مولانا ابوالڪلام آزاد رحه
سنڌيڪار: مولانا عطاء الله پٺاڻ
الحمدلله وحده والصلوات والسلام علي من لا نبي بعد و علي اله و اصحابه و انصاره اجمعين اعوذ بالله من الشيطان الرجيم بسـم الله الرحمان الرحيم
اٰتَیۡتُکُمۡ مِّنۡ کِتٰبٍ وَّ حِکۡمَۃٍ ثُمَّ جَآءَکُمۡ رَسُوۡلٌ مُّصَدِّقٌ لِّمَا مَعَکُمۡ لَتُؤۡمِنُنَّ بِہٖ وَ لَتَنۡصُرُنَّہٗ ؕ (آل عمران:٨١)
توهان هميشه ڏسندا اچو ٿا ته جڏهن زمين اڃاري ٿئي ٿي ۽ پاڻيءَ جي گهر ڪري ٿي ته رب السموات والارض مينهن وسائي ان جي اڃ اجهائڻ لاءِ بندوبست ڪري ٿو زمين سرسبز ٿي وڃي ٿي ۽ ان کانسواءِ انساني حيات لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪندو رهيو آهي جنهن جي انسان لاءِ ضرورت ۽ گهرج آهي. توهان ئي سوچيو ته جنهن ڪائنات جي خالق مالڪ جسماني سونهن سوڀيا ۽ حياتي لاءِ هر قسم جو بندوبست ڪيو هجي ته ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته هو ان روح لاءِ جيڪو ابدي ۽ سرمدي، جاوداني ۽ وڏي عرصي تائين رهڻ وارو آهي ان لاءِ ڪو بندوبست نه ڪيو هجي؟ ان جي محبت ۽ رحمت ڌرتيءَ جي پڪار ٻڌي ان کي پاڻي عطا ڪري ٿي، جسم جي بک ۽ بيقرار کي ڏسي ان کي غذا عنايت ڪري ٿو ته ڇا روح جي راحت لاءِ ان جي بک ۽ اڃ لاهڻ لاءِ هُن جا اڻ کٽ خزانا پاڻ کي قفل (تالو) هڻي ماٺ ڪري ويهي رهندا هوندا؟
۽ جنهن ڌڻي مٽيءَ ۾ نشمونما جي قوت رکي ڇڏي ۽ جڏهن ان تي مينهن وسائي ٿو ته زمين سرسبز ۽ سائي، گلن ڦلن کان ڀريل نظر اچي ٿي ته جڏهن هُن انسان کي جسم ۽ روح ٻنهي مان بنايو آهي ته ان لاءِ هُن هدايت جي روشني ۽ تعليم جو بندوبست ڪيئن نه ڪري ڇڏيو هوندو؟ هُن هڪ اولو العزم، وڏي شان مان وارو رسول موڪليو جيڪو ڪنهن خاص قوم يا پرڳڻي لاءِ نه هو. زمين تي وسندڙ سمورن انسانن لاءِ هو پيغمبر، مصلح ۽ راه راست بيان ڪندڙ بنائي موڪليو ويو.
یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اِنِّیۡ رَسُوۡلُ اللّٰہِ اِلَیۡکُمۡ جَمِیۡعَۨا (الاعراف:١٥٨)
الله پاڪ مون کي توهان سمورن انسانن لاءِ موڪليو آهي، جنهن جي حڪومت ۽ بادشاهت آسمانن ۽ سموري زمين ۾ آهي
وري ٻئي هنڌ فرمايائين:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اسۡتَجِیۡبُوۡا لِلّٰہِ وَ لِلرَّسُوۡلِ اِذَا دَعَاکُمۡ لِمَا یُحۡیِیۡکُمۡ ۚ (الانفال:٢٣)
الله ۽ رسول جي سڏ ۾ سڏ ڏيو هو ته توهان کي روحاني موت جي حالت مان ڪڍي حيات جاوداني لاءِ زنده ڪري ٿو.
