ڇوٽڪارو — المنقذ من الضلال  جو سنڌي ترجمو (۷)

idara letterhead universal2c

ڇوٽڪارو — المنقذ من الضلال  جو سنڌي ترجمو (۷)

حجة الاسلام امام غزالي رحه

ترتيب: پروفيسر غلام حسين جلباڻي

                       سچ پچ اهو ماڻهو وڏو احمق ۽ جاهل آهي، جو عقل جي ذريعي هيءَ ڪوشش ڪري ڏيکارڻ چاهي ٿو ته انهيءَ انتظام ۾ حڪمت رکي آهي، يا هي گمان ڪري ٿو ته اهو (انتظام) بطور اتفاق آيل آهي، ۽ ان ۾ ڪو الاهي راز رکيل ڪونهي، جو بالخاصيت آهي ان جي تقاضا ڪندڙ هجي ۽  جهڙيءَ طرح دوائن لاءِ به چند اصول هوندا آهن، جي انهن جا ٿنڀا هوندا آهن ۽ ڪجهه زائد شيون به ساڻن لاڳو هونديون آهن. جي انهن جو پورائو ڪندڙ هونديون آهن، جن مان هر هڪ کي پنهنجي ٿنڀي جي ڪم ۾ خاص اثر هوندو آهي،  اهڙيءَ طرح نفل ۽  سنتون به عبادتن جي تڪميل ڪن ٿيون.

                        مختصر هي آهي ته نبي سڳورا دل جي بيمارين جا طبيب آهن، ۽  عقل اسان کي فقط هي فائدو پهچايو آهي، جو ان اسان کي ان(نبوت) سان واقفيت ڪرائي آهي، ۽  نبوت جي حقيقت کي ان مڃيو آهي ۽ هن ڳالهه جو به اعتراف ڪيو آهي ته هو (عقل) پاڻ انهن ڳالهين کي سمجهڻ کان لاچار آهي.

                        جي نبوت جي اک سان  سمجهه ۾ اچن ٿيون، ۽ اسان کي هٿ کان وٺي انهيءَ (نبوت) جي حوالي ڪيو اٿس، جيئن  انڌي کي سونهين ۽ پريشان مريض کي مهربان طبيب جي حوالي ڪيو ويندو آهي. عقل فقط هيستائين ئي هلي سگهي ٿو ۽ بس اڳتي وڃڻ کان هو قاصر آهي، سواءِ انهيءَ ڳالهه سمجهڻ جي، جا ”طبيب“ کيس ٻڌائي سمجهائي، هي ڳالهيون آهن، جي بالضرور مون کي مشاهدي مثل هن اڪيلائي ۽ هيڪلائي  ۾ معلوم ٿيون آهن. پوءِ اسان ڏٺو ته نبوت جي اصل ۾ به ماڻهن جا عقيدا ڪمزرو آهن، ۽ خود نبوت جي حقيقت سمجهڻ ۾ به سندن عقيدن ۾ ڪمزوري آهي، نه فقط ايترو، پر عمل، جن جي نبين سڳورن سمجهاڻي ڏني آهي، تن متعلق به(ماڻهن جي سمجهه ۾) فتور آهي، تحقيق ڪري ڏٺوسين ته هيءَ مصيبت ته ساري خلق ۾ ڦهليل  ۽ پکڙيل آهي، لهذا ماڻهن جي انهيءَ ڪمزوري ۽  سندن ايمان جي ضعيفيءَ جي سببن تي نظر ڊوڙائيندي ڏٺوسون ته اهي چار آهن:

                        پهريون سبب، انهن ماڻهن  سان تعلق  رکي ٿو، جي فلسفي ۾ اونهو وڃن ٿا.

                        ٻيو سبب، انهن ماڻهن سان واسطو رکي ٿو، جي تصوف جي تهه ۾ وڃن ٿا.

