قرآني آيتون ۽   سائنسي حقيقتون

idara letterhead universal2c

قرآني آيتون ۽   سائنسي حقيقتون

مصنف: ڊاڪٽر هلوڪ نور باقي

احمد الدين شر بلوچ

موضوع نمبر 41 ڪائنات جو عظيم ڌماڪي سان وجود ۾ اچڻ وارو نظريو

قُلۡ اَعُوۡذُ بِرَبِّ الۡفَلَقِ ۙ﴿۱﴾ مِنۡ شَرِّ مَا خَلَقَ ۙ﴿۲﴾(الفلق)

”چئو ته مان فلق جي پالڻهار جي پناهه گھران ٿو. هر انهيءَ شيءِ جي بڇڙائيءَ کان جيڪا هن خلقي آهي.“

                        اهي ٻه آيتون، جن جي روزانو تلاوت ڪرڻ جي باوجود اسان ان جي معنى جي گھرائي تائين پهچي نه سگھيا آهيون، سي اصل ۾ ڪائنات جي جوڙ جڪ جي باري ۾ اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ انهيءَ علم کان واقف ڪن ٿيون، جنهن کي جديد سائنس هاڻي بيان ڪرڻ شروع ڪيو آهي. سورت الفلق ۾ انسان ۽ ٻي مخلوق جي پيدائش جي حوالي سان مجموعي طور انتهائي اهم نُڪتا بيان ڪيا ويا آهن پر سڀ کان وڌيڪ دلچسپ پيغام اهو آهي جيڪو طبعيات ۽ حياتيات جي علم جي نقطه نظر کان پهرين آيت ۾ عطا ڪيو ويو آهي.

                        جيئن ته هرڪو ڄاڻي ٿو ته لفظ خلق انهن ٻنهي آيتن جي تشريح جي سلسلي ۾ بنيادي اهميت رکي ٿو. انهيءَ کان اڳ هڪ موقعي تي مون ذڪر ڪيو هو ته الله تعالىﷻ جيڪي لفظ چونڊيا آهن، سي انتهائي اهم آهن. سندس اهو فرمان ته اسان ”ان جي رحمت جي پاڇي ۾ پناهه ڳوليون ٿا ان جي پيدا ڪيل شين جي بڇڙائيءَ کان،“ اهو الله تعالىﷻ جي انهيءَ صفت جو خاص طرح سان اهو اظهار آهي ته هو ”فلق“ جو پالڻهار آهي.

                        وڌيڪ تشريح سان اها ڳالهه اڃا به چڱي نموني سمجھ ۾ ايندي. ”فلق جي پالڻهار“ جو نظريو الله تعالىﷻ جي صفتن جي اظهار کي، ان جي پيدا ڪيل سڀني شين جي تناظر ۾ بيان ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ ”فلق جي پالڻهار“ جي خاص ڳجھي معنى هر تخليق ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي. اصل ۾ لفظ ”فلق“ ۾ ئي اهو راز لڪيل آهي ۽ اهو ئي رب جليل جي وصف جو بيان آهي.

                        علم اللسان جي انهيءَ شاخ موجب، جيڪا ٻوليءَ جي بناوت ۽ معنى تي بحث ڪري ٿي، لفظ فلق جون ڪيتريون ئي معنائون آهن پر انهن جو بنيادي مطلب ”اوچتو ڦاٽي پوڻ يا هڪ تمام وڏو ڌماڪو“آهي. اهو لفظ فلق جو مصدر آهي. هڪ ٻي معنى جي لحاظ کان انهيءَ جي هڪ معنى ”ڦاٽي پوڻ“آهي. يعني هي نظريو هڪ خاص قسم جي ڌماڪي جي نتيجي کي ظاهر ڪري ٿو. ”فلق“ هڪ تمام شديد ڌماڪي جي پيداوار آهي. فلق جي هڪ معنى تمام گھڻي ۽ غير معمولي رفتار به آهي. انهيءَ باري ۾ ٻه مثال ڏنا وڃن ٿا:

                        ”تفلق!“ تيز رفتاري سان ڊڪڻ.

                        ”مفلق!“ اهو شاعر جيڪو تمام گھڻو وڌاءُ ڪري.

