ڇوٽڪارو — المنقذ من الضلال  جو سنڌي ترجمو

idara letterhead universal2c

ڇوٽڪارو — المنقذ من الضلال  جو سنڌي ترجمو

 حجة الاسلام امام غزالي رحه           ترتيب: پروفيسر غلام حسين جلباڻي  (٥)

صوفين جا طريقا

        مان جڏهن هنن علمن کان فارغ ٿيس،  تڏهن  صوفين جي طريقن طرف پنهجي مضبوط ارادي ۽ همت  سان موٽيس. مون کي هي اڳي ئي  معلوم هو ته انهن جو طريقو ”علم“ ۽ ”عمل“ سان مڪمل ٿئي ٿو. انهن جي عمل مان مراد  هيءَ آهي ته نفس جي لاهين چاڙهين کي لتاڙي پار پئجي، ردي اخلاق ۽ ڪنن صفتن کان پاڻ کي  پا صاف ڪجي، ايتري قدر جو دل کي سواءِ الله  تعاليٰ جي بلڪل خالي ڪري ڇڏجي  ۽ ان کي سندس ياد سان سينگاري ۽ زيب ڏجي. مون لاءِ علم عمل کان وڌيڪ آسان هو. تنهن ڪري انهن جي علم  جي تحصيل سندن ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ سان شروع  ڪيم؛  مثلاً ”قوت القلوب“   جو ابوطالب  مڪيءَ(١) جو    لکيل    آهي،  لحارث   المحاسي(٢)  جا  ڪتاب ، ۽ جنيد(٣)، شبلي(٤)ابوبزيد بسطاميءَ(٥)جن جون  چوڻيون ڪرڻيون ۽ انهن  جي وڏن جو ڪلام نظر مان ڪڍيم، تان جو اچي انهن جي علمي  مقصدن جي تهه کي پهتس ۽ جو ڪجهه تعليم ۽ سماع جي ذريعي حاصل ڪرڻ ممڪن هو، سو سڀ پرايم.

                        مون تي هيءَ  حقيقت ظاهر ٿي ته انهن جي خاصيتن ۾، جا نهايت اهم خاصيت اهي، سا تعليم جي رستي تي ڪڏهين حاصل ڪري نٿي سگهجي، ان کي فقط ”ذوق“ حال ۽ اخلاق ردوبدل (تبديل صفات) سان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. تندرستي ، ڍوء ۽ انهن (ٻن) جي سبنن ۽ شرطن کي سمجهڻ ۽  خود تندرست ۽ ڍوال هجڻ درميان ڪيترو نه فرق آهي! اهڙيءَ طرح سان نشي جي سبب کي سمجهڻ، جو انهن بخارن جي غلبي جي هڪ حالت آهي، جي (بخار) معدي کان مٿي چڙهيو اچيو فڪر جي جاين تي غالب پون ٿا، ۽ خود نشي ۾ ڪيترو نه تفاوت آهي! نشئي جڏهن نشي جي حالت ۾ آهي، ته هن کي  ان نشي جي معنيٰ ۽ ان جي بنيادن کي ڄاڻي ٿو، مگر ان هوندي به هو ان نشي کان صفا خالي آهي. طبيب، بيماريءَ جي حالت ۾ صحت ۽ ان جي سببن ۽ ان جي دوائن کي خوب ڄاڻي ٿو، مگر تنهن هوندي به هو پاڻ صحت وڃائي ويٺو آهي. اهڙيءَ طرح سان زهد؛ ان جي شرطن ۽ سببن جي حقيقت کان ڄاڻڻ ۽ خود زاهد (پرهيزگار) ۽ دنيا کان لاتعلق جي وچ ۾ به فرق آهي، مون يقين سان سمجهي ورتو ته اهي (صوفي) ”احوال“ جا مالڪ آهن ۽  نه ”اقوال“ جا يار ۽ جو ڪجهه علم جي ذريعي حاصل  ڪرڻ ممڪن هو، سو ته مون (بلاشڪ) حاصل ڪيو آهي، هاڻي باقي اهو ڪجهه وڃي رهيو آهي، جو تعليم ۽ سماع سان ڪڏهين به هٿ ڪري نٿو سگهجي، مگر ان کي فقط ”ذوق“ ۽ سلوڪ“ سان ئلهي سگهجي ٿو، ان کان سواءِ ٻي ڪابه راهه نه آهي.

