ڇوٽڪارو – المنقذ من الضلال  جو سنڌي ترجمو

idara letterhead universal2c

ڇوٽڪارو – المنقذ من الضلال  جو سنڌي ترجمو

حجة الاسلام امام غزالي رحه

ترتيب: پروفيسر غلام حسين جلباڻي

                        بعد حج فرض ادا ڪرڻ جو ارادو پيدا ٿيو  ته، وڃي مڪي ۽ مديني جون برڪتون حاصل ڪريان ۽ حضرت ابراهيم خليل الله جي روضي جي زيارت کان فارغ ٿيڻ بعد حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي روضي مبارڪ جي زيارت کان پاڻ کي مشرف ڪريان، پوءِ حج لاءِ سفر شروع ڪيم. مگر ٻارڙن جي محبت ۽ ٻئي ڪاروبار وطن جي طرف ڇڪ  ڪئي ۽ باوجود هن حقيقت جي ته مان ان ڏانهن ورن وارائي خير ڪو  هوس،  موٽي وطن آيس. اتي به مون اڪيلائي پسند ڪئي ۽ خلوت حاصل ڪرڻ ۽ دل کي خدا تعاليٰ جي ياد لاءِ صاف ڪرڻ لاءِ گهڻو مشتاق رهيس،زماني جون حالتون، عيال جون ڪم ڪاريون ۽ زندگيءِ جون ضرورتون، منهنجي اصل مراد کي بگاڙينديون ۽ خلوت جي صفائيءَ ۾ رخنو وجهنديون رهيون، فقط ڪن ڪن وقتن تي دل جي صفائي حاصل ٿيندي هئي (اصل ”حال“ حاصل ٿيندو هو) مگر مان ان هوندي به ان کان ڪو نااميد نه ٿيس، ۽ گهڻين ئي رنڊڪن هوندي به ڪنهن وقت اچي ان حال کي رسندو هوس، هن حالت ۾ مون ڏهه سال گذاريا ۽ ان عرصي دوران اڪيلائي جي گهڙين ۾ مو ن اڳيان اهڙيون حقيقتون کليون، جي ڳاڻيٽِي ۽ انت کان ٻاهر آهن، هت مان فقط ايترو ڪجهه بيان ڪريان ٿو ته جيئن ٻيا ان مان فائدو پرائين.

                        مون کي هتي يقين سان معلوم ٿي ويو ته اِهي صوفي ئي آهن جن الله تعاليٰ جي راهه رمن ٿا، ۽ انهن جي زندگي هڪ بهترين زندگي آهي، سندن رستو اهڙو صحيح آهي جنهن جو جهڙو صحيح ٻيو رستو ئي ڪونهي، ۽ سندن اخلاق نهايت درجي جو پاڪيزه آهي. جيڪڏهن سڀني ڏاهن جي ڏاهپ، فيلسوفن جو فلسفو ۽ انهن ديني عالمن جو علم، جي شريعت جي رازن کان واقف آهن کڻي ڪٺو ڪري، انهن جي زندگي ۽ اخلاق ۾ ذرا ڪجهه تبديلي آڻڻ جي ڪوش ڪجي ۽ جنهن نيڪيءَ جي ڪم ۾ هل لڳل آهن، تنهن ۾ ( ڪنهن حيلي بهاني سان) ڦيرو آڻجي، ته اهو ائين هر گز ٿي نه سگهندو. ڇا لاءِ جو انهن  جي هر چر پر، ۽ ڳالهائڻ ۽ خاموشي، اندر ۾ خواهه ٻاهر ۾ ، نبوت جي نور مان ورتل آهي ۽ زمين تي نبوت جي نور کان مٿي ٻيو ڪو نور آهي ئي ڪونه.

                        حاصل مطلب ته صوفي پنهنجي طريقي جو بيان اجهو هئين ڪن ٿا ته طهارت ( پاڪائي) جا ان طريقي ۾ پهريون شرط آهي، سا هيءَ آهي ته دل کي سواءِ الله تعاليٰ جي ٻيءَ هر چيز کان پاڪ ڪيو وڃي ۽ ان جي ڪنجي به نماز ۾ تڪبير تحريمہ[1] مثل آهي-يعني ته دل کي الله جي ياد ۾ ٻوڙيو ۽ غرق ڪيو وڃي۽ آخر ۾ اها الله ۾ ئي فنا ۽ ناس ٿي وڃي. بهرحال هي، بنست انهن پهرين قدمن جي، جي اختيار ۽ ڪسب (ذاتي جوابداري) جي دائري اندر اچن ٿا، ان جي انتها آهي، پر حقيقت ۾ اها صوفي طريقي جي بلڪل ابتدا آهي ۽ جو ڪجهه ان جي اڳيان آهي سو، مالڪ لاءِ هر دهليز (ڏيڍيءَ) مثل آهي.

