مولانا ڊاڪٽر عبدالحي فاروقي
سنڌيڪار: عبدالصمد بروهي
هڪڙو ماڻهو مون وٽ آيو ۽ چيائين: سائين! نماز ۾ دل نٿي لڳي ۽ دعائون قبول نٿيون ٿين.
اها ڳالهه گهڻي افسوس ۽ ڏک سان ڪئي ۽ اهو چئي هو خاموش ٿي ويو. مون چيو: اوهان سچ چئو: هيءَ بالڪل قدرتي ڳالهه آهي. ائين ٿي ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته دل ٻئي ڪنهن پاسي لڳل آهي، اتان فارغ ٿئي ته نماز ڏانهن اچي. دل ته واهيات ڳالهين ۾ لڳل آهي ۽ چوين ٿو ته نماز ۾ دل نٿي لڳي. دل بدعتن ۾، برائين، بيهودن ڪمن ۽ بڇڙائين ۾ لڳل آهي ۽ چوين ٿو نماز ۾ دل نٿي لڳي. چڱو هاڻي ئي ٻڌايو ته آخر ڪيڏانهن وڃي؟ تون جيڏانهن گهرندين اوڏانهن ئي ويندي. ادا! سچ پڇو ته اسان جي زندگي جو نقشو هي ٿي ويو ته:
ترا دل تو هي صنم آشنا،
تجهي ڪيا ملي گا نماز مين
هاڻي ڏسو ته نماز جي ڪير پرواهه ڪندو آهي؟ هر روز پنج وقت مسجد جي منارن مان حي علي الصلوات جي صدا بلند ٿيندي آهي، پر مسلمان جي دل راند ۽ تماشي ۾، سير ۽ تفريح ۾ لڳل هوندي آهي، اهي دنيا ڪمائڻ جي فڪر ۾ لڳل رهندا آهن ۽ هي سمجهندا ناهن ته مسلمانن جي دنياداري اصل دين ۾ پوشيده (لڪل) هوندي آهي. دنيا جي ڪشش، سونهن ۽ خوشنمائي مسلمانن کي پنهنجي طرف ڇڪي رکيو آهي. جڏهن ته دل پوري انهن ئي ڳالهين ۾ لڳل رهندي آهي ته پوءِ نماز ۾ ڪيئن لڳندي؟ اهوئي سبب آهي ته نمازون اڻ ذائقه ۽ بي مزه هونديون آهن. پوءِ به هي شڪايت آهي ته نماز ۾ دل نٿي لڳي. هي عجيب ڳالهه آهي، اسان جي معاشري جو هي نقشو (حال) تمام گهڻو عجيب، ڊڄاريندڙ ۽ تمام گهڻو مايوس ڪندڙ آهي.
اوهان ڏسو! شادين ۽ خوشين جي پروگرامن تي پيسو اکيون ٻوٽي خرچ ڪيو ويندو آهي، خوبصورت شاميانا لڳايا ويندا آهن ۽ روشنين جو هڪ ريلو اٿلي پوندو آهي، ڏاج جو سامان تمام گهڻو گڏ ڪرڻ، نالي ڪمائڻ ۽ چرچو ٿيڻ لاءِ تمام وڏو ۽ شاندار بندوبست ڪيو ويندو آهي، ڪنوار جي پيءَ کي ڪنهن ٻي ڳالهه جو هوش ئي نه هوندو آهي. پنهنجي مهمانن جي آجيان ۽ مهمان نوازي ڪرڻ ۾ ٻڏل رهندو آهي. ان ۾ ان جي دل تمام گهڻو لڳندو آهي. مان پڇان ٿو ته هي دل آخر نماز ۾ ڇو نه ٿي لڳي؟
