خاتم الانبياءَ حضرت محمد رسول الله ﷺ جي پاڪ سيرت جا چند روشن عنوان

idara letterhead universal2c

خاتم الانبياءَ حضرت محمد رسول الله ﷺ جي پاڪ سيرت جا چند روشن عنوان

مرتب و مترجم: محمود راجا سجاول

حجره مبارڪ:

                        حضور ﷺ پنهنجي مبارڪ زندگيءَ جا آخري ڏهه، يارهن سال مديني منوره ۾ گذاريا. 8 هجري ۾ فتح مڪه مڪرمه کانپوءِ به حضور ﷺ انهيءَ شهر کي پنهنجو مسڪن بنايو. پاڻ سڳورن ﷺ جي وصال کانپوءِ حضور انور ﷺ جي تعليمات مطابق، حضرت عائشه رضه جي حجري ۾ ئي پاڻ ﷺ جو روضو مبرڪ آهي. انهيءَ حجره ۾ پاڻ ﷺ جو وصال ٿيو. حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ۽ حضرت عمر فاروق رضي الله انهيءَ حجري مبارڪ ۾ مدفون آهن. انهيءَ حجري مبارڪ وٽ بيهي ڪري صلات و سلام پڙهيو ويندو آهي. حجره مبارڪ جي قبله رُخ ٽي جاليون آهن، جنهن ۾ ٻي جالي ۾ ٽي سوراخ آهن. پهرين ۽ وڏي سوراخ جي سامهون اچڻ جو مطلب هي آهي ته حضور ﷺ جي قبر اطهر سامهون آهي. ٻئي سوراخ کانپوءِ ٻئي سوراخ جي سامهون حضرت ابوبڪر رضي الله جي قبر مبارڪ آهي. ٽئين سوراخ جي سامهون اچڻ جو مطلب ته حضرت عمر فاروق رضي الله جي قبر مبارڪ سامهون آهي.

رياض الجنة:

                        قديم مسجد نبوي ۾ منبر ۽ روضي مبارڪ جي وچ ۾ جيڪا جڳهه آهي. هو رياض الجنة چورائي ٿي. حضور ﷺ جو ارشاد آهي ته: ”مابين بيتي و منبري روض من رياض الجنة“ منبر ۽ روضه اقدس جي درميان جيڪا جاءِ آهي جنت جي باغن مان هڪ باع آهي. “ رياض الجنة جي سڃاڻپ لاءِ هتي سفيد (اڇي) سنگ مرر جا ستون آهن. هنن ستونن کي استوانه چيو وڃي ٿو. هنن ستونن تي هنن جا نالا به لکيل آهن. رياض الجنة جي پوري حصي ۾ جتي سفيد (اڇي) ۽ سائي قالينن جو فرش آهي نمازون ادا ڪرڻ جو ثواب تمام گهڻو اهي. ۽ دعا جي قبوليت جو به خاص مقام آهي.

                        اصحاب صفه جو چبوترو (ٿلو): مسجد نبوي ۾ حجري شريف جي پٺيان هڪ ٿَلو ٺهيل آهي، هي اُها جڳهه آهي جتي اُهي مسڪين ۽ فقير صحابه ڪرام رضه قيام فرما هئا جنهن جو گهر هو نه در، جيڪي هر وقت ذڪر، عبادت، تلاوت ۾ مشغل ۽ حضور ﷺ جي صحبت مان مستفيد ٿيندا رهندا هئا. حضرت ابوهريره انهيءَ درسگاهه  جي ممتاز شاگردن مان هئا، جنهن ڪري حديثن ۾ ڪثرت سان ابو هريره جون روايتون آهن.  اصحاب صفه جي تعداد گهٽ وڌ ٿيندي رهندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن هنن جي تعداد (اسي) تائين به ٿي ويندي هئي. سورت الڪهف جي آيت نمبر ٢٨ ”و صبر نفسڪ مع الذين“ ۾ الله تعاليٰ، پنهنجي رسول پاڪ ﷺ کي هُنن سان ويهڻ جو حڪم فرمايو ۽ اِها آيت اصحاب صفه جي فضيلت ۾ نازل ٿي.