                        هن طريقي جي اول ۾ مڪاشفا ۽ مشاهدا شروع ٿين ٿا،   تان جو اهي(صوفي سالڪ) جاڳ جي حالت ۾ به ملائڪن ۽ نبين جي روحن جو ديدار ڪن ٿا، انهن جو ڳالهائڻ ٻڌن ٿا، ۽ کانئن ڪيترائي فائدا حاصل ڪن ٿا، صورتن ۽ مثالن جي مشاهدي مان اڳتي وڌندي اچيو اهڙي ذريعي رسن، جنهن کي زبان بيان ڪري نٿي سگهي ۽ جو به ان حال کي اکرن جي ذريعي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ته ان ۾ اهڙي پڌري غطلي ڪري ويهي ٿو، جنهن کان هو بچي نٿو سگهي.

                        مطلب ته هي معاملو  اچيو” قرب“  وٽ ٿو ڇيڙو ڪري. پوءِ ڪن ان (خدا تعاليٰ جي قرب) کي ”حلول“(١)۽ ڪن ”اتحاد“(٢) ته ڪن وري ’وصول‘(٣) سمجهيو، حالانڪ هي سڀ غلط آهي، اسان ان غلطيءَ جو ڪارڻ پنهنجي ڪتاب”المقصد السني اسني“ ۾ کولي ٻڌايو آهي. هاڻي جو هن ”حال“ کي رسي ٿو، البت بي اختيار ٿي هي چوي ٿو ته؛

و کان م کان ممالست اذ کره

فظن خيراً و لا تسال عن الخبر!(٤)

                        بالجمله، جنهن کي الله تعاليٰ ”ذوق“ مان ڪجهه نصيب نه ڪيو آهي ته پوءِ  اهو  نبوت جي حقيقت کي، سواءِ نالي جي، ٻيو ڪجهه سمجهي نه سگهيو آهي.  ولين جون ڪرامتون  به سچ پچ نبين جون شروعاتي ڪيفيتون آهن. رسول الله ﷺ جن جو به پهريائين اهو  حال هو. جڏهن پاڻ هوا جبل ڏانهن وڃي پنهنجي  پروردگار جي اڪيلائيءَ ۾ عبادت ڪرڻ لڳا، ته خود عرب چوڻ لڳا ته ڏاڍو عشق آهي.“

                        هيءَ هڪ حالت آهي، جنهن کي فقط ذوق سان  ئي اهو ماڻي سگهندو، جو ناهيءَ راهه ۾ هلندو، پر جنهن کي ”ذوق“ جي نعمت نصيب نه ٿي آهي، اهو ته پوءِ ان کي تجربي ۽  ٻڌ سڌ سان به حاصل ڪري سگهي ٿو، بشرطيڪ هو، صوفين جي صحبت ۾ گهڻو گذاري رنگ حاصل ڪري چڪو هجي.

                        اها حقيقت آهي ته هيءَ حالت صحبت يافته ماڻهن کي به ڪن علامتن ڏسڻ سان ۽ قريني ۽ قياس سان يقيني طور سمجهه ۾  اچي سگهي ٿي. جو شخص اهڙن پاڪ ماڻهن سان صحبت رکندو، اهو انهن کان ايمان حاصل ڪري سگهندو ۽ اهي ماڻهو ئي آهن، جن جي مجلس ۾ رهڻ وارو  ڪڏهن به نامراد ۽ دکي نه ٿيندو، پر جنهن کي انهن جي صحبت ئي  دستاب نه آهي، ته پوءِ اهو ماڻهو به ان ”حالت“ جو امڪان دليلن ۽ ثابتين سان يقينن ڄاڻي سگهي ٿو. اسان اهڙو  بيان پنهنجي ڪتاب ”احياءُ العلوم الدين“ جي هڪ باب ”عجائب القلوب“ ۾ ڏنو آهي، دليل ۽ ثابتيءَ سان جا ڳالهه معلوم ٿئي ٿي، تنهن کي ”علم“ (چئبو) آهي، عين ان حالت جي واقفيت کي ”ذوق“ سڏبو آهي، ۽ ٻڌڻ ۽ تجربي سان سٺو گمان رکي قبول ڪرڻ ”ايمان“ جو نالو آهي. هي ٽي درجا آهن ”الله تعاليٰ، توهان مان ايمان وارن، ۽ اهي جن کي علم آهي، تن جا درجا مٿي ڪيا آهن“(٥)