                        ٽيون سبب، انهن ماڻهن بنسبت آهي، جي ”تعليم“ ڏانهن پاڻ کي منصوب ڪن ٿا.

                        چوٿون سبب،  انهن ماڻهن جي ڪم سان تعلق رکي ٿو، جي خلق ۾ ”عالم“ سڏيا وڃن ٿا.

                        مان گهڻي وقت تائين ماڻهن کي هڪ ٻئي پٺيان جاچيندو  ۽ چڪاسيندو رهيس ۽ انهن  مان هرهڪ کان شروع جي تابعداريءَ ۾ قاصر رهڻ بابت پڇندو رهيس.

                        مان، ماڻهوءَ کان سندس شڪ بابت ، سوال ڪندو رهيس ۽ سندس عقيدي ۽ ڳجهه جي ڳولا ۾ لڳو رهيس. مون کانئس هي سوال پڇيو ته ”ڀلا تون ڪهڙي سبب شرع جي فرمانبرداريءَ ۾ قاصر رهين ٿو؟ جيڪڏهن تون آخرت کي مڃين به ٿو ته پوءِ انهيءَ لاءِ تياري ڇو نه ٿو ڪرين؟ ۽ دنيا خاطر ان کي وڪڻين ڇو ٿو؟ ڇا لاءِ  ته هيءُ  ته حماقت آهي ته جڏهن تون ٻن کي هڪ خاطر وڪڻڻ لاءِ تيار نه آهين، ته پوءِ ڪيئن ٿورڙن  ڏينهن لاءِ هميشه  جي حياتيءَ کي وڪڻي رهيو آهين؟ پوءِ جيڪڏهن تو کي آخرت تي ايمان نه آهي، ته پوءِ  ته تون ڪافر آهين. ايمان لاءِ پنهنجي نفس کي سنوار ۽  پنهنجي لڪل ڪفر جي جاچ پڙتال ڪر، ڇا لاءِ جو اهو (ڪفر) تنهنجو باطني مذهب آهي، ۽ تنهنجي ظاهري جرات جو  ڪارڻ آهي، پوءِ  جيتوڻيڪ کڻي تون ڪجهه ايمان جي عزت خاطر  ۽ شرع جي ڳالهه کي مان ڏيڻ  خاطر، ان کي صاف طور بيان نٿو ڪرين.“

                        هتي ڪو صاحب سوال پڇندو ته ”جيڪڏهن هن (شرعي حڪم جي پيروي ڪرڻ ضروري هجي ها، ته عالم ان تي پاڻ وڌيڪ ڪاربند رهن ٿا، حالانڪ حقيقت ته هيءَ آهي ته مشهور عالمن ۽ فاضلن ۾ ڪي اهڙا آهن، جي نماز نٿا پڙهن، ڪي شراب پين ٿا، ڪي وقت جي ملڪيت ۽ يتيمن جو مال  کائين ٿا. ڪي سلطان جي پينشن کائن ٿا ۽ حرام کان پرهيز نٿا ڪن، ۽ ڪي ته اهڙا آهن جي فيصلي ۽ شهادت ڏيڻ لاءِ به رشوت وٺن ٿا ۽ اهڙا ٻيا ڪيترا مثال آهن!“ ٻيو، تصوف جي دعويٰ ڪندڙ، وري هي گمان  رکي ٿو ته هو هڪ اهڙيءِ منزل کي وڃي رسيو آهي، جو گهڻي عبادت ڪرڻ جي کيس ڪا ضرورت ئي ڪانهي! ٽيون وري اهل  اباحت(زنديق) جي شڪن کي کڙو ڪري ٿو.(شڪن جوشڪار ٿي پاڻ کي برغلايو ڇڏي). هي سڀئي تصوف جي واٽ کان گمراهه ٿيل آهن.