جنت البقيع:

                        هي مدينه منوره جو قبرستان آهي. جيڪو مسجد نبوي کان ٿورڙي فاصلي تي موجود آهي هن ۾ بي شڪار اصحابن سڳورن (تقريباً ڏهه هزار) ۽ تابعين اولياءَ الله جون قبرون آهن.  ٽيون، خليفو حضرت عثمان رضي الله، پاڻ ڪريم ﷺ جون چارئي، صاحبزاديون،  حضور ﷺ جون ازواج مطهرات، امهات المؤمنين پاڻ ڪريم ﷺ جا چاچا حضرت عباس رضي الله، به انهيءَ قبرستان ۾ مدفون آهن.

جبل احد:

                        مسجد نبوي کان تقريباً ٤ يا ٥ ڪلوميٽر جي فاصلي تي هي مقدس جبل موجود آهي، جنهن جي باري ۾ حضور ﷺ جوارشاد مبارڪ آهي ته: هٰذا جبل يمبنا و نحبو: ”اهو جو جبل اسان سان محبت ڪري ٿو ۽ اسان هن سان محبت ڪريون ٿا.“ انهيءَ جبل جي دامن ۾ ٣ هجري ۾ اُحد جي جنگ ٿي. جنهن ۾ حضور ﷺ سخت زخمي ٿيا. ۽ تقريباً ٧٠ صحابه ڪرام رضه شهيد ٿيا. هي سڀ شهداءَ انهيءَ جڳهه ۾ مدفون آهن جنهن جو احاطو ڪري ڏنو ويو آهي. انهيءَ احاطي جي درميان، حضور ﷺ جي چاچا سيد الشهداءَ حضر حمزه جي قبر آهي. حضرت حمزه جي قبر جي پاسي ۾ حضرت عبدالله بن جحش ۽ حضرت مصعب بن عمر رضي الله جي قبرون آهن. حضور ﷺ خاص اهتمام سان هتي تشريف فرما ٿيندا هئا ۽ شهدا کي سلام ۽ دعا سان نوازيندا هئا.

مسجد قبا:

                        مسجد قبا، مسجد نبوي کان تقريباً ٤ ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي، مسلمانن جي اِها سڀ کان پهرين مسجد آهي. حضور ﷺ مڪه مڪرمه کان هجرت ڪري جڏهن مدينه منوره آيا ته فبيله بنو عوف ۾  قيام فرمايائون ۽ پاڻ ڪريم ﷺ، صحابه ڪرام رضه سان گڏجي پنهنجن هٿن مبارڪ سان هن مسجد جو بنياد رکيائون. هن مسجد جي باري ۾ الله سائين جو ارشاد آهي: لمسجد اسس علي التقويٰ: يعني اُها مسجد جنهن جي بنياد اخلاص ۽  تقويٰ تي رکي وئي. مسجد هرام، مسجد نبوي مسجد اقصيٰ کانپوءِ سڄي دنيا جي تمام مسجد ۾ افضل آهي. حضور ﷺ ڪڏهن سواري تي ۽ ڪڏهن پا پياده، مسجد قبا ۾ تشريف فرما ٿيندا هئا. پاڻ ڪريم ﷺ جو ارشاد مبارڪ آهي ته جيڪو ماڻهو پنهنجي گهر کان نڪري ۽ مسجد قبا ۾ اچي ڪري ٻه رڪعتون نفل پڙهي ته هن کي قبول عمري جو ثواب ٿيندو.

مسجد جمعه:

                        حضور ﷺ سڀ کان پهرين انهيءَ مسجد ۾ نماز جمعه ادا فرمائي هئي اِها مسجد قبا جي ويجهو ئي آهي.

مسجد فتح: (مسجد احزاب)

                        هي مسجد جبل سلح جي غربي ڪناري تي مٿانهي تي موجود آهي. غزوه خندق (احزاب) ۾ جڏهن تمام ڪافر مدينه منوره تي گڏجي ڪري چڙهائي ڪري آيا ۽ خندقون کوٽيون ويون، رسول ڪريم ﷺ انهيءَ جاءِ تي دُعا فرمائي هئي، جيئن ته پاڻ ڪريم ﷺ جي دُعا قبول ٿي ۽ مسلمانن کي فتح نصيب ٿي. هن مسجد جي ويجهو ڪيتريون ننڍيون مسجدون ٺهيون، جيڪي مسجد سلمان فارسي رضي الله، مسجد ابوبڪر رضي الله، مسجد عمر رضي الله، ۽ مسجد علي رضي الله جي نالن سان مشهور آهن. دراصل جنگ خندق جي موقعي تي اِهي حضرات هتي رهيا هئا. جن کي محفوظ ۽ متعين ڪرڻ لاءِ غالباً سڀ کان پهرين عمر بن عبدالعزيزؓ هتي مسجدون ٺهرايون. هي جاءِ مساجد خمسه جي نالي سان به مشهور آهي. هاڻ سعوديه حڪومت هن جڳهه تي هڪ وڏي عاليشان مسجد (مسجد خندق) جي نالي سان ٺهرائي آهي.