                        هنن (صوفين) جي مخالفت ۾ جاهل ماڻهن جي جماعت آهي، جي(جاهل) ماڳهين تصوف جي اصل ۽ بنياد جو ئي انڪار ڪن ٿا ۽ هن قسم جي ڳالهين تي عجب کائين ٿا، ۽ ٻڌي ڪري ٺٺوليون ڪن ٿا، چون ٿا ته ”اڙي هيءَ ته عجيب ڳالهه آهي! اهي (صوفي) ڪهڙي نه بيهوده بڪواس ڪن ٿا!“ الله تعاليٰ وري  اهڙن معتلق فرمايو آهي ته ”انهن مان ڪي توکي ٻڌن ٿا، مگر جڏهن توکان ٿي، ٻاهر وڃن ٿا، تڏهن  اهي علم وارن کان پڇن ٿا ته هن هينئر ڇا چيو؟ آهي، اهي شخص آهن، جن جي دلين تي الله تعاليٰ مهر هڻي ڇڏي آهي ۽ هو پنهنجن  نفساني خواهشن جي پيروي ڪن ٿا ۽ هن(سندن بدعملن جي پاداش ۾) انهن کي ٻوڙو ۽ اکين کان انڌو ڪري ڇڏيو آهي“(٦) صوفين جي طريقي تي هلڻ جي تجربي مان جا ضروري ڳالهه مون اڳيان پڌري ٿي آهي، سا آهي”نبوت جي حقيقت ۽ ان جي خاصيت“ ڇاڪاڻ ته  ان جي سمجهڻ جي گهڻي گهرج آهي؛  لهذا ان جي اصولن کان ماڻهن  کي روشناس ڪرائڻ تمام ضروري ڪم آهي.

نبوت جي حقيقت

۽ نبوت ڏانهن مخلوق  جي محتاجي ڇو آهي؟

                        ڄاڻڻ گهرجي ته انسان جيڪو اصل فطرت جو هر خالي ۽  سادو خلقيو  ويو آهي، ان کي الله تعاليٰ جي جهانن جي ڪابه خبر ڪانه آهي. جهان ته وري ڳاڻيٽي کان ئي ٻاهر آهن، جن کي فقط الله تعاليٰ ئي ڄاڻي ٿو، جيئن سندس قول آهي ته ”تنهنجي رب جي فوجن کي سواءِ ان جي ٻيو ڪو به نٿو ڄاڻي.“(٧)  ماڻهوءَ کي جهان جي خبر ادراڪ ذريعي  پوي ٿي ۽ اهو ادراڪ ان لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي، ته ان جي وسيلن سان موجوده  دنيائن مان ڪنهن دنيا کان واقف ٿي سگهي. دنيائن مان اسان جي مراد موجودات جون جنسون آهن. پهرين  چيز، جا ماڻهوءَ ۾ خلقي ويئي، سا ڇهڻ جو حس هو، جنهن سان هو موجودات جي جنس جو ادراڪ ڪري ٿو: مثلاً گرمي، سردي، تري، خشڪي، نرمائي ۽ کرائي وغيره. ڇهڻ جو حس رنگن ۽ آوازن جي پروڙ کان قاصر آهي، بلڪه انهن جي ڄاڻ کان بنهه بيوس، ٻيو منجهس ڏسڻ جو حس پيدا ڪيو ويو، جنهن وسيلي  هو رنگن ۽ شڪلين جو ادراڪ  ڪري ٿو، ۽ محسوسات جي جهانن مان هي وڏي ۾ وڏو جهان آهي. ان  بعد منجهس ٻڌڻ جو حس پيدا ڪيو ويو، جنهن سببان هو ڪيترن قسمن جي آوازن کي ٻڌي ٿو. تنهن کان پوءِ ، کيس ذوق جو حس ڏنو ويو، ۽ اهڙيءَ طرح سان ٻيا به تان جو هو اچي  محسوسات جي دنيا تي حاوي ٿيو. جڏهن ستن سالن جي ويجهو ٿئي ٿو، تڏهن منجهس ” تميز“ جو حس (فرق سڃاڻڻ جي قوت) خلقيو وڃي ٿو ۽ هيءَ جا سندس وجود جي ترقين مان هڪ ترقي آهي تنهن جي هو عالم محسوس ڪرڻ کان سواءِ ٻين شين جو ادراڪ ڪري ٿو، جن مان ڪابه  هن حسي  جهان ۾ ڏسي نٿي سگهجي. ائين ترقي ڪندي اڳتي وڌندو ٿو وڃي. ان کان پوءِ  کيس عقل ڏنو وڃي ٿو، جنهن سان هو ”واجب“، ”جائز“، ”ناممڪن“ ۽ ٻين اهڙين شين جو ادراڪ ڪري ٿو، جي اڳ ۾ نه هيون.