                        چوٿون، اهل تعليم وارن کي ملي، چوڻ لڳو ته ”حق ڏاڍو مشڪل آهي، ان کي حاصل ڪرڻ جو رستو بند ٿيل آهي، ان ۾ اختلاف به تمام گهڻو آهي، ۽ ڪو هڪ مذهب ڪنهن  ٻئي مذهب کان بهتر نه آهي، عقل جا دليل هڪ ٻئي سان ٽڪر کائين ٿا، لهذا اهل الراءِ جي راءِ تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي. ”تعليم“ جي طرف سڏيندڙ سکڻيون دعوائون ڪري ٿو، جن لاءِ وٽس ڪا ثابتي نه آهي. ته پوءِ ان حالت ۾ مان شڪ هوندي (شڪ جي موجود هوندي)، يقين کي ڪيئن ٿو قائم رکي  سگهان؟“

                        پوءِ هيئن چوڻ لڳو ته ”مان هي ڪم تقليد طور نٿو ڪريان (يعني اکيون ٻوٽي ڪنهن امام جي پيروي نٿو ڪريان)، پر مون فلسفي جي علم کي پڙهيو آهي ۽ نبوت جي حقيقت کي سمجهيو آهي  ته واقعي  نبوت موجود آهي، ۽ انهيءَ جو ڦل انهي کي حاصل ڪرڻ حڪمت ۽ مصلحت سان ڀريل آهي. عبادتون  جن جي لاءِ نبوت حڪم ڪيو آهي. تن جو مقصد اهو آهي ته جيئن عام ماڻهن ۾ ضبط ۽ انتظام رهي ۽ پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ جهڳڙن کان روڪجن ۽ نفساني خواهشن ۾ ڪاهي نه  پون. مان ڪو جاهل ماڻهن مان ته ڪو نه آهيان.، جو فرض (تڪليف) جي تنگ دائرن ۾ اچي داخل ٿيان ۽ پاڻ ڦاسايان مان ته دانائن مان آهيان ۽ دانائيءَ جو پوئلڳ آهيان ۽ ان سان ئي شين کي چڱيءَ طرح سان ڏسي ۽ پرکي سگهان ٿو. تنهن ڪري مان تقليد کان بي پرواهه آهيان“ هيءَ انهيءَ شخص جي ايمان جي انتها آهي، جنهن الله تعاليٰ ۾ ايمان رکندڙن (الاهيون) جي فلسفي کي پڙهيو آهي، تون هيءَ ڳالهه ابن سينا ۽ ابو نصر فارسيءَ جي ڪتابن ۾  ڏسندين ۽ هي اهي شخص آهن، جي اسلام جي ظاهري نمائش ڪن ٿا، (اسلام جو ٻاهريون ڏيک رکن ٿا).

                        ڪڏهن تون  ڏسندين ته هڪڙو ماڻهو قرآن به پڙهي ٿو، نماز به  جماعت سان ادا ڪري ٿو. زبان سان شريعت جي هر حڪم جي  تعظيم به ڪري ٿو. مگر ان هوندي به هو شراب پئي ٿو ۽ ٻيون برايون بڇڙايون به ڪري ٿو، جڏهن کائنس پڇيو وڃي ٿو ته ”جيڪڏهن نبوت صحيح نه آهي، ته پوءِ تون  نماز ڇو  ٿو پڙهين؟“ ان جو ڪنهن وقت  هي جواب ڏيندو ته ” جسم جي ورزش خاطر ائين ڪريان ٿو“ يا وري چوندو ته ”ماڻهن  جي اها ئي روش ۽ رواج  آهي ان جو لحاظ ڪرڻو آهي“ ڪن موقعن تي ته وري هي اقرار پڻ ڪندو ته ”شريعت صحيح آهي ۽ نبوت حق آهي، پوءِ جڏهن پڇبس ته ”ڀلا تون شراب ڇو ٿو پين؟“ ان جي جواب ۾ وري هيءَ وراني ڏيندو ته ”شراب ته فقط هن لاءِ ممنوع ڪيو ويو آهي. جو اهو(پاڻ ۾) دشمني ۽ نفرت ڦهلائي ٿو، مان پنهنجي سمجهه ۽ دانائيءَ سان ان (دشمني ۽ نفرت) کان پاڻ کان سنڀالي رکان ٿو،  ۽ شراب پيئڻ مان منهنجو مطلب هي آهي ته پنهنجي ذهن (اندر، دل) کي تيز ۽ هوشيار رکان“.ابن سينا خود ، پنهنجي وصيتنامي ۾ لکيو آهي ته هن الله تعاليٰ سان ڪيترين ئي ڳالهين متعلق عهد ڪيو آهي ۽ هن لاءِ به  ساڻس انجام ڪيو آهي ته هو شريعت جي سڀني فرضن  جي عزت ۽ توقير ڪندو ۽ ديني عبادتن ۾ ڪڏهن به پٺتي نه پوندو.(گهٽائي نه ڪندو) ۽ شراب لذت خاطر نه پيئندو (مگر دوا طور ان کي استعمال ڪندو).

