حضرت امام حسين رضي الله  جو صبر

idara letterhead universal2c

حضرت امام حسين رضي الله  جو صبر

فقير محمد صديق سومرو

               امام الشهداء شهيدِ ڪربلا سيد الصابرين حضرت سيدنا امام حسين ﷦ جي هر وصف اعلى هر ادا جميل مگر ولادت کان شهادت تائين مدينة المنوره کان ڪربلا معلى تائين صبر جي منزل کي جنهن مضبوطيءَ ۽ استقامت سان معراجِ ڪمال تائين پهچايو. ان جو مثال هن دنيا ۾ نه ٿو ملي سگھي. نبوت واري نگاه نبي ڪريمﷺ جن جي نگاه مبارڪ ته حضرت امام حسين﷦جي ولادت باسعادت کان پهريون ئي سندن اعلى وصفون ۽ بلند ڪمالات ڏسي رهي هئي. جن جو ثبوت حديث ۽ تاريخ جي ڪتابن مان واضح طرح ملي رهيو آهي. انهن ڪتابن جي حوالن تي نظر رکندي حضرت امام حسين﷦جن جي صبر جي مرحلن کي پيش ڪرڻ جي جسارت ڪيان ٿو. اميد، ته پڙهندڙن خصوصاً محبانِ حسين﷦ کي روحاني سڪون حاصل ٿيندو. سنه 4 هجري جي هڪ صبح جو سيدالانبياءﷺجن فاطمة الزهراء رضي الله تعالى عنها جي گھر جلوھ افروز ٿيا، ته سندن آغوش مبارڪ ۾ حضرت امام حسين﷦ جن کي وڌو ويو. خوشيءَ ۽ مسرت سان گڏ ڏک جا آثار به نبي ڪريمﷺ جن جي چهري مبارڪ تي نمايان نظر اچڻ لڳا. رحمت اللعالمينﷺ امام حسين﷦ جي چهري مبارڪ تي نظر ڄمائي الله تعالى جي بارگاه ۾ دعا فرمائي”اللٰهم اعط الحسين صبراً واجراً“ يا الله منهنجي حسين کي صبر ۽ اجر عطا فرماءِ. ڪنهن به پٽ جي پيدائش تي پنهنجي نوعيت جي پهرين ۽ آخري دعا انفرادي دعا اها ئي ٻڌڻ ۾ آئي آهي. ان کان علاوھ پيدائش جي موقعي تي صبر ۽ اجر جا دعائيه الفاظ ڪنهن به بزرگ ولي قطب، غوث، امام، محدث، فقيهه، تابعي يا صحابي جي زبان کان وارد ٿيا هجن ان جو ڪٿي به نالو نشان نه ٿو ملي. ولادت حسين﷦ سان گڏو گڏ شهادتِ حسين﷦ تائين جا تمام مرحلا پاڻ ڪريمﷺ جن جي نگاه مبارڪ ۾ هڪ هڪ ٿي ڪري اچي رهيا هئا ۽ رحمت اللعالمين جي زبان مبارڪ ان مشڪل ترين مرحلن ۾ امام حسين﷦ جي تعاون لاءِ پنهنجي دعا شامل فرمائي رهيا هئا. اللٰهم اعط الحسين صبرا و اجرا. يا الله منهنجي حسين کي صبر ۽ اجر عطا فرماءِ. سوال ٿو پيدا ٿئي، ته جڏهن نگاه مصطفىﷺ ۾ ڏکن ۽ غمن جا مرحلا پيدائش کان شهادت تائين جا سڀ اچي چڪا هئا، ته صبر ۽ اجر جي بجاءِ انهن ڏکن  ۽ مصيبتن جي خاتمي لاءِ دعا فرمائين ها. اهڙي نازڪ ترين امتحان کان امام حسين﷦ بلڪل محفوظ رهن ها. سوال ڪرڻ آسان آهي. مگر امتحان جي نتيجي ۽ اجر تي به نبي ڪريم ﷺ جن جي نگاه مبارڪ هئي. تفصيل ۾ وڃڻ کان پهرين صبر ۽ ايمان جي باهمي رابطي ۽ تعلق دريافت ڪريون، ته آخر صبر ڪيتري عظيم دولت آهي. جنهن جي طلب پنهنجي محبوب ترين نورِ نظر جي لاءِ خداوند عالم کان ڪئي پئي وڃي. حضرت سيدنا امام جعفر صادق﷦ کان صبر جي تعريف پڇا ڪئي وئي ، ته پاڻ فرمايائون، ته ”الصبر بالايمان قال راس باالجسد اذا ذهب الايمان ذهب الجسد“ صبر ايمان سان ئي گڏ آهي جيئن سر جسم سان گڏ آهي. جڏهن صبر نڪري وڃي ته ايمان به ختم ٿي ويندو آهي. گويا ته رسول اللهﷺ جن حضرت امام حسين﷦ کي اهڙي امتحان ۾ ڏسي صبر جي نه بلڪه ايمان جي حفاظت جي دعا فرمائي رهيا آهن. حقيقت ۾ اهي تمام مصائب جيڪي شهيدِ ڪربلا مٿان 56 سالن بعد اچڻ وارا هئا. نبي ڪريمﷺ جن تي پهريان ئي ظاهر ٿي چڪا هئا. تڏهن ته فرمايائون، ته ”الحسين مني وانا من الحسين“ حسين مون مان آهي ۽ مان حسين مان آهيان. عرب ۾ جتي انتهائي محبت جو اظهار هوندو هو. اتي ٻئي کي پنهنجي ذات جي نسبت سان پڪارڻ  ضرب المثل هو. انهن لفظن جو حقيقي مفهوم، ته صاحب ارشاد نبي ڪريمﷺ جن ئي بهتر ڄاڻن ٿا. ٿي سگھي ٿو، ته واقعتاً مطابقت هجي. اهو ائين جو هڪ ڏينهن ام الفضل رضي الله تعالى عنها پريشانيءَ جي حالت ۾ بارگاهِ رسالتﷺ ۾ حاضر ٿي. اڃا جڏهن امام حسين﷦ جن جي ولادت نه ٿي هئي. نبي ڪريمﷺ جن ام الفضل کان سندس پريشانيءَ جو سبب پڇيو، ته پاڻ عرض ڪيائين، ته يارسول الله اڄ مون هڪ تمام خراب خواب ڏٺو آهي، توهان جي جسم جو هڪ ٽڪر ڪٽجي منهنجي جھوليءَ ۾ پيو آهي. مون کي اهو ڏسندي ئي پريشاني جي حالت ۾ بيداري ٿي ۽ اڃا تائين ان غم ۾ پريشان آهيان، ته هي ڪهڙو خواب آهي؟