                        عقل کان اڳئي ۽ مٿي به هڪ  حالت آهي، جنهن ۾ سندس هڪ نئين اک کلي ٿي، جهن سان هو اڻ ڏٺي (غيب) مستقبل جي حالتن ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين کي ڏسي ٿو. هتي عقل اهڙو لاچار آهي، جهڙي تميز جي قوت معقولات جي ادراڪ ڪرڻ  کان لاچار آهي ۽  حس جي قوت تميز جي شين کان بيوس آهي ۽ جهڙيءَ طرح تميز جي درجي کي پهتل(مميز)  اڳيان جڏهن عقلي شيون آنديون وڃن ٿيون. تڏهن هو انهن کي رد ڪري ٿو ۽ مڃي نٿو، اهڙيءَ طرح سان جڏهن ڪنهن عاقل جي سامهون نبوت جون ڳالهيون اچن ٿيون. تڏهن هو انهن کان انڪار ڪري ٿو ۽ مٿن ايمان نٿو آڻي. هيءُ نسورو جهل آهي، ڇالاءِ ته انهن وٽ ڪا اهڙي سند ئي ڪانهي، سواءِ هن جي ته اها هڪ اهڙي حالت آهي، جنهن کي هو نه رسيا آهن، لهذا سندن خيال موجب اها موجود ئي نه آهي! جو ماڻهو ڄائي ڄم کان  انڌو آهي ۽ ماڻهن کان رنگن ۽ شڪلين بابت ڪجهه به نه ٻڌو اٿس، ان کي جيڪڏهن  پهريون ڀيرو رنگ بابت ڳالهه ٻڌائبي، ته يقينن هو انهن کي سمجهندو ئي ڪونه ۽ نه ڪو  انهن کي مڃيندو ئي سهي (ته ڪي رنگ ۽ شڪليون وجود ۾ آهن)

                        تحقيق الله تعاليٰ، پنهنجي مخلوق  تي خاص مهرباني ڪري، کين به نبوت جي خاصيت مان هڪ نمونو عطا ڪيو آهي، ۽ اهو آهي”ننڊ“ . ننڊ ۾ ماڻهو آئينده جي حال ادراڪ ڪري ٿو. پوءِ اهو چٽو يا مثال جي  پوشاڪ ۾ ڍڪيل، جو تعبير ذريعي ظاهر ٿيو  پوي. هاڻي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ هي تجربو خود نه ڪيو هجي ها، ۽ کيس چيو وڃي ها ته ”ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جي ائين (غش ٿيا) ڪري پيا آهن،  ڄڻڪ مئل آهن، انهن جون اکيون، ڪن ۽ ٻيا حس گم ٿي ويا آهن، تنهن  هوندي به هو ”غيب کي ڏسن ٿا“ ته هو بلڪل انڪار ڪري ها، ۽ ان  جي نه ٿيڻ جو هي دليل پيش ڪري ها ته ”حسي قوتون، ادراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ لازمي سبب آهن، هاڻي جڏهن حسي قوتن جي(موجود) هوندي ئي ماڻهو انهن(غيب جي) شين جو ادراڪ نٿو ڪري سگهي، ته پوءِ انهن جي غير موجودگيءَ ۾ انهن شين جو ادراڪ ڪيئن ڪري سگهندو؟“ اصل ۾  هڪ قياس جو قسم آهي. جنهن کي وجود(شيءَ جو موجود هجڻ) ۽  مشاهدو غلط  ثابت ڪن ٿا. جهڙيءَ طرح عقل ماڻهو جي حالتن مان هڪ حالت آهي، جنهن ۾ کيس اهڙي اک  حاصل ٿئي ٿي، جنهن سان هو عقل وارين ڳالهين (معقولات کي ڏسي ٿو ۽ حواس انهن ڳالهين کان لاچار آهن، تهڙيءَ طرح سان نبوت به هڪ (ترقيءَ جي) حالت آهي، جنهن ۾ هڪ نوراني اک ملي ٿي، جنهن اڳيان سارو غيب ظاهر ٿي پوي ٿو. ۽ ان ذريعي اهڙيون ڳالهيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون جي عقل جي پهچ کان ٻاهر آهن.

