مرتب و مترجم: محمود راجا سجاول
تعمير مسجد نبوي:
اول جنهن جاءِ تي پاڻ ﷺ جي ناقه اُٺڻ اچي ويٺي هئي اُها جڳهه يتيمن جو مربد هو، يعني ته کجورون خشڪ ڪرڻ واري جاءِ هئي. پاڻ ﷺ هن جاءِ بابت دريافت فرمايو ته هي جاءِ ڪنهن جي آهي؟ معلوم ٿيو ته غرض سهل ۽ سهيل جي آهي. پاڻ ﷺ هنن ٻنهي يتيمن کي گهرايو تانته هنن کان هي زمين خريد ڪري مسجد جي اڏاوت ڪن. ۽ هنن جي چاچا جن جي زيرتربيت هي يتيم هئا، خريد، فروخت جي ڳالهه ٻولهه ڪئي، هنن ٻنهي چيو ته اسان هن خرمن کي بنا ڪنهن عيوض جي پاڻ ﷺ جي حوالي ڪريون ٿا. اسان الله کانسواءِ ڪنهن کان به هن جي قيمت جا طلبگار نه آهيون پر پاڻ ﷺ قبول نه فرمايو ۽ قيمت ادا ڪري قبول ڪرڻ فرمايو. زهري رحه کان روايت آهي ته حضور پاڪ ﷺ حضرت ابوبڪر صديق رضه کي فرمايو ته هن خرمن جي قيمت ڏيئي ڇڏي. هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته ابوبڪر رضه ڏهه دينار هن جي قيمت جا ادا ڪيا. هن کانپوءِ هن زمين تي جيڪي کجور جا وڻ هئا. پاڻ ﷺ هن کي وڍرايا ۽ مشرڪن جي قبرن کي هموار ڪرڻ جو حڪم فرمايو ۽ هن کان پوءِ ڪچي سرون ٺاهڻ جو حڪم فرمايو ۽ پاڻ به بنفس نفيس هن جي بنائڻ ۾ مصروف ٿي ويا ۽ انصار ۽ مهاجرين به پاڻ ﷺ سان شريڪ هئا، صحابه ڪرام سان گڏ پاڻ ﷺ خود به سرون کڻي کڻي آڻيندا هئا ۽ هي پڙهند اويندا هئا.
هذا الحمال الحمال خيبر
هذا ابر ربنا واطهر
هي خيبر جي کجورن جو بوجهه ڪونهي، اي منهنجا رب اهوئي بوجهه سڀ کان ڀلو ۽ بهتر آهي. ۽ ڪڏهن ڪڏهن پڙهندا هئا ته:
اللهم ان الاجر اجر الآخرة فارحم الانصار والمهاجرة
يا الله بيشڪ اجر ته آخرت جو اجر اهي. ته پو٣ تون انصارن ۽ مهاجرن تي رحم فرماءِ، جيڪي صرف آخرت جي اجر جائي طلبگار آهن. (فتح الباري، ٧/١٩٣)
۽ صحابه ڪرام جي زبانن تي به هو:
لئن قعدنا والنبي يعمل. لذاڪ من الاعمل المضلل
جيڪڏهن اسان ويهي رهون ۽ نبي ڪريم ﷺ ڪم ڪن. ته اسان جو اِهو عمل يعني ويهي رهڻ تمام برو ٿيندو.
