مصنف: ڊاڪٽر هلوڪ نور باقي
احمد الدين شر بلوچ
موضوع نمبر 39 الله تعالى جي تخليقي چونڊ جو اڻ کٽ حسن
یَسۡـَٔلُہٗ مَنۡ فِی السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ ؕ کُلَّ یَوۡمٍ ہُوَ فِیۡ شَاۡنٍ ﴿ۚ۲۹﴾(الرحمٰن:٢٩)
”زمين ۽ آسمانن ۾ جيڪي به آهن سڀئي پنهنجون پنهنجون ضرورتون کانئس گھري رهيا آهن، هر ڏينهن هو نئين شان ۾ آهي (هو قادر مطلق هئڻ جي ڪري هر گھڙي هر شيءِ کي ترتيب ڏئي ٿو جنهن سان ان جو شان ظاهر ٿئي ٿو).
سورت الرحمان هڪ اهڙي سورت آهي، جيڪا الله تعالىﷻ جي تخليق جي عظيم رازن کي بيان ڪري ٿي. هيءَ آيت الله تعالىﷻ جي انتظام ۽ انهيءَ جي قدرت جي انتهائي اهميت وارن رازن کي بيان ڪري ٿي. اها اهڙن واقعن تي روشني وجھي ٿي جيڪي سائنسي طور تي ناقابل تشريح آهن. هن آيت جي مطلب کي سمجھڻ جي لاءِ اسان کي ان جي پهرين حصي ۾ الله تعالىﷻ جي انهيءَ ارشاد تي غور ڪرڻ گھرجي ته ”سڀئي پنهنجون پنهنجون ضرورتون کانئس گھري رهيا آهن“، ان کان ئي هر شيءِ گھري رهيا آهن. انهيءَ معاملي تي هاڻي اسان سائنس جي ڪيترين ئي شاخن جي تناظر ۾ تحقيق ڪريون ٿا.
هڪ ايٽم جو مرڪز انتهائي نازڪ توازن وارو هوندو آهي. قادر مطلق بيشمار توانائين کي هڪ مرڪز ۾ جڪڙي رکيو آهي. انهيءَ جو نتيجو ڇا ٿيندو جيڪڏهن انهيءَ مرڪز کي ڄاڻي واڻي ٻاهران مادي طور تي ڇيڙيو ويندو؟ علم طبعيات جي ماهر هائزن برگ جي ڪو ايٽم جي اصول (نظريي) جي لحاظ کان هڪ مرڪز ۾ رونما ٿيندڙ واقعن جي سلسلي ۾ ڪابه حتمي اڳڪٿي نٿي ڪري سگھجي. ٿورو سوچيو ته انهيءَ وقت ڇا ٿيندو جڏهن مثال طور مرڪز ۾ تبديليءَ جي اهليت رکندڙ هڪ نيوٽران مرڪز ۾ داخل ٿي وڃي؟
جيڪڏهن قادر مطلق جو وجود نه هجي ها ته، جيئن بدنصيب بي دين ماڻهو سمجھن ٿا، ته مرڪز جو توازن نه جڙڻ جي حد تائين بگڙي وڃي ها. پوءِ ڀلي انهيءَ جي رفتار ٿورڙي ئي ڇو نه هجي ها. ڇاڪاڻ ته مرڪز ۾ داخل ٿيندڙ نوان نيوٽران انهيءَ توازن کي ايترو ته بگاڙي ڇڏيندا جو مرڪز ۾ قيد ٿيل توانائيون هڪ بم وانگر ڌماڪي سان ڦاٽي پونديون. حقيقت ۾ الله تعالىﷻ يورونيم 235 واري مرڪز کي اهڙن ئي امڪانن جي يادگيريءَ لاءِ خلقيو آهي ۽ انهيءَ ٻهروپ (Isotope) کي قدرتي طور ملندڙ يورونيم ۾ لڪايو آهي. جيڪڏهن نيوٽران اهڙي ڪنهن مرڪز ۾ داخل ٿي وڃي ته توهان کي هڪ ايٽم بم ملي وڃي ٿو. پر اهو انتشار (Disintegration) يا في ايڪو ورهاست ئي پوريءَ طرح سان فنا ٿيڻ نه هوندو آهي پر اهو هڪ محدود پيماني تي ڦانڊ يا ورڇ هوندي آهي.
