حج جو انساني زندگي تي اثر

idara letterhead universal2c

حج جو انساني زندگي تي اثر

 مولانا ابو محمد ارشاد احمد ڦلپوٽو

هي مهينو محرم الحرام جو آهي. پر اسين مسلمان هن مهيني کي دين جي مٿان قرباني ڏيندڙ شخص کي ياد ڪري ملهائيندا آهيون. جڏهن ته گزريل مهينو به حسن اتفاق سان هڪ عظيم عبادت يعني قرباني طور ئي ملهائيندا آهيون. گزريل مهيني کان منهنجي مراد ذوالحج جو مهينو آهي. جنهن ۾ ٻن وڏين عبادتن کي ادا ڪيو ويندو آهي. (١) قرباني      (٢) حج.

مسلمانن جي مٿان عبادتن جو اثر

               اسان مسلمانن جي مٿان هر عبادت جو ڪونه ڪو اثر ضرور ٿيندو آهي. جنهن جو ذڪر اللّٰه تعاليٰ به پنهنجي قرآن مجيد ۾ ڪيو آهي. اللّٰه تبارڪ و تعاليٰ ان اثر کي عبادت جو نتيجو يا حڪمت طور بيان ڪندي فرمايو:

اِنَّ الصَّلٰوۃَ  تَنۡہٰی عَنِ الۡفَحۡشَآءِ وَ الۡمُنۡکَرِ ؕ (النڪبوت:٤٥) 

”نماز بيحيائي ۽ بڇڙائين جي ڪمن کان روڪيندي آهي.“

۽ روزي لاءِ پڻ ٻڌايائين ته لَعَلَّكُمْ تَتَّقُوْنَۙ . يعني روزو انساني زندگيءَ ۾ انسانيت، ماڻهپو، احسان يعني تقويٰ پيدا ڪندو آهي. ۽ زڪوات به مسلمان کي غريب، مسڪين ۽ بيمار سان همدردي جو سبق پڻ ڏئي ٿي.

حج جو انساني زندگي تي اثر:

حج واري عبادت جي نتيجي ۽ اثر کي اللّٰه تعاليٰ ظاهري الفاظن ۾ نه ٻڌايو آهي. حج جو انساني زندگي تي اثر لاءِ مسلمانن جو ان جاءِ تي وڃي مشاهدو ڪرڻ ضروري آهي. ڇو ته حرمين جي اندر نه ڪي اهڙيون عجيب محل ماڙيون آهن ۽ نه وري تزئين ۽ آرائش جون شيون پيل آهن. آخر ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا مشاهدي جي ذريعي الله تعاليٰ ڏيکارڻ چاهي ٿو. حقيقت ۾ اللّٰه تعاليٰ اسان مسلمانن کي مشاهدي ذريعي هي پريڪٽيڪل ڪرائڻ گهري ٿو.

(١) اوهان حج تي اچڻ کان اڳ پنهنجي اهل عيال جون تمام ضرورتون پوري ڪيو. انهن جي لاءِ کاڌي پيتي سان گڏ پنهنجي پوري سفر واري ڏينهن تائين انهن جي حفاظت جو انتظام ڪرڻو آهي.

(٢) جڏهن احرام ٻڌو ته ان وقت به اوهان احرام کي ڏسندؤ ته ان جي اندر ڪا خوبصورتي ته پري جي ڳالھ آهي پر ان جي اندر کيسو ۽ ڪنهن قسم جو ٽاڪو به نه هوندو آهي.

احرام انسان کي آخرت جي ياد ڏياري ٿو ڇو ته انسان کي انهيءَ حالت ۾ اللّٰه تعاليٰ جي سپرد ٿيڻو آهي.

(٣) احرام ٻڌڻ کان بعد ان احرام واري جي مٿان رفت، فسوق ۽ جدال حرام ٿي ويندو. حالانڪه جهيڙو، ڪوڙ، بيحيائي ۽ ڪنهن کي مارڻ هونءَ به مسلمان جي مٿان حرام آهي پر حج اسان کي انهن ڏينهن دوران اهو پريڪٽيڪل ڪرائي پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ اپنائڻ جو تاڪيد ڪري ٿو.

(٤) احرام کان بعد هر محرم کي آواز سان قلبيو يعني لبّيڪ اللّٰهم لبّيڪ چوڻو آهي. اهو تلبيو اسان جي زندگيءَ تي اثر وجهي ٿو ته اي اللّٰه سائين اسين هر ويلي هر گهڙي تنهنجي حڪمن جي آڏو حاضر ۽ پابند آهيون.

هاڻي حج ڪرڻ جو اثر، نتيجو ۽ حڪمت اها ئي نڪتي ته اللّٰه تعاليٰ جي حڪم تي اسان سڀ مسمان مخصوص چاھ سان ۽ مخصوص عملن جي ذريعي مخصوص جاءِ تي حاضر ٿياسين ۽ مخصوص احرام واري حالت ۾ اسان اهو واعدو ڪيو ته اسان پنهنجي زندگي سادگي سان گزارينداسين اللّٰه ڪارڻ گزارينداسين ۽ آخرت  جي ڀلائي لاءِ گزارينداسين. ۽ مخصوص عمل اسان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ اخلاق جي اعليٰ معيار جا بهترين گڻ به سيکارين ٿا. جنهن جي ذريعي اسان پنهنجي معاشرتي زندگي بهترين نموني سان گزاري سگهون ٿا. ڪعبة اللّٰه اسان مسلمانن کي صرف ۽ صرف اللّٰه تعاليٰ جي اڳيان ئي جهڪڻ سيکاري ٿو.