                        علم اللسان جي انهيءَ مختصر بيان کان پوءِ هاڻي اسان فلق جي لغوي معنى ڏانهن اچون ٿا. فلق هڪ اسم آهي جنهن جو مادو يا بنياد فلق آهي. اهميت جي ترتيب جي لحاظ کان هيٺ ڏنل معنائون پيش ڪري سگهجن ٿيون.

  • ڪنهن مخلوق جو عدم مان تمام تيزيءَ سان وجود ۾ اچڻ.
  • اهو سلو جنهن جو وجود ٻج جي ڦاٽڻ سان ٿيندو آهي.
  • صمد جو متبادل يا جوابي ٿيڻ. يعني هڪ مخلوق جنهن کي ڦاٽڻ واري عمل جي ضرورت هوندي آهي. جيڪو لا وجود جي اندر مان وجود ماڻي ٿو. اها تعريف اي. حامدي يزير The Religion of Truth and Language of Koran (Turkish Vol.9)) ۾ ڪئي آهي.
  • روزانو جي استعمال ۾ ان جي ڀيٽ انهيءَ روشنيءَ سان ڪري سگھجي ٿي، جيڪا اونداهيءَ مان ڦٽندي هجي، يعني پرهه ڦٽڻ.
  • ڳنڍين واري اها ڪاٺي جنهن سان پيرن جي ترين کي ڪُٽيو وڃي.

                        ان جي تشريح جي سلسلي ۾ گھڻن مفسرن عام فهم واري معنى ورتي آهي. ڪيترن ماڻهن ان جي تمثيلي معنى کي پسند ڪيو آهي (يعني پرهه ڦٽي، سج جو نڪرڻ). ڪن مفسرن وري ان جي معنى دوزخ ۾ ٿيندڙ تمام وڏا ڌماڪا ورتي آهي. انهيءَ معنى جي بنياد تي ملندڙ حديثون به گهڻيون ئي بحث طلب آهن. ابن سينا انهيءَ جي معنى انهيءَ ٻار جي ڪئي آهي جيڪو ماءُ جي پيٽ مان نڪرندو آهي.

                        اصل حقيقت اها آهي ته لفظ فلق جي معنى آهي اهو نتيجو يا وجود جيڪو هڪ اوچتي ۽ سخت ڌماڪي سان پيدا ٿئي. ان جي ٻي معنى ثانوي ۽ تمثيلي آهي. اهڙي قسم جي معنى جو بنيادي سبب گذريل چوڏهن سؤ سالن ۾ طبعيات ۽ آسماني طبعيات جي ڪافي ۽ مناسب ڄاڻ نه هئڻ آهي.

                        اچو ته طبعيات ۽ آسماني طبعيات جي علم جو ڪائنات جي تخليق جي سلسلي ۾ مطالعو ڪريون ۽ اُن جي ذريعي اسان اهو ڏسون ته اهو ڪهڙو عظيم الشان واقعو هو جنهن سان ڪائنات جي شروعات ٿي؟

                        جيئن ته هر ڪنهن کي خبر آهي ته سائنسي حقيقتون ۽ اها ڄاڻ جنهن کي بي دين ماڻهن ٽوڙي مروڙي بگاڙي ڇڏيو آهي، ٻه بلڪل ئي مختلف ڳالهيون آهن. اهي بي دين ماڻهو ڪنهن هڪڙي سائنسي حقيقت کي کڻي، بيڪار قسم جي مفروضن ۾ منجھائي، ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا آهن. اهي سائنسي حقيقتون جن جو واسطو ڪائنات جي تخليق سان آهي، تن کي کڻي مان انهن ماڻهن جي پيدا ڪيل بگاڙ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. هاڻي اسان هيٺين سٽن ۾ ڪائنات جي عظيم ڌماڪي سان وجود ۾ اچڻ واري نظريي (The Big Bang Theory) کي مختصر طور بيان ڪنداسين ته ڪيئن ڪائنات جي تخليق سچ پچ هڪ ابتدائي ڌماڪي جو ئي نتيجو آهي.