لا يستوي من يعمر المساجدا
يدا فيها قائما و قاعدا
ومن يراعن التراب حائدا
جيڪو ماڻهو اٿندي ويهندي مسجد جي تعمير ۾ رڌل آهي. ۽ جيڪو ماڻهو ڪپڙڻ کي مٽي کان بچاءِ پيو، ٻئي برابر ڪونهي. (فتح الباري: ١٩٣/٧)
سرون کڻڻ وارن ۾ حضرت عثمان بن مظعون به هئا عثمان بن مظعون فطري طور تي تطيف الطبع هئا. مزاج ۾ صفائي ۽ سٿرائي زياده هئي. جڏهن سرون کڻندا هئا ته ڪپڙن کان پري رکندا هئا ۽ جڏهن به ذرو به مٽي ڪپڙن کي لڳندي هئي ته هن کي ڇنڊي وٺندا هئا. (رواه البيهقي عن الحسن)
حضرت علي رضه ومن يرا عن التراب حائدا، بطور مزاح عثمان بن مظعون رضه کي ٻڌائڻ لاءِ پڙهندا هئا. (زرقاني: جلد١، ٣٦٨) عجب نه آهي ته حضرت علي رضه مزاح ۾ هن طرف اشارو فرمائيندا هجن ته اهڙي حالت ۾ به نسبت صفائي ۽ سٿرائي جي گرد ۽ غبار بهتر آهي. جيئن ته حديث ۾ آهي ته: ”الحاج الشعث التقل“ حاجي ته اُهوئي آهي جيڪو گرد آلود ۽ ميرو، عاجز هجي. مسند احمد ۾ طلق بن علي رضه کان مروي آهي ته رسول ڪريم ﷺ مون کي راڳو ٺاهڻ جو حڪم ڏنو. آئون ڪوڏر کڻي ڪري راڳو ٺاهن لاءِ تيار ٿي ويس. صحيح ابن حبان ۾ آهي ته مون عرض ڪيو ته: يا رسول الله ﷺ! آئون به سرون کڻي اچان؟ پاڻ ﷺ فرمايو ته نه! تون رڳو راڳو ٺاهي، تون هن ڪم جو سُٺو ڄاڻو آهين. (زرقاني: ١، ٣٦٦)
مسجد نبوي پنهنجي سادگي ۾ بي مثل هئي، جيئن حسن بصري رحه کان مرسلاً مروي آهي ته رسول پاڪ ﷺارشاد فرمايو ته: (بنوه عريثا ڪمريش موسيٰ اهڙو ڇا پرو ٺاهيو جهڙو موسيٰ عليه السلام جو هو. راوي چوي ٿو ته مون حسن بصري رضه کان پڇيو ته موسيٰ عليه السلام جو ڇاپرو ڪهڙو هو، ته فرمايائون ته جڏهن پنهنجو مبارڪ هٿ مٿي کڻندا هئا ته ڇاپري کي لڳندو هو، هڪ روايت ۾ آهي ته انصار ڪجهه مال جمع ڪيو ۽ پاڻ ﷺ جي خدمت ۾ عرض ڪيائون ته هن مسجد کي مزين ڪيو وڃي ته پاڻ ﷺ فرمايو ته: ما بي رغبة عن اخي موسيٰ عريش ڪعريش موسيٰ: آئون پنهنجي ڀاءَ موسيٰ کان طريق ۾ اعراض ڪرڻ نٿو گهران. بس هڪڙو ڇاپرو هجي موسيٰ جي ڇاپري جهڙو، مسجد نبوي جا ٿنڀا کجور جي وڻ جا ڪاٺ جا هئا ۽ کجور جي ٽارين ۽ پنن جي ڇت هئي، جڏهن برسات وسندي هئي ته پاڻي اندر ٽمندو هو، تنهن ڪري بعد ۾ ڇت کي راڳي سان راڳيو ويو، هڪ سو گز دگهي ۽ هڪ سو گز ويڪري هئي ۽ تقريباً ٽي هٿ اونهي بنيادون هيو، ديوارن جي بلندي قد آدم کان وڌيڪ هئي. ديوار قبله بيت المقدس ڏانهن رخ هو ۽ مسجد جا ٽي دروازا رکيا ويا هئا، هڪ دروازو هن طرف رکيو ويو جنهن طرف هاڻ قبلي جي ديوار آهي ۽ ٻيو دروازو مغرب (اولهه) ڏانهن، جنهن کي هاڻ باب الرحمت به چوندا آهن ۽ ٽيون دروازو جنهن مان پاڻ ﷺ ايندا، ويندا هئا. جنهن کي باب جبرائيل