                        نبوت ۾ شڪ آڻڻ  جا هي سبب آهن ـــ      (1) ڇا، اها ممڪن به آهي؟ (2) وجود ۾ اچي سگهي ٿي؟ (3) ڪنهن خاص شخص کي حاصل به ٿي آهي؟

                        ان جي ممڪن هجڻ جو دليل ان جو موجود هجڻ ئي آهي، ۽ ان جي موجود هجڻ جو دليل وري هي آهي ته جهان ۾ ڪيترا اهڙا عمل موجود آهن، جي عقل سان حاصل به ڪري نٿا سگهجن، جيئن ”طب“ ۽ نجوم جو علم جنهن به ان علم جي کوجنا ڪئي آهي،  تنهن کي هي لازمي  طور معلوم ٿيو آهي ته اهو (علم) الاهي الهام ۽ الله تعاليٰ جي توفيق بغير ڪڏهين به حاصل ٿي نٿو سگهي، ۽ اتي تجربو  بيڪار آهي. جڏهن ته علم نجوم جا ڪي قاعدا واقعن تي مدار رکن ٿا، جي (واقعا) هزار سالن ۾ هڪڙو دفعو مس ٿين ٿا ته پوءِ ان حالت ۾ تجربي ذريعي ان کي ڪيئن پهچي  سگهبو؟ دوائن جون خاصيتون به اهڙيءَ طرح آهن ۽ اتي به اها ساڳي ئي ڳالهه آهي. هن دليل سان هيءَ ڳالهه پڌري ٿي پيئي ته وجود ۾ هڪ  اهڙي طريقي جو  هجڻ ممڪن آهي، جنهن سان اهي ڳالهيون پروڙي سگهجن ٿيون. جن کي عقل نٿو پروڙي سگهي ۽ ان مان مراد ”نبوت“ آهي.

                        ليڪن نبوت جي فقط هيءَ معنيٰ نه آهي ته رڳو ان علم کي ظاهر ڪري ۽  بس ، پر هن قسم جو  ادراڪ ڪرڻ، يعني انهن حقيقتن جو ادراڪ ڪرڻ، جي عقل جي دائري کان سواءِ ان جون ٻيون ڪيتريون ئي خاصيتون آهن، جن متعلق جو ڪجهه اسان ٻڌايو آهي، سو ان جي سمنڊ جو هڪ ڦڙو آهي. اسان ان کي انهيءَ لاءِ آهي ته تون سمجهين ۽ ڏسين ته ان جو نمونو  تو ساڻ به آهي ۽ اهو تنهنجو ننڊ جي حالت ۾ غيب جي شين جو ادراڪ حاصل ڪرڻ آهي، ياد رهي ته ان جي جنس مان طب جو علم ۽ نجوم جو علم به تنهنجي سامهون آهن، هي نبين سڳورن جا معجزا آهن ۽ عقل اتي لاچار آهي.

                        نبوت جي هن خاصيت کان سواءِ ٻيون خاصيتون، تصوف جي طريقي تي هلڻ مان، ”ذوق“ سان ئي  سمجهه ۾  اينديون ڇاڪاڻ ته هيءَ خاصيت ته تون هڪ نموني مان ئي سمجهي ورتي جا ننڊ آهي، ۽ جيڪڏهن اها ننڊ نه هجي ها(جنهن ۾ تون غيب جون ڳالهيون ڏسين ٿو) ته تون ان تي ڪڏهن به ايمان نه آڻين ها، تنهن ڪري جيڪڏهن نبيءَ کي هڪ اهڙي خاصيت هجي، جنهن جو تو وٽ ڪو نمونو ئي نه هجي ۽ ان کي تون ڪنهن طرح  سمجهي به نه سگهين، ته پوءِ تون ان جي تصديق ڪيئن  ڪندين“ تصديق به هميشه سمجهڻ کان پوءِ ٿيندي آهي. هاڻي اهو نمونو(يڪسان تجربو)، تصوف جي طريقي جي شروع (اوائل) ۾ حاصل ٿئي ٿو، ۽ پوءِ ترقي آهر، ”ذوق“پلئي پوي ٿو، ۽ قياس ذريعي ڪجهه تصديق  به ملي ٿي، بس هيءَ هڪڙي خاصيت ئي  توکي نبوت جي اصول تي ايمان آڻڻ لاءِ ڪافي آهي.

                        باقي جيڪڏهن توکي ڪنهن خاص شخص لاءِ شڪ آهي ته هي نبي آهي يا نه، ته اهڙو يقين تون ان جي حال احوال  معلوم ڪرڻ  مان ئي  حاصل ڪري سگهين ٿو، پوءِ تون هي حال احوال پنهنجي ذاتي مشاهدي ڪرڻ سان هٿ ڪرين يا ٻڌل ڳالهين تي اعتبار ڪري ان کي سچو سمجهين.

