قرآن ڪريم ۾ نه تبديلي ٿي ۽ نه ٿي سگهندي

idara letterhead universal2c

قرآن ڪريم ۾ نه تبديلي ٿي ۽ نه ٿي سگهندي

مولانا محمد نجيب قاسمي            سنڌيڪار: عبدالصمد بروهي

                        قرآن ڪريم الله تعاليٰ جو اهو عظيم الشان ڪلام آهي جيڪو انسانن جي هدايت جي لاءِ، ڪائنات جي خالق، پنهنجي آخري رسول حضرت محمد ﷺ تي نازل فرمايو. الله تعاليٰ قرآن ڪريم جي حفاظت پاڻ پنهنجي ذمي کنيو آهي، جيئن الله تعاليٰ جو فيصلو قرآن ڪريم ۾ موجود آهي.

اِنَّا نَحۡنُ نَزَّلۡنَا الذِّکۡرَ  وَ  اِنَّا  لَہٗ  لَحٰفِظُوۡنَ ﴿۹﴾

”بيشڪ اسان لاٿو آهي قرآن ۽ اسان ئي ان جي نگهباني ڪندڙ آهيون. “ (الحجر:٩)

                        قرآن ڪريم آخري آسماني ڪتاب آهي. جيڪو قيامت تائين جي لاءِ لاڳو رهندو، ابتڙ پهرين آسماني ڪتابن جي ته اهي خاص قومن ۽ خاص زمانن جي لاءِ هيا. انهيءَ لاءِ الله تعاليٰ انهن کي قيامت تائين محفوظ رکڻ جي ڪائي ضمانت نه ڏني هئي، پر الله تعاليٰ قرآن ڪريم جي حفاظت جو ذمو پاڻ کنيو آهي.

وحي

                        قرآن ڪريم جيئن ته نبي ڪريم ﷺ تي وحي جي ذريعي نازل ڪيو ويو آهي. انهيءَ لاءِ سڀ کان پهريان مختصر طور تي وحي کي سمجهو. وحي اهو ڪلام آهي جيڪو الله تعاليٰ حضرت جبرائيل عليه السلام جي واسطي سان يا بنا واسطي جي پنهنجي نبين سڳورن تي القاءَ فرمائيندو آهي، جنهن جي ذريعي الله تعاليٰ انسان کي دنياوي زندگي گذارڻ جو طريقو ٻڌائيندو آهي، تانته ماڻهو ان جي ٻڌايل طريقي تي دنيا جي زندگي گذاري ڪري جهنم کان بچي ڪري هميشه هميشه جي جنت ۾ داخل ٿي وڃن. انسان ٽن ذريعن مان ڪنهن هڪ ذريعي سان علم حاصل ڪندو آهي. هڪ انسان جا حواس يعني اک، ڪن، منهن، هٿ ۽ پير ٻيو ذريعو عقل ۽ ٽيون ذريعو وحي آهي. انسان کي ڪيتريون ڳالهيون پنهنجي حواسن جي ذريعي معلوم ٿي وينديون آهن، جڏهن ته ڪيتريون ڳالهيون عقل جي ذريعي ۽ جيڪي ڳالهيون انهن ٻنهي ذريعن سان معلوم نٿيون ٿي سگهن انهن جو علم وحي جي ذريعي عطا ڪيو ويندو آهي. حواسن ۽ عقل جي ذريعي حاصل ٿيل علم ۾ غلطي جو امڪان هوندو آهي، پر وحي جي ذريعي حاصل ٿيل علم ۾ غلطي جو امڪان بلڪل ناهي هوندو. ڇاڪاڻ ته هي علم الله تعاليٰ جي طرفان نبين سڳورن جي ذريعي انسانن تائين پهچندو آهي. الغرض وحي انسان جي لاءِ سڀ کان مٿانهون ذريعو آهي جيڪو ان کي ان جي زندگي سان تعلق رکندڙ انهن سوالن جا جواب مهيا ڪندو آهي. جيڪو عقل ۽ حواسن جي ذريعي حل نٿا ٿي سگهن. يعني صرف عقل ۽ مشاهدو انسان جي رهنمائي جي لاءِ ڪافي ناهن، بلڪه ان جي هدايت لاءِ وحي هڪ اڻ ٽر ضرورت آهي. جيئن ته وحي عقل ۽ مشاهدي کان اعليٰ علم آهي، لهذا ضروري ڪونهي ته وحي جي هر ڳالهه جو ادراڪ يعني حواسن سان سمجهڻ ۽ عقل سان ٿي سگهي.

