ڪاميابي ڏانهن قدم

idara letterhead universal2c

ڪاميابي ڏانهن قدم

محمد عرفان عباسي

                        وقت زندگي آهي. اسان ان کي بهتر طريقي سان گذاري ڪامياب ٿي سگهون ٿا. ان جي لاءِ ضروري آهي ته وقت جي اهميت کي سمجهون. وقت هڪ بيمثال ذريعو آهي ۽ هي جلد ضايع ٿيڻ واري شيءِ آهي. وقت اهوئي بهتر آهي جيڪو قابل استعمال آهي.

                        هر شيءِ جي لاءِ وقت ضروري آهي. سڀ ڪم ڪنهن وقت تي ٿيندا آهن. سڀن سرگرمين لاءِ وقت جي ضرورت هوندي آهي.

وَ الۡعَصۡرِ ۙ﴿۱﴾  اِنَّ  الۡاِنۡسَانَ لَفِیۡ خُسۡرٍ ۙ﴿۲﴾  اِلَّا  الَّذِیۡنَ  اٰمَنُوۡا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَ تَوَاصَوۡا بِالۡحَقِّ ۬ۙ  وَ تَوَاصَوۡا بِالصَّبۡرِ ٪﴿۳﴾

                        قرآن مجيد ۾ سورت عصر ۾ زماني جو قسم کڻي ڪري انسان جي باري ۾ چيو ويو آهي ته اهو وڏي خساري ۾ آهي. سواءِ ان جي جنهن ۾ چار خصوصيتون آهن:

(١) ايمان آڻڻ وارا

(٢) نيڪ اعمال ڪرڻ وارا

(٣) هڪ ٻئي کي حق جي نصيحت ڪرڻ وارا

(٤) صبر جي تلقين ڪرڻ وارا

                        امام فخر الدين رازي رحه هن آيت جي تفسير ۾ لکن ٿا ته ”عصر (زمانو) اهو ظرف آهي جنهن جي اندر حيرت انگيز واقعات ٿيندا رهندا آهن. ان جي اندر انسان سڀ ڪجهه ڪندو آهي. تنگي، خوشحالي، سختي ۽ نرمي ان تي گذرندي آهي لهذا انسان جي عمر جو وقت وڏو قيمتي آهي.“

                        بخاري شريف ۾ حضرت ابن عباس رضه جي روايت ذڪر ٿيل آهي ته حضور ﷺ جن فرمايو ته ٻه نعمتون اهڙيون آهن جنهن مان ماڻهو ڪماحقه فائدو نه ٿا حاصل ڪن ۽ اهي صحت ۽ فارغ وقت آهي.

وقت جو بهتر استعمال

                        عربي مقولو آهي ته ”من قرع الباب الج والج“ جيڪو شخص دروازو کڙڪائيندو آهي ۽ ڪوشش به ڪندو آهي، اهو داخل ٿي ئي ويندو آهي. توهان به وقت جي بهتر استعمال جي لاءِ ڪامياب زندگيءَ جي دروازي کي کڙڪائڻ شروع ڪريو. توهان جي ان ڪوشش جي نتيجي ۾ نڪرڻ واري پگهر جي فطري قطري کي موتي بڻائي ڇڏيندو.

وقت جو قدر ڪرڻ واريون شخصيتون:

                        عامر بن قيس هڪ زاهد، متقي تابعي هيو. ان کي هڪ دفعي هڪ شخص چيو ته: اچو ويهو ته ڳالهيون ڪريون. ان جواب ۾ چيس ته پوءِ سج کي ه روڪ ڇو ته زمانو گذريل واپس نه ايندو آهي. ان جي ڪري اسان کي ڪم سان ڪم رکڻ گهرجي. بيڪار ڳالهين ۾ وقت ضايع نه ڪجي.

                        تاريخ بغداد جو مصنف خطيب بغدادي لکن ٿا ته مان ڪتاب فروش جي دڪان ڪرائي تي وٺي سڄي رات ڪتاب پڙهندو هيم.

                        علامه ابن جوزي جنهن جا ننڍا وڏا ڪتاب هزار جي لڳ ڀڳ آهن. اهو پنهنجي عمر ۾ هڪ منٽ به ضايع نه ڪندو هو.  جيڪي قلم لکڻ ڇڏي ويندا هئا اهي رکندو ويندو هو وفات کانپوءِ انهن قلمن سان پاڻي گرم ڪري انهن کي غسل ڏنو ويو.