حضور اڪرمﷺ جن ارشاد فرمايو، ته اهو تمام سٺو خواب آهي. منهنجي لختِ جگر، نورِ نظر سيدھ فاطمة الزهراء رضي الله عنها کي الله تعالى هڪ فرزند عطا فرمائيندو ۽ اهو تنهنجي جھوليءَ ۾ ايندو اهو حسين﷦ منهنجي جسم جو ٽڪرو ئي ته هوندو.

”الحسين مني وانا من الحسين“ جي اها به هڪ تمام بهترين تعبير ٿي سگھي ٿي. هاڻي صبر جو سلسلو شروع ٿئي ٿو. اڃا حضرت امام حسين﷦ جن ستن سالن جا نه ٿيا، ته سيد دوعالم نبي ڪريمﷺ جن جي شفقت، رحمت، رافت، لطافت کان وڏي ناز برداريءَ سان پروان چڙهي رهيا هئا. 12 ربيع الاول سنه 11 هجري ۾ هن فاني جهان کان عالم بقاء جي طرف تشريف وٺي ويا جنهن جي جھولي مبارڪ ۾ پليا. ڪلهن مبارڪن تائين پيار ئي پيار ملندو رهيو. محبت ۽ محبت جا گلدستا جمع ٿيندا رهيا. اهو ننڍپڻ ۾ زبانِ نبوت جي عظمت ۽ شوڪت جي نوراني لفظن کان محفوظ ٿي رهيو هو. الحسن والحسين هما ريحاني في الدنيا، حسن ۽ حسين دنيا ۾ منهنجا گل آهن. پوءِ گلن وانگر سونگھندا هئا ۽ فرمائيندا هئا، ته مون کي حسن ۽ حسين مان جنت جي خوشبوءِ ايندي آهي. هي ته جنتي نوجوانن جا سردار آهن. هونءَ به حسنين ڪريمين جي مبارڪ خوشبوءِ سان معطر ٿيڻ عقل ۽ قياس کان پري نه آهي. ڇو، ته نبي ڪريمﷺ جن جي پگھر مبارڪ جي اهڙي خوشبوءِ ملندي هئي جو مثال نه ٿو ڏئي سگھجي. ان لاءِ ته چيو ويو آهي، ته