ائين اهو ان وقت ٿيندو آهي جڏهن ايٽمي مرڪز تي نيوٽران سان بمباري ڪئي وڃي پر عام طور تي ڦانڊ يا ورڇ جو اهو طاقتور عمل واقع نه ٿيندو آهي. جيستائين توازن کي واپس آڻڻ جو معاملو آهي ته انهيءَ جي لاءِ سائنسدانن جي هڪ ڪميٽي سوين سالن جي سخت محنت کان پوءِ به حاصل نه ڪري سگھي ها.
انهيءَ صورت ۾ پوءِ ڇا ٿئي ها؟
اهو مرڪز ربِ ذوالجلال کان دعا ڪندو آهي ۽ الله تعالىﷻ پنهنجي اڻ کٽ شان جي وسيلي ان کي انهيءَ مهل اهو عطا ڪري ڇڏيندو آهي ۽ مرڪز تمام مهارت سان نيوٽران کي پروٽان ۾ بدلائي ڇڏيندو آهي. مرڪز کي هڪ ٻئي عنصر ۾ پهچايو ويندو آهي ۽ توازن ٻيهر قائم ٿي ويندو آهي. هاڻي توهان سوچيو ته اهو سمورو عمل ڪيتري وقت ۾ پورو ٿيندو آهي؟ جي ها، هڪ سيڪنڊ جي ڪروڙين حصي ۾!
اچو ته هاڻي ٻئي مثال ڏانهن هلون. ويهه سال اڳ فلڪيات جي ماهرن ڏٺو ته تمام ڏورانهن ستارن جي نظام واريون ٻه ڪهڪشائون هڪ ٻئي ڏانهن وڌي رهيون آهن. اربين ستارن تي ٻڌل اهي ٻئي ڪهڪشائون هڪ ٻئي سان ٽڪرائجڻ واريون ئي هيون ۽ قيامت اچڻ واري ئي هئي. اهڙي عظيم ٽڪراءَ جي ڳالهه ته پري ٿي، پر اهو توازن جيڪو اربين ستارن، سيارن جي ڪشش ثقل ۽ مرڪز گريز توانائين سان وجود ۾ اچي ٿو، سو رڳو هڪ سج جو واڌارو به برداشت نٿو ڪري سگھي. ائين اربن جي تعداد ۾ ستارا پنهنجي پنهنجي وجود کي هڪ ٻئي کان خاص مفاصلن تي رکي، خاص رفتارن سان گردش تي قائم رهندا آهن. اهو ٽڪراءُ انهن جي انهيءَ سموري توازن کي برباد ڪري سگھي پيو.
پر ڪي به امڪاني واقعا پيش نه آيا ۽ ٻئي ڪهڪشائون هڪ ٻئي جي اندران بنا ڪنهن رهڙ جي گذري ويون. اهو عقلي معجزو ڪهڙي طرح ٿي ويو؟
سورت الرحمان جي آيت نمبر 29 انهيءَ جو اڳواٽ جواب مهيا ڪري ٿي ته ”آسمانن ۾ جيڪي به آهن سي مون کان گھرندا آهن ۽ مون کان ئي مدد طلب ڪندا آهن.“ ائين انهن ڪهڪشائن به خاموشيءَ سان پنهنجي پالڻهار کان مدد جي درخواست ڪئي ۽ ان جي جواب ۾ الله تعالىﷻ پنهنجي اڻ کٽ قدرت جي وسيلي ۽ انساني عقل کان مٿي انتظام جي وسيلي انهن ٻنهي ڪهڪشائن کي هڪٻئي جي اندران آسانيءَ سان گذاري ڇڏيو. انهيءَ سلسلي ۾ سائنس حيران ٿي وئي ۽ انهن ڪهڪشائن جي ستارن ۽ سيارن جي توازن تي اڄ تائين حيرت ۾ آهي.