مسجد قبلتين:

                        تحويل قبله جو حڪم وچين نماز ۾ ٿيو. هڪ صحابيؒ وچين نماز حضور ﷺ سان گڏ پڙهي، پوءِ انصار جي جماعت وٽان لنگهيا. اُهي انصار صحابهؒ (مسجد قبلتين) ۾ بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري نماز ادا ڪري رهيا هئا. انهن اصحابنؒ، انصار صحابهؒ کي خبر ڏني ته الله تعاليٰ بيت الله کي وري به قبلو قرار ڏيئي ڇڏيو آهي، هن خبر جي پوندي ئي اصحابن سڳورن نماز جي حالت ۾ ئي پنهنجو مُهاڏو  خانه ڪعبه ڏانهن ڦيرائي ورتو. جيئن ته هن مسجد (قبلتين) ۾ هڪ نماز ٻن قبلن (١) بيت المقدس (٢) خانه ڪعبه ڏانهن ادا ڪئي وئي هن لاءِ هن کي مسجد قبلتين چوندا آهن. ڪن روايتن ۾ آهي ته تحويل قبله واري آيت انهي مسجد ۾ نماز پڙهڻ مُهل نازل ٿي هُئي.

مسجد ابي بن ڪعب:

                        هي مسجد جنت البقيع سان گڏ آهي، انهيءَ جاءِ تي زمانه نبوي جي مشهور قاري حضرت ابي بن ڪعب ؒ جو گهر هو. رسول ڪريم ﷺ هتي اڪثر تشريف فرما ٿيندا هئا ۽ نماز پڙهندا هئا ۽ حضرت ابي بن ڪعبؒ کان قرآن ٻڌندا هئا ۽ ٻڌائيندا هئا. (سبحان الله)

صفه ۽ اصحابه صفه:

                        تحويل قبله کان پوءِ جڏهن مسجد نبوي جو رُخ بيت الله ڏانهن ٿي ويو ته قبله اول ڏانهن ديوار ۽ هُن سان گڏ جيڪا جڳهه هئي اُها هُنن، فقير ۽ غريبن لاءِ بدستور ڇڏي وئي، جن جو نه گهر بار هو نه ڪاروبار هو، هي جڳهه صفه جي نالي سان مشهور هُئي. صفه اصل ۾ سائبات، ڇانءَ واري جاءِ کي چوندا آهن، اوهي ضعفاءِ مسلمين ۽ فقراءِ شاڪرين جيڪي پنهنجي فقر تي نه صرف صابر هئا بلڪه اُمراءَ ۽ اغنياءَ کان وڌيڪ شاڪر هُئا ۽ مسرور هئا. جڏهن احاديث قدسيه ۽ ڪلمات نبويه ٻڌڻ خاطر بارگاه نبوت ۽ رسالت ۾ حاضري ڏيندا هئا ته هتي ئي پيا هوندا هئا، ماڻهو انهن حضرات کي اصحابِ صفه جي نالي سان ياد ڪندا هئا. گويا ته اِها بشير ۽ نذير ۽ نبي فقير جي خانقاه هئي ۽ مدرسو به هو. (حافظ ابن تيميه، الحواب الصحيح ۾ ڪنهن مقام تي نبي ڪريم ﷺ جي انبياءَ سابقين تي فضيلت بيان ڪندي لکيو آهي اسان جي نبي ڪريم ﷺ حضرت سليمان عليه السلام کان هن ڪري افضل هئا، ته حضرت سليمان نبي بادشاهه هئا ۽ پاڻ ڪريم ﷺ بهزار رضا ۽ رغبت فقير کي دنيا جي سلطنت تي ترجيح ڏني. ۽ اصحابه صفه، ارباب توڪل ۽ اصحاب بتل جي هڪ جماعت هئي، جيڪي رات، ڏينهن، تزڪيه نفس ۽ ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم حاصل ڪرڻ خاطر، پاڻ ڪريم ﷺ جي خدمت اقدس ۾ حاضر رهندي هئي. نه ته هنن کي دنيا جي زيب ۽ زينت درڪار هئي ۽ نه ڌن ۽ دولت جي طلب، نه هنن کي تجارت سان ڪو مطلب نه زراعت سان ڪو سروڪار هو، هي ڀلارا ماڻهو پنهنجن اکين کي پاڻ ڪريم ﷺ جي ديدار پر انوار لاءِ ۽ ڪنهن کي پاڻ ڪريم ﷺ جي ڪلمات قدسيه ٻڌڻ لاءِ، ۽ جسم کي پاڻ ﷺ جي صحبت ۽ معيت لاءِ وقف ڪري ويٺا هئا. انهيءَ ڪري ئي الله تعاليٰ پنهنجي نبي ڪريم ﷺ کي پنهنجي ڪلام ۾ واصبر نفسڪ مع الذين. واري آيت ۾ هنن اصحاب صفه وارن جي پارت ڪئي.