                        مان جنهن وقت شرعي ۽ فلسفي علمن جي تفتيش ۾ رڌل هوس، ۽ ان دوران  ۾ جن علمن سا مون مٿو هنيو ۽ جي رستا مون طئي ڪيا، تنهن وقت مون  کي الله تعاليٰ جي، نوبت ۽ آخرت ۾ پورو پورو  ايمان حاصل ٿي چڪو هو. ايمان جا هي  ٽي اصول  منهنجي اندر ۾  گهڻا پختا ٿي ويا هئا. ڪنهن معين، کليل ثابتيءَ سببان نه، مگر ٻين ڪيترن سببن، لاڳاپن ۽ تجربن جي ڪري، جن جو تفصيل ڳاڻيٽي کان ئي ٻاهر آهي.

                        مون اڳيان هيءَ ڳالهه خوب ظاهر ٿي ويئي هئي ته خدا تعاليٰ جي خوف (تقوي) کان سواءِ  ۽ نفس کي اجاين خواهشن کان روڪڻ بغير، آخرت جي سعادت جي ڪا اميد ڪانهي. ان ڳالهه جو منڍ هي هي آهي ته دل جو لاڳاپو دنيا کان ڪاٽيو وڃي، هن فريبي دنيا کان منهن موڙي،  غير  فاني گهر ڏانهن منهن ورائجي، ۽ پنهنجو سارو خيال الله تعاليٰ ڏانهن ڦيرائجي. هاڻي هي تڏهين ئي ٿي سگهندو، جڏهين ماڻهو پنهنجي مال، شان شوڪت ۽ ٻين ڪمن ڪارين کان پاڻ کي ڇني پري ڪندو. پوءِ مون پنهنجي حال جي چڪاس ورتي ۽ ڏٺم ته مان ته ڪيترن ئي لاڳاپن ۾ جڪڙيو پيو آهيان، جن مون کي هر طرف کان گهيرو ڪري ورتو آهي. نيٺ پنهنجي علمن جو ملاحظو ڪيم، جن ۾ بهترين ڪم تدريس ۽ تعليم جو آهي، ڏٺم ته مان ته اهڙن علمن ۾ رڌل آهيان، جن مان آخرت لاءِ ڪوبه کڙتيل نه ٿو نڪري. موٽي، تدريس متعلق پنهنجي نيت جو جائزو ورتو. ڇا کڻي ڏسان ته اها(درس ۽ تدريس جو ڪم، جو مان ان وقت ڪندو هوس) به خدا تعاليٰ ڪرڻ نه آهي. مگر ان جو اصلي سبب نالي ۽ ناموس جو حاصل ڪرڻ آهي. بس پوءِ ته يقين ٿيم ته مان هڪ پاڻيءَ کاڌل ڪمزور ڪناري جي اصل ڇيڙي تي آهيان ۽ مان دوزخ جي بلڪل ويجهو اچي پهتو  آهيان، هاڻ جيڪڏهن پنهنجي حال جو سڌارو نٿو ڪريان. ته منهنجو بچڻ ڪونهي.