                        انسان جي اڳتي وڌڻ لاءِ چئن شين جو هجڻ ضروري آهي.

١. طبعي جسماني ضرورت

                        ان ۾ خوراڪ، لباس ۽ گهر آهي جيستائين هي ضرورتون پوريون نه هونديون ته انسان اڳتي وڌي نه سگهندو.

٢. تحفظ

                        جان، مال، عزت ۽ آبرو جو تحفظ، انسان جي ضرورت ۾ شامل آهي. ان کان علاوه انسان اڳتي وڌي نٿو سگهي.

٣. معاشري جي ضرورت

                        ملي جلي ڪري رهڻ انسان جي فطرت ۾ آهي. ملي جلي رهڻ ۽ ٻين سان گڏ زندگي گذارڻ جي لاءِ هڪ ٻئي جا حق ادا ڪرڻا پوندا آهن. ان حقن جي ادائگي سماجي ضرورت آهي. ان کانسواءِ انسان اڳتي وڌي نٿو سگهي.

٤. ترقيءَ جي خواهش

                        هڪ خاص مقام تي پهچڻ کان پوءِ انسان جي فطري خواهش هوندي اڳتي وڌڻ جي هوندي آهي. ترقي ڪرڻ جو اهيو احساس ان جي زندگيءَ ۾ رونقون آڻي ڇڏيدو آهي.

ڪاميابيءَ جو رستو

١. گفتگو

                        ماڻهن کي  سمجهي ڪري ۽ انهن جي ذهنن کي پڙهي ڪري گفتگو ڪرڻ جي صلاحيت ڪاميابيءَ جي اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، پاڻ کان زياده باصلاحيت شخص کان معلومات حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي هم مرتبه ۽ ماتحت سان فاعده مند گفتگو ڪرڻ جي صلاحيت ڪرڻ گهرجي.

٢. مرتبي جي حيثيت

                        مرتبي جي حيثيت ۾ پاڻ سان ڪم ڪرڻ وارن جي انهن جي مرتبي جي حيثيت سان عزت ڪرڻ انهن جي هدايت کي سنجيدگيءَ سان عمل ڪرڻ ۽ ماتحت ماڻهن جي عمر جي مطابق عزت ۽ احترام ڪرڻ ۽ انهن جو خيال رکڻ گهرجي.

٣. فيصلي جي قوت

                        معاملات جيڪي طريقي سان سمجهي ڪري اجتماعي مفادات جي پيش نظر فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ٿي.

٤. پڪو ارادو

                        جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهيو ان جو پڪو ارادو ڪريو جنهن شيءِ جو ارادو ڪريو ان کي پوري ڪرڻ کان بغير نه ڇڏيو.

٥. صفائي

                        جسم، لباس ۽ رهڻ واري جڳهه ۾ ڪنهن به ڪم جي گندگي برداشت نه ڪريو.

٦. انڪساري

                        طبيعت ۾ انڪساري ۽ اخلاص پيدا ڪريو تڪبر ۽ مفاد پرستي کان پرهيز ڪريو نه ته هي صرف انسان کي نه بلڪه پوري قوم کي تباهه ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

٧. ڪم ڇا آهي؟

                        هر شخص کي پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ روزي ڪمائڻي هوندي آهي ان جي ڪري اهو ڪم ڪندو آهي، اسان ڪم جي ذريعي زندگي جي نئين معنيٰ تلاش ڪندا آهيون.

                        ڪم هڪ مشڪل شيءِ آهي، پوري توجه سان ڪوشش ڪرڻ ڪم جو بنيادي تقاضا آهي، ڪم وڏو مشڪل ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن اسان ان کي بيڪار سمجهي ڪري ڪيوسين ته اسان جي لاءِ وبال بڻجي سگهي ٿو. جيڪڏهن اسان ان کي فرض سمجهي ڪري ڪيو ته اسان ان لاءِ مشڪلات وارا سال به قابل برداشت بڻجي ويندا آهن ته اسان پنهنجو پاڻ کي يقين ڏياريون ته اسان پنهنجي ڪم ۾ خوش آهيون ته اسان لاءِ مشڪل ڪم به آسان ٿي ويندا.