                        حضور ﷺ پنهنجي گهر ۾ هئا ته آيت: واصبر نفسڪ مع الذين يدعون ربهم. نازل ٿي جنهن جو ترجمو هي آهي ته پنهنجو پاڻ کي هنن ماڻهن وٽ ويهڻ جو پابند ڪريو جيڪي صبح ۽ شام پنهنجي رب کي پڪارين ٿا. حضور ﷺ هن آيت جي نازل ٿيڻ تي هنن ماڻهن جي ڳولا، لاءِ نڪتا، هڪ جماعت کي ڏٺون ته الله جي ذڪر ۾ رڌل آهن، ڪي ماڻهو هنن ۾ وکريل وارن وارا ۽ خشڪ کلن وارا ۽ صرف هڪڙي ڪپڙي وارا آهن (جو اُگهاڙي پٺن ٺلي هڪڙي گوڏ ٻڌل آهي) جڏهن حضور ﷺ هنن کي ڏٺو ته هنن وٽ ويهي رهيا ۽ ارشاد فرمايائون ته نماز تعريفون ۽ واکاڻ الله لاءِ ئي آهن، جنهن منهنجي امت ۾ اهڙا ماڻهو پيدا فرمايا جو خود مون کي هنن وٽ ويهڻ جو حڪم آهي. (ابن جرير، طبراني)

                        هڪ ٻي حديث ۾ آهي ته حضور ﷺ هنن جي ڳولا ڪئي ته مسجد جي آخري حصي ۾ ويٺل ڏٺون ته الله جي ذڪر ۾ رڌل هئا، حضور ﷺ فرمايو ته تمام تعريفون الله لاءِ ئي آهن، جنهن منهنجي زندگي ۾ اهڙا ماڻهو پيدا فرمايا جو مون کي به هنن وٽ ويهڻ جو حڪم آهي. پوءِ فرمايائون ته اوهان ماڻهن سان ئي زندگي آهي ۽ اوهان سان ئي مرڻ آهي. يعني ته مرڻ ۽ جيئڻ جا ساٿي اوهان ئي آهيو.

                        حضرت ابو هريره رضي الله روايت ڪري ٿو ته مون ستر، اصحابه صفه کي ڏٺو ته هنن وٽ چادر به  ڪونه هئي، ٺلي گوڏ ٻڌل هئي يا ڪمبل هو جنهن کي پنهنجي گردن ۾ ٻڌي وٺندا هئا. ۽ ڪمبل به ايترو ننڍو هو ته ڪنهن اڌ پڻين تائين (بُڪين تائين) ۽ ڪنهن جو ٽڻين تائين ۽ ٻئي پاسا هٿن سان سنڀاليندا هئا ته متان اوگهڙ نه کُلي وڃي. (بخاري ١/٦٣)

