اچو ته ڪتابن جي ڇانءُ ۾ جيئڻ سکون

idara letterhead universal2c

اچو ته ڪتابن جي ڇانءُ ۾ جيئڻ سکون

پروفيسر مولا بخش محمدي

                        ڪتب خانه ۽ لائبريريون هميشه علم و عرفان، تحقيق و تدقيق، فهم و فراست جو سرچشمون شمار ٿينديون آهن. علم و ايقان لاءِ ته لائبريريون هڪ پُل جي حيثيت رکن ٿيون. ڪتاب قومن ۽ افراد لاءِ فڪري، نظرياتي، مورچو هوندا آهن. لائبريريون نئين نسل لاءِ هڪ نرسريءَ کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه آهن.

          ڪعيبه عشاق باشد، اين مقام
          هر ڪه ناقص آمد اين جا شد تمام

                        استاد، شاگرد، حاڪم محڪوم، بادشاهه رعايا، مفڪر توڙي مدبر ڪوبه ڪتاب کان مستغني ناهي، ديني توڙي دنوي علوم و افڪار، حقائق ص ادراڪ قرآن، سنت، فقهه، فلسفو، طب، تفسير، ادب، سائنس، سماجيات، معاشيات، معاشرت مطلب ته دنوي توڙي اخروي علوم و فنون جي آگهائي لاءِ ڪتاب جو وجود از حد لازمي آهي.  پراڻي دور کان ٿي انسان ڪتابن جو محتاج رهندو اچي. ڪتاب اسلام، اخلاق، ڏات، ڏانءُ، سياسي، سماجي هر لحاظ سان ڏات ۽ ڏانءَ جو پيو ڏس پتو ڏيندو آهي ۽ دنوي، اخروي، علوم و اسرار جي ڄاڻ ڏيندو آهي. هر شيءِ جي پرک پروڙ، فيض ۽ برڪتون حيات انساني جا خواب ساڀيان ڪرڻ لاءِ ته قلم، ڪتاب ۽ ڪتب خانن جو وجود هر لحاظ سان تمام ضروري آهي، اسلامي دنيا ۾ ڪتاب جي عظمت لاءِ ”ذالڪ الڪتاب“ جا الفاظ وڏي عظمت رکن ٿا. باب الاسلام سنڌ ساڻيهه پڻ هميشه سعادت مند خطو ثابت ٿيو آهي، جتي ڪيترن عظيم عالمن، اسڪالرن، ڏاهن، اديبن، محققن، ڪتب خانن سان هميشه نيهه پي نڀايو. سنڌوءَ  جي ڪُنڊ، ڪُڙڇ ٿر، بر، بحر، پوٺا، پهاڙ وسنديون، واهڻيون، ڇپرا، جهوپڙا، چونرا ۽ چونڪيون هر هنڌ رهندڙن جو ڪتاب سان هميشه قرب رهيو، ٺٽي جا ڪتب خانا، ڪاتب قلمڪار ۽ خوشخط عالم اڪابر ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهن. ڪاغذ، ڪتاب جا نادر ۽ ناياب پنان پورزا ڪنهن وقت سون سريکا سمجهيا ويندا هئا، سنڌ جي عالمن، اسڪالرن ٧ اڪابرن پيرين پنڌ جبل جهاڳي ڪتابن جون گهر گهر وڃي فهرستون مرتب ڪيون، جيڪي اڄ به محققن لاءِ املهه سرمايو آهن، اڄ اهڙو معياري مواد ڏسو ڏندين آڱريون اچيو وڃن.

                        افسوس! جو سنڌ جي موجوده منجهيل ۽ مايوس ڪندڙ صورت ۾ جڏهن ته اسان جو نوجوان نسل سمورو وقت سوشل ميڊيا جي ور چڙهي علم کان ڪورو رهجي جاهل بنجڻ ۾ خوش هئڻ واري ڪيفيت ڏسو رت روئڻ لاءِ دل گهري ٿي. بس الله تعاليٰ اسان جي نئين ٽهي کي سرت ۽ ساڃاهه عطا فرمائي. ڪاش اسان جي قوم بالخصوص ٻاهراڙي سان لاڳاپيل ڀائر هنئين علم ۽ قلم کان ڪو راند رهن. تان هاڻي ته هوش اچين جيئن ديني دانش گاهن، اسڪولن، ڪالجن ۽ يونيورسٽين، اسلامي ۽ عصري ادارن ۾ موٽي اچي ڪتابن جي موتي ۽ مرجان مان مستفيد ٿين. شال وري ڪو اهڙو واءَ وري جو اسان نيڪ نام ادارن ۾  تعليم پرائي لکي پڙهي، ڪتابن کي جيءَ ۾ جايون ڏيون. پوءِ اسان جو اُٿڻ، وهڻ، هلڻ، ڦرن ۽ واندڪائي وقت به ڪتاب اسان جي هٿن ۾ سنڀاليل هجن. بقول متنبي جي:

          اعز مڪان في الدنيا سرج سابح
          و ۡڳر جليس في الزمان ڪتاب

                        تاريخ جا پراڻا ورق اٿلائڻ سان پتو پوي ٿو ته سنڌ ۾ عربن جي دور کان پوءِ به سمن، سومرن، ارغنون، ترخانن، مغلن ۽ ڪلهوڙن کان ويندي ميرن جي صاحبيءَ تائين هميشه ڪتابن جي خوب قدر شناسي هوندي هئي. اڄ به اهڙا انسان توهان کي لڀندا، جيڪي هميشه مطالعه ۾ مستغرق رهي، ڪتاب جي مختلف موضوعات جي ڳولا، نون پراڻن ڪتابن جي حصول لاءِ حيران پريشان انگ اگهاڙا، پپيٽ بکيا رهي به ڪتابن لاءِ بي آب  ماهي وانگي تڙپندا پيا آهن. ماضيءَ ۾ به اهڙن انسانن جي جهلڪ ڏسڻ چاهيو ٿا ته پوءِ فهرست ابن نديم، خليفه چلپي، جامع العلم و فضله، علامه عبد ابن البر اندلسي، ڪش الظنون،  الفخري، ابن طقطقي ۽ تذڪره الحفاظ امام ذهبي وغيره جو مطالع توهان کي حيران ڪندڙ واقعات سان روشناس ڪرائيندو. اهڙي ريت سنڌي، اردو ۽ فارسي ۾ پڻ مطالع جي استغراق ۽ اشتياق لاءِ کوڙ مواد ملندو.

                        سچ پڇو ته هن پُر فتن ۽ نفسا نفسي واري منجهائيندڙ ماحول ۾ صرف ڪتاب گهر ۽ لائبريريون ئي توهان کي سڪون، راحت، سلامتي، علم، آٿت، حوصله، سنجيدگيءَ، وقار، دانش، بينش، سرت ۽ ساڃاهه وارو پرسڪون ماحول مهيا ڪنديون. ڪتابن جي قدر و قيمت لاءِ ابن الاعرابي ڏاڍو خوبصورت چيو آهي ته:

          لنا جلسءِ ما نمل حديثهم
          الباءَ مامونون غيبا و مشهدا

                        بهرحال ڪتاب بهترين دوست، سچو ساٿي، سهڻون صلاحڪار، علم ۽ شعور جو شاهڪار آهي. اسان جي پياري پيغمبر ﷺ تي پهرين وحي الاهي ۾ به اقراءَ جو لفظ اچارڻ وڏي معنيٰ ۽ مفهوم رکي ٿو. ڇو ته ڪتاب قلم، پڙهڻ پڙهائڻ ۽ لائبريريون ڪتب خانه فهم فراست فڪر ۽ روحاني اثاثاي جو عظيم اهڃاڻ آهن.

          ڪيو مطالعه مون هو جو ورق وصال
          تنهن ۾ تون ئي تون، بي لات نه لحظي جيتري.
                                                                  (شاهه)

                        اچو ته وري وچن ڪريون ته هن انتشار، افترق، اختلاف، واري من مايوس ڪندڙ ماحول ۾ پنهنجي نئين ٽهيءَ کي جهالت کان جهليون ۽ ناسمجهيءَ، ناداني، رٽي بازي، ڪاپي ڪلچر، وحشت ۽ دهشت ڪپت ڪوڙ، اجائي لفاظي، پرائي پچار کان پاڻ بچائيندي، هر گهر، ڳوٺ، وسندي، واهڙ، تر، بر، شهر توڙي ٻاهراڙي ۾ قيمتي ڪتابن جون لاڀائيتون لائبريريون قائم ڪري پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي ڪرت اختيار ڪريون. ائين ڪرڻ سان ئي هن ڌرتيءَ ڪتاب جي ڇانءَ ۾ ٿڌيءَ مٺي، لاڀائتي حياتي گذاري سگهون ٿا. علم، ادب، تهذيب، سماجيات ۽ اسلاميات ۽ اسوه حسنه جي نور کي گهر گهر تائين پکيڙي علم جي جاندار جوت جلايون جهالت ۽ ناداني مان جان آجي ڪريون. ڪنهن ڪتابن سان قرب جو اظهار ڪندي ڪيترو نه سچ چيو آهي.