                        مان ان تي ڪافي عرصي  تائين فڪر ڪندو رهيس، مگر ڪنهن قطعي فيصلي تي  ڪو نه پهتو هوس. هڪ  ڏينهن اهو پڪو  ارادو ٿي ڪيم ته بغداد  کان ٻاهر نڪري وڃان ۽  هنن  حالتن کي خير باد چئي   ڇڏيان. ته وري ٻئي ڏينهن اهڙي ارادي کي پئي ٽوڙيم. هڪ قدم اڳتي ٿي وڌايم، ته ٻيو وري پٺتي ٿي هٽايم، جيڪڏهن آخرت جي شوق صبح جو اچي ٿي ورايم ته وري خواهش جي لشڪر شام جو سخت حملو ڪري کيس چٽ ڪري ٿي ڇڏيو. هڪ طرف  دنيا جي خواهشن مون کي پنهنجي زنجيرن سان ڇڪي هت ويهارڻ ٿي گهريو، ته ٻئي طرف وري ايمان جو پڪاريندڙ پڪاري رهيو هو ته ”ڪوچ ڪر، ڪوچ ڪر ! تنهنجي عمر باقي ٿوري وڃي رهي آهي ۽ تو اڳيان سفر اڃا  گهڻو وڏو آهي ۽ جو ڪجهه علم ۽ عمل تو وٽ آهي، سو سڀ رياءُ ۽ فريب آهي، تون جيڪڏهن آخرت لاءِ هينئر تياري نه ڪندين ته پوءِ ڀلا ڪڏهين تيار ٿيندين ؟ ۽ جيڪڏهن تون هي لڳ لاڳاپا هاڻي قطع نه ڪندين ته پوءِ ڪڏهن ڪندين؟ “ ان وقت دل جو جوش حرڪت ۾ آيو ٿي ۽ اتان ڀڄي وڃڻ جو ارادو پختو ٿيو ٿي!

                        ليڪن شيطان موٽي اچي ٿو چوي ته ”هيءَ  هڪ عارض حالت آهي، تون ان سان اتفاق نه ڪر، ڇا لاءِ  جو اها جلد ئي هلي ويندي، ۽ جيڪڏهن تون ان اڳيان جهڪندين  ۽ هن هيتري ساريءَ عزت ۽ شان کي ڇڏيندين ۽ هن آرام ۽ امن جي زندگيءَ کان منهن موڙيندين، جيڪا هر ڏک ۽ سور کان خالي آهي ته پوءِ هڪ ڏينهن تون پنهنجو پاڻ  سنڀاليندين، پر افسوس جو ان وقت توکي هي سک نصيب ٿئي نه سگهندو.“

                        اهڙيءَ طرح مون دنيا جي خواهشن جي ڇڪڻ ۽ آخرت جي ڪشش درميان تقريباً ڇهن مهينن (پهرين رجب سن 488هه) تائين  پئي لوڏا لما کاڌا. انهيءَ مهيني ۾ هيءَ ڳالهه اختيار جو دامن ڇڏائي وڃي اضطرار کي رسي، ان وقت الله تعاليٰ منهنجي زبان خشڪ ڪري ڇڏي  ۽ مان سبق ڏيڻ کان روڪجي پيس. دل چاهيم ٿي ته هڪ ڏينهن درس ڏيئي پنهنجن  شاگردن جي دل خوش ڪريان، مگر زبان هڪ  لفظ به ٻولي نه سگهي ۽ مان بلڪل لاچار رهيس. آخرڪار زبان جي هن روڪ دل ۾ مونجهه پيدا ڪئي. جنهن سان گڏ هاضمو به وڌندو رهيو ۽ کاڌي پيتي جو ڪو سواد باقي نه رهيو. نه ڪو شورو ئي ٿي  ڳهي سگهيس ۽ نه وري  ڪو لقمو ئي ٿي هضم ٿيم قوتون ايتري قدر ته ضعيف ٿي ويون جو طبيب  به منهنجي علاج کان  نااميد ٿي ويا. ۽ چيائون ته ” هيءَ دل جي بيماري آهي، جا ساري جسم ۾ پکڙجي ويئي آهي، جنهن جو هن کان سواءِ ٻيو ڪو به علاج ڪونهي ته  دل کي ڳڻتيءَ کان ڇڏايو وڃي.“