                        حضرت وائله بن اسقعؒ فرماءِ ٿو ته آئون به اصحابِ صفه ۾ هوس، اسان مان ڪنهن وٽ هڪ ڪپڙو به پورو ڪونه هو ۽ پگهرن جي ڪري بُت تي مَير جمع رهندو هو. جيڪو الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ هزار نظافتن کان زياده محبوب هو، اِهي حضرات اُهي ئي اشعث واغبر (اُجڙيل ۽ گرد آلود) هئا، پر جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي الله جو قسم کڻي وٺن ته الله تعاليٰ هنن جي قسم کي سچو ڪري ڏيندو هو. مُجاهدؒ فرماءِ ٿو ته ابو هريرهؒ هي فرمائيندا هئا ته قسم آهي هُن ذات پاڪ جي جنهن کانسواءِ ڪوبه معبود ڪونهي آئون ڪيترائي وقت بُک جي ڪري پنهنجو پيٽ ۽ سيفون زمين سان چوٽاءِ ڇڏيندو هوس. (تانته زمين جي آلاڻ ۽ ٿڌڪار سان بُک جي حرارت ۾ گهٽتائي ٿي وڃي) ۽ ڪيترائي وقت پيٽ تي پٿر ٻڌي وـندو هوس. تانته سڌو ٿي بيهه سگهان.

                        عبدالرحمان بن ابوبڪرؒ فرماءِ ٿو ته ته اصحاب صفه فقير هئا. رسول ڪريم ﷺ اصحاب صفه کي ماڻهن ۾ ورهاءِ ڇڏيندا هئا، جنهن وٽ ٻين جو کاڌو هوندو هو، هو هڪ ڄڻي کي ۽ جنهن وٽ ٽن جو هوندو هو چوٿين کي وٺي ويندو هو. ۽ عليٰ هذا (بخاري)

                        محمد بن سيرينؓ فرماءِ ٿو ته جڏهن شام ٿيندي هئي ته رسول ڪريم ﷺ اصحاب صفه کي ماڻهن ۾ ورهائي ڏيندا هئا. ڪو ٻن کي وٺي ويندو هو ته ڪو ٽن کي ۽ علي هذا… ۽ سعيد بن عبادهؒ، اسي، اسي ماڻهو به پاڻ سان گڏوٺي ويندا هئا ۽ هنن کي کاڌو کارائيندا هئا. (حليت اولياءَ: ١/ ٣٤١)

                        حضرت ابو هريرهؒ فرماءِ ٿو ته آئون به اهل صفه ۾ هوس. جڌڏن شام ٿيندي هئي ته اسان سڀ پاڻ ڪريم ﷺ جي مبارڪ خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئاسين، پاڻ ڪريم ﷺ هڪ هڪ، ٻه ٻه کي کاڌي پيتي واري صحابهؒ جي سپرد فرمائيندا هئا ۽ جيڪي رهجي ويندا هئا، هنن کي پاڻ سان طعام ۾ شريڪ فرمائيندا هئا. کاڌي کان فارغ ٿيڻ کانپوءِ اسان ماڻهو مسجد ۾ سمهي رهندا هئاسين. (فتح الباري ٢٤٤/١١)

                        حضرت فضاله بن عبيدؒ روايت ڪري ٿو جو ڪيترائي دفعه اصحاب صفه بُک جي ڪري عين نماز واري حالت ۾ بيهوش ٿي ڪري پوندا هئا. ٻاهران ڪو اعرابي يا بدوي ماڻهو ايندو هو ته هنن کي ديوانون ۽ مجنون سمجهندو هو، رسول ڪريم ﷺ هنن وٽ ايندا هئا ۽ هنن الفاظن سان هنن کي تسلي ڏيندا هئا. لو تعلمون ما لڪم عندالله لا حببتم ان تزادد و فقراءَ  و حاجة (وفاءَ الوفاءَ ج١، ص ٢٢٢)  ترجمو: جيڪڏهن اوهان کي هي خبر پئجي وڃي ته الله تعاليٰ وٽ اوهان جو ڪهڙو اعزاز ۽ درجو ۽ مرتبو آهي ته البته اوهان تمنا ڪندا ته اسان جو هي فقر ۽ فاقه اڃا به وڌي وڃي.