رڳو اهو هڪڙو ئي واقعو الله تعالىﷻ جي قادر مطلق هئڻ جو ۽ ان جي اڻ کٽ شان کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. ان جو شان هر گھڙيءَ ظاهر ٿيندو رهندو آهي.
هاڻي مان انهيءَ حياتياتي عجوبي جو ذڪر ڪندس جنهن جي تشريح ۽ توجيهه جي سلسلي ۾ سڀني سائنسدانن جي مڪمل ناڪامي مقدر بڻجي وئي آهي.
ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾ جيڪو جنين يعني ايمبريو (Embrio) ٽي هفتا پورا ڪري وٺندو آهي، سو انهيءَ سطح وانگر هوندو آهي جيئن ڪنهن مک جو پر هوندو آهي. ان وقت ان جو ٽه پاسائون (Three Dimensional) وجود نه هوندو آهي، جنهن ڪري اهو هڪٻئي سان ڳنڍيل جيو گھرڙن جي هڪڙي سلسلي تي مشتمل هوندو آهي. اينڊو ڊرم (Endoderm) ۽ اڪٽو ڊرم (Ectoderm) جا جيوگھرڙا گڏ گڏ هڪ خاص ترتيب سان ڳنڍيل هوندا آهن. اهڙي طرح اهي مختلف جيو گھرڙا، جيڪي اڳتي هلي هارمون خارج ڪندا، سي به انهيءَ ئي ترتيب ۾ رکيا ويندا آهن. ائين ئي گوشت، اعصابي نسن ۽ هڏين جي جيو گھرڙن ۾ به ٿيندو آهي. اهڙن جيو گھرڙن جون اهي ترتيبون جيڪي پکيڙ ۾ هڪ مک جي پر جيتريون به نه هونديون آهن، ڪهڙي طرح هڪ ئي وقت وجود ۾ اچن ٿيون؟ مثال طور اهي چار بنيادي جيو گھرڙا، جيڪي معدي کي ٺاهيندا، انهن ترتيبن جي مختلف ۽ جدا جدا علائقن ۾ هوندا آهن. منجهانئن هڪ جيو گھرڙو وڌيڪ تخليق جي عمل سان هاضمي واري نظام جي گوشت کي ٺاهيندو. ٻيو جيو گھرڙو وري معدي جي اعصابي نظام کي ٺاهيندو آهي، جڏهن ته ٽيون رطوبت ٺاهڻ وارا تاندورا ٺاهيندو ۽ چوٿون وري معدي جي اندرين چادر يا تهه ٺاهيندو.
جيتوڻيڪ رڳو هڪڙي ئي معدي جو مسئلو هجي ها ته انهن جيو گھرڙن جو اهو ميلاپ يا اتحاد شايد امڪانن جي حدن ۾ اچي سگھي پيو، پر اسان کي ته اهو ڏسڻو آهي ته سمورا عضوا اهڙي قسم جي حالت ۾ هوندا آهن. جگر، دل،گردن ۽ ٻين سمورن عضون جي زندگي رڳو ان وقت ئي ممڪن ٿي سگھي ٿي، جڏهن انهن جا پنهنجا پنهنجا جيوگھرڙا، پنهنجي مخصوص مرڪز تائين پهچي وڃن. هاڻي انهيءَ مک جي پر جيتري پن تي ڪهڙو ۽ ڪيئن عمل ڪيو وڃي جو هر هڪ عضوو پنهنجي تاندوري (Tissue) جوڙجڪ جي لاءِ ٽن يا چئن بنيادي جيو گھرڙن کي ڳولي هڪ ئي جاءِ تي گڏ ڪري سگھي؟
