مصنف: ڊاڪٽر هلوڪ نور باقي
احمد الدين شر بلوچ
موضوع نمبر 38 زمين جو حيرت ۾ وجھندڙ ڪمپيوٽر نظام
وَ الۡاَرۡضَ مَدَدۡنٰہَا وَ اَلۡقَیۡنَا فِیۡہَا رَوَاسِیَ وَ اَنۡۢبَتۡنَا فِیۡہَا مِنۡ کُلِّ شَیۡءٍ مَّوۡزُوۡنٍ﴿۱۹﴾ (الحجر:١٩)
”اسان زمين کي هڪ خاص ڍنگ سان پکيڙيو، ان ۾ جبل کوڙيا سون ۽ انهيءَ ۾ هر شيءِ کي هڪ خاص اندازي سان ڄمايو سون.“
هن آيت کي پهريون دفعو پڙهڻ کانپوءِ انهيءَ جي عطا ڪيل عظيم سائنسي پيغام کي سمجھڻ ڪجھه ڏکيو لڳندو آهي. هيءَ آيت اهڙين حقيقتن کي بيان ڪري ٿي جيڪي اڄڪلهه جي ڪوڙن ۽ بي دين ماڻهن رضه هٿوڙي وانگر ڌڪ هڻن ٿيون. جڏهن انهن بي دينن کي، جيڪي زمين جي وجود کي هڪ ڪائناتي حادثو سڏين ٿا، هن آيت جي حقيقتن ۽ معنى کي ڏسن ٿا ته ان وقت انهن جي شرمساريءَ جو اندازو ئي نٿو ڪري سگھجي.
هن ڪتاب جي شروع واري هڪ مضمون ۾ زمين جي جوڙجڪ جي سلسلي ۾ حيران ڪندڙ ڳالهين جو مطالعو ٿي چڪو آهي. زمين جو پنهنجي مدار ۾ 23.5 ڊگرين تي جھڪاءُ هڪ اهڙي ته پيچيده ۽ نازڪ حساب ڪتاب جو معاملو آهي، جنهن کي نه ته علم طبعيات جا فارمولا ۽ نه ئي وري فلسفي جا تخمينا حل ڪري سگھن ٿا. مثال طور جيڪڏهن زمين جو جھڪاءُ 25 ڊگري تي هجي ها ته قطبن جا ڇيڙا ٿورڙن ئي سالن ۾ ڳري وڃن ها، جنهن ڪري دنيا جا سمنڊ وهندڙ برف سان سٿجي وڃن ها. ٻئي پاسي جيڪڏهن انهيءَ جو جھڪاءُ 22 ڊگرين تي هجي ها ته اتر قطب جي سموري برف سموري يورپ کي پنهنجي گھيري ۾ آڻي ڇڏي ها، جنهن جي نتيجي ۾ زمين جي خط استوا واري حصي تي زندگيءَ جو وجود ممڪن ئي نه رهي ها. الله تعالىﷻ هن آيت سڳوريءَ جي شروع ۾ ئي انهيءَ حقيقت کي انتهائي مهارت ۽ چٽائيءَ سان بيان ڪري ڇڏيو آهي ته هن زمين کي هڪ تڪيل توريل اندازي تي وڇايو آهي. ايئن زمين جو وڇائڻ ۽ انهيءَ جو حڪم ڏيڻ، زمين جو ان جي مدار تي 24 ڪلاڪن ۾ گردش پوري ڪرڻ سان خاص لاڳاپو رکي ٿو. جيڪڏهن اها پنهنجي انهيءَ ڦيري کي ٽيهن ڪلاڪن ۾ پورو ڪري ها ته ان جو نتيجو اهو ٿئي ها جو انهيءَ تي ايتريون ته تيز هوائون گھلڻ لڳن ها جو اها هر جيئري مخلوق جي لاءِ هڪ طوفاني بيابان بڻجي وڃي ها. ٻئي پاسي جيڪڏهن زمين پنهنجو ڦيرو ويهن ڏينهن ۾ پورو ڪري ها، ته زمين تي ڦٽندڙ ڪيترائي ٻوٽا پنهنجي حياتياتي سرگرمي پوري نه ڪري سگھن ها جنهن ڪري اهي آخرڪار سڙي سڪي ختم ٿي وڃن ها.