چيو وڃي ٿو ۽ جڏهن سورهن ي سترهن مهينن کان پوءِ بيت المقدس ڏانهن قبلو هئڻ منسوخ ٿي ويو ته خانه ڪعبه ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ جو حڪم نازل ٿيو ته اهود روازو جيڪو مسجد جي پويان عقب ۾ هو بند ڪيو ويو ۽ هن جي سامهون ٻيو دروازو قائم ڪيو ويو. تحقيق هي آهي ته مسجد نبوي جي تعمير ٻه دفعا ٿي آهي، اول جڏهن پاڻ ﷺ هجرت فرماءِ ڪري ابو ايوب انصاري جي مڪان تي فردڪش ٿيا. ٻيو، ٧ هجري ۾ فتح خيبر کانپوءِ بوسيده ٿي وڃڻ ڪري پاڻ ﷺ نئين سر تعمير ڪرائي جيئن ته ڪيترين حديثن ۽ مختلف روايتن مان ثابت آهي، پهرين دفعي جي تعمير ۾ مسجد جي ڊيگهه ۽ ويڪر هڪ سو کان گهٽ هئي ۽ ٻئي دفعي جي تعمير هڪ سو کان به ڪجهه وڌيڪ هئي، جيئن ته ابن جريح رحه، جعفر بن عمرو رضه کان روايت ٿو ڪري ته نبي ڪريم ﷺ مسجد جي تعمير ٻه دفعا ڪرائي. اول جڏهن پاڻ ﷺ هجرت فرماءِ ڪري مدينه تشريف آوري ٿيا. هن وقت مسجد جي ڊيگهه ۽ ويڪر هڪ سو گز کان ڪجهه گهٽ هو، ٻيو دفعو فتح خيبر کانوءِ ٧ هجري مسجد نبوي کي نئين سري ٺاهيو ويو ۽ وڌيڪ زمين وٺي ڪري مسجد جي تعمير ڪئي وئي، جيئن ته معجم طبراني ۾ اهي ته رسول پاڪ ﷺ جڏهن مسجد جي وڌائڻ جو ارادو ڪيو ته مسجد جي زمين سان گڏ هڪ انصاري جي زمين هئي. پاڻ ﷺ هُن انصاري کي فرمايو ته هي زمين جنت جي هڪ محل جي بدلي ۾ اسان کي وڪڻي ڏي. پر هُن پنهنجي عسرت ۽ غربت اصر ڪثير العيالي جي ڪري نه ڏيئي سگهيو. پوءِ حضرت عثمان غني رضه هن قطعه زمين کي بمعاوضه ڏهه هزار درهم هُن انصاري خريد ڪري رسول پاڪ ﷺ جي مبارڪ خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون ته يارسول الله ﷺ جيڪو قطعه زمين (زمين جو ٽڪرو) پاڻ ﷺ هُن انصاري کان جنت جي محل جي معاوضي ۾ خريد فرمائڻ گهرو ٿا، هو هن ناچيز کان خريد ڪرڻ فرمايو، پاڻ ﷺ اُهو زمين جو ٽڪر جنت جي محل جي معاوضي ۾ خريد ڪري مسجد ۾ شامل ڪرڻ فرمايو ۽ اول بنيادي سر پنهنجي هٿن مبارڪ سان رکي، پوءِ حضرت ابوبڪر صديق رضه ، هن کانپوءِ حضرت عمر فاروق رضه، هن کانپوءِ حضرت عثمان غني رضه، هن کانپوءِ حضرت علي المرتضيٰ رکي.
هي حديث اگرطه ضعيف الاسناد آهي پر مسند احمد ۽ جامع ترمذي جي هڪ حسن الاسناد روايت هن جي مؤيد آهي، هو هي ته جڏهن باغين حضرت عثمان رضه جي گهر جو محاصرو ڪيو ته حضرت عثمان غني رضه فرمايو ته اوهان کي خبر ڪونهي ته مسجد نبوي جڏهن تنگ ٿي وئي ته پاڻ ﷺ فرمايو ته اوهان ۾ ڪو اهڙو ڪونهي جيڪو زمين جي فلان ٽڪر کي خريد ڪري جنت جي معاوضي ۾ مسجد ۾ شامل ڪري ڏي ۽ اوهان کي هي به معلوم آهي ته اُهو ٽڪر مون ئي خريد ڪري مسجد ۾ شامل ڪيو هو ۽ هاڻ اوهان کي مون کي انهي مسجد ۾ ٻه رڪعت نماز پڙهڻ کان به روڪيو پيا. هي روايت جامع ترمذي ۾ ثمامه بن حزن قيشري کان مروي آهي. امام ترمذي هن روايت جي تحيس ڪئي آهي ۽ اِها ئي روايت مسند احمد ۽ سنن دار قطني ۾ احنف بن قيس کان مروي آهي، نيز ابوهريره رضه جيڪو ٧ هجري ۾ خدمت اقدس ۾ حاضر ٿيا آهن هو به هن تعمير ۾ شريڪ هئا. جيئن ته مسند احمد ۾ خود ابو هريره کان مروي آهي ته صحابه ڪرام رضه سان گڏ نبي ڪريم ﷺ پاڻ به سرون کڻي کڻي پيئي آيا، هڪ دفعو آئون سامهون اچي ويس ته مون ڏٺو ته پاڻ گهڻيون ساريون سرون کڻي اچن پيا ۽ سينه مبارڪ سان هُن کي سهارو ڏيئي رهيا آهن ۽ آئون سمجهي ويس ته بوجهه جي ڪري پاڻ ﷺ هيئن ڪن پيا. مون عرض ڪيو ته يارسول الله مون کي ڏيئي ڇڏيو ته پاڻ ﷺ فرمايو ته:
خذ غيرها اباهريره فانه لا عيش الا عيش الآخرة
ترجمو: ابو هريره تون ٻيون سرون کڻي وٺ، تحقيق ته نه آهي زندگي، پر زندگي ته آهي آخرت جي: هاڻ ظاهر آهي ته ابوهريره رضه جي جيڪا شرڪت آهي اُها ٻي تعمير ۾ آهي جيڪا فتح خيبر کانپوءِ ٧ هجري ۾ ٿي ۽ جيڪا تعمير اول پهرين هجري ۾ ٿي آهي، هُن ۾ ابو هريره جي شرڪت ممڪن ڪونهي. نعز عمرو بن العاص رضه جيڪو ٥ هجري ۾ مسلمان ٿيو ۽ پاڻ ﷺ جي مبارڪ خدمت ۾ حاضر ٿيو بناءِ مسجد نبوي ۾ هن جو شريڪ هئڻ دلائل بيهقي ۾ مذڪور آهي ۽ ظاهر آهي جيڪو ماڻهو ٥، هجري ۾ مسلمان ٿي ڪري پاڻ ﷺ جي مبارڪ خدمت ۾ حاضر ٿيو هوهڪ هجري واري تعمير ۾ ڪيئن ٿو شريڪ ٿي سگهي، لا محاله هن جي اهاشرڪت بناءِ ثاني (ٻِي تعمير ۾ سمجهي ويندي، هي تمام فيصل وفاءَ الوفاءَ ۽ خلاصة الوفاءَ جي باب چوٿين ۾ مذڪور آهي.
تعمير حجرات براعٿ ازواج مطهرات:
جڏهن پاڻ ﷺ مسجد جي تعمير کان فارغ ٿيا ته اوزاج مطهرات لاءِ حجرن جي بنياد وڌي ۽ سردست به حجره تيار ڪرايا هڪ حضرت سوده بنت زمعه رضه لاءِ ٻيو حضرت عائشه رضه لاءِ باقي حجره بعد ۾ حسب ضرورت تعمير ٿيندا رهيا. مسجد نبوي سان گڏوگڏ حضرت حارثه بن نعمان رضه انصاري جا مڪانات هئا، جڏهن پاڻ ﷺ کي ضرورت پيش ايندي هئي ته حضرت حارثه پاڻ ﷺ کي نذر ڪري ڏيندا هئا. اهڙي طرح هڪ ٻئي کانپوءِ تمام مڪانات پاڻ ﷺ کي نذر ڪري ڏنو. اڪثر حجره کجور جي شاخن جا ۽ ڪي ڪچي سرن جا هئا ۽ دروازن تي ڪمبل ۽ ٻورين جا پرده هئا، حجرت زهر ۽ قناعت جي تصوير ۽ دنيا جي بي ثباتي جو نقشو ئي هئا، هنن حجرن ۾ اڳگرطه رات جو اڪثر ۽ بيشتر چراگھ ڪونه ٻرندا هئا. (بخاري: ١، ٥٠٦) ۽ ضرورت به ڇا هئي، جنهن گهر ۾ الله جو داعي بشير ۽ نزير ۽ سراج منير رهندو هجي، هتي ڪنهن شمع ۽ چراغ جي ڪهڙي.
يا بديع الدل والخنج
اي عجيب ۽ غريب ناز ۽ ادا وارا
لڪ سلطان عليٰ المحج
تنهنجي سلطنت ته دلين تي آهي.