                        گذريل چوٿائي صديءَ دوران ڪائنات جي پکيڙ بنسبت تمام اهم کوجنائون منظر عام تي اچي چڪيون آهن. سموري ڪائنات، هڪ ڦوڪڻي وانگر پکڙجي رهي آهي. انهيءَ جو تصور اهڙي طرح ڪري سگھجي ٿو ته زميني گولي جي سطح پنهنجي مرڪز کان ٻاهرين پاسي لڳاتار پکڙجي رهي آهي. جيئن هن کان اڳ واري هڪ مضمون ۾ بيان ٿي چڪو آهي ته قرآن ۾ الله تعالىﷻ فرمايو آهي ته ”اسان ڪائنات کي پکيڙيندا آهيون.“ ايئن اهي دريافتون انهيءَ عظيم آسماني ڪتاب جي فرمان سان پوريءَ طرح مطابقت رکن ٿيون.

                        1950ع واري ڏهاڪي ۾ ”عظيم ڌماڪي وارو نظريو“ رالف الفر (Ralph Alpher)، بيٿي (Hanse Bathe) ۽ جارج گاموو (George Gmow) پيش ڪيو هو. هنن انهيءَ نظريي جو بنياد آئن اسٽائن جي انهيءَ تصور تي رکيو ته ڪائنات کي لازمي طور تي وڌڻو يعني پکڙجڻو آهي. ڪيترن ئي سالن تائين انهيءَ نظريي تي ڇتا بحث ٿيندا رهيا. مادي پرست بي دينن انهيءَ جي سخت مخالفت ڪئي. ڇاڪاڻ ته کين خبر هئي ته انهيءَ جي ذريعي پاڪ ڪتابن ۾ تخليق جي باري ۾ جيڪي به ڳالهيون آهن سي سڀئي سچ ثابت ٿي وينديون.

                        هلندڙ سالن ۾ ٻن کوجنائن ”عظيم ڌماڪي واري نظريي“ کي بلڪل سچ ثابت ڪري ڇڏيو آهي. انهن مان پهريون ايڊون پي هبل (Hubble) جي آسماني ڳاڙهي تبديلي (Red Shift) وارين پري هٽندڙ ڪهڪشائن جي کوجنا آهي. ان سلسلي ۾ تمام ئي اهم واقعو 1965ع ۾ 3 ڊگري ڪيلون مائيڪرو ويو جي پس منظر مان نظر ايندڙ انهيءَ شعاع جي نڪرڻ جي کوجنا هئي، جنهن سان ڪائنات ۾ داخل ٿي وڃڻ واري ابتدائي سخت ڌماڪي جي نشاندهي ٿئي ٿي. ان وقت کان وٺي ”عظيم ڌماڪي وارو نظريو“ وڌيڪ وڻندڙ انداز ۾ ٿيندو رهيو آهي ۽ جديد دور جي آسماني طبعيات جي سڀني حيرت ۾ وجھندڙ کوجنائن تي بحث جو بنياد بڻجي ويو آهي.

                        طبعيات واري علم جي مهيا ڪيل هڪ ٻي کوجنا پڻ آهي، جنهن سائنسدانن جي تصورن کي اهو ڄاڻڻ ۾ مدد ڪئي آهي ته ڪهڙي طرح عظيم ڌماڪو ٿيو. اهو ايٽم جي مرڪزن کان خالي، آزاد خلا (Free Vacum) جو ڳري (Decay) وڃڻ آهي. شروع شروع ۾ اهو سمجھيو ويندو هو ته خلا ۾ ڪابه شيءِ موجود نه هوندي آهي، پر هاڻي اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته خلا حقيقت ۾ انهيءَ کانسواءِ به ڪا شيءِ آهي.