                        ايمان جي صفائيءَ ۽ عبادتن جي بجا آوري ڪرڻ سندس جان جي انتها هيءَ آهي، جو دوا  خاطر شراب جي پيئڻ کي الڳ رکيائين (مستغني رکيائين.)  هي انهن فيلسوفن جو ايمان آهي، جي مذهبي ايمان رکڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. انهن جي ڪري ٻيا به گهڻائي دوکي ۾ اچي ويا آهن، ۽  سندن دوکي ۾ اڃا به گهڻو اضافو هن ڪري ٿئي ٿو، جو هنن انهن  (فيلسوفن) جي خلاف جيڪي اعتراض اٿاريا، سي ڪمزور هئا. جيئن اسان هن کان اڳ ڏيکاري چڪا آهيون، ته اهي انهن (فيلسوفن) جي علم جاميٽريءَ، علم منطق ۽ اهڙن ٻين علمن جو انڪار ڪرڻ لڳا. حالانڪ انهن(علمن) ۾ ضروري  سچائي سمايل هئي.

                        جڏهن مون ڏٺو ته گهڻن ماڻهن جي ايمان ۾ مٿين سببن جي ڪري، ضعف اچي ويو آهي ۽ اهو به اهڙو، جنهن  کي بيان ڪرڻ نٿو سونهين ۽ اهو به ڏٺم ته مان جڏهن  هر قسم جي شڪن ۽ شبهن کي رفع ڪرڻ ۾ ڪافي مهارت حاصل ڪري چڪو آهيان. ۽ اهڙن  کي  قائل ڪرڻ ۽ انهن کي مطمئن ڪرڻ به مون لاءِ  آسان آهي،  ڇو ته مون فلسفو، تصوف، باطني علم، ظاهري علم ۽ طريقا ڪافي غور سان مطالع ڪيا آهن. تڏهن  منهنجي دل ۾  آيو ته جڏهن اها بلا عالمگير ٿي چڪي آهي، 611 بيمار ته پري رهيا، خود طبيب به سٽيل آهن ۽ مخلوق تباهيءَ ۽ حلاڪت جي عذاب  ۾ گرفتار ٿي چڪي آهي، تڏهن اهڙي دور ۾ منهنجو خلوث نشين ٿيڻ مفيد نه آهي. پوءِ مون پاڻ کي چيو ته هن انڌيري کي هٽائڻ لاءِ  تون ڀلا پاڻ کي ڪڏهن رنڀائيندين؟ تون جيڪڏهن کڻي ماڻهن کي سندن گمراهه رستي کان هٽڻ ۽ صحيح رستي ڏانهن موٽڻ لاءِ دعوت به ڏيندين، ته پوءِ ان جو نتيجو هي نڪرندو، جو اهي سڀئي تنهنجي مخالفت ۾ اٿي کڙا ٿيندا، ۽ پوءِ تون انهن سان لڙي ڪيئن سگهندين؟ ۽ انهن ۾ زندگي ڪيئن گذاري  سگهندين، جڏهن تون خوب ڄاڻين ٿو ته هي ڪم زماني جي مدد، ۽  ديندار ۽ طاقتور سلطان جي تعاون کان سواءِ پورو ٿي نه سگهندو ؟