اصحاب صفه جون صفاتون:

                        عياض بن غنمؒ چوي ٿو ته مون رسول ڪريم ﷺ کي هي فرمائيندي ٻڌو ته منهنجي امت جا چونڊيل، پسنديده ۽ رفيع المربت افراد اُهي آهن جن جي باري ۾ مون کي ملاءَ اعليٰ (مقرب ملائڪ) وارن هي خبر ڏني آهي ته اُهي ماڻهو ظاهر ۾ الله عزوجل جي رحمت واسعه جو خيال ڪري کلندا آهن. ۽ دل جو دل ۾ الله رب العزت جي عذاب ۽ عقاب جي شدت ۽ خوف جي ڪري رئندا رهن ٿا. صبح ۽ شام الله تعاليٰ جي پاڪيزه گهرن يعني مسجدن ۾ الله تعاليٰ جو ذڪر ڪندا رهندا آهن. زبانن سان الله رب العزت کي اميد ۽ خوف جي ڪري پڪاريندا رهن ٿا ۽ دلين جي هن جي لقاءَ جا مشتاق آهن. ماڻهن تي انهن جو بار تمام هلڪو ۽ پاڻ هنن جي نفسن تي تمام ڳرو زمين تي هلندا آهن ته پا پياده، سڪون ۽ نوڙت سان، آڪڙ جي ۽ ٺڳ سان نٿا هلن. ماڪوڙين واري هلت هلندا آهن. يعني هنن رفتار ۾ نوڙت ۽ مسڪيني محسوس ٿيندي آهي. قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندا آهن. پراڻا ۽ چتين وارا ڪپڙا پائيندا آهن. هر وقت الله رب العزت جي خوف م رهندا آهن. الله رب العزت هر وقت هنن جي حفاظت ڪندو آهي. ارواحون هنن جو دنيا ۾ آهن ۽ دل هنن جا آخرت ۾ آهن. اخرت کانسواءِ هنن جو ڪوبه فڪر ڪونهي. هر وقت قبر ۽ آخرت جي تياري ۾ هوندا آهن. هن کانپوءِ حضور ﷺ هي آيت تلاوت فرمائي.

ذٰلِکَ لِمَنۡ خَافَ مَقَامِیۡ وَ خَافَ وَعِیۡدِ (سورت ابراهيم-١٤)

ترجمو: هي (وعدو) هنن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي منهنجي سامهون بيهڻ کان ڊِنا، ۽ منهنجي وعيدن (ڌمڪين کان ڊنا).

مدينه جي يهودين سان معاهدو:

                        مدينه منوره ۾ گهڻو ڪري آبادي اوس ۽ خزرج جي قبيلن جي هئي. پر وڏي عرصي کان مديني ۾ يهودي به آباد هئا. ۽ هنن جي وڏي تعداد هئي. مدينه منوره ۽ خيبر ۾ هنن جا مدرسه ۽ علمي مراڪز به هئا ۽ خيبر ۾ هنن جا وڏا وڏا ڪوٽ (قلعه) هئا، اِهي ماڻهو اهل ڪتاب هئا ۽ حجاز جي سرزمين ۾ مشرڪن جي مقابلي ۾ هنن کي علمي مرتبو ۽ تفوق مليل هو. هنن ماڻهن کي آسماني ڪتابن ذريعي نبي آخرالزمان ﷺ جي احوال ۽ وصفن جو چڱو خاصو علم هو.

                        ڪما قال تعاليٰ: عرفون ڪما يعرفون ابنائهم: پر طبيعت ۾ سلامتي  ۽ پاڪائي نه هئڻ جي برابر هئي. حق دين سان حسد، ساڙه، عناد، هنن جي نس نس ۾ ويـٺل هو. ڪما قال تعاليٰ:

وَ جَحَدُوۡا بِہَا وَ اسۡتَیۡقَنَتۡہَاۤ  اَنۡفُسُہُمۡ ظُلۡمًا وَّ عُلُوًّا ؕ (نمل:١٤)

                        پاڻ ڪريم ﷺ جيستائين مڪه مڪرمه ۾ رهيا، هن وقت به يهودي، قريش کي پاڻ ﷺ جي خلاف ڀڙڪائيندا رهيا ۽ هنن کي هي تلقين ڪندا رهيا ته پاڻ ﷺ کان اصحاب ڪهف، ذوالقرنين ۽ روح جي باري ۾ دريافت ڪريو، وغيره وغيره جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ هجرت ڪري مدينه منوره پهتا ته هنن جي حسد ۽ عناد ۽ نفرت جي باهه اڃا به ڀڙڪي وئي ۽ هنن کي پڪ ٿي وئي ته هاڻ اسان جي علمي برتري ڌوڙ ۾ پئجي ويندي ۽ انهيءَ ساڙه جي ڪري حق دين جي عداوت ۾ پنهنجن پوئن جو اتباع ڪيو:      و قتلون النبين بغير حق ۽ اصحابِ سبت جي روش اختيار ڪئي.