                        اهو جديد نظريو هائزن برگ جي ”غير يقيني واري اصول“ (Uncertainty Principle) تي مبني آهي. واضح ايڪن ۾ موجود توانائي يعني ڪوانٽم واري عمل جي غير يقيني سان هڪ اليڪٽران جي توانائي پاڻمرادو گھٽ وڌ ٿيندي رهندي آهي. جيڪڏهن انهيءَ اليڪٽران سان ٻي توانائيءَ کي پري به ڪيو وڃي، تڏهن به اهو ئي اصول هڪ خلا جي جاين يا نقطن تي پورو اچي ٿو. جيڪڏهن انهن ٻڙي درجن جي سڀني حرڪتن (Zero Point Fluctuations) کي پڪڙي گڏ ڪيو وڃي ته اهي هڪ تمام وڏي شڪل واري توانائي بڻجي پونديون ۽ انهيءَ کي ڪائنات جي ٻئي علائقي کان توانائيءَ جو اڌارو حاصل ڪرڻ سمجھيو ويندو. نتيجي ۾ هڪڙو ذرڙو پيدا ٿي، انهيءَ اڌاري توانائي جي وسيلي، اُن ئي گھڙي يڪدم تباهه ٿي ويندو. اهو نظريو، جيڪو هڪ سمجھه ڀريي ماڻهوءَ کي به آسانيءَ سان سمجھه ۾ نٿو اچي، سڀ کان اڳ 1948ع ۾ هڪ ڊچ ماهر طبعيات هينڊرڪ ڪيسيمير (Hendrik Casimir) پيش ڪيو هو. انهن ذرڙن کي ”واقعاتي يا ڀوت ذرڙا“ سڏيو ويندو آهي. جيڪڏهن انهن کي ٻاهران ڪافي ۽ مناسب توانائي مهيا ڪئي وڃي ته انهن ۾ وڏي طاقت پيدا ٿي ويندي آهي. اهڙن ذرڙن جو وجود انهيءَ ئي سال آمريڪا جي طبعيات ماهر ولس ليمب به ثابت ڪري ڇڏيو. (تفصيل لاءِ هن ئي ڪتاب جي موضوع نمبر 20 کي ڏسو) ويجھڙائيءَ ۾ ئي طبعيات جي مشهور پروفيسر پال ڊيويز (Paul Davies) وڏي بهادريءَ سان انهيءَ ڳالهه جو اعلان ڪيو ته لاوجود مان نئين مادي جو پيدا ٿي وڃڻ الله تعالىﷻ جي قدرت جو کليل ثبوت آهي.

                        اهڙن جديد نظرين عظيم ڌماڪي واري نظريي جي باري ۾ اسان جي سمجھه کي اڃا وڌايو آهي.

                        اسان ڏسون ٿا ته شدت سان ڦاٽندڙ ڌماڪو ئي ڪائنات جو بنياد هو ۽ اهو ئي ستارن ۽ ڪهڪشائن کي مادي ڊانچن جي وجود ۾ آڻڻ جو سبب پڻ هو. ويجھڙائي ۾ گڏ ڪيل انگن اکرن موجب، انهيءَ عظيم ڌماڪي پنهنجو پهريون مرحلو هڪ سيڪنڊ جي هڪ ارب واري حصي جي اندر ئي پورو ڪري ورتو هو. ان وقت ڪهڪشائن ۽ ستارن جو ٺاهيندڙ مادو هڪ انتهائي گرم، رِجيل ۽ پاڻ ۾ گڏيل هڪ گھاٻيٽو هو. ان جو ابتدائي جدا جدا ٿيڻ جو عمل هڪ سيڪنڊ جي پهرين هزارين حصي ۾ ئي ٿي ويو.

                        هاڻي اسان آسماني طبعيات جي هڪ ٻي کوجنا تائين پهچي چڪا آهيون. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڪهڪشائن پنهنجو وجود ڪهڙي طرح قائم رکيو آهي؟ ڪجھه عرصو اڳ تائين اِن سوال جو جواب ڏيڻ تمام ڏکيو هو. ڇاڪاڻ ته انهن جو مقدار ۽ ثقلي قوتون ايترو مضبوط نه هيون جو اهي انهن ايڪن جي صورت ۾ نظر اچي سگھن. نظر نه اچڻ واري مادي جو اهو پراسرار نظريو اڃا ويجھڙائيءَ ۾ ئي ظاهر ٿيو آهي، جيڪو انهيءَ ڳنڍ کي کولي سگھي ٿو. ستارن جي وچ ۾ نظر نه اچڻ وارو مادو ۽ ڪهڪشائن جي قالب ۾ موجود ڪاريون غارون ملي ڪري، پاڻ ۾ ڳنڍيل رهڻ واري قوت يا خاصيت کي پيدا ڪري ڇڏين ٿا. اهو سمورو سلسلو پهرين ۽ ابتدائي ڌماڪي سان ئي قائم ٿيو، جنهن کي عظيم ڌماڪو (The Big Bang) سڏين ٿا.