ان کانسواءِ پيغمر عليه الصلوات والسلام پنهنجي سچائي ۽ نبوت جو چٽو دليل به ڏنو ته
لَبِثۡتُ فِیۡکُمۡ عُمُرًا مِّنۡ قَبۡلِہٖ ؕ (يونس: ١٦)
هڪ وڏو عرصو، وڏي عمر، وڏي حياتي توهان ۾ رهي چڪو آهيان منهنجي سچائي، ايمانداري، ۽ امانتداري توهان ۾ ڏٺي آهي مون ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهايو ته جڏهن هيڏي وڏي عرصي ۾ عوام اڳيان ڪوڙ نه ڳالهايم ته هاڻ الله پاڪ تي ڪوڙا بهتان مڙهيان! اهڙي پڌري ڳالهه به توهان کي سمجهه ۾ نٿي اچي؟ بهرحال الله پاڪ جو فيصلو ظاهر ٿيو ڪوڙا ۽ وڏائي خور هميشه لاءِ ذليل خوار ٿيا سندن نالو نشان به نه رهيو ۽ جيڪو صادق ۽ امين هو ان جو صدق ۽ امانت ۽ حق سچ جو ڪلمو اڄ به قائم دائم آهي ۽ قيامت تائين رهندو.
اعلان ڪيائون، خدا پرستي نيڪ عملي وارا راهه الله پاڪ جي ٻڌايل راهه آهي ان تي هلو ته ڪاميابي ماڻيو. خدا سان ڪنهن کي شريڪ، ڀاڱي ڀائيوار نه بنايو، ماءَ پيءَ سان نيڪ سلوڪ ۽ سٺن لڇڻن ۽ قولن سان پيش اچو. بي حيائي ۽ گندن ڪمن کي ويجها به نه وڃو يتيمن، ڇورن ٻارن جو ڌيان رکو انهن کي اخلاقي ۽ هنري علم سان سينگاري معاشري جو بهترين فرد بنايو. مال دولت خرچ ڪرڻ ۾ ۽ زماني جي ٻين ڳالهين ۽ ڪمن ۾ وچٿرا هلو ائين نه ٿئي جو خرچ ڪرڻ تي اچو ته هڙئي مڙئي خرچ ڪري ڇڏيو ۽ نه وري ڪنجوس بنجي هڪ روپيو به ضرورتمندن کي نه ڏيو! زنا کان پري رهو. پراون ننگن کي ننگو ڪندؤ ته الله واحد القهار توهان جي ننگن کي به ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي ضرور ننگو ڪري ڇڏيندو. هروڀرو ناحق ڪنهن کي قتل نه ڪريو. ماپ ۽ تور پوري رکندا ڪريو. گهٽ وڌائي ڪري پاڻ لاءِ الله پاڪ جي پڪڙ ۽ عذاب کي دعوت نه ڏيو.
قرآن پاڪ پنهنجن مڃيندڙن ۽ پيغمبر انقلاب جي ٻڌايل راهه تي هلندڙ مؤمنن مسلمانن جون پنج خصلتون خصوصيت سان بيان ڪيون آهن. پيغمبر پاڪ جي انقلابي پروگرام جون اهي ڄڻ پاڙون آهن ۽ تخم (ٻج) مثل آهن جن تي انقلاب جي محلات کي تعمير ڪيو ويو آهي.
١. الله پاڪ جي درٻار ۾ حاضري يعني نماز خشوع، خضوع ۽ دل جي حضور سان ادا ڪرڻ.
٢. اجاين ۽ بي فائده ڪمن ۽ ڳالهين کان پاسو ڪرڻ.
٣. پنهنجو جائز ڪمائي مان پنهنجن غريب ۽ محتاج ڀائرن جي ٿوري گهڻي مدد ڪرڻ.
٤. زنا جهڙي ڪُڌي ڪم کان وؤن وڃڻ.
٥. امانتدار ٿي رهڻ ۽ءٌ وعدو پورو ڪرڻ.