                        علماءِ ۽ احبار يهود مان جيڪي صالح ۽ سليم الفطرت هئا، انهن نبي آخرالزمان ﷺ جي اڳ ڪتين کي ظاهر ڪري ڏنون ۽ پاڻ ڪريم ﷺ تي ايمان آندائون پر گهڻن نفرت وارو رويو اختيار ڪيو ۽ حسد ۽ ساڙه ۾ ئي رهيا. انهيءَ ڪري حضور ﷺ، هنن جي حسد ۽ ساڙ، فتنه ۽ فساد کان بچڻ لاءِ هنن کان هڪ لکت ۾ معاهدو ڪيو تانته انهن جي مخالفت ۽ عناد ۾ واڌارو نه ٿي سگهي ۽ مسلمان هنن جي شر ۽ فساد کان محفوظ رهي سگهن. الله تعاليٰ پاڻ قرآن پاڪ ۾ يهودين جي شرارتن ۽ فتنه پروازين کي کولي بيان فرمايو آهي. انهيءَ ڪري پاڻ ﷺ هنن سان هڪ معاهدو ڪيو تانته هنن جي فتنه فساد ۽ شرارتن کان ڪنهن حد تائين محفوظ رهي سگهن. جيئن ته پاڻ ﷺ مدينه منوره جي هجرت جي پنج مهينن کانپوءِ مدينه منوره جي يهودين  کان هڪ معاهدو فرمايو جنهن ۾ انهن کي پنهنجي دين ۽ پنهنجن مال، ملڪيت ۽ املاڪ تي برقرار رکي ڪري هيـين شرطن تي هنن کان هڪ لکت ۾ عهدو ورتو ويو.  تفصيل سان معاهدو، جيڪو سيرت ابن هشام ۽ البدايه ۽ النهايه ۾ ذڪر ٿيل آهي، جنهن جو خلاص هيٺين ريت آهي:

بسٺم الله الرحمان: هي هل لکت ۾ معاهدو آهي. محمد نبي امي (ﷺ) جي طرفان قريش مسلمانن ۽ يثرب جي ۽ يهودين وچ ۾ جيڪي مسلمانن جي تابع ٿين ۽ هنن سان اتحاد چاهين، هر ڪو فريق پنهنجي پنهنجي مذهب تي قائم رهي ڪري هيـٺين ڳالهين جو پابند رهي.

(١)                  قصاص ۽خون بها جو طريقو، جيڪو قديم زماني کان هليو اچي اُهو عدل ۽ انصاف سان بدستور قائم رهندو.

(٢)                  هر گروهه کي عدل ۽ انصاف سان پنهنجي جماعت جو فديو ڏيڻو پوندو. يعني قبيلي جو جيڪي قيدي هوندو هن قيدي کي ڇڏائڻ لاءِ زر فديه جو ڏيڻ هن قبيلي جي ذمي هوندو.

(٣)                  ظلم ۽ ستم ۽ عدوان ۽ فساد  جي مقابلي ۾ سڀ متفق رهندا. هن باري ۾ ڪنهن جي به رعايت ڪونه ڪئي ويندي. اگر ڪنهن جو پُٽ ڇو نه هجي.

(٤)                  ڪوبه مسلمان ڪنهن به مسلمان کي ڪنهن ڪافر جي مقابلي ۾ مجاز ڪونه هوندو ۽ نه ڪنهن مسلمان جي مقابلي ۾ ڪنهن ڪافر جي ڪنهن قسم جي مدد ڪئي ويندي.

(٥)                  هڪ ادنيٰ مسلمان کي پناهه ڏيڻ جو اُهوئي حق هوندو جيڪو هڪ وڏي رتبي واري مسلمان جو هوندو.

(٦)                  جيڪي به يهودي مسلمانن جي تابع ٿي ڪري رهندا. هنن جي حفاظت مسلمانن جي ذمي هوندي. هنن سان ڪنهن به قسم جو ظلم ڪونه ڪيو ويندو ۽ نه ئي انهن جي مقابلي ۾ هنن جي دشمنن جي مدد ڪئي ويندي.