                        اچو ته هاڻي آسماني طبعيات جي حقيقتن جي روشنيءَ ۾ هن آيت سڳوريءَ جو مطالعو ان جي سڀني عظمتن سان ڪريون.

                        ”مان پناهه گھران ٿو (عظيم ڌماڪي واري تخليق جي) پالڻهار کان، ان جي پيدا ڪيل شين جي بڇڙائيءَ کان.“

                        شين ۽ مخلوق جي تشريح جي لاءِ قرآن ”فلق“ جو اصطلاح ڪم آندو آهي ته جيئن اهو ٻڌايو وڃي ته انهن جو وجود هڪ ابتدائي ڌماڪي سان قائم ٿيو. هن ايت جو سڀ کان اهم پاسو اهو آهي جنهن تحت الله تعالىﷻ جي قادر مطلق هئڻ جي صفت واري لفظ جو فلق سان جوڙ پيدا ڪيو ويو آهي. جيئن ته ڪيترن ئي مفسرن محسوس ڪيو آهي ته اها ئي اها آيت آهي جيڪا الله تعالىﷻ جي خالق ۽ مالڪ ڪل هئڻ جي صفت کي سڀ کان سٺي نموني بيان ڪري ٿي. ڪائناتي سطح جي هڪ عظيم ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ سيڪنڊ جي ڏهه اربين وقت ۾ ئي کربن جي تعداد ۾ ستارا تخليق ٿي ويا ۽ اهو رڳو الله ﷻ جي پاڪ صفت جي ذريعي ئي ممڪن ٿي سگھيو. جهانن جي پالڻهار جي خاصيت جو مطلب الله تعالىﷻ جي طرفان حڪم ٿيڻ، مادي ترتيب عطا ڪرڻ، رهنمائي ڪرڻ ۽ واڌ ويجھه کي مڪمل ڪرڻ آهي. اصل ۾ سڀني بي دينن کي جنهن سوال پرِيشان ڪري ڇڏيو آهي، سو اهو آهي ته عظيم ڌماڪي جي ڪري پوري ڪائنات ۾ مادو ڇاجي ڪري هڪجهڙو ۽ هڪجيترو نه پکڙيو آهي؟ قدرت جي ڪارخاني ۾ اسان کي نظر ايندڙ اهي مونجھارا ۽ ڳجهه ڇاجي ڪري پيدا ٿي پيا آهن؟ اِن جي جواب ۾ اڻ سوچيل سمجھيل ۽ اٽڪلن تي ٻڌل اندازي وارو ارتقائي نظريو بلڪل پوئتي ۽ اڻ پورو رهجي وڃي ٿو. انهيءَ ڪري ڪمپيوٽر جي تحقيق ۽ جديد علمن اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن اها رڳو اٽڪلن تي ٻڌل، غير سنجيده دخل اندازي هجي ها ته اهي نتيجا ڪڏهن به حاصل نه ٿين ها جيڪي هاڻي ڪائنات جي مادي ۾ اسان کي نظر اچن ٿا. اربن جي تعداد ۾ ڪهڪشائن ۾ لکين قسم جا نمونا ڪهڙي طرح ٺهيل آهن؟ اِهو ئي اُهو سوال آهي جنهن جو جواب اسان کي هن آيت ۾ ملي ٿو. جي نه ته ڪائنات جي سمجھه ۾ اچڻ کان ٻاهر مونجھارن کي، ڪائنات جي ابتدا سان لاڳاپيل پاڻيءَ جو بنياد هائڊرولڪ جي خوشفهمي تي مبني سادن نظرين کي ٻڌائڻ انهيءَ يوناني فلاسافر جي ياد ڏياري ٿو، جنهن جي خيال ۾ انساني ذهن، جيڪو ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ منجھيل نظام آهي، رڳو جسم کي ٿڌو رکڻ جو هڪ اوزار هو.