                        مثال طور جيڪڏهن توکي طب ۽ فقه جي ڪا ڄاڻ سڃاڻ آهي، ته پوءِ تون فقيهن ۽ طبيبن کي به ،سندن حال احوال کي ڏسڻ يا ٻڌڻ سان سمجهي سگهندين، امام شافعي متعلق پوءِ  اها معلومات ته هو فقيه آهي، ۽ جالينوس طبيب آهي، تو لاءِ ڪا مشڪل ڳالهه نه آهي، ڇا لاءِ ته تنهنجي معلومات حقيقت جي بنياد  تي آهي، ۽ نه ڪنهن ٻئي جي فيصلي تي هائو تون جڏهن فقه ۽ طب مان ڪجهه سکين ٿو، ۽ انهن جا ڪتاب مطالع ڪرين ٿو، تڏهن لازمي طور تي توکي انهن جي حال جو ضروري علم حاصل ٿي وڃي ٿو، اهڙيءَ طرح سان جڏهن تون نبوت جي معنيٰ  کي سمجهندين، قرآن ۽ حديث ۾ بار بار نظر وجهندين، تڏهن توکي هي ضروري علم هٿ اچي ويندو. ته  نبي ڪريم ﷺ جن نبوت جي نهايت  بلند  درجي کي  رسيل آهن. ان ڳالهه ۾ يقين  خاطر تون سندس قولن کي آزماءِ، جي هن عبادت بابت چيا آهن، ته ”عبادت دل جي صفائي لاءِ وڏو اثر رکي ٿي“ مثلاً ڪهڙو نه سچو ارشاد فرمايو اٿن. ته ”جيڪو پنهنجي علم موافق عمل ڪري ٿو، ان کي الله  تعاليٰ اهو ڪجهه نصيب ڪري ٿو، جو کيس اڳ نه هو“(٨)  ۽ چيو اٿن ته ”جنهن  ظالم جي مدد ڪئي ته الله تعاليٰ ان (ظالم) کي انهيءَ مٿان قابض ڪندو“(٩) يا جيئن فرمايو اٿن ته ”جو صبح جو فقط هن هڪڙي فڪر (ڳڻتي) سان اٿيو (ته جيئن اٿي نماز پڙهان)، ته ان لاءِ الله تعاليٰ سندس  دنيا ۽  آخرت جي فڪرن لاءِ  ڪافي آهي.“(١٠)  جڏهن تون انهن سڀني ڳالهين جو تجربو ڪندين، هزار نه بلڪ  ڪئي هزار دفعا ڪري بس ڪندين، ته پوءِ توکي اهڙو ضروري علم حاصل ٿي ويندو، جنهن ۾ شڪ لاءِ ڪائي جڳهه نه هوندي.

                        هن ئي طريقي سان  تون نبوت ۾ يقين رکڻ جي ڳولا ڪر، ۽ نه هن لحاظ کان ته اها لٺ کي نانگ بنايو ٿي ڇڏي، يا چنڊ کي چيريو ٿي وجهي! ڇا لاءِ جو جيڪڏهن تون فقط هڪ ڳالهه کي خيال ۾ آڻيندين، ۽ انهن بيشمار حالتن کي درگذر ڪندين، جي ان سان لاڳو آهن، ته پوءِ وقتي طور تون اهو خيال ڪري ويهندين ته اهو جادو ۽ دوکو  هو ۽ اها خدا تعاليٰ جي طرفان هڪ گمراهي هئي، جو هو ”جنهن کي چاهي گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي چاهي هدايت وارو ڪري ٿو.“(١١)

