  فَاسۡتَقِمۡ کَمَاۤ  اُمِرۡتَ وَ مَنۡ تَابَ مَعَکَ وَ لَا تَطۡغَوۡا ؕ  (هود:١١٢)  هر نماز کان پوءِ ١١ ڀيرا پڙهڻ گهرجي.

آيت:

اِنَّ  الۡمُلُوۡکَ اِذَا دَخَلُوۡا قَرۡیَۃً اَفۡسَدُوۡہَا وَ جَعَلُوۡۤا اَعِزَّۃَ  اَہۡلِہَاۤ  اَذِلَّۃً ۚ  (النمل:٢٤)

                        الله وارن بزرگن ان مان هڪ نئون مسئلو بيان ڪيو آهي. لکن ٿا ته: ان الملوڪ مان جيڪڏهن مالڪ ملڪ الله پاڪ مراد وٺجي ۽ قرية مان دل جي بستي وٺجي ته معني ٿيندي، ”الله رب العزت جو نالو جڏهن دل جي بستيءَ ۾ سمائجي وڃي ته افسدوها وڏو انقلاب آڻي ڇڏي ٿو.

                        وجعلوا اعزة اهلها اذلة ۽ دنيا، ڌن دولت جيڪا دل ۾ وڏيرو بڻجي شان شوڪت سان اندر سمايل آهي ان کي ذليل خوار ڪري دل مان ڪڍي ڇڏي ٿو. مطلب ته الله پاڪ جي ذڪر ۽ نالي وٺڻ سن، دل مان دنيا جي محبت ۽ ميڙ ميڙان جو شوق ختم ٿي وڃي ٿو.

                        لا حول ولا قوة الا بالله العلي العظيم.  جنت جي خزانن مان آهي ۽ ٩٠ بيمارين لاءِ دوا به آهي جن مان ننڍي ۾ ننڍي ۽ هلڪي بيماري فڪر ۽ ڳڻتي جو ختم ٿي وڃڻ آهي. (حديث)

                        گهڻي ۽ ججهي مال ملڪيت هئڻ تي آڪڙ ۽ خوشي نه ڪر ۽ سڃائي  ۽ بک ڏک جي تڪليف اچڻ تي مايوس ۽ ڳڻتي ۾ نه ڳر. ڇو ته ٻيئي حالتون ٿورن ڏيهن لاءِ هونديون آهن. (حضرت علي رضه)

                        ماڻهو پريشان آهن هر ڪو چوي ٿو: ”ڊپريشن، ڊپريشن“ هن بيماري جا اصل ۽ وڏا سبب ٽي آهن: (١) نا اميدي (٢) بغض (٣) حسد. جڏهن اهي ٽيئي دل دماغ تي سوار ٿي وڃن ٿا ته انهن کي بيمار ۽ بيڪار ڪري ڇڏين ٿا.  نا اميدي هڪ قسم جو موت آهي. حسد ساڙ جسم کي ڳاري تباهه ڪري ڇڏي ٿو. بغض دل دماغ کي ڪومائي، مروڙي بيڪار ڪري ڇڏي ٿو. ٻين جي ڀلائي ۾ سوچيندڙ ۽ ٻين سان ڀلائي ڪندڙ ڪڏهن ڊپريشن وغيره جو شڪار نه ٿيندو آهي.