اجتماعي زندگي جا اصول بيان ڪندي پاڪ پيغمبر عليه السلام فرمايو:
”ڪاميابي اجتماعي ۽ گڏيل زندگيءَ جي لاءِ اصول هي آهي ته جيڪو جنهن ڳالهه يا ڪم جو حقدار هجي، جنهن ۾ جنهن سٺي ڪم ڪرڻ جي استعداد ۽ طاقت هجي. ان جي اهڙي قوت کي مڃو ۽ ان جي حوالي اهڙا ڪم ڪريو ۽ جا، اهليت جنهن ۾ هجي ان کي سامهون رکي ان جي حوالي اهڙوڪم ڪريو. فيصلا انصاف ۽ سچائي جي بنياد تي ڪريو. مٽي مائٽي يا وڏ ماڻهپي کي ڏسي انصاف کي ڪنڊائتو نه ڪريو.
بنيادي دستور العمل بابت فرمايائون: ”مسلمانن کي گهرجي ته نيڪي ۽ چڱائي جي ڪمن ۾ سڀني جي مدد ڪندا رهن، ظلم زيادتي نه ڪنهن سان ڪن نه ٻئي کي ڪرڻ ڏين ۽ اهڙن ماڻهن سان جنگ ڪن جيڪي ظلم ۽ زيادتيءَ سان راڄ کي پنهنجو غلام بنايو ويٺا هجن.“
انساني مساوات بابت فرمايائون: ”آڪڙ ۽ وڏائي، پاڻ کي سڀ ڪجهه سمجهڻ ۽ ٻئي کي گهٽ سمجهڻ گندي ۽ ڪني عادت آهي. انهن سان ٻين جا حق مارجي وڃن ٿا. ياد رکو توهان سمورا حضرت آدم عليه السلام جو اولاد آهيو ۽ حضر آدم عليه السلام مٽيءَ مان پيدا ٿيو ۽ توهان مٽيءَ جي نچوڙ منيءَ جي هڪ قطري مان پيدا ٿيل آهيو. غرور ۽ تڪبر، پاڻ پڏائڻ، پاڻ وڻائڻ جهڙيون ڪنيون عادتون ۽ خيال پنهنجي من مان ڪڍي صاف سٿرا نيڪ ۽ ڀلا انسان ۽ انسانن جا دوست بنجي رهو.
ياد رکو پنهنجو عمل ئي توهان جي ڪم اچڻو آهي ٻئي جي نيڪي ۽ نيڪ عمل نه توهان کي فائدو رسائي سگهي ٿو نه بلا ٽاري سگهي ٿو ۽ نه وري ڪنهن بدعمل جي بري ۽ بد عمل لاءِ توهان جوابدار آهيو.
”ياد رکو مرڻ کانپوءِ به هڪ اڻ کٽ زندگي آهي موت هر حال ۾ اچڻو آهي دنيا جي حياتيءَ جو خاتمو ٿيڻو آهي. حق سچ جي راهه ۾ موت، اصل ۽ جاوداني واري زندگي آهي. فتح ۽ شڪست جو تعلق ماڻهن جي گهٽ وڌ هئڻ سان نه پر دلي ۽ قلبي قوت تي آهي الله پاڪ جي مدد به انهن ماڻهن جو ساٿ ڏيندي آهي جيڪي ثابت قدم ۽ صابر شاڪر ٿي رهن ٿا.“
مسلمانن جي نصب العين بابت فرمايائون: ”مسلمانن کي نٿو جڳائي جو هو پاڻ کي طاقتور ۽ سگهاري قوم طور دنيا آڏو پيش ڪن ۽ ماران ماران ڪري قتل خونريزي ڪن دولت گڏ ڪرڻ ۾ لڳل هجن انهن جو اصل ڪم هي آهي ته دنيا ۾ امن سلامتي ۽ آشتي، ڀائي بندي، اُلفت ۽ محبت پيدا ڪن تامرون بالمعروف و تنهون عن المنڪر سندن نصب العين قرار ڏنو ويو آهي.