                        مون ته پوءِ ائين سمجهيو ته، گويا الله تعاليٰ جي طرفان، گوشه نشين ٿي ويهڻ جي  مون کي رخصت مليل آهي ۽ ان لاءِ هي سبب پيش ڪيم ته مان حق کي بحث ۽ دليلن ذريعي کولي پڌرو ڪري نه ٿو سگهان مگر الله تعاليٰ اڳيئي فيصلو ڪري ڇڏيو هو، جو وقت جي بادشاهه جي دل ۾ هيءُ جنبش آندائين ۽ هيءَ جنبش ڪا ٻاهرين نه هئي. هن مون کي  نيشا پور واپس ورڻ لاءِ سخت  حڪم نامو موڪليو ته ” ماڻهن ۾ دين لاءِ  جا هيءَ سستي پيدا ٿي آهي، تنهن جو اچي تدارڪ ڪر“ سندس حڪم ايترو ته تاڪيدي ۽ سخت هو، جو جيڪڏهن  مان ان جي خلاف وڃڻ تي ضد ڪريان ها، ته هميشه  لاءِ کانئس جدا ٿي وڃان ها. پوءِ منهنجي دل  ۾ هي خيال آيو ته رخصت جو سبب ته هاڻي ڪمزور پئجي ويو آهي، تنهن ڪري اهو  مناسب نه آهي ته تنهنجو خلوت کي چهٽي پوڻ تنهنجي سستيءَ ۽ آرام طلبيءَ تي مبني هجي، يا وري روحاني طاقت جي تلاش ۽ جان کي خلق جي ايذاءُ کان بچائڻ  لاءِ ئي هجي.

                        ڇا، مخلوق کي براين کان بچائڻ  جي اوکي ڪم جي لحاظ کان تو هيءَ رخصت پاڻهي پاڻ کي ته ڪانه ڏني آهي! الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته ”ماڻهن اهو گمان ڪيو آهي ته ڇا هو فقط انهيءَ چوڻ سببان ئي ڇڏيا ويندا ته اسان ايمان  آندو آهي، ۽ انهن کي آزمايو ئي نه ويندو؟ تحقيق اسان انهن جي اڳين کي به آزمايو آهي“.[1] وري ٻئي هنڌ پنهنجي رسول کي، جو سڄي مخلوق ۾ وڌيڪ مانوارو آهي، کي چوي ٿو ته ”تحقيق تو کان اڳ به رسولن کي ڪوڙو سمجهيو ويو، ۽ کين ايذايو به ويو، ليڪن انهن  ان تي صبر ڪيو،  تان جو کين اسان جي مدد اچي رسي، ۽ الله تعاليٰ جي حڪمن کي ڪير نه ٿو بدلائي سگهي.  تحقيق تو وٽ نبين جي خبر آئي“ [2]۽ فرمان آهي ته ”هن حڪمت ڀرئي قرآن  جو قسم آهي[3] ته تون فقط انهن کي ئي خبردار ڪري سگهين ٿو، جي قرآن جي پيروي ڪن ٿا.[4]