(٧)                  ڪنهن به ڪافر ۽ مشرڪ کي هي حق ڪونه هوندو ته مسلمانن جي مقابلي ۾ قريش مڪه جي ڪنهن جان ۽ مال کي پناهه ڏيئي سگهن. يا قريش مڪه ۽ مسلمانن جي وچ ۾ حائل ٿين.

(٨)                  جنگ جي دوران يهودين کي جان ۽ مال سان مسلمانن جو ساٿ ڏيڻون پوندو، مسلمانن مدد جي اجازت ڪونه هوندي.

(٩)                  نبي پاڪ ﷺ جو ڪوبه دشمن جيڪڏهن مدينه تي حملو ڪندو ته يهودين تي پاڻ ﷺ جي مدد ڪرڻ لازم ٿيندي.

(٢٠) جيڪي به قبيله هن عهد ۽ حلف ۾ شريڪ آهن جيڪڏهن هنن مان ڪنهن به قبيلي هن عهد ۽ حلف جي عليحدگي ڪرڻ گهري ته بغير نبي پاڪ ﷺ جي اجازت سان عليحده نٿو ٿي سگهي.

(١١) ڪنهن به فتني پرواز کي مدد يا هن کي پناهه ڏيڻ جي اجازت ڪونه هوندي ۽ جيڪو به ماڻهو ڪنهن بدعهدي جي مدد ڪندو يا هن کي پاڻ وٽ پناهه ڏيندو ته هن تي الله جي لعنت آهي ۽ غضب آهي ۽ قيامت ۾ هن جو ڪوبه عمل قبول ڪونه هوندو.

(١٢) مسلمان جيڪڏهن ڪنهن سان صلح ڪرڻ گهرن ته يهودين کي به هنن سان صلح ڪرڻ ضروري هوندو.

(١٣) جيڪو ڪنهن مسلمان کي قتل ڪندو ۽ شهادت ڪوجود هوندي ته پوءِ هن کان قصاص ورتو ويندو. الاهي ته ولي، مقتول ديت وغيره تي راضي ٿي وڃي.

(١٤) جيڪڏهن ڪو جهڳڙو يا پاڻ ۾ اختلاف اچي وڃي ته الله ۽ هن جي رسول ﷺ کان رجوع ڪيو ويندو. (البدايه والنهايه ٣/ ٢٢٤)

                        جنهن قبيلن سان پاڻ ﷺ جي معاهدو ڪيو هنن ۾ يهودين جا ٽي وڏا قبيلا شامل هئا، جيڪي مدينه منوره ۽ ڀرپاسي ۾ رهندا هئا. بني قيقاع، بني نصير، ۽ بني قريظ، هنن قبيلي وارن جيئن ته حضور ﷺجي اتباع ڪرڻ کان پاسو ڪيو هو، هن ڪري  حضور ﷺ هنن کان هي معاهدو لکرايو تانته فتنون ۽ فساد نه ڦهلجي سگهي. پر ٽنهين قبيلن هڪ ٻئي کان پوءِ معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي ۽ اسلام دشمني ۽ دين اسلام جي خلاف سازشن ۾ ڀرپور حصو ورتو. ابو عبيد ڪتاب الاموال ۾ فرماءِ ٿو ته هي عهدنامون جذيه جي حڪم جي نازل ٿيڻ کان اڳ لکيو ويو هو ۽ اسلام هن وقت ضعيف هو ۽ ابتداءَ ۾ هي حڪم هو ته جيڪڏهن يهودي مسلمانن سان ڪنهن غزوه ۾ شرڪت ڪن ته مالِ غنيمت ۾ هنن کي به ڪجهه ڏنو ويندو. انهيءَ ڪري هن عهدنامي ۾ يهودين تي هي شرط لڳائي وئي ته جنگي اخراجات ۾ هنن کي به حصو ڏيڻو پوندو. (روض الانف: ٢/ ١٧)

تنبيهه:

                        معاهدي جي عبارت مان صاف ظاهر آهي ته هي معاهدو مسلمانن ۽ يهودين جي وچ ۾ هو ته مسلمان متبوع هوندا ۽ يهودي مسلمانن جي تابع هوندا. ۽ نبي اڪرم ﷺ ڌرين جا مسلمه جا ڪم هوندا، جڏهن به ڪو اختلاف پيش اچي وڃي ته حضور ﷺ ڏانه رجوع ڪرڻو پوندو. ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جيڪو به فيصلو فرمائيندا، هن تي عمل ڪرڻ لازم هوندو.