اعلان فرمايائون ته ”ڏيکاءَ ۽ ٻئي کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪوبه نيڪي يا ڀلائي جو ڪم نه ڪيو وڃي. صاف سٿري نيت سان، پنهنجي مالڪ خالق کي راضي ڪرڻ جي جذبي سان ڪم ڪريو. ياد رکو توهان جو حق سچ جو سچو ۽ حقيقي دين توهان ۾ محبت، همدردي ۽ ايثار جهڙيون صفتون پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. ان ڪري ڪنهن ضرورتمند ۽ گهرج واري جي گهرج کي پنهنجو گهرج سمجهي ان جي مدد ڪريو.
اعلان ڪيائون: (١) مسلمان جي ظاهري سڃاڻ ٻن ڪمن سان آهي، نماز پڙهڻ ۽ زڪوات ادا ڪرڻ. (٢) ۽ شرافت ۽ بزرگي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻه شيون گهرجن. عمل ۽ ايمان. (٣) عقيدي ۽ عمل جو بنياد علم ۽ يقين (٤) حرام حلال ڪرڻ جو حق الله پاڪ جي ڏنل شريعت کي آهي. پنهنجي خيال ۽ گمان يا وهم سان حلال حرام چوڻ جو ڪنهن کي به حق ناهي.
سندن انقلابي پروگرام ۾ وعدو پاڙڻ لاءِ وڏو تاڪيد بيان ڪيو ويو آهي.
قرآن پاڪ ٻڌايو: مسلمانن جي وصفن مان وڌ ۾ وڌ ڀلي وصف هي آهي:
وَالۡمُوۡفُوۡنَ بِعَہۡدِہِمۡ اِذَا عٰہَدُوۡا ۚ (البقره:١٧٧)
جڏهن ڪو قول قرار ڪن ٿا ته ان کي پاڙين ٿا ان جو تمام وڏو خيال رکن ٿا.
۽ وري منافق جي نشانين مان ٻڌايائين
تَتَّخِذُوۡنَ اَیۡمَانَکُمۡ دَخَلًۢا بَیۡنَکُمۡ اَنۡ تَکُوۡنَ اُمَّۃٌ ہِیَ اَرۡبٰی مِنۡ اُمَّۃٍ ؕ (نحل:٩٢)
توهان پنهنجن معاملن ۾ پنهنجن قسمن کي مڪر ۽ فساد جو ذريعو بنايو ٿا)
رسول پاڪ جي بيع رافت، رحمت، نرمي ۽ بخشش سمايل هئي:
لَقَدۡ جَآءَکُمۡ رَسُوۡلٌ مِّنۡ اَنۡفُسِکُمۡ عَزِیۡزٌ عَلَیۡہِ مَا عَنِتُّمۡ حَرِیۡصٌ عَلَیۡکُمۡ بِالۡمُؤۡمِنِیۡنَ رَءُوۡفٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۱۲۸﴾ (توبه: ١٢٨)
توهان وٽ الله پاڪ جو وڏي عزت عظمت ۽ شان وارو رسول اچي چڪو آهي ۽ آهي به توهان مان ئي. توهان کي ڪو رنج، ڏک ڪا تڪليف رسي ٿي ته ان کي ڏکي لڳي ٿي. توهان سان ڀلائي ڪرڻ، نيڪي ڪرڻ ۽ توهان کي ڀلي ۽ نيڪ دڳ طرف آڻڻ جي وڏي خواهش ۽ دلي تمنا رکي ٿو. مؤمنن لاءِ شفقت ۽ رحمت ڀريو رسول آهي.
يعني الله پاڪ طرفان توهان کي سمجهائڻ سيکارڻ لاءِ بلند پايي جو رسول اچي چڪو پنهنجي فرض تبليغ جو پورو ڪري چڪو. هو ڪو ٻاهران نه آيو آهي ٻين پيغمبرن جيان هو به توهان مان (پنهنجي قوم مان) پيدا ٿيو آهي، اڳ پٺ ان جي چڱي طرح ڄاڻو ٿا. توهان ڏسو ٿا ته هو توهان جو درد ڏک برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هو هر نموني توهان جي ڀلائي چاهي ٿو سو توهان ان جو چيو مڃيو ۽ ان جي تصديق ڪريو ته مزا ماڻيو.