          ڪتابن سان آ دل منهنجي ڪتب خانو وطن منهنجو
          دفن ٿيندس ڪتابن ۾ ورق ٿيندا ڪفن منهنجو

                        تجربو شاهد آهي ته موجوده پر فتن دور م ڪتابن جي جاءِ تي انفارميشن ۽ سوشل ميديا جي رنگينين اچي ديرو ڄمايو آهي، جنهن سان اسان جي نوجوان ۾ مطالع ۽ مشاهدي جي کوٽ سبب روزانه ڪيترائي افراد نفسياتي امراض جي ور چڙهي، تڪڙ، جذباتيت، بد دلي سطحيت، جارحانه روين ۽ لهجن کانسواءِ چڙ ۽ ڪاوڙ جو ور چڙهي ويا آهن. جڏهن ته اعتدال، سنجيدگي، وقار، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۽ دلائل سان ڪنهن کي قائل ڪرڻ جون قوتون فنا ٿينديون پيون وڃن. جڏهن ته وسيع مطالعه سان رسوخ في العلم لهجه ۾ نرمي، همدردي، غمگساري، امن آشتي، سڪون قلب، برڪت ۽ ڀلائيءَ جا دروازا کلندا آهن. تاريخ جا پراڻا ورق ورائينداسون ته پختا ثبوت ملندا ته ڪنهن وقت برصغير ۾ مسلمانن جي دور حڪومت دوران انهيءَ ڊگهي عرصي ۾ حاڪمن بادشاهن، اميرن، شهزادن کي پڻ هميشه مطالع ڪرڻ ۽ ڪتابن جمع ڪرڻ جو شوق رهيو جيئن ته خاندان، خلجي، تغلق، لوڌي خاندان جا ڪيترائي چشم و چراغ پڻ اعليٰ علمي ذوق جا ڌڻي هئا. ان وقت جا حڪمران توڙي عام انسان ڄاڻ جي کاڻ هوندا هئا. وقت جا عالم، اڪابر، فلاسافر، ۽ حڪماءِ ته ڪتابن جا شائق هوندا هئا، جيئن افلاطون، ارسطو، بقراط، سقراط ۽ جالينوس جهڙا املهه حڪماءِ ۽ ڏاها پڻ پاڻ وٽ هميشه ججهيءَ مقدار ۾ ڪتاب ساري سنڀالي هميشه مطالعه هيٺ آڻيندا هئا ۽ پوري ڄاڻ رکندا هئا.

                        عباسيءَ دور حڪومت ۾ يحيٰ  برمڪي جي ذاتي ڪتب خاني ۾ پڻ عربيءَ کانسواءِ يوناني، هندي، فارسي وغيره جا هزارين ڪتاب هوندا هئا. بغداد، قرطبه جي خليفن، اندلس جي وزيرن مشيرن کانسواءِ عورتن جا پڻ املهه ۽ عظيم الشان ڪتب خانه هوندا هئا. مثلا شهزاديءَ احمد جي نياڻي عائشه جو ڪتب خانو پڻ جڳ مشهور هوندو هو. افسوس جو موجوده دور ۾ بالخصوص ”سنڌ“ ۾ ته هڪ سوچيل سازش هيٺ سنڌ جي ادارن ۾ تعليم کي بند ڪري ماڻهن کي جاهل، جذباتي، خالي وڏيرن جي نعرن جو هيراڪ بنائي ”جئي جئي“ تي بغلون هڻڻ جو عادي بنائي بک، بيروزگاري، ناداني، نافرماني، نشي پتي، هڪ ٻئي جي اجائي گلا غيبت پن جي ٽڪر پويان ڀڄڻ جو عادتي بنائڻ ۾ ڪا ڪمي اچڻ ڪونه ڏني آهي. الله تعاليٰ اسان جي حق ۽ سچ جي سمجهه عطا ڪري، مان ڪو اهڙو واءَ وري جو اسان وري اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، مدارس اسلاميه ۽ مڪتاب مان ڪتاب ذريعي علم سان پنهنجون جهوليون پر ڪريون.

          الا يا مستعير الڪتب اقصر
          فان اعارتي للڪتب عار
          فمحبوبي من الدنيا ڪتاب
          فل ابصرت محبوبا يعار