عطر جنت میں بھی اتنی خوشبو نہیں،

جتنی خوشبو میرے نبی کے پسینے میں ہے۔

حضرت امام حسين﷦ نبي ڪريمﷺ جن جي خوشبو آهن. جنهن جي خوشبوءِ کان اڄ هي دنيا مهڪي رهي آهي. گلن ۾ اها خوشبو گھڻي دير تائين زنده آهي ۽ جنهن گل جي خوشبوءِ نبي ڪريمﷺ جن کي ملي رهي آهي ان جي زندگي تي قرآن ناطق آهي. جيڪي الله جي راه ۾ قتل ڪيا ويا انهن کي مئل نه چئبو بلڪه اهي زنده آهن. بلڪه ايسيتائين به حڪم ٿيو، ته انهن کي مئل هجڻ جو گمان به نه ڪيو. انهن کي رزق ڏنو وڃي ٿو، ته جنهن گل جي زندگيءَ جي شاهدي قرآن ڏئي رهيو هجي، ته بشريت اعلى ٻوٽو به تازو ۽ توانو هوندو. جنهن جو اهو گل آهي. معلوم ٿيو، ته حسين زندھ آهي. ته اصل به زندھ آهي جو رحمت اللعالمين جو وجود مسعود آهي.

ها صبر جي پهرين منزل رحمت اللعالمين جو فراق ۽ جدائي هئي ۽ ٻئي منزل سندن والده ماجده سيده، زاهده، طيبه، طاهره فاطمة الزهراء رضي الله جو وصال هو. جنهن جو جھوليءَ ۾ اکيون کوليائون. جيڪا کين چڪي هلائڻ وقت به پاڻ کان جدا نه ڪندي هئي. جيڪا قرآن ڪريم جو لوليون ڏيندي هئي. جنهن جي محبت کي ڏسي فرشتا به اچي پينگھو لوڏڻ جي سعادت حاصل ڪندا هئا. اها والدھ ماجدھ جڏهن حسين﷦ کيڏڻ لاءِٻاهر ويندو هو، ته دروازي تي بيهي اچڻ جو انتظار ڪندي هئي. جنهن کي معلوم هو، ته منهنجو پٽ سخت آزمائش ۽ امتحانن ۾ ايندو. اهي سڀئي ڳالھيون هڪ هڪ ٿي ياد ڪندي دعا ڪندي هئي، ته يا الله منهنجي حسين﷦ کي صبر ۽ استقامت فرمائجانءِ. 3 رمضان المبارڪ سنه 11 هجريءَ ۾ سندن والدھ ماجدھ به محبت جو ن آخري نگاهون وجھندي صبر جو درس ڏيندي خالقِ حقيقي جي فرمان کي لبيڪ چئي ويئي. هاڻي گھر ۾ سندن وڏو ڀاءُ ۽ سندن والد ماجد حضرت علي ۽ ٻيا گهر وارا رضي الله عنهم موجود هئا مگر پاڻ جنهن قلب روحاني ۾ مبتلا ٿي چڪا هئا، ان جي ڪنهن کي خبر رات ڏينهن مزارن تي حاضريءَ جو معمول بڻجي ويو ۽ هر گھڙي پنهنجي شفقت ڪرڻ وارن جي شفقتن جي ياد تازي هوندي هئي. مگر صبر جو دامن ايتري قدر قائم آهي. جو شڪايتن جا لفظ به زبان مبارڪ تي آڻڻ گوارا نه ڪندا هئا. وقت گذرندو ويو ايسيتائين جو رمضان المبارڪ سن 40 هجري ۾ سندن والد ماجد حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم کي به شهيد ڪيو ويو، ته سندن فرزند امام حسين﷦ تي ڇا گذريو هوندو. بيان کان ٻاهر آهي. پر نبي ڪريمﷺ جي دعا ان مرحلي ۾ سندن گڏ آهي. اللٰهم اعط الحسين صبرا و اجرا، يا الله منهنجي حسين کي صبر ۽ اجر عطا ڪر. والد ماجد جي شهادت کان ٿوري ئي وقت بعد سندن وڏو ڀاءُ امام حسن﷦ به شهيد ٿي ويو. هڪ ٻئي پٺيان تڪليفن ۽ غمن جا پهاڙ ٽٽي رهيا هئا.مگر سندن صبر جميل سان ٽڪرائجي ذرا ذرا ٿيندا پيا وڃن. سنه 61 هجري جو سج تمام گھڻين آزمائشن، تڪليفن ۽ مصيبتن جو هجوم وٺي اڀريو. يزيدي فوج جي ڪردار اسلام ۽ شريعت کي پنهنجي حوس جو نشانو بڻائڻ شروع ڪيو.نفساني خواهشن کي شريعت جو نالو ڏنو پيو وڃي. محبانِ مصطفى ﷺ کي چئني طرفن کان ستايو پيو وڃي. خصوصاً صحابه ڪرام ۽ اهل بيت رسول ﷺ کي مدينة المنورھ ۾ ظلم ۽ ستم جو نشانو بڻايو ويو. يزيد پنهنجي خلافت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سخت کان سخت گورنر مقرر ڪيا ۽ انهن کي تاڪيد ڪيو، ته جيڪو به شخص منهنجي بيعت ۽ خلافت تي راضي نه ٿئي، ته ان کي ختم ڪيو وڃي. ماڻهن شريعت ۽ اسلام جي دفاع لاءِ امام حسين﷦ کي ڪوفي اچڻ جون درخواستون لکيون. خط موڪليا ۽ ماڻهن کي سندن خدمت ۾ موڪليائون ۽ عرض ڪيائون، ته جيترو جلدي ٿي سگھي، ايترو جلدي ڪوفي اچو. پاڻ﷦ دل تي پٿر رکي مدينة المنورھ کان اسلام جي خاطر جدائي اختيار ڪيائون پر پاڻ اهو جدائي ۽  الوداعي جو اهو بار ڪيتري صبر ۽ تحمل سان برداشت ڪيو هوندائون. ڪنهن چوڻ واري ڪهڙو نه خوب چيو.