ان بيتا انت ساڪنه
جنهن گهر ۾ تو رهين ٿو هوته
غير محتاج الي السراج
ڪنهن به چراغ جو محتاج ڪونهي.
وجهڪ المامون حجتنا
تنهنجو مبارڪ چهروته اسان لاءِ ڪافي حجت آهي
يوم ياتي الناس بالحج
جنهن ڏينهن ماڻهو پنهنجون حجتون پيش ڪندا.
حسن بصري رضه فرماءِ ٿو ته آئون ٿورو وڏو ٿيس ته اُٿي بيهه ڪري حجري جي ڇت کي هٿ لڳاءِ ڏسندو هوس. هي حجره سمت مشرق ۽ شمال ۾ واقع هئا. غربي (اولهه) جانب ڪوبه حجرو ڪونه هو.
ازواج مطهرات جي وفات کانپوءِ: وليد بن عبدالملڪ جي حڪم سان هي تمام حجره مسجد نبوي ۾ شامل ڪيا ويا، جنهن وقت وليد جو هي حڪم مديني پاڪ، پهتو ته تمام اهل مدينه صدمي جي ڪري رڙيون ڪري ويٺا. (خلاصة الوفاءَ: ١٣٧)
ابو امامه سهل بن حنيف فرمائيندا رهندا هئا ته ڪاش اُهي حجره انهيءَ طرح ڇڏيا وڃن ها تانته ماڻهو ڏسن ها ته جنهن نبي پاڪ ﷺ جي هٿن تي الله تعاليٰ جي طرفان دنيا جي تمام خزانن جون چاٻيون رکيو ويون اُهو نبي ڪهڙن حجرن ۽ ڪهڙن ڇاپرن ۾ زندگي گذاري ويو، (اوها وجهه ڪائنات هستي جنهن جي ڪري ايها سڄي ڪائنات جو نظام ٺاهيو ويو،اُها هستي پنهنجي دنياوي زندگي ڪمسپرسي واري گزاري ڪري ڏيکاري ويا، متان ڪو غريب تر اُمتي هيئن چوي منهنجو نبي مون کان دنياداري سُٺي گذاري ويا، قيامت تائين اچڻ واري اُمت لاءِ هي سبق هو ته دنياوي زندگي غربت ۽ ڪسمپرسي ۾ گذارڻ ناڪامي جي علامت نه آهي، دنيا ته فاني آهي، عارضي آهي، بي بقا آهي. اصل زندگي ته آخرت واري ابادالآباد زندگي آهي. هڪ حديث جو مفهوم آهي ته عقلمند ۽ دانا منهنجو اُهو امتي آهي جيڪو دنيا ۾ مرڻ کان اڳ ۾ مرڻ جي تياري ڪري وٺي، (اهو ڪامياب آهي).
در مسجد خاتم مسجد الانبياءَ والمرسلين صلوات الله وسلام،عليهم اجمعين
هي هڪ حديث ڏانهن اشارو آهي. صحيح مسلم ۽ نسائي ۾ ابو هريره کان روايت آهي ته رسول ڪريم ﷺ فرمايو ته آئون خاتم الانبياءَ آهيان ۽ منهنجي مسجد خاتم المساجد آهي. هي الفاظ نسائي جا آهن. مسلم جا الفاظ هي آهن. ”انا خاتم الانبياءَ و مسجدي خاتم المساجد.“ يعني آئون خاتم الانبياءَ آهيان ۽ منهنجي مسجد هنن مسجدن جي خاتم آهي جن مسجدن کي حضرات انبياءَ ڪرام عليهم اجمعين تعمير فرمايو، ته پوءِ جهڙي طرح پاڻ ﷺ کانپوءِ ڪوبه ٻيو نبي ۽ پيغمبر مبعوث ڪونه ٿيندو، اهڙي طرح پاڻ ﷺ جي مسجد نبوي کان پوءِ ڪوبه نبي ۽ پيغمبر ڪونه ايندو نه ڪو پنهنجي مسجد ٺاهندو. (صرف آخري امت پنهنجي عبادتن لاءِ مسجدون ٺاهندي). حضرت عائشه رضه کان روايت آهي ته حضور پاڪ ﷺ ارشاد فرمايو ته آئون انبياءَ ڪرام عليهم السلام ۾ آخري نبي آهيان ۽ منهنجي مسجد به انبياءَ ڪرام عليهم الصلوات والسلام جي مسجدن ۾ آخري مسجد آهي. (ڪنزل العمال، ج١٢، ص ٢٧٠)