۽ ٻڌو! موت، زندگي جو تمام وڏو عبرت ناڪ (سبق آميز) واقعو آهي، جيڪو انسان هاڻي جيئرو هو، گهمي ڦري پيو، اهو هاڻي لاش ٿيو پيو آهي، ساهه نڪري ويو آهي، جسم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويو آهي، وارث ۽ مائٽ ان کي قبر ۾ دفن ڪري ايندا آهن، قبر تي پڙ وجهندا آهن، ختمو ڪندا آهن ۽ چاليهون ڪندا آهن ۽ وڏي انتظام سان گهڻي رقم خرچ ڪري اهي رسمون پوريون ڪندا آهن ۽ قبر تي اگربتيون ٻاريندا آهن. انهن سڀني ڪمن ۾ ته دل لڳندي آهي، هڪ نماز ويچاري اهڙي آهي ته جنهن جي باري ۾ ماڻهن کي هي شڪايت رهندي آهي ته ان ۾ دل نٿي لڳي. ادا! دل لڳائيو ته دل لڳندي هي ته توهان جي وس جي ڳالهه آهي. هي ڪهڙي ڳالهه آهي ته هر جڳهه تي ته دل چڱي طرح لڳندي آهي، پر اتي (نماز ۾) نٿي لڳي. ادا! هي ڳالهه به عجيب آهي ته ماڻهو يهودين ۽ نصرانين جي شڪل ۽ صورت اختيار ڪندا آهن، انهن جي تهذيب، انهن جي ٻولي، انهن جي معاشرت (رهڻي ڪهڻي) اختيار ڪندا آهن ۽ ان تي فخر ڪندا آهن. هڪ ته هي ڪم قومي غيرت جي خلاف آهي، بلڪه هي وڏي بيغيرتي جي ڳالهه آهي ته پنهنجي معاشرت (اٿي ويٺي) پنهنجي تهذيب (اخلاق) ڇڏي ڪري، انهن جي تهذيب ۽ معاشرت اختيار ڪئي وڃي، جيڪي اسلام جا دشمن آهن، مسلمانن جي رت جا پياسي آهن. ٻيو هي ته ڪافر ۽ مسلمان جي ڪهڙي برابري آهي؟ يهودين ۽ نصارن تي ته الله تعاليٰ لعنت ڪئي آهي، هڪ کي”مغضوب“ ۽ ٻي کي ”ضالين“ قرار ڏنو آهي. پوءِ هي عجيب ڳالهه آهي ته الله تعاليٰ جي دشمنن سان تعلق قائم ڪرڻ ۽ انهن جي شڪل، صورت ۽ ڍنگ اختيار ڪرڻ مسلمان قبول ڪري وٺندو آهي، بلڪه ان کي پنهنجي عزت سمجهندو آهي. سوچو ته ڇا اها ڳالهه الله تعاليٰ جي ڏمر کي سڏڻ واري نه آهي؟ پوءِ ڇا اهڙين ڳالهين سان دل لڳائڻ واري جي دل نماز ۾ لڳي سگهندي آهي؟
هاڻي مسلمان عورتن کي ڏسو! اڄڪلهه فيشن پرستي ۾ چڱي طرح ٻڏل رهنديون آهن، جنهن کي دراصل مغرب جي پوڄا چوڻ گهرجي، اهي مغربي تهذيب جون ايڏيون شوقين آهن ته انهن کي اسلامي شعائر جي ذري جيتري به پرواهه ناهي رهيو، سورت احزاب ۾ الله تعاليٰ جو چٽو حڪم موجود آهي:
وَ قَرۡنَ فِیۡ بُیُوۡتِکُنَّ وَ لَا تَبَرَّجۡنَ تَبَرُّجَ الۡجَاہِلِیَّۃِ الۡاُوۡلٰی (الاحزاب:٣٣)
”۽ پنهنجن گهرن ۾ رهو ۽ اڳئين جاهليت جي سينگار وانگر سينگار نه ڪريو.“