ماضيءَ ۾ اهو سمجهيو ويندو هو ته مرڪز تي گڏ ڪرڻ جو اهو عمل جيو گھرڙن جي مڙي يا تهه ٿي وڃڻ تي هوندو آهي. پر پوءِ وارين تحقيقن اهو ظاهر ڪيو ته سمورن عضون جي لاءِ انهيءَ عمل جو هڪ ئي وقت ٿي وڃڻ ناممڪن آهي. وڌيڪ اهو ته جڏهن سائنس ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾ ايمبريو جي بناوت تي تحقيق ڪئي ته اهي هڪ شاندار عجوبي کي ڏسي حيران ٿي ويا. هڪ پن جهڙي شڪل تاندوري واري مرحلي تي اهو ايمبريو پنهنجي ئي مٿان هڪ چڪر واري گردش ڪري ٿو ۽ اهو چڪر اهڙو هوندو آهي جو هر جيو گھرڙو پنهنجي پنهنجي سنگتي کي ڳولي وٺندو آهي ۽ هر عضوي جي جاءِ کي به چٽو ڪندو آهي. اهو چڪر ۽ تهه ٿيڻ وارو عمل جيو گھرڙن جي ڪنڊن ۽ چڪر جي رفتار (Rotational Velocity) جي هڪ اهڙي خاص تعلق يا نسبت سان ئي اڳتي وڌي ٿو، جنهن جو حساب ڪتاب انساني عقل کان مٿاهون آهي ۽ هڪ ئي عضوي جي مختلف ترتيبن وارا جيو گھرڙا، بنا ڪنهن ننڍڙي غلطي ڪرڻ جي، خاص مرڪز تي گڏ ٿي ويندا آهن. اهو معجزاتي چڪر يا تهه ٿيڻ جو عمل ڪيئن ٿئي ٿو؟
انهيءَ جو جواب ٻي آيت ڏئي ٿي: ”آسمانن ۽ زمين ۾ هر شيءِ انهيءَ الله کان گُھر ڪندي آهي، جيڪو هر گھڙيءَ پنهنجي عالم ڪل ۽ قادر مطلق هئڻ کي عيان ڪندو آهي.“
جي ها، اهو هڪ پن جي شڪل جو انتهائي ننڍڙو تاندورو پنهنجي پالڻهار کان مدد جو درخواست گذار ٿيندي چوي ٿو ته ”مان ڪهڙي طرح جيو گھرڙن کي گڏ ڪري هڪ عضوو ٺاهي سگھان ٿو؟“ ۽ پوءِ اهو رڳو الله تعالىﷻ جو ئي شان هوندو آهي جو تاندوري جي مٿاڇري کي خاص قسم جي گردش ۽ تهه ٿيڻ جو عمل مهيا ڪري ٿو، جنهن جي ذريعي سمورا جيو گھرڙا گُهربل جي عضوي جي تياريءَ جي لاءِ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي گڏ ٿي وڃن ٿا. انهيءَ گردش ۽ تهه ٿي وڃڻ واري عمل ۾ هڪ مائيڪرون (ميٽر جون ڏهون حصو) جي برابر ٿيڻ واري غلطيءَ سان معدي جي تيزابيت خارج ڪندڙ جيو گھرڙو جيڪڏهن اک واري حصي ۾ پهچي وڃي ته پيدا ٿيڻ وارو ٻار انڌو ٿي ڄمندو.
هن آيت جي عظيم الشان دانائيءَ جي اندر الله تعالىﷻ جي شان هيٺ هر گھڙي ۽ هر ڏينهن، اربن جي تعداد ۾ واقعا بنا ڪنهن غلطيءَ جي ٿيندا رهن ٿا. ائين هر شيءِ جي خبر رکندڙ حقيقي خالق هر گھڙيءَ پنهنجي عظيم ڪاريگريءَ ۾ مصروف آهي.
الله تعالىﷻ جي هر گھڙيءَ واري عظيم شان جو راز هڪ تمام اهم سائنسي ڄاڻ ۾ پڻ لڪل آهي. انهيءَ علم يا سمجھه جو بيان ٿورو ڏکيو آهي. انهيءَ جو مطلب ڪجھه هن طرح آهي ته الله تعالىﷻ جي شان جا نشان ۽ انتظام ڪائنات جي هر جاءِ تي، هر گھڙيءَ، بدلجندڙ حالتن ۾ به مضبوطي ۽ درستگيءَ وارا آهن.
هر ايندڙ ڏينهن هڪ ڪهڪشان ۽ ڪهڪشائن جا جھرمٽ ۽ حرڪتون هڪ پاسي ۽ ڪائنات جي لڳاتار ٿيندڙ وسعت ٻئي پاسي، مختلف حالتون پيدا ڪن ٿيون. يعني جهڙي طرح ماضيءَ ۾ سمجھيو ويندو هو، اُن جي برخلاف هڪ ستارو يا سيارو، ڪائنات جي هڪ خاص جاءِ تي ڄمي يا تبديل نه ٿيڻ واري مادي حالت ۾ قيد نه هوندو آهي. اهي چقمقي ۽ جاميٽري شڪليون ۽ صورتون، جيڪي انهيءَ تي اثر ڪنديون آهن، هر گھڙي پاڻ ئي تبديليءَ جو شڪار ٿينديون آهن. هاڻي عظيم خدائي علم ۽ ڪامل انتظام انهن لڳاتار تبديل ٿيندڙ حالتن ۾، هر ڏينهن نئين شان کي ظاهر ڪري ٿو. مثال طور ڪائنات شعاعن جو هڪ خاص قسم آهي جنهن کي ڀُتَن بنيادي ذرڙن جو گروهه يا Plmeson چوندا آهن. انهيءَ جي ڄمار يا زندگيءَ جو عرصو هڪ سيڪنڊ جو ڏهه لک اربون حصو هوندو آهي. الله تعالىﷻ جو شان انهن ذرڙن جي ايتري ننڍڙي زندگي کي، جتي به ضرورت ٿئي ٿي، وقت جي رفتار کي پکيڙي وڌائي ڇڏي ٿو. علم طبعيات انهن ذرڙن جي اصل ۽ حقيقي زندگيءَ واري عرصي جي ماپ ڪئي آهي. ائين الله تعالىﷻ جي شان جي اظهار جي طور، هر ايندڙ ڏينهن تبديل ٿيندڙ قوت، توانائي ۽ انتظام هيٺ، انهيءَ ئي گھڙي ۾ لڳاتار نئين زندگي حاصل ڪندو رهندو آهي. ڀُتَن بنيادي ذرڙن جي گروهن جي تمام ننڍڙي ڄمار مان اسان کي اها به ڄاڻ ملي ٿي ته آيت سڳوريءَ ۾ جيڪو لفظ ”هر ايندڙ ڏينهن“ آهي، انهيءَ جو مطلب سيڪنڊن نه پر هڪ سيڪنڊ جا ڪيترائي اربين حصا ڪڍي سگھجي ٿو.
هڪ نشاني يا هڪ عالم جي هر ايندڙ ڏينهن، بدلجندڙ نظريو، جيڪو هن آيت عطا ڪيو آهي، لفظ شان ۾ لڪيل آهي. انهيءَ لاءِ جو ”شان“ جي تصور کي انهيءَ جي خاصيت سان سڃاڻڻ گھرجي، جنهن سان هو سموري مخلوق جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو.
انساني جيري جو هڪ جيو گھرڙو، هڪ بلڪل ئي نئين ڪيميائي جوهر کي وصول ڪري، ان کي انهيءَ ئي گھڙي بي ضرر مرڪب ۾ بدلائي ڇڏي ٿو. ڪيميائي ترياق جو اهو ڪهڙو ڪتاب آهي جيڪو هن جيو گھرڙي کي اهڙو ڪم سيکاري ٿو؟
اهو جيو گھرڙو پنهنجي قادر مطلق کان دعا ڪندو آهي ۽ مدد گھرندو آهي ۽ الله تعالىﷻ پنهنجي شان موجب ان کي ان جي ضرورت موجب ڪيميا جي مناسب ڄاڻ عطا ڪري ٿو.
ائين سورت الرحمان ۾ سائنس جو هڪ بلڪل بنيادي اصول عطا ڪيو ويو آهي، جنهن کي به اها ڄاڻ ۽ سمجھه نه آهي سو ڪائنات کي بنا اکين جي ئي ڏسڻ گھري ٿو ۽ اهو شعور ۽ آگاهي به حقيقت ۾ الله تعالىﷻ جي عظمت تي ايمان آڻڻ سان ئي ملي ٿي.