                        وحي جي نازل ٿيڻ جا ڪجهه طريقا نبي ڪريم ﷺ تي مختلف طريقن سان وحي نازل ٿيندي هئي.

                        (١) گهنٽي جهڙي آواز ٻڌبي هئي ۽ آواز ۾ جيڪو ڪجهه چيو ويندو هو اهونبي ڪريم ﷺ کي ياد ٿي ويندو هو. جڏهن هن طريقي سان وحي نازل ٿيندي هئي ته پان ڪريم ﷺ تي تمام گهڻو بار پوندو هو.

                        (٢) فرشتو ڪنهن انساني شڪل ۾ پاڻ ڪريم ﷺ وٽ ايندو هو ۽ الله تعاليٰ جو پيغام پاڻ ڪريمن ﷺ کي پهچائيندو هو. اهڙن موقعن تي عام طور تي حضرت جبرائيل عليه السلام مشهور صحابي حضرت دحيه ڪلبي  رضه جي صورت ۾ ايندو هو.

                        (٣) حضرت جبرائيل عليه السلام پنهنجي اصلي صورت ۾ ايندا هئا، پاڻ ڪريم ﷺ جي حياتي مبارڪ ۾ صرف ٽي ڀيرا ائين ٿيو. پهريون ڀيرو نبوت جي بلڪل ابتدائي دور ۾، ٻئي ڀيري نبي ڪريم ﷺ جن پاڻ حضرت جبرائيل عليه السلام سان ان جي اصلي صورت ۾ ان کي ڏسڻ جي خواهش ظافر فرمائي هئي ۽ ٽيون ڀيرو معراج جي موقعي تي.

                        (٤) بنا واسطي جي الله تعاليٰ سان نبي ڪريم ﷺ جي هم ڪلامي ٿي، هي رڳو هڪ ڀيرو معراج جي موقعي تي ٿيو. نماز جي فرضيت انهيءَ موقعي تي ٿي.

                        (٥) حضرت جبرائيل عليه السلام پاڻ ڪريم ﷺ جي سامهون اچڻ بنا پاڻ ﷺ جي دل مبارڪ تي ڪائي ڳالهه  القاءَ فرمائيندو هو.

قران ڪريم جي نازل ٿيڻ جي تاريخ

                        مهيني رمضان المبارڪ جي هڪ بابرڪت رات ليلة القدر ۾  الله تعاليٰ لوح محفوظ مان دنيا جي آسمان تي قرآن ڪريم کي نازل ڪيو ۽ ان کان پوءِ ضرورت مطابق  ٿورو ٿورو نبي ڪريم ﷺ تي نازل ٿيندو رهيو ۽ لڳ ڀڳ ٢٣ سال جي عرصي  ۾ قرآن ڪريم مڪمل نازل ٿيو. قرآن ڪريم جو سلسليوار نازل ٿيڻ ان وقت شروع ٿيو جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جي عمر مبارڪ چاليهه سال ٿي. قرآن ڪريم جون سڀ کان پهريون آيتون جيڪي غار حرا ۾ لٿيون اهي سورت علق جون منڍ  واريون آيتون آهن.