دنيا ۾ وڏا وڏا انقلاب آيا آهن. کوڙ سارا اُهي بادشاهه به گذريا آهن جن جون بي نيام ترارون عوام جا ترا ڪڍڻ لاءِ فضا ۾ چمڪنديون رهنديون هيون، اهڙيون محلن ۽ ماڙين ۾ رهيا جن جون ڀتيون، ڇتيون، در دروازا سون چاندي، هيرن جواهرن جا بنايا ويا هئا، تمام وڏي دولت ڌن گڏ ڪيائون، پنهنجي ظلم، ڏاڍ ۽ جبر کي ظاهر ڪرڻ لاءِ وٽن لوهه جا ٺهيل هزارين اوزار هئا سندن غلامي ۽ نوڪري ۾ لڳل هزارين ماڻهن جا رڍن ٻڪرين جهڙا ڌڻ هيا… دنيا جو وڏي ۾ وڏو فاتح سڪندر گذريو آهي پوري دنيا کي پنهنجي تخت جي پوڄا پاٽ ڪرائڻ لاءِ سندرو ٻڌو. نيٺ اجل اچي صفايو ڪيس. ان کانسواءِ دنيا ۾ وڏا وڏا داناءَ، فلسفي، ڄاڻو، ستارن جي چرپر ڄاڻڻ وارا ماهر گذريا آهن دنيا کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيائون. ان کانسواءِ جيڪو به وڏو بادشاهه بنبو هو، اوروئي انسانن کي پنهنجي غلاميءَ هيٺ آڻڻ ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جي چڪيءَ ۾ پيهڻ ۽ ان جو نظارو ڪرڻ وارو هو، انهن جي چيخ ۽ پڪار تي مزو ماڻيندو هو، پڪن مڪانن محلن ماڙين ٺاهڻ وارا ڪاريگر، ڌايو ته دنيا کي ڪيترو امن ڀائيچاري جو درس ڏيئي سگهيا؟ ڪيترن ڏتڙيلن لاءِ آرام سڪون ۽ سک جا گهر اڏي سگهيا.
پراڻي ۽ قديم بادشاهن جي ظلم، استبداد، ڏاڍ کي ڇڏيو پنهنجي زماني جي شهرن ۽ ملڪن ۾ وسندڙ رعايا سان پيش ايندڙ حال تي نظر ڊوڙايو… بابل، يونان، اسڪندره کي کنڊر ۽ ويران ڪندڙن کي ڏسو جن کي شيطاني گهمنڊ مجبور ڪيو جو ٺهيل ٺڪيل آباد شهر ويران ڪرڻ ۾ عزت ۽ مزو محسوس ڪرڻ لڳا، جن انسانن جي تڙپندڙ لاشن ۽ رت جي وهندڙ ندين ۽ اچين اچين ماڙين کي زهريلي گيسن ۽ بمن جي بمباريءَ ۾ شهرن جا شهر ساڙي تهس نهس ڪري ڇڏيا. توهان ٻڌايو ته اڄ ڪو آهي جو اهڙن بادشاهن جي ڄمڻ واري ڏينهن کي منائي، مرڻ واري ڏينهن کي ياد رکي.
لَقَدِ اسۡتَکۡبَرُوۡا فِیۡۤ اَنۡفُسِہِمۡ وَ عَتَوۡ عُتُوًّا کَبِیۡرًا ﴿۲۱﴾ (فرقان:٢١)
پاڻ کي وڏو سمجهي ۽ پنهنجي هٿان هر قسم جي ڀُتي ڪم کي صحيح سمجهي وڏا وڏا ظلم ڪري اصل ۾ هُنن پنهنجي اندر تمام وڏو ۽ تڪبر پيدا ڪيو. هو پاڻ کي زمين جو خدا سمجهڻ لڳا جنهن ڪري اهي سختون ۽ سرڪشيون ڪندا رهيا.