                        جڏهن  پنهنجي ڪمزوري محسوس ڪيم ۽ اختيار پنهنجي هٿن مان ويندي ڏٺم، تڏهن الله تعاليٰ ڏانهن موٽي پناهه گهريم، جيئن ڪو لاچار ۽ مجبور جنهن کي ڪا ٻي واهه نه هوندي آهي، موٽي اچي سندس پناري پوندو آهي. نيٺ منهنجو انهيءَ سڏ اونايو، جو ”بي وس جو سڏ اونائي ٿو، جڏهن هو کيس پڪاري ٿو.“(٦) ۽ منهنجي لاءِ دنيا جي عزت ۽  آبرو، اولاد ۽ دوستن کي ڇڏي وڃڻ، سهنجو ڪري ڏنائين، بظاهر ته مڪي ڏانهن ارادو ڪيم، حالانڪ دل ۾ شام وڃڻ جي نيت ڪئي هيم، ۽ اهو بهانو ان ڪري ڪيم جو خوف هوم ته متان خليفي ۽ دوستن کي  حقيقت جي خبر نه پوي (۽ پوءِ شام ۾ قيام ڪرڻ کان روڪي نه ڇڏين) بغداد کان ٻاهر نڪري وڃڻ جي حيلي کان مون سهڻي نموني ۾ سلجهايو ، ۽ هن ارادي سان ٻاهر نڪري آيس ته وري ان ۾ هر گز نه گهڙندس، عراق جي سڀني مذهبي پيشوائن  لاءِ مان  نڪته چينيءَ جو هڪ نشانو بڻجي پيس، ڇا لاءِ جو انهن ۾ ڪوبه هڪڙو اهڙو ڪو نه هو، جو منهنجي  هن حالت کان روگردانيءَ کي هڪ ديني سبب سمجهندو هجي، ڇاڪاڻ ته هو انهيءَ خيال جا هئا ته اهو (تعليم ڏيڻ وارو ڪم) دين ۾ هڪ وڏو درجو آهي. انهن جي علم جي اها هيءَ حد هئي!

                        ماڻهو منهنجي هن رستي اختيار ڪرڻ جي سببن کي ڳولڻ ۾ گهڻو منجهي پيا، جيڪي عراق کان پري هئا، تن جو هي خيال هو ته اهو هن ڪري آهي جو هن (غزاليءَ) کي حڪومت طرفان ڪجهه خطرو محسوس ٿيو آهي ۽ اهي جي سرڪاري حلقن جي ويجهو هئا ۽ جن  ڏٺو پئي ته ڪيئن نه سرڪاري حلقا مون سان تعلق وڌائڻ گهرن ٿا ۽ مون کي گهڻو چاهين  ۽ گهرن ٿا ۽ مان باوجود ان سببن کائن منهن موڙيان ٿو ۽ سندن  ڳالهه ئي نه ٿو وٺان، سي هن راءِ جا هئا ته ”اهو آسماني امر آهي، ان جو هن کان سواءِ ٻيو ڪو سبب ڪونهي،  اهل اسلام ۽ علم وارن(جي نصيبن) کي بد نظر لڳي آهي.“

                        بس پوءِ مون بغداد کي الوداع ڪئي ۽ جو ڪجهه مال هو، سو خيرات ڪري ورهائي ڇڏيم، پاڻ ۽ پنهنجي اولاد لاءِ  فقط قوت گذران جيترو رکيم اهو مان آسانيءَ سان ڪري ٿي سگهي، ڇا لاءِ جو عراق جي دولت  خير جي ڪمن  لاءِ هميشه  موجود رهندي هئي، ۽ اها مسلمانن لاءِ وقف ٿيل هئي، دنيا ۾ مون ڪٿي به اهڙو سٺو مالي انتظام نه ڏٺو آهي، جو هڪ عالم کي پنهنجي اولاد لاءِ  گذر مهيا ڪري  ڏئي. مان پوءِ شام ۾ داخل ٿيس، جت مون تقريباً ٻه سال گذاريا، اهو ساروئي عرصو اڪيلائيءَ، رياضت، مجاهدي، نفس کي پاڪ ڪرڻ اخلاق کي سڌارڻ۽ دل کي الله تعاليٰ جي ياد  لاءِ صاف ڪرڻ ۾ صرف ڪيم، جهڙيءَ طرح مون صوفين جي علم مان پرايو هو. دمشق جي مسجد ۾ گهڻي  وقت تائين اعتڪاف ۾ رهيس. ان جي مناري تي چڙهي دروازو  بند ڪري سڄو ڏينهن  ائين اڪيلائيءَ ۾ گذاريندو هوس. اتان به ڪوچ ڪيم ۽  بيت المقدس ۾ داخل ٿيس. جتي به سارو ئي ڏينهن دروازو بند ڪري صخرة(٧) جي اندر ئي اندر پاڻ  منهون رهڻ لڳس.