بگذارم تا بگریم چوں ابر نوبہاراں،

از سنگ گریہ خیزد وقت وداع یاراں۔

مدينة المنورھ کي الوداع چئي ڪوفي طرف روانا ٿيا. هر غقيدتند منٿ ڪئي، مگر سندن اها به ڊيوٽي ته ولادت جي وقت ئي لڳي چڪي هئي. هاڻي ان جي تڪميل جو وقت هو اهو ڪيئن رڪجي. حج جي موقعي تي بيت الله شريف تي آخري نگاه وجھندي. ائين اکين مبارڪن مان ڳوڙهن جي بارش شروع ٿي وئي. جيئن روضهء رسولﷺ جي جدائيءَ تي ٿي هئي. اڄ صبر جو پيڪر مڪه مڪرمه کان ڪربلا جي طرف وڃي رهيو آهي. منزل تي مزلون طئي ڪندا اچي مقام ڪربلا ۾ پهتا. پنهنجي فرزندن، ڀائرن، نياڻين، ڀاڻيجن، محبت وارن ۽ چند ٻين جانثارن رضوان الله عليهم کي پنهنجي محبت ۽ شفقت جي جلوي ۾ وٺي ڪربلا جي ميدان ۾ اسلام جو پرچم بلند ڪيائون. يزيدي فوج پنهنجون ظالمانه ڪارروائيون شروع ڪري ڏنيون، داڻو پاڻي ڳالھ ٻولھ مطلب ته هر شيءِ کان بائيڪاٽ ڪيو ويو. ظالم يزيدي سندن معصوم ٻارن، ڀائرن ۽ ساٿين تي ڪاهي پيا. دفاع ۾ جو ڪجھ به هن دنيا جي گھٽ ۾ گھٽ فوج وٽ موجود هو. يزيدين سان مقابلو شروع ٿي ويو. هڪ ٻئي پٺيان سندن ننڍي معصوم اصغر کان وٺي وڏي اڪبر تائين شهيد ٿي ويا. صبر جي عظيم پيڪر امام حسين رضي الله عنه سموري زندگيءَ جن منزلن کي طئي ڪندو اچي رهيو هو. اڄ هڪ ئي وقت ان کان وڌيڪ سخت گھڙي به برداشت ڪيائون. ڀاءُ عباس علمبردار به اکين اڳيان شهيد ٿي ويو. تقريباً هڪ سؤ کان وڌيڪ جانثار شهادت کان سرفراز ٿي چڪا هئا. اتي به وري رسول ﷺ جي دعا سهارو ڏنو. اللٰهم اعط الحسين صبرا و اجرا، آخر ۾ صبر جي منزل کي طئي ڪندي پنهنجي سر مبارڪ جو به نذرانو الله تعالى جي بارگاه ۾ پيش ڪيائون. اڄ به هن دنيا ۾ صبر جو هي عظيم داستان پنهنجي تازگيءَ ڪري بي مثال نظر اچي ٿو.