ڏسو هڪٻئي کي برباد ڪرڻ، ماري مڃائڻ ۾ هٽلر، اسٽالين، چرچل، امريڪن ڪو گهٽ ڪردار ادا ڪيو؟ قرآن چوي ٿو:
قُلۡ ہَلۡ نُنَبِّئُکُمۡ بِالۡاَخۡسَرِیۡنَ اَعۡمَالًا ﴿۱۰۳﴾ؕ اَلَّذِیۡنَ ضَلَّ سَعۡیُہُمۡ فِی الۡحَیٰوۃِ الدُّنۡیَا وَ ہُمۡ یَحۡسَبُوۡنَ اَنَّہُمۡ یُحۡسِنُوۡنَ صُنۡعًا ﴿۱۰۴﴾ (ڪهف:١٠٣)
اچو توهان کي ٻڌايان! سڀني کان وڌ ناڪام، نامراد، ناپاس، ٻُڙي مارڪون کڻڻ وارا ڪهڙا آهن؟ هي اهي ماڻهو جن پنهنجي سموري محنت، ڪوشش، ڀڄ ڊُڪ دنيا جي حياتي سينگارڻ، سنوارڻ ۾ گذاري ڇڏي ۽ اڻ ڄاڻائي ۽ جهالت انهن ۾ هي ڳالهه دل ۾ وجهي ڇڏي ته توهان تمام ڀلو ڪم ڪري رهيا آهيو (ظلم ۽ زيادتيءَ کي به ڀلو ڪو سمجهڻ لڳا)!
جاپان جا هيرو شيما، ناگاساڪي شهر برباد ٿيندي توهان اکين سان ڏسي چڪا آهيو. 1618ع کان 1648ع ٽيهه ساله لڙائي جيڪا جرمني، فرانس، سويڊن ۽ آسٽريليا وغيره ۾ هلندي رهي. ان ۾ رڳو جرمني جا هڪ ڪروڙ ويهه لک ماڻهو ماريا ويا. ۽ آمريڪا جي خانه جنگي 1861ع کان 1865ع تائين چار ساله ان ۾ ڏکڻ ۽ اتر جون رياستون هڪ ٻئي کي غلام بنائڻ ۽ چڙهت ڪرڻ لاءِ وڙهيا جنهن ۾ اتر وارن جا ٽي لک ۽ ڏکڻ وارن جا پنج لک ماڻهو مارجي ويا!
پهرين مهاڀاري جنگ 1914ع-1918ع ۾ ڌرين جا هڪ ڪروڙ ماڻهو مارجي ويا. ٻه ڪروڙ زخمي ٿيا ڪي منڊا ٽنڊا ٿيا. ڪن جون اکيون ختم ڪيترا بيارين جي ور چڙهي ويا. وري ٻي مهاڀاري جنگ 1939ع –1945ع ۾ چين جا 13 لک، جرمن جا ٽيهٽ لک، جاپان جا پنج لک ۽ ٻين ملڪن جا اندازا ٻه ڪروڙ ماڻهو جنگ ۾ مري ڳري سڙي ويا. وسنديون، آباد شهر، ڳوٺ، واهڻ، فصل، زمينون، بندرگاه، بجلي ۽ پاڻي جا ذخيرا تباهه ۽ برباد ٿيا جن کي شمار ڪرڻ لاءِ وقت کپي. مطلب شيطاني گروهن جيڪي ڪجهه ڪيو ان کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.
اها هئي پراڻي زماني کان هلندڙ شيطاني سياست…. جڏهن ته پاڪ پيغمبر عليه الصلوات والسلام رباني سياست جا پوئلڳ ۽ ان تي ڪاربند هئا. رباني سياست جو دارومدار رحمت، شفقت ۽ دلي نرمي ۽ ٻاجهه تي آهي.