                        پڙهه نالي پنهنجي رب جي سان جنهن پيدا ڪيو. پيدا ڪيائين انسان کي رت جي دڳ مان. پڙهه ۽ پالڻهار تنهنجو ڏاڍو ڪريم آهي، جنهن سيکاريو قلم سان، سيکاريائين انسان کي جيڪي نه ڄاڻندو هو.

                        ان پهرين  وحي جي نازل ٿيڻ کان بعد ٽن سالن تائين وحي جي نازل ٿيڻ جو سلسلو بند رهيو. ٽن سالن کانپوءِ اهوئي فرشتو جيڪو غار ۾  آيو هو پاڻ ڪريم ﷺ وٽ آيو ۽ سورت المدثر جون منڍ واريون چند آيتون پاڻ ڪريم ﷺ تي نازل ڪيائين.

                        اي چادر ويڙهيندڙ، اٿ پوءِ ڊيڄار، ۽ پنهنجي پاليندڙ جي پوءِ وڏائي ٻڌاءِ ۽ ڪپڙا پنهنجا پاڪ رک،  نجاست کي پوءِ پري ڪر.

ان کانپوءِ نبي ڪريم ﷺ جي وفات تائين وحي جي نازل ٿيڻ جو آهستي آهستي يعني تدريجي سلسلو جاري رهيو. قرآن ڪريم جو سڀ کان ننڍو حصو جيڪو مستقلاً نازل ٿيو آهي اهو (غير اولي الضرر) (النساءَ:٩٥) آهي، جيڪو هڪ ڊگهي آيت جو ٽڪڙو آهي. ٻي پاسي پوري سورت الانعام هڪ ئي ڀيري نازل ٿي آهي. الغرض: تقريباً 23 سال جي عرصي ۾ قرآن ڪريم مڪمل نازل ٿيو.

قرآن ڪريم جي حفاظت جي تاريخ

                        جيئن بيان ڪيو ويو ته قرآن ڪريم هڪ ئي ڀيرو نازل ڪونهي ٿيو، بلڪه ضرورت ۽ حالتن جي اعتبار سان مختلف آيتون نازل ٿينديون رهيون آهن. قرآن ڪريم جي حفاظت جي لاءِ سڀ کان پهريان قرآن جي حفظ تي زور ڏنو ويو. جيئن ته پاڻ ڪريم ﷺ جن پاڻ الفاظن کي انهيءَ وقت دهرائڻ لڳندا هئا تانته اهي چڱي طرح ياد ٿي وڃن. ان تي الله تعاليٰ  جي طرفان وحي نازل ٿي ته وحي نازل ٿيڻ جي وقت جلدي جلدي الفاظن کي دهرائڻ جي ضرورت ناهي، بلڪه الله تعاليٰ پاڻ اوهان ۾ اهڙو حافظو پيدا فرمائيندو ته هڪ ڀيرو وحي نازل ٿيڻ کانپوءِ اوهان ان کي ويساري نه سگهندا 

                        اهڙي طرح نبي ڪريم ﷺ قرآن ڪريم جا پهريان حافظ آهن جيئن ته هر سال رمضان مهيني ۾ پاڻ ڪريم ﷺ  حضرت جبرائيل عليه السلام سان گڏ قرآن جي نازل ٿيل حصن جو دور ڪرڻ فرمائيندا هئا. جنهن سال پاڻ ڪريم ﷺ جن جو انتقال ٿيو ان سال ٻه ڀيرا  قرآن ڪريم جو دور ڪيو. پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ  اصحاب سڳورن کي قرآن ڪريم جي معنائن جي تعليم ئي نه ڏيندا هئا. بلڪه انهن کي ان جا الفاظ به ياد ڪرائيندا هئا. پاڻ صحابن سڳورن کي قرآن ڪريم کي ياد ڪرڻ جوا يترو شوق هيو ته هر ماڻهو هڪ ٻئي کان اڳتي وڌڻ جي فڪر ۾ رهندو هيو. جيئن ته هميشه اصحابن سڳورن ۾ چڱي ڀلي جماعت اهڙي رهندي هئي جيڪا نازل ٿيل قرآن جي آيتن کي ياد ڪندي ۽ راتين جو نماز ۾ انهن کي پڙهندي هئي. الغرض ته قرآن جي حفاطت جي لاءِ سڀ کان پهريان قرآن ڪريم کي ياد ڪرڻ تي زور ڏنو ويو ۽ ان وقت جي لحاظ کان اهوئي طريقو وڌيڪ محفوظ ۽ قابل اعتماد هيو.