زمين جو پکيڙڻ ۽ انهيءَ کي هڪ خاص ڍنگ سان وڇائڻ، جيئن هن آيت جي پهرين حصي ۾ ذڪر ٿيو آهي، تڏهن ئي ممڪن ٿي سگھي ٿو، جڏهن زمين پنهنجي مدار تي سهڻي نموني ۽ هڪجهڙائيءَ سان گردش ڪري. هڪ مشهور پادري پروفيسر چواڻي: جيڪڏهن اهو لاجواب نتيجو ڪنهن اتفاقي عمل سان حاصل ٿي سگھي ها ته پوءِ جي لاءِ ڪروڙن جي تعداد ۾ آزمائشن مان گذرڻو پوي ها.
قرآن پاڪ جي اندر ڪيترين ئي جائين تي الله تعالىﷻ پنهنجي پيدا ڪيل ترتيب ۽ طريقن جي باري ۾ جيڪي حيرت ۾ وجھندڙ حقيقتون بيان ڪيون آهن، انهن جو مقصد اهو آهي ته جڏهن انهن جو غور سان مطالعو ڪيو وڃي ته زمين ۽ ڪائنات جي تخليق سان لاڳاپيل عظيم رياضياتي ۽ طبعياتي معجزا انساني ذهن کي لاجواب ڪري ڇڏين ته جيئن هو الله تعالىﷻ جي عظمت جو شاهد بڻجي وڃي.
هن آيت سڳوريءَ ۾ جيڪو سڀ کان اهم پيغام ڏنو ويو آهي، سو اهو آهي ته زمين جي پيدا ڪيل شين کي بلڪل پورو تناسب ۽ توازن عطا ڪيو ويو آهي. اهي شيون ڇا آهن؟ ۽ انهن شين جي تناسب جي لاءِ ڪهڙا بي مثال وسيلا آهن؟
اڄ تائين جيڪي سائنسي کوجنائون ٿي چڪيون آهن، انهن مطابق حيوانن ۽ بيڪٽيريا جي وچ ۾ هڪ متوازن عمل ۽ رد عمل جو سلسلو قائم آهي. بيڪٽيريا جي ذمي اهو ڪم آهي ته اهي حيوانن منجھان نائٽروجن حاصل ڪري، انهن کي ٻوٽن تائين پهچائن؛ ٻوٽا آڪيسجن تيار ڪن ٿا جيڪا وري حيوانن ۽ ٻين جراثيمن جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي جانور ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ نائٽروجن بيڪٽيريا جي واسطي سان ٻوٽن تائين پهچائن ٿا. انهيءَ کي زندگيءَ جي ڪَڙِي پڻ سڏيو ويندو آهي.
زندگيءَ جي ڪڙي ته انهيءَ طرح ملي ٿي، پر اهم ڳالهه اها آهي ته هوا ۾ آڪسيجن جو ويهه سيڪڙو تائين قائم رهڻ تمام ضروري هوندو آهي. اها ئي اها جاءِ آهي جتان قدرت جي انتهائي باريڪ بينين جي ابتدا ٿئي ٿي. هر قسم جو دونهون ۽ خارج ٿيڻ واريون شيون، ٻوٽن جي وسيلي آڪسيجن ۾ بدلجي وڃن ٿيون. انهيءَ مقصد جي لاءِ هڪڙي سپر ڪمپيوٽر جي ضرورت پوي ٿي جنهن جي وسيلي مطالعو ڪيو وڃي ۽ مختلف ٻوٽن جي قسمن جو حسابي اندازو لڳائي سگھجي، جن جي ضرورت هوا ۾ ويهه سيڪڙو آڪسيجن جي وجود کي قائم رکڻ لاءِ پوي ٿي. ائين انهيءَ لاءِ هڪ عظيم خدائي ڪمپيوٽر گھرجي جيڪو ٻوٽن جي انهيءَ تعداد جو حساب رکي، جيڪو بُخارِين مان نڪرندڙ دونهين ۽ انسانن کي گھربل آڪسيجن جو پڻ حساب رکي سگھي ۽ پوءِ هوا جي لاءِ مناسب مقدار ۾ آڪسيجن جي فراهميءَ جو انتظام ڪري. ايتري حيرت ۾ وجھندڙ حد تائين حساب ڪتاب ته هڪڙو معجزو ئي ٿي سگهن ٿا. هيءَ آيت سڳوري انهيءَ ڳالهه جو اعلان ڪري ٿي ته ”هن (الله) هر قسم جا ٻوٽا تڪيل توريل مقدار سان اپايا آهن.“ اها ڳالهه چوڏهن سؤ سال اڳ انهيءَ وقت ٻڌائي وئي جڏهن انهن سڀني حقيقتن جي ڄاڻ ڪنهن کي به نه هئي.