                        ڪائنات جي مادي شڪل هڪ ڌماڪي جي ذريعي الله تعالىﷻ جي انهيءَ مرضيءَ سان پيدا ٿي ته ”ٿي وڃ“ ۽ فلق يا انهيءَ ڌماڪي سان پيدا ٿيڻ واريون سموريون موجود شيون، الله تعالىﷻ جي ربوبيت جي صدقي هڪ ناقابل بيان حد تائين عظيم آسماني ڪمپيوٽر سان هڪجهڙائيءَ ۾ اچي ويون.

                        عظيم ابتدائي ڌماڪي سان گڏو گڏ هيءَ آيت سڳوري انفرادي طور تي تمام ننڍڙن ڦاٽي پوڻ وارن يا ڌماڪن جي نتيجي کي به بيان ڪري ٿي. مثال طور هڪ ٻوٽي جي ٻج جو ڦٽڻ به انهيءَ زمري ۾ اچي ٿو. اهڙيءَ طرح ڪنهن جاندار جسم جي فلق جو مثال اهڙِي طرح آهي جو اهو ٿي پوڻ کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان ٿيندڙ مرحلن ۾، ٽوڙ ڦوڙ جي عمل ذريعي، اڻ سڌي ورهاست واري عمل مان گذرندو آهي. انهيءَ جو مثال جيو گھرڙي جي ورهاست وانگر آهي جيڪو غير پيدائشي حصن ۾ هوندو آهي، پر هڪ مان ٻه جيو گھرڙا ٺهي پوندا آهن. انهيءَ عمل کي مائٽوسس (Mitosis)§ چوندا آهن. اهڙين سڀني صورتن ۾ انهن جي لاءِ اها اٽل حقيقت آهي ته ڌماڪي جي ڦاٽي پوڻ تي انهن جي حياتي ۽ انهن جو نظم ۽ ضبط رڳو الله تعالىﷻ جي قدرت تي ئي منحصر آهي.

                        اهو ئي سبب آهي جو هيءَ آيت سڳوري لفظ فلق جي نسبت کي رڳو مالڪ ڪائنات جي ذات سان ئي جوڙي ٿي. ڇاڪاڻ ته سموري مخلوق جي ابتدا يا پيدائش ڦاٽڻ يا ڌماڪي جي ڪري ئي ٿي آهي ۽ لفظ فلق جي لغوي معنى به انهيءَ ئي عمل کي ظاهر ڪري ٿي. پوءِ به هر شيءِ کي سڀ کان پهريان پنهنجي زندگي ۽ بقا جي لاءِ، الله تعالىﷻ جي عظيم مادي ۽ حياتياتي ڪمپيوٽر جهڙي انتظام تي مڪمل انحصار ڪرڻو پوندو آهي ۽ اهو انحصار هميشه لاءِ قائم رهندو.

                        هيءَ سورت اسان کي اهو اصل نسخو عطا ڪري ٿي ته اسان هر قسم جي بڇڙائيءَ کان جهانن جي پالڻهار جي پناهه حاصل ڪريون. انهيءَ بيان ۾ اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ ئي سموري مخلوق جي ابتداء ۽ شروعات کي به بيان ڪيو ويو آهي. پڪ سان هيءَ سورت انسان جي لاءِ تمام وڏي بصيرت آهي.

                        هيءَ سورت الله تعالىﷻ جي زباني اهو چوندي محسوس پئي ٿئي ته ”منهنجي ربوبيت ۾ انهن سڀني پيدا ڪيل شين کان پناهه گھرو جيڪي منهنجي حڪم تي هڪ ڌماڪي جي ذريعي وجود ۾ آيون آهن. مان ئي توهان جو مالڪ آهيان ۽ مان ئي انهن ڪهڪشائن جو حاڪم مطلق آهيان جن کي هڪ حيران ڪندڙ ڌماڪي جي ذريعي، جيڪو هڪ ايڪي کان شروع ٿيو، پيدا ڪري فضائي ويڪر جي اڻ کٽ ڏُورين تائين پهچايو ويو آهي، جيڪو به مون کان پناهه گھرندو آهي سو هر قسم جي بڇڙائين کان محفوظ ٿي ويندو آهي.“