                        قرآن ڪريم جي حفاظت جي لاءِ نبي ڪريم ﷺ جن قرآن ڪريم کي لکرائڻ جو به خاص اهتمام ڪيو، جيئن ته وحي جي نازل ٿيڻ کانپوءِ پاڻ ڪريم ﷺ ڪاتبين وحي کان لکرائي ڇڏيندا هئا. نبي ڪريم ﷺ  جو معمول هي هيو ته قرآن ڪريم جو ڪوئي حصو نازل ٿيندو هو ته پاڻ ڪريم ﷺ وحي جي ڪاتب کي هي هدايت به ڪندا هئا ته ان کي فلاڻي سورت ۾ فلاڻي فلاڻي آيت کانپوءِ لکيو وڃي. ان زماني ۾ ڪاغذ ميسر ڪونه هيو، ان لاءِ هي قرآن جون آيتون گهڻو ڪري ڪپڙي تي لکيون وينديون هيون. وحي جي ڪاتبن ۾ حضرت زيد رضه بن ثابت، خلفاءِ راشدين، حضرت ابي بن ڪعب، حضرت زبير رضه بن عوام ۽ حضرت معاويه رضوان الله عليهم اجمعين جا نالا خاص طور تي ذڪر ڪيا ويندا آهن.

حضرت ابوبڪر صديق رضه جي عهد خلافت ۾ قرآن ڪريم جي حفاظت

                        رسول الله ﷺ جي زماني ۾ قرآن ڪريم جا جيترا نسخا لکيا ويا هئا اهي مختلف شين تي لکيل هئا. حضرت ابوبڪر صديق رضه جي خلافت جي زماني ۾ جڏهن جنگ يمامه جي دوران قرآن ڪريم جي حافظن جي هڪ وڏي جماعت شهيد ٿي وئي ته حضرت عمر فاروق رضه جن حضرت ابوبڪر صديق رضه کي قرآن ڪريم کي هڪ جڳهه تي گڏ ڪرائڻ جو مشهور ڏنو . حضرت ابوبڪر صديق رضه شروع ۾ هن ڪم جي لاءِ تيار نه هئا پر شرح صدر ٿيڻ کان بعد اهي ان عظيم ڪم جي لاءِ تيار ٿي ويا ۽ ڪاتب وحي جي حضرت زيد بن ثابت رضه کي هن اهم ۽ عظيم ڪم جو ذميوار ڪيو ويو. اهڙي طرح قرآن ڪريم کي هڪ جاءِ تي جمع ڪرڻ جو اهو ڪم شروع ٿي ويو.

                        حضرت زيد بن ثابت رضه ڪاتب وحي هجڻ سان گڏ پاڻ قرآن جا حافظ هئا. اهي پنهنجي حافظي جي صلاحيت سان به پورو قرآن لکي سگهندا هئا، ان کانسواءِ ان وقت ڪيترائي قرآن جا حافظ موجود هئا، پر انهن احتياط جي طور تي صرف هڪ طريقي تي بس نه ڪيو. بلڪه انهن مڙني ذريعن مان هڪ ئي وقت ڪم وٺي ڪري ان وقت تائين ڪائي آيت پهنجي صحيفي ۾ درج نه ڪيائون جيستائين هر طرح جون تحريري ۽ زباني شاهديون نه مليون. ان کان علاوه نبي ڪريم ﷺ جن قرآن ڪريم جون جيڪي آيتون پنهنجي نگراني ۾ لکرائيون هيو، اهي مختلف صحابي سڳورن وٽ محفوظ هيون، حضرت زيد بن ثابت رضه انهن کي گڏ ڪيو، تانته نئون نسخو انهن ئي مان نقل ڪيو وڃي. ان ريت پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رضه جي دور خلافت ۾ قرآن ڪريم کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪيو ويو.