پر صورت حال هي آهي ته بازارن ۽ روڊن ٧ رستن سان ان حال ۾ گهمنديون رهنديون آهن ته انهن جون ڇاتيون انهن جو مٿو، انهن جو پيٽ ۽ انهن جون ٻانهون بالڪل اگهاڙيون هونديون آهن. هي ڪهڙي ڳالهه جي سڃاڻپ آهي؟ ڇا! هي الله تعاليٰ سان جنگ ناهي؟ پوءِ اسان جي گهرن ۾ اسلامي طرز زندگي جو ڪو نمونو ئي موجود ناهي، حقوق العباد جي طرف کان توجهه بالڪل هٽايو ويو آهي. ماءَ پيءَ جي فرمان برداري هااڻي بلڪل غير اسلامي آهي. خاندانن ۽ عام گهرن ۾ ناراضگين، غصن ۽ دشمنن جو هڪ اڻ کٽندڙ سلسلو جاري رهندو آهي. غيبت ۽ گلا سڀ کان وڏي لعنت آهي، مگر هي عيب هر گهر ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ساڙ، ڪينو، بغض ۽ بري ڀلي ڳالهائڻ جي اسلام سخت مذمت ڪئي آهي ۽ انهن برن اخلاقن کان بچڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. پر اهي بريون عادتون اسان جي زندگي جو حصو ٿي ويون آهن. اڄڪلهه پنهنجي پاڻ واکاڻ ڪرڻ جا نت نوان طريقا ٺاهيا ويا آهن، جيڪو چٽو اسلام کان منهن ڦيري پٺي ڏيڻ جي نشاني آهي، اڄ ته سڀني ڪمن ۾ ماڻهن جي چڱي طرح دل لڳندي آهي، جڏهن ته انهن سڀني مان واندڪائي ئي نٿي ملي ته نماز ۾ ڇا دل لڳندي؟
ٿورو غور ڪريو ته هي پريشانيون، هي آفتون ۽ هي مصيبتون ڇا ٿيون اچن؟ اهي گهراڻا جيڪي ڪڏهن خوشين سان آباد هئا، هاڻي ماتم خانا ڇو ٿي ويا آهن. شادي ۾ جيڪي پيسا خرچ ڪيا ويا، جيڪي انتظام ۽ سجاوٽون ڪيون ويون، جيڪي شاندار دعورتون ڪيون هيون، ان شادي جو انجام ڪهڙو ٿيو. اڪثر گهراڻن ۾ غمن ارمانن سان ڀريل ٿيو. چئن مهينن کانپوءِ زال مڙس ۾ جهيڙو شروع ٿي ويندو آهي، ناراضگيون وڌي وينديون آهن، نفرت پيدا ٿي ويندي آهي ۽ زندگي عذاب بڻجي ويندي آهي. سو چيو ايئن ڇو ٿيو؟ ان لاءِ ٿيو ته هي ڪم الله تعاليٰ جي مرضي جي مطابق نه ڪيو ويو هيو، ان ۾ فضول خرچي هئي ۽ ان ۾ اسلام ۽ اسلامي رسمن کي پٺي پويان اڇلائڻ هو، الله تعاليٰ جي نافرماني هئي ۽ نفس کي خوش ڪرڻ هو. تنهن ڪري نتيجو به اهڙو ٿيڻ گهرجي ته هر عمل جو هڪ ردعمل هوندو آهي.
اڄ اسان جي معاشري جي صورت هي ٿي وئي آهي ته ڪو به ذهني ايذاءَ ۽ پريشاني ۽ ڏک ۽ غم کان خالي ناهي، هر جڳهه تي بي اطميناني آهي، پريشاني آهي ۽ وائڙائپ آهي. هر گهر ۾ غم ۽ مصيبت جو طوفان اٿي رهيو آهي، هر دل ۾ باهه ٻري رهي آهي، پيءَ پٽ ۾، ماءَ ۾، ڌيءَ ۾، سس ۽ نهن ۾، زال ۽ مڙس ۾، ڀاءَ ڀاءَ ۾ جنگ جاري آهي، وڏي افسوس ناڪ صورت آهي، ڏکوئيندڙ فضا آهي، ان جو هڪڙو ئي ڪارڻ اهو غلط ڪم آهي، جيڪو ابتدا ۾ اختيار ڪيو ويو هو، غلط ڪم جو انجام ٿيندو ئي غلط آهي.