                        حقيقي طور تي ڪامياب ٿيڻ ۽ سٺا نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي ڪم سان محبت ڪرڻي پوندي.

٨. صحت مند دماغ صحت مند جسم

                        مضبوط دماغ، مضبوط جسم هوندو آهي هيءَ مقولو سلطنت روما جي زماني کان هلندو اچي ٿو، ان جي سچائي اڄ به تسليم ڪئي وڃي ٿي.

                        جيڪڏهن توهان ڪنهن به شعبي يا ڪنهن اداري ۾ قائدانه مقام حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي صحت برقرار رکڻي پوندي، ڪنهن به اداري يا ڪاروبار جي سربراهه جي حيثيت سان توهان جيڪو فيصلو ڪندا آهيو ان تي توهان جي ذاتي صحت تعلق رکڻ واري منفي اثرات جو اثر نه هجڻ گهرجي.

                        معاف ڪجو مان ان ڳاله جي حق ۾ آهيان ته جڏهن سربراهه جي فيصلي ۾ ان جي صحت جو خراب اثر ٿيڻ لڳي ته ان کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، ليڪن ان سربراههکي پنهنجي سالن جي تجربن ۽ علم جي بنياد تي ان جي مشورن سان پنهنجي اداري کي نوازيندا رهو.

٩. اهليت:

                        سڀ کان وڏي ۾ وڏي اهليت هيءَ آهي ته پنهنجو پاڻ کي قابوءَ ۾ رکيو وڃي ۽ پنهنجي ڪمزورين کي تسليم ڪيو وڃي. جيڪو ڪم توهان نٿا ڪري سگهو ان جي باري ۾ هي به چئو ته اسان ڪري وينداسين ۽ اتان کان ان ڪم جي سکڻ ۾ لڳي وڃو.

                        جيڪڏهن توهان برتري ۽ اعليٰ مقام حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان وڏين رڪاوٽن مان ٽڪر کائڻ لاءِ تيار ٿي وڃو انهن رڪاوٽن مان وڏي رڪاوٽ توهان جي دماغ جو آرام ۽ آسائش آهي، ان کي ختم ڪرڻو پوندو.

                        پنهنجو پاڻ کي اڳتي وڌائڻ وڏو مشڪل ڪم آهي ڇو ته اسان فطري طور تي آسانين کي پسند ڪندا آهيون ياد رکو وڏي ۾ وڏي مهارت پنهنجو پاڻ تي فتح حاصل ڪرڻ آهي.

ڪوشش

                        جڏهن انسان ڪوشش ۾ جوش ۽ جذبي سان لڳي ٿو وڃي ته اڄ وارو ناممڪن سڀاڻي تائين ممڪن بڻجي وڃي ٿو. اڄڪلهه  سڀ مصروف آهن، ليڪن توهان جتي به هجو. توهان کي ٿورڙي به فرصت يا موقعو ملي ته ڪوشش ڪري ڪتاب کوليو ۽ جيڪو ان ۾ لکيل آهي ان سان پنهنجي دماغ کي روشن ڪريو ۽ پنهنجي دل کي فرحت بخشيو. بيشڪ زندگي ۾ سڀ کان اهم سبق تجربن سان حاصل ٿيندا آهن ليڪن پڙهڻ سان اسان کي حوالن جا اهم نڪتا حاصل ٿيندا آهن. جيڪي اسان جي تجربن کي معنيٰ دار بڻائي ڇڏيندا آهن.

                        توهان جا پنهنجا تجربا ۽ ٻين جا اهي تجربا جيڪي پڙهڻ سان حاصل ڪندا آهيو اهي زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ جي لاءِ روحاني بنياد حاصل ڪندا آهن.

شخصيت کي تباهه ڪرڻ واريون شيون

١. حرص، حوص، لالچ

٢. حسد، ساڙ

٣. نمائش، ڏيکاءَ

٤. اقتدار جي حوس

٥. لاپرواهي

٦. بي وفائي

٧. چغل خوري

٨. خواهشات

٩. وهم، شڪ

١٠. نا معقول خوف

١١. جلد بازي، مايوسي، بدگماني

١٢. ٻين سان شڪايت

١٣. فضول گفتگو

١٤. ناقابل برداشت مذاق

١٥. سستي ۽ ڪمزوري، هميشه بيمار رهڻ.