حضرت عثمان غني رضه جي عهد خلافت ۾ قرآن جي حفاظت

                        جڏهن حضرت عثمان غني رضه خليفو ٿيا ته اسلام عرب کان نڪري ڪري ڏوراهن عجمي علائقن تائين پکڙجي ويو هيو. هر نئين علائقي جا ماڻهو انهن صحابن سڳورن ۽ تابعين کان قرآن سکندا هئا جن جي ڪري انهن کي اسلام جي نعمت حاصل ٿي هئي. اصحابن سڳورن رضي الله عهنم قرآن ڪريم نبي ڪريم ﷺ کان مختلف قرائتن جي مطابق سکيو هيو. ان لاءِ هر صحابي سڳوري پنهنجي شاگردي کي انهيءَ قرائت جي مطابق قرآن پڙهايو  جنهنجي مطابق پاڻ انهن نبي ڪريم ﷺ کان پڙهيو هيو. اهڙي طرح قرائتن جو هي اختلاف پري پري جي ملڪن تائين پهچي ويو. ماڻهن پنهنجي قرائت کي حق ۽ ٻين قرائتن کي غلط سمجهڻ شروع ڪري ڇڏيو. حالانڪه الله تعاليٰ ئي جي طرفان اجازت آهي ته مختلف قرائتن ۾ قرآن ڪريم پڙهيو وڃي. حضرت عثمان غني رضه جن حضرت حفصه رضـي الله عنها ڏي پيغام موڪليو ته انهن وٽ (حضرت ابوبڪر صديق رضه جا تيار ڪرايل) جيڪي صحيفا موجود آهن، اهي اسان وٽ موڪليو.  جيئن ته حضرت زيد بن ثابت رضه جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي ڪري انهن کي ذميدار بڻايو ويو ته اهي حضرت ابوبڪر صديق رضه جي صحيفي مان نقل ڪري قرآن ڪريم جا ڪجهه اهڙا نسخا تيار ڪيا وڃن جن ۾ سورتون به ترتيب ڏنل هجن جيئن ته قرآن ڪريم جا چند نسخا تيار ٿي ويا ۽ انهن کي مختلف  جڳهن تي موڪليو ويو، تانته انهيءَ جي مطابق نسخا تيار ڪري تقسيم ڪيا وڃن. اهڙيءَ طرح مسلم امت ۾ اختلاف باقي نه رهيو ۽ پوري مسلم امت انهيءَ نسخي مطابق قرآن ڪريم پڙهڻ لڳي.  بعد ۾ ماڻهن جي سهولت لاءِ قرآن ڪريم تي نقطا ۽ حرڪتون (يعني زبر، زير ۽ پيش) به لڳائيا ويا، پڻ ٻارن کي پڙهائڻ جي سهولت کي پيش نظر رکي ڪري قرآن ڪريم کي ٽيهن سيپارن ۾ ورهايو ويو. نماز ۾ قرآن ڪريم جي قرائت جي سهولت جي لاءِ رڪوعن جي ترتيب به رکي وئي.

                        الله تعاليٰ اسان کي اهتمام سان قرآن ڪريم جي تلاوت ڪرڻ وارو ڪري، ان کي سمجهي ڪري پڙهڻ وارو بڻائي، ان جي احڪامن ۽ مسئلن تي عمل ڪرڻ وارو ڪري ۽ پڻ ان جي پيغام کي ٻين تائين پهچائڻ وارو ڪري. (آمين ثم آمين)