لکين ڪروڙين سال اڳ، زمين تي پري پري تائين پکڙيل ٻوٽن جي ڄڻ ته ڪا سَوَڙِ اوڍيل هئي. انهيءَ جو مقصد اهو هو ته فضا ۾ آڪسيجن جي توازن کي وڌايو وڃي. اهڙن ٻوٽن جي مناسبت سان ئي ته ڊائنوسار جهڙا ديوقامت جانور هن زمين تي هلندا ڦرندا هئا. آخر ڪار آڪسيجن جي نسبت ويهه سيڪڙي کان وڌڻ لڳي. انهن وڏن وڏن جانورن جو انهن ٻوٽن کي کائي وڃڻ ۽ انهن جانورن منجھان خارج ٿيندڙ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ به ايتري نه هئي جو ٻوٽن مان ضرورت کان وڌيڪ پيدا ٿيندڙ آڪسيجن کي ڪنهن طرح سان روڪي سگھجي.
ائين انهيءَ موقعي تي هڪ تمام وڏي ارضياتي اٿل پٿل آئي جنهن جي نتيجي ۾ ديوقامت وڻ ۽ ڊائناسار جهڙا ازدها جانور زمين جي ٽڪري تان غائب ٿي ويا. ان کان پوءِ الله تعالىﷻ مڇين، پکين ۽ کير ڏيندڙ جانورن کي پيدا فرمايو. (ارتقا واري نظريي جي حامين جا کِلَ جهڙا نظريا هتي بلڪل پوئتي رهجي ويا آهن، جڏهن ته دوان گش (Duane Gish) مطابق سڀ کان ويجھي دعوى اها ئي آهي جيڪا هينئر بيان ڪئي وئي).
جيئن ته هيءَ آيت ڪريمه ان ڳالهه جو اعلان ڪري ٿي ته ٻوٽن جو تعداد ايترو ته تناسب سان ۽ توازن ۾ آهي جو هر وڻ جي ذمي اهو ڪم لڳايو ويو آهي ته اهو هر بخاريءَ مان نڪرندڙ دونهين کي صاف ڪري. انسان گڏيل طور ايترو ته اڻ ڄاڻ ۽ بي احساس ٿي ويو آهي جو هو قادر مطلق جي انهيءَ نازڪ حساب ڪتاب جي گَهرائيءَ تائين پهچي نٿو سگھي. اهو ئي سبب آهي جو هو جهانن جي پالڻهار جي اسرارن جو صحيح طرح سان شعور به حاصل نٿو ڪري سگھي. اسلام وڻن جي اهميت ۽ حفاظت ۽ انهن جي وڌيڪ پوکيءَ جي لاءِ جيڪو حڪم ڏنو آهي تنهن مان مٿي بيان ڪيل حقيقتن جو اظهار ٿئي ٿو.
هاڻي مان وڌيڪ حيرت ۾ وجھندڙ حساب ڪتاب جو ذڪر ڪريان ٿو. هر بيماريءَ جي لاءِ الله تعالىﷻ هڪ ٻوٽي (وڻ وغيره) ۽ خوردبيني مخلوق کي علاج طور مقرر ڪيو آهي. پوءِ ڇاجي ڪري گمراهه ۽ اڻ ڄاڻ زبانون انهيءَ نظام يعني زمين جي تخليق کي، ان تي انسانن جي آبادڪاريءَ کي ۽ ان جي لاءِ ٻوٽن، جراثيمن ۽ بيڪٽيريا جي وسيلي علاج مهيا ڪرڻ کي هڪ اوچتي واقعي جو نالو ڏين ٿيون.