زيارت خلفاءِ راشدين:
حضرت ابوبڪر رضه پنهنجي زماني خلافت ۾ مسجد نبوي ۾ ڪوبه اضافو ڪونه فرمايو صرف اُهي ٿنڀا (ستون) جيڪي پراڻا ٿيڻ ڪري ڪري پيا هئا، اُنهيءَ جي جاءِ تي اُنهي وانگر کجور جا ستون بيهاريا ويا. حضرت عمر رضه ١٧ هجري ۾ قبله ۽ اولهه طرف مسجد نبوي کي وڌايو ۽ اوڀر طرف جيئن ته ازواج مطهرات جا حجره قائم هئا، هن لاءِ هُن طرف ڪوبه اضافو ڪونه فرمايو، يعني نبي پاڪ ﷺ جي مبارڪ زندگي ۾ جهڙي طرح ڪچي سرن سان مسجد تعمير ڪرائي ۽ ستون به کجور جي وڻن جا ۽ کجور جي شاخن جي ڇت وجهرائي ۽ هن جي اصلي سادگي کي برقرار رکيائون. حضرت عثمان رضه پنهنجي عهد خلافت ۾ مسجد جي توسيع به فرمائي ۽ بجاءِ ڪچي سرن جي منتقش پٿرن ۽ قلعي جي چُن سان هن جي تعمير ڪرائي ۽ ستون به پٿر جائي لڳرايا ۽ سال جي ڪاـ جي ڇت وجهرائي. ڪجهه صحابه ڪرام رضه تي هي ڳالهه ڏکي لڳي ته مسجد نبوي جي سادگي ۽ هيئت ۾ ڪوبه تغير ۽ تبدل ڪيو وڃي. ته حضرت عثمان هڪ خطبي ۾ فرمايو ته تحقيق ته مون نبي ڪريم ﷺ کان ٻڌو آهي ته جيڪو ماڻهو محض الله تعاليٰ جي خوشنودي لاءِ ڪا مسجد ٺهرائي ته الله تعاليٰ هُن لاءِ اُنهيءَ جي مثل هڪ محل جنت ۾ ٺهراءِ ڇڏي ٿو. (بخاري، جلد١، صفحو ٦٤، باب بنيان المسجد ڪتاب الصلوات)
حضرت عثمان جي خلافت کانپوءِ اموي خليفه وليد بن عبدالملڪ ٨٨ هجري تان ٩١ هه ۾ مسجد نبوي جي غير معمولي توسيع ڪئي. حضرت عمر بن عبدالعزيز هن وقت مدينه منوره جا گورنر هئا. اموي ۽ عباسي دور ۾ مسجد نبوي جي ڪيترائي دفعه توسيعات ٿي. ترڪن مسجد نبوي جي نئين سري سان تعمير ڪئي. هُن ۾ ڳاڙهي پٿر جو استعمال ڪيوويو. مضبوطي ۽ خوبصورتي جي اعتبار سان ترڪن جي عقيدتمندن جي ناقابل فراموش يادگار اڄ ڏينهن تائين برقرار آهي. حج ۽ عمري ڪرڻ وارن ۽ زائرين جي گهڻائي جي ڪري، جڏهن اِهي توسعات به ناڪافي رهيون ته موجوده سعودي حڪومت (قرب ۽ جوار) ڀرپاسي وارين عمارتن کي خريد ڪري ۽ انهن کي ڊاهي ڪري عظيم الشان توسيع ڪئي، جيڪا هن وقت تائين سڀ کان وڏي توسيع مڃي وڃي ٿي. حضور پاڪ ﷺ جو مبارڪ ارشاد آهي ته ”منهنجي مسجد ۾ هڪ نماز جو ثواب ٻين مسجدن جي مقبالي ۾ هزار دفعه زياده آهي، سواءِ مسجد حرام جي. هڪ ٻي حديث ۾ آهي ته پنجاهه هزار نمازن جو ثواب آهي.