هاڻي ٿورو زندگي جو هي پهلو به ڏسو ته اسان جي معاشري ۾ وياج، رشوت، ٺڳي، زناڪاري کلم کلا هلندڙ آهي. ماڻهو ڏوڪڙن پويان ڊوڙي رهيا آهن، حلال ۽ حرام کان لاپرواهي. جائز ۽ ناجائز کان بي پرواهي. انهن وٽ ڄڻ ڪو آسماني قانون ئي ڪونهي. انهن کي ان جو يقين ناهي ته الله تعاليٰ ڏسي رهيو آهي ۽ هو حاضر ۽ ناظر آهي، عليم ۽ خبير آهي، هاڻي ڏسو ته انهن سڀني ڪمن ۾ دل تمام گهڻو لڳندي آهي. لڳائيو! پر هي نه وساريو ته هر عمل جو ردعمل هودو آهي ۽ اهو ٿي ڪري رهندو، ان کي ڪو روڪي نٿو سگهي. اهڙي طرح زندگيءَ جي سڀني شعبن کي به سمجهيو وڃي هي اشارا بلڪل چٽا آهن ۽ اهي اسان جي معاشري جي اولڙ يعني تصوير آهن.
هاڻي سوال هي آهي ته انهن برائين جو علاج ڇا آهي؟ علاج به ٻڌائي ئي ٿو ڇڏيان. توهان مسلمان آهيو، توهان جو خدا آهي، جيڪو توهان تي تمام گهڻو مهربان آهي، توهان ان کان مايوس نه ٿيو، ان جي رحمت ۽ بخشش جو دروازو هر وقت کليل رهندو آهي، توهان ان جي درٻار ۾ وڃو، پر ان طرح توهان جي دل ۾ الله تعاليٰ جو خوف هجي، اکين ۾ پشيماني جا لڙڪ خدائي چانئٺ تي نرڙ گسائڻ جو شوق به هجي، توهان پنهنجي پيشاني ان جي چانئٺ تي رکي ڇڏيو ۽ هي التجا ۽ دعا گهرو ته:
اي الله! مان گنهگار آهيان، تنهنجي رحمت جو اميدوار آهيان، خطا ڪار آهيان، پر تنهنجي رحمت جو اميدوار آهيان، مون ظلم ڪيو آهي، مان تنهنجي نافرما ڪئي آهي، مان صراط مستقيم کان ڀٽڪجي ويو هيس، مان هاڻي شرم سار آهيان. اي الله! تون مون کي معاف ڪري ڇڏ ۽ مون کي پنهنجي ڪرم جي جهولي ۾ آڻ ۽ مون کي گناهن کان بچڻ جي توفيق ڏي.
توهان جڏهن ان ريت ڌڻي جي درٻار ۾ التجا ڪندؤ، روندؤ لڙڪ ڳاڙيندؤ ته انشاءَ الله توهان جي دعا ضرور قبول ٿيندي، توهان ڪامياب ٿيندؤ. الله تعاليٰ توهان کي هي دعا به سيکاري آهي. ان کي پڙهو:
رَبَّنَا لَا تُؤَاخِذۡنَاۤ اِنۡ نَّسِیۡنَاۤ اَوۡ اَخۡطَاۡنَا ۚ رَبَّنَا وَ لَا تَحۡمِلۡ عَلَیۡنَاۤ اِصۡرًا کَمَا حَمَلۡتَہٗ عَلَی الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبۡلِنَا ۚ رَبَّنَا وَ لَا تُحَمِّلۡنَا مَا لَا طَاقَۃَ لَنَا بِہٖ ۚ وَ اعۡفُ عَنَّا ٝ وَ اغۡفِرۡ لَنَا ٝ وَ ارۡحَمۡنَا ٝ اَنۡتَ مَوۡلٰىنَا فَانۡصُرۡنَا عَلَی الۡقَوۡمِ الۡکٰفِرِیۡنَ ﴿۲۸۶﴾٪ (البقره:٢٨٦)
ترجمو: اي اسان جا رب نه وٺ ڪر اسان کي جيڪڏهن ڪا ويسر ڪريون يا چڪ ڪريون، اي اسان جا رب نه رک اسان تي اهڙو ٻار جهڙو رکيو تو انهن تي جيڪي اسان کان اڳ هئا، اي اسان جا رب نه کڻاٰءِ اسان کي اهڙو بار جو نه آهي طاقت اسان کي ان جي، معاف ڪر اسان کي ۽ بخش اسان کي ۽ ٻاجهه ڪر اسان تي تون اسان جو سائين آهين پوءِ مدد ڪر اسان جي ڪافر قوم تي.