                        هن طريقي سان ته پوءِ، معجزي متعلق، ڪيترائي سوال اچي تنهنجي مٿان ڪڙڪندا، پوءِ جيڪڏهن تنهنجو ايمان  هڪ مرتب ڪلام تي مبني آهي، جنهن ڪلام ۾ معجزي تي بحث هوندو ته پوءِ تنهنجو اهو ايمان  هڪ اهڙي سلسليوار ڪلام اڳيان بيهي نه سگهندو، جنهن ۾ معجزي  بابت  شڪ ۽ مشڪلات تي بحث ڪيل هوندو. سمجهو کڻي ته هن قسم جا معجزا تنهنجي جملي خيالن جي دليلن ۽ لاڳو حالتن سان ٺهڪيل آهن ۽ تون ضروري علم حاصل به ڪرين ٿو، ليڪن ان هوندي به تون چئي نٿو سگهين ته ان جو بنياد ڇا تي آهي، هيءُ ته ان ماڻهوءَ مثل آهي، جنهن کي  هڪ جماعت کان ڪا خبر ملي ٿي، جا ائين ئي گهڻي زماني کان هلندي اچي  ٿي، پر هو چئي نٿو سگهي ته کيس يقين ڪنهن هڪ خاص شخص کان حاصل ٿيل آهي. الٽو کيس اها  به خبر نه آهي ته ان جو منڍ ۽ بنياد ڪٿي آهي نه ته اهو (علم، يقين) ڪو مجموعي کان ٻاهر ئي آهي ۽ نه وري ڪنهن  خاص شخص وٽ ئي بند آهي. هيءُ ته مضبوط ۽ علمي ايمان آهي. باقي ”ذوق“ سو ته مشاهدي ۾ هٿ سان وٺڻ (جيئن ڪا شيءِ هٿ سان وٺجي ۽ دير نه لڳي) مثل آهي، ۽ اهو صوفين جي طريقي کان سواءِ هٿ نه اچي سگهندو.  في الحال، هيتري قدر نبوت جي حقيقت بيان ڪرڻ منهنجي مقصد لاءِ ڪافي آهي ۽ هاڻي مان ان جي ضرورت  جو ذڪر ڪريان ٿو.

عالم کان منهن موڙڻ بعد موٽي ان جي اشاعت ڪرڻ جو سبب

        جڏهن مان خلوت ۽ اڪيلائيءَ ۾، ڏهه سال  کن لڳو رهيس تڏهين مون کي هن ڳالهه جو گهڻن ئي سببن جي ڪري، ضروري علم حاصل ٿيو، پوءِ ڪنهن وقت ”ذوق“ ذريعي، ڪنهن وقت برهاني علم جي معرفت  ، ته ڪنهن وقت  وري ايماني قبوليت (قبول) جي وسيلي:  مراد انهيءَ روح  جي حقيقت آهي، جا الله تعاليٰ سڃاڻڻ جي جاءِ آهي  نه گوشت ۽ رت گڏيل دل ، جا مردي ۽ جانور ۾ به آهي، مون ڏٺو ته جهڙي طرح جسم لاءِ تندرستي سعادت آهي ۽ مرض جسم لاءِ تباهي آهي، اهڙيءَ طرح  روح لاءِ به هڪ طرف تندرستي ۽ سلامتي آهي. ۽ ڪو به ڇوٽڪارو نه پائيندو، مگر ”اهو جو الله تعاليٰ وٽ سليم قلب سان ايندو“(١٢)  ته ٻئي طرف بيماري  به آهي، جنهن ۾ سندس  آخروي ۽ ابدي تباهي آهي، جيئن جو الله تعاليٰ فرمايو آهي ته ”انهن جي دلين ۾ بيماري آهي.“(١٣) هيءَ ڳالهه روشن  ٿيم ته الله تعاليٰ کان جاهل رهڻ هڪ  قاتل زهر  آهي ۽ نفس جي خواهش جو  پوئلڳ ٿي، الله تعاليٰ جي نافرماني ڪرڻ انهيءَ مرض کي وڌائي ٿو، ۽ الله  تعاليٰ کي ڄاڻن سڃاڻڻ (دل لاءِ) هڪ حياتي ڏيندڙ ترياق آهي ۽ نفس جي حوس کي ريٽي سندس (الله تعاليٰ) پيروي ڪرڻ (ان لاءِ) شفا بخشيندڙ  دوا آهي. ان جي مرض دور ڪرڻ ۽ صحت حاصل  ڪرڻ لاءِ دوائن کان سواءِ، ٻيو ڪو رستو ئي ڪو نه  هو، جيئن جو بدن جي علاج لاءِ به اهو  ئي رستو  آهي. ۽ جيئن ته بدن جون دوائون  ڪن خاصيتن ڪري تندرستي آڻين ٿيون، جن (خاصيتن) کي عقل وارا پنهنجي عقل جي موڙيءَ سان سمجهيو نٿا سگهن.، تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته اهڙن طبيبن جو چيو  مڃيو وڃي، جن اهي ڳالهيون پيغمبرن کان سکيون آهن ۽ جن وري پنهجي نبوت جي خاصيت  جي معرفت شين جي خاصيتن کان واقفيت  حاصل ڪئي آهي.