(١)  ابوطالب لمڪي(388هه) نهايت صالح ۽ عابد بندو هو هن توحيد ۾ ڪجهه  تصنيفون ڪيون آهن، بيان آهي ته سندس  صوفيانه رياضتون ڏاڍيون سخت هيون، ڪيتري زماني تائين کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو هئائين، ۽ فقط گاهه ٻوٽن تي گذر ڪندو هو، جنهن سببان سندس چمڙي به سائي ٿي پيئي هئي، هڪ دفعي جڏهن بغداد ۾ آيو ته  پنهنجي و عظم ۾ ڪجهه صوفيانه  ڪلام به ملايائين، جنهن ڪري ماڻهن  کيس  ٿو کٽا ڪري ڇڏيو، سندس ڪتاب ”قو ت القلوب“ تصوف ۾ هڪ بي نظير ڪتاب آهي، جنهن جهڙو کائنس اڳ اڳ ليو نه ويو آهي.

(٢)  الحارث  المحاسبي(297هه) چون ٿا ته  کيس  اهو نالو هن ڪري مليو  آهي، جو هو پنهنجي نفس جوخوب حساب وٺندو هو. پنهنجي زماني جي برڪ عالمن مان هڪ هو ۽ شرعي علمن جي غير معمولي  ڄاڻ رکندڙ هو. ڳالهه ڪن ٿا ته هن حديث،فقه  ڪلام ۽ تصوف ۾  ٽن سون جي لڳ ڀڳ ڪتاب  لکيا آهن.

(٣)  الجنيد (297هه) سندن ولادت ۽ نشو  و نما عراق ۾ ٿي، امام ابوثور  جن جي هٿ هيٺ فقه سکيائون. پنهنجي وقت  جو بزرگ ۽ لاثاني شخص هو. حقيقت متعلق جو ڪجهه لکيو اٿن. سو اڳي ئي مشهور آهي. صوفين جي نظر ۾ هو پوين  عالمن جو سردار آهي.

(٤)  الشبلي (247-334هه) پاڻ بغداد ۾  ڄاوا  ۽  نپنا هئا. هو الله تعالي ٰ جي انهن بندن مان هڪ آهي،  جن پنهنجي  ساري حياتي عبادت ۽  رياضت لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، سندن صحبت ۾ غير معمولي جاذبيت هئي، جيئن جو عام طور وڏن صوفين ۾ ڏٺي وڃي ٿي.

(٥)  ابويزيد البسطامي (264هه) سندن ڏاڏو مجوسي هو، جنهن پوءِ  ايمان آندو. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته” تو هيءَ  معرفت ڪيئن حاصل ڪئي؟“ ته جواب ڏنائون ته” بکئي پيٽ ۽ ننگي بت سان“ پاڻ چوندا هئا ته ”جيڪڏهن توهان ڪنهن شخص کي ڪرامتون ڪندڙ ڏسو، ايتري قدر جو هو هوا ۾ اڏامندو هجي، ته ان تي ٺڳجي هر گز نه وڃو،  ۽ ڏسو ته هو امر   و و نهي  ۽ شرعي احڪامن جي پيروي ڪري ٿو يا نه “ سندس مقالا ۽ مجاهدا گهڻو ئي مشهور آهن.

(٦)  قرآن مجيد ـــ يجيب المضطر اذا دعا.

(٧)  ڇپ، پٿر جو وڏو ٽڪرو ـــ بيت المقدس ۾ حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنہ جي مسجد جي اندر پٿر جو هڪ وڏو ٽڪر (لٽڪيل) آهي.