شيطاني سياست وارا خدا پاڪ جي مخلوق کي جانور سمجهي پنهنجي لاءِ استعمال ڪندا رهيا آهن. ان جو نتيجو تخريب، فنائيت اور زورداري آهي. هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته اڄ ڪهڙي شهر يا ڳوٺ جا ماڻهو گڏجي اهڙي سياست ڪندڙن جا ڏينهڙا ملهائين ٿا. جن ڌرتي ۽ ان تي وسندڙن کي خون جي ندين ۾ ٻوڙيو. انهن جو خون ڪيو. انهن جي صحت ۽ سلامتي کي لٽيو. انهن کي معذور بنايو انڌو، منڊو، ٽنڊو بنايو. زمين جي تختي تان ميڙي سيڙي ٻهاري هڻي زمين ۾ اندر دفن ڪري ڇڏيو… بقول ڪنهن ڏاهي جي:
مرگيا مردود نه ختما نه درود
پوءِ جيڪڏهن توهان انهن جي اهڙي سياست کان خوش ٿي انهن جا ڏهاڙا ملهائڻ چاهيندا ته ياد رکو توهان به انهن جهڙا ليکبا. ظالم، جابر، انسانيت کي پائمال ڪرڻ وارا، رڳو دنيا جا حرص ۽ سامان گڏ ڪرڻ وارا ياد رکو! انسانيت جي بهتري ۽ ڀلائي، رڳو رباني سياست ۾ آهي جنهن کي عرب خدا پرست ٿورڙي تعداد ۾ ٿي ڪري، ڪلهي تي کڻي جتي به پهتا اتي اوندهه کي سوجهري ۾تبديلڪري ڏيکاريائون. خون جي پياسن کي توحيد ۽ رسول جي اطاعت جو ٿڌو ۽ مٺو شربت پياري ڀائر بنائي، زندگي جا ڪامياب اصول سيکاريا. صلح ۽ امن، ڀائپي ۽ ڀائيچاري جا سلسلا قائم ڪيا. حب الله، حب رسول، حب انسان ۽ حب انسانيت جو شراب پياري ميٺ ۽ ميٺاج جي فضا قائم ڪيائون. ان رباني سياست جي باني پيغمبر عربي کي ياد ڪرڻ وارا ملڪان ملڪ، ڪروڙن جي تعداد ۾ اڄ به ملي سگهن ٿا پر شيطاني سياست ۽ ڪوس ڪرڻ وارن کي ڪوبه ياد ڪرڻ وارو نه ملندو.
اِنَّ شَانِئَکَ ہُوَ الۡاَبۡتَرُ ٪﴿۳﴾ (الڪوثر:٣)
رباني سياست ۽ شيطاني سياست جي ڪارنامن کي هڪ ٻئي ۾ ڀيٽ نه ٿي ڏيئي سگهجي پر ايترو ضرور چئبو ته شيطاني سياست وارن جو تعلق رڳو دنيا ۾ وڏو ماڻهو ٿي گذارڻ آهي ۽ رباني سياست وارن جو مقصد الله جي مخلوق سان نرمي ۽ ٻاجهه سان هلي، غلط ۽ گٿن ڪمن کان بچائي الله پاڪ جي ويجهو ڪرڻ دنيا کي امن ۽ سڪون جي گهوارو بنائڻ هوندو آهي. توهان کي خبر هوندي ته جيڪو دين اسلام پوري انسانيت لاءِ صلح، امن، محبت، اخوت، ڀائتي، ڀائيچاري ۽ فلاح ۽ بهبود جو پيغام کڻي دنيا تي ظاهر ٿئي ٿو اهو جنگ ڪرڻ، ماري مڃائڻ، انسان کي جانور سمجهي جهڙن گٿن ڪمن ڏي ڪيئن لاڙو کائيندو؟ هو ته ٺـاهڻ لاءِ آيو آهي ڊاهڻ وڙهڻ ۽ ويڙهائڻ لاءِ ته نه آيوآهي.
توهان ڏسو ته رباني سياست ڪندڙ الله پاڪ جي پاڪ پيغمبر عليه الصلوات والسلام پنهنجي هڪ ننڍڙي مجبور جماعت کي گڏ ڪري منظم ڪري ظالمن ۽ زيادتي ڪندڙن سان مقابلي لاءِ نه سوچيو نه ئي ان لاءِ ڪو مشورو ڪيو نه ئي ڪنهن کي جهيڙي ۽ فساد لاءِ آماده ڪيو. توهان ڏسو ٿا ته پاڻ سڳورن ﷺ جيڪي به جنگيون ڪيون رڳو پنهنجي بچاءَ ۾ ڪيون. (جاري آهي)