                        اهڙيءَ طرح ، مون اڳيان هي به ضروري علم کلي پڌرو ٿيو ته عبادتون جن جون حدون ۽ انداز پيغمبرن طرفان مقرر ٿيل آهن، تن جي اثر کي عقلمند پنهنجي عقل جي سامان سان پروڙي نٿا سگهن. اتي به اهو واجب آهي ته پيغمبرن جي پيروي ڪئي وڃي. جن انهن خاصيتن کي نبوت جي روشنيءَ سان سمجهيو آهي ۽ نه عقل جي موڙيءَ ذريعي. جهڙيءَ طرح دوائون خطن مان ٺهيل آهن، جي (خط) جنس ۽ مقدار ۾ مختلف آهن، جن مان هڪڙا وزن ۽ مقدار ۾ ٻين جي ٻيڻ آهن. ۽ اهو ظاهر آهي ته انهن جي مقدار ۾ اهو اختلاف خاصيتن جي ڪنهن  راز کان خالي نه آهي،  تهڙيءَ طرح عبادتون جي دلين جي بيمارين جون دوائون آهن، ڪن فعلن (ڪمن) مان  جڙيل آهن، جي جنس ۽ مقدار(انداز) ۾ اختلاف  رکن ٿا، جيئن جو سجدو ظاهر ۾ رڪوعن کان ٻيڻا آهن، ۽ صبح جي نماز مقدار ۾ شام جي نماز جو اڌ آهي ۽ اهي انداز ڪنهن  راز کان خالي نه آهن، ۽ جي خاصيتون انهن ۾ سمايل آهن، تن کان  نبين سڳورن کان سواءِ ٻيو ڪو به واقف ٿي نٿو سگهي.

حوالا:

(١) ”حلول“ چئبو آهي، ڪنهن هڪ شيءِ جو ٻيءَ شيءِ  ۾ اهڙيءَ طرح داخل ٿي وڃڻ کي، جو  منجهن فرق باقي نه رهي، ۽ انهن ٻنهي مان هر هڪ کي انهيءَ ساڳي نالي سان پڪاري سگهجي. ان مان صوفين جي  مراد آهي ته الله تعاليٰ عارفن ۾ حلول ڪري ٿو.

(٢) ”اتحاد“ وري ٻن شين جي ملي وڃڻ کي چئبو آهي، صوفين جي  عرف پٽاندر ان جي معنيٰ آهي ”حق  جو مشاهدو ڪرڻ ۽ ان سان ملي وڃڻ“ مگر هي ميلاپ اهڙو هجي، جو هر شيءِ حق سان موجود رهي ۽ ان کانسواءِ

(٣)  غالبا ”وصول“ مان امام غزاليءَ جي  مراد آهي ” واجب الوجود سان متصل ٿيڻ.“

(٤)  (اتي) جو ڪجهه  هو، سو هو، مان اهو سلي نٿو سگهان، (اي منهنجا دوست) گمان سٺو رک ۽ بي(ان بابت) خبر ئي نه پڇ!

(٥)   قرآن مجيد ــــ یَرۡفَعِ اللّٰہُ  الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا مِنۡکُمۡ ۙ وَ الَّذِیۡنَ  اُوۡتُوا  الۡعِلۡمَ دَرَجٰتٍ ؕ (المجادله:١١)

(٦) قرآن ـــ وَ مِنۡہُمۡ  مَّنۡ یَّسۡتَمِعُ  اِلَیۡکَ ۚ حَتّٰۤی  اِذَا خَرَجُوۡا مِنۡ عِنۡدِکَ قَالُوۡا لِلَّذِیۡنَ اُوۡتُوا الۡعِلۡمَ  مَاذَا  قَالَ  اٰنِفًا ۟ اُولٰٓئِکَ الَّذِیۡنَ طَبَعَ اللّٰہُ  عَلٰی قُلُوۡبِہِمۡ وَ اتَّبَعُوۡۤا  اَہۡوَآءَہُمۡ ﴿۱۶﴾ .

(٧)  المدثر٢١ ـــ وَ مَا یَعۡلَمُ جُنُوۡدَ  رَبِّکَ اِلَّا ہُوَ ؕ .

(٨)  ضعيف حديث آهي.

(٩)  حديث جي مشهور ڪتابن ۾ هيءَ حديث  نٿي ملي.

(١٠)  حديث جي مشهور ڪتابن ۾ هيءَ حديث  موجود نه آهي.

(١١)  النحل-٩٣ ـــ یُّضِلُّ مَنۡ یَّشَآءُ  وَ یَہۡدِیۡ مَنۡ یَّشَآءُ ؕ

(١٢)   الفرقان-٨٩ ـــ اِلَّا  مَنۡ  اَتَی اللّٰہَ  بِقَلۡبٍ سَلِیۡمٍ .

(١٣)   قرآن مجيد ـــ فِیۡ قُلُوۡبِہِمۡ مَّرَضٌ ۙ .