                        مون، ان بابت انهن ڏاهن سان به  مشورو ڪيو، جي دل  ۽ مشاهدي جي ڳالهين  ۾ ماهر هئا. انهن سڀني مون کي  اها صلاح ڏني ته . تون خلوت کي ترڪ ڪر۽ هن اڪيلائيءَ جي آرامگاهه کان ٻاهر نڪري اچ“. منهنجي هن ارادي کي وڌيڪ تائيد هن ڪري به آئي، جو ڪيترن الله  جي نيڪ ٻانهن اهڙا خواب ڏٺا، جن سڀني هيءَ شاهدي پئي  ڏٺي ته هيءَ تحريڪ ڀلائي ۽ هدايت جو سرچشمو آهي، الله تعاليٰ پنهنجي دين کي هر صديءَ جي شروع  ۾ جيارڻ جو واعدو ڪيو آهي.[5] منهنجي اميد مضبوط ٿي ۽ هنن حقيقتن سببان سٺو گمان غالب ٿيو. الله  تعاليٰ ، ذوالقعد مهيني سن  499هه ۾ منهنجي نيشاپور ڏانهن واپسي مون لاءِ سهنجي ڪئي ته جيئن مان هن مهم  کي منهن ڏيئي سگهان. نيٺ مان بغداد مان ذوالقعد مهيني، سن 488ع  جي روانو ٿيو هوس، ان حساب موجب منهنجي گوشه نشينيءَ جو مدو يارنهن سال ٿيو. هيءَ هڪ جنبش هئي، جنهن کي الله تعاليٰ پيدا ڪيو هو، ۽ اها سندس ڪرشمن مان  هڪ ڪرشمو هئي، جو هيتري ساري اڪيلائيءَ جي عرصي ۾ منهنجي دل ۾ ان بابت ڪو به وهم ۽ خيال ئي نه ٿي آيو، اهڙيءَ طرح  مان بغداد مان  ٻاهر وڃڻ، ۽ پنهنجي عهدي کان علحدو ٿي رهڻ به اهڙيون ڳالهيون هيون، جي ڪڏهين به  دل تي ڪو نه  آيون، بلاشڪ، الله تعاليٰ جي (آڱرين مان) ٻن آڱرين جي وچ ۾ آهي.“[6]

                        مون بخوبي  پئي سمجهو ته مان جيڪڏهين علم پکيڙڻ لاءِ موٽيس، ته پوءِ مان ڄڻ ته نه موٽيس! ڇا لاءِ جو اهڙو موٽڻ گويا اڳينءَ حالت ڏانهن واپس ورڻو هو، مان ان زماني ۾ به علم جي اشاعت ڪندو هوس، جنهن مان دينوي ناموس حاصل  پئي ٿيو. مون ان (علم) ڏانهن ماڻهن کي پنهنجي قول ۽ فعل سان پئي دعوت ڏني، ۽ اها ئي منهنجي نيت ۽ منهنجي مراد هئي. باقي هاڻي سو انهن کي انهيءَ علم طرف پڪاريان ٿو، جنهن ۾  دنيا جي ناموس کي ترڪ ڪرڻو  آهي، ۽ جنهن جي ذريعي ان (ناموس)  جي گهٽتائي سڃاتي وڃي ٿي. هيءَ ئي هاڻي منهنجي نيت آهي، منهنجو  ارادو آهي ۽ منهنجي مراد آهي. (الله سائين انهيءَ کي خوب ڄاڻي ٿو ته اهو ائين آهي).

                        اها منهنجي دلي خواهش آهي ته مان پنهنجي ۽  ٻين جي اصلاح ڪريان ۽ مون کي هي معلوم نه آهي ته مان پنهنجي  مراد کي رسندس يا ان جي رسڻ کان اڳيئي سفر سڌاريندس (مري ويندس). ليڪن پنهنجي يقيني ايمان ۽ مشاهدي ۾ هيءُ ويساهه اٿم ته الله تعاليٰ کان سواءِ ٻي ڪابه قوت ۽ طاقت ڪانهي، ۽ مان پنهنجي  سر نٿو چوان، مگر هو مون کي  چورائي ٿو، ۽ مان پاڻ ڪو ڪم نه ٿو ڪريان، مگر  هو مون کان اهو  ڪم  وٺي ٿو: تنهن ڪري انهيءَ کي