هتي مان هڪ ٻي حقيقت جو به انڪشاف ڪندس جنهن کان پوءِ بي دين ماڻهو پنهنجو ڪنڌ جهڪائڻ تي مجبور ٿي پوندا. دنيا ۾ بلڪل اوترائي فاڪس گلو * (Foxglove) ٻوٽا موجود آهن، جيڪي دل جي سڀني مريضن جي لاءِ ڪف ثعلب (Digitalias) علاج مهيا ڪري سگھن ٿا. ڀنگ جا ٻوٽا دنيا اندر ايتري تعداد ۾ آهن جو انهن مان تيار ڪيل دوائون سمورن مريضن جي بيمارين، سندن مصيبت کي گھٽائي سگھن ٿيون، پر افسوس جو انهن ئي ٻوٽن مان ٺهيل هڪ شيءِ چرس ته ڪاري ڌنڌي جو وکر بڻجي پيو آهي، جنهن جو بنياد خود غرضي ۽ لالچ آهي. اها شيءِ ڪن اٻوجھه، اڃا به ائين چئجي ته چريائپ جي حد تائين پهتل ماڻهن جي لاءِ وقتي، پر خطرناڪ حد تائين خوشيءَ جو سامان مهيا ڪري ٿي.
زمين ۾ شين جي متوازن پيداوار جو هڪ تمام اهم مثال هي به آهي ته اڄ کان لڳ ڀڳ سؤ سال اڳ تائين انسان جي لاءِ گرمي ۽ توانائيءَ جون ضرورتون رڳو جلائو ڪاٺ جي وسيلي ئي پوريون ٿي سگھنديون هيون. جيڪڏهن ڪوئلو ۽ تيل نه ملي ها ته زمين جي مٿاڇري تان وڻن ۽ ٻيلن جو وجود ئي اڻ لڀ ٿي پوي ها. پر انهيءَ اهم موقعي تي قدرت جي ڪمپيوٽر لکين، ڪروڙين سالن کان تيار ڪيل ڪوئلو ۽ تيل مهيا ڪري ورتو ۽ ايترو ته جھجھي مقدار ۾ مهيا ڪيو جو دنيا جي سڀني ماڻهن لاءِ ڪافي ٿي پيو آهي. پر بدقسمتيءَ سان انسان پنهنجي انانيت جي بنياد تي تيل کي هٿيار جي طور استعمال ڪندي، تاريخ جي سڀ کان وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي. انهيءَ ۾ اسلامي دنيا جو ڪهڙو ڪردار آهي؟ جيئن ته ان هِن وقت تائين صحيح طرح سان قرآن کي نه پنهنجايو آهي، ته اها انهيءَ مسئلي جي باريڪين کي سمجھي نه سگھي آهي ۽ نه نين ڪِي سائنسي ايجادن جي اهميت کي سمجھي سگھي آهي. ائين اها پنهنجي گھر جي پٺ ۾ اٻرندڙ دولت کي هڪي ٻڪي ٿي ڏسي رهي آهي.
اچو ته هاڻي اسين زمين جي وجود ۾ ڌاتن جي موجودگيءَ جي لحاظ کان صحيح توازن جو مطالعو ڪريون.
اسان زمين جي اندر واري مرڪزي ڍانچي ۽ ان جي چوڦير پٽڙي حالت ۾ ڌاتن جي تناسب جي باري ۾ ڪا به ڄاڻ نٿا رکون پر زمين جو مٿاڇري تي، جنهن تي اسان رهون ٿا، مختلف قسم جا عنصر (Elements) اهڙي طرح ورهايا ويا آهن، جو ائين ٿو سمجھه ۾ اچي ڄڻ ته ڪنهن سائنسي ڪميٽيءَ خريداريءَ جي هڪ فهرست ٺاهي ورتي آهي ۽ انهيءَ موجب شيون هڪ اڻ کٽ ۽ طاقتور ڪارخاني مان مهيا ڪيون پيون وڃن. تهذيب ۽ تمدن جي جيڪا سطح الله تعالىﷻ مقرر ڪئي آهي انهيءَ تناسب سان زمين تي هر هڪ جوهر يا مادو ملي ٿو. عمارتن جي جوڙڻ ۾ سليڪان جا مرڪب، لوهه ۽ پوٽاشيم وغيره بنيادي جزا آهن. جيڪڏهن انهن مان هڪ جز به موجود نه هجي ته اسان دنيا جي شهرن جا موجوده نظارا نه ڏسي سگھون ها.
اڃا ڪالهه تائين اسان کي اها به خبر نه هئي ته پاڻي الله تعالىﷻ جي ڪيڏي نه وڏي نعمت آهي. اڄ اسان ڄاڻون ٿا ته پاڻيءَ ۾ موجود ڪيلشيم بائڪاربونيٽ، هاضمي واري نظام کي ترتيب ڏيڻ لاءِ انتهائي ڪارائتي شيءِ آهي. تمام اهم جزن، مثلاً لوڻ جي زمين تي ورڇ، انهيءَ نسبت سان ڪئي وئي آهي جو ائين ٿو محسوس ٿئي ته انسان جو نزول چڱيءَ طرح سان ليس هڪ حياتياتي ليبارٽري ۾ ٿيو آهي. ڇا توهان ڪڏهن انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪيو آهي ته لکين سالن کان سمنڊ جو پاڻي ٻاڦ بڻجي اڏامي ٿو ۽ پوءِ وري دريائن وسيلي سمنڊ ۾ ئي واپس پيو اچي؟ انهيءَ سموري سلسلي ۾ نوان جزا زمين تان وهي سمنڊ ۾ پهچندا رهن ٿا. پوءِ به سمنڊ جي پاڻيءَ جي ترتيب نه بدلي آهي. اِهو اِن خدائي ڪمپيوٽر جي عظيم الشان معجزي تي ويچار ڪريو ته لکين واقعا ٿين ٿا، پر زمين جي پيداوار تي الله تعالىﷻ جيڪو متوازن تناسب قائم ڪيو آهي، سو ڪڏهن به نٿو بدلجي. انهيءَ ڪري آهي جو لوح محفوظ، جنهن تي اهو سڀ ڪجھه لکيو ويو آهي، قدرت جو هڪ عظيم قانون آهي ۽ اهو ئي قرآن جو قانون پڻ آهي.
ڌاتن ۾ ڪن ڌاتن جا نالا ته رڳو گذريل ڏيڍ سؤ سالن ۾ ئي ٻُڌا ويا آهن؛ جهڙوڪه بريليم (Belyllium)، يورونيم، ڪاڊميم (Cadmium)، ٽنگسٽن (Tungsten) ،ٽنٽلم (Tuntalum) ۽ گيليم (Gallium) وغيره. جڏهن اهي ڌاتو پهريون پهريون دفعو لڌا ويا هئا، تڏهن هر ڪنهن انهن کي رڳو ليبارٽرين جو سينگار ئي سمجھيو هو. ان ڳالهه جو احساس ته اڳتي هلي ٿيو ته ترقي يافته ٽيڪنالوجي جي اڏاوت ۾ انهن جو وجود اڻٽر آهي. تمام گھڻي گرمي پد وارن فني ڪمن جي لاءِ ايٽمي توانائيءَ جي استعمال کان وٺي، انهن مان هر هڪ ڌاتو تمام اهم خاصيت جي نمائندگي ڪري ٿو. زمين تي انهن جو وجود انهيءَ ئي ترتيب سان آهي جنهن ترتيب سان انهن جي ذمي ڪو ڪم سونپيل آهي ۽ جيڪو انهن جي تقدير طور مقرر آهي.
زمين جي مٿاڇري تي موجود سڀني عجوبن منجھان هڪ عجوبو اهو آهي جيڪو الله تعالىﷻ انسان کي ان تي موڪلڻ کان اڳ دنيا جي تابڪاري جزن جي موجودگيءَ وسيلي عطا ڪيو. زمين جي سطح (Crust) ۾ انهيءَ جو وجود ايترو ته صحيح ۽ مڪمل تناسب ۾ آهي جو انسانن جي ڪا سائنسي ڪميٽي به انهيءَ کي اهڙيءَ طرح مهيا نٿي ڪري سگھي.
ائين يورونيم 235 ايٽمي توانائي مهيا ڪري ٿو. پنهنجي اصلي قدرتي ملندڙ جاءِ تي بلڪل معصوم ۽ بي ضرر هوندو آهي پر جڏهن ان کي صاف يا Purify ڪيو ويندو آهي ته هڪ انتهائي خطرناڪ شيءِ بڻجي ويندو آهي. ان کانسواءِ ڪاربان 14 حياتياتي سرگرمي کي ظاهر ڪري ٿو جيڪي اصلي ۽ حيران ڪري ڇڏڻ واري حد تائين خوبصورت شيءِ آهن، سي آهن ڌاتوءَ وارا چشما. اهي اهڙا پاڻي هوندا آهن جيڪي ٿوري ۽ مناسب مقدار ۾ تابڪاري جزن وارا هوندا آهن ۽ سموري دنيا ۾ لکين ۽ ڪروڙين انسانن جي چڱڀلائيءَ جو ذريعو آهن.
هاڻي توهان زمين جي تابڪاريءَ کي بلڪل ئي ٻئي پاسي کان ڏسو. جيڪڏهن زمين ۾ يورونيم رڳو يورونيم 235 آئسوٽوپ جي شڪل ۾ ملندڙ هجي ها ته دنيا پنهنجي تخليق جي ٿورڙي ئي عرصي کان پوءِ هڪ طرح سان هڪ جادوگرياڻي يا ڏائڻ جي ڪڙاهي بڻجي وڃي ها. ٻئي پاسي جيڪڏهن يورونيم 235 يورونيم 238 ۾ 0.7% جي حساب سان نه ملي ها ته اسان ڪڏهن ايٽمي توانائي حاصل نه ڪري سگهون ها. الله تعالىﷻ يورونيم 235 کي اهڙي خاصيت عطا فرمائي آهي جو اهو رڳو ان وقت ئي ايٽمي توانائيءَ ۾ بدلجي سگھي ٿو، جڏهن اهو جدا ڪيل (Seperated) حالت ۾ هجي. هونئن اهو پنهنجي قدرت بناوتي يعني يورونيم 238 جي حالت ۾ بلڪل بي ضرر هوندو آهي.
ڪيترائي ئي حياتياتي واقعا ڪڏهن ٿي ئي نٿا سگهن، جيڪڏهن جو فضا ۾ ڪاربان ڪاٽو چوڏهن (24-) ۾ موجود نه هجي. جيڪڏهن اهو عنصر جيڪو ترتيب ۾ ڏهه لکهون حصو (PPM) يعني (Part Per Million) ٿيندو آهي، جيڪڏهن ڪجھه وڌيڪ مقدار ۾ ملي ته اهو هڪ وڏي خطري جو سبب بڻجي ويندو ۽ جيڪڏهن قدرتي چشمن ۾ سوڊيم (24-) آئسوٽوپ ملن ها ته پاڻي ۾ وهنجڻ ايئن ئي هجي ها ڄڻ ڪو هيروشيما ۾ ايٽم بم ڪرڻ مهل اتي موجود هجي. جيتوڻيڪ قدرتي ڌاتن وارن چشمن ۾ گھڻو عنصر سوڊيم ئي هوندو آهي، پر سوڊيم (24-) جي بدران ٻيا عنصر وڌيڪ مقدار ۾ هوندا آهن.
مهربان پڙهندڙؤ! جيڪڏهن اسان ڪتابن تي ڪتاب لکندا رهون ته به الله تعالىﷻ جي قدرت جو بيان ۽ تشريح کٽڻ جي نه آهي. تنهن ڪري مون به هن مختصر خلاصي تي ئي کڻي بس ڪئي آهي. اچو ته هن آيت کي وري وري پڙهون جيڪا بي دينن جي تباهيءَ جو بنياد آهي ۽ اچو ته هاڻي انهيءَ جي حيرت ۾ وجهندڙ بيان تي غور ڪريون ته ”اسان زمين جي پيدائش تڪيل توريل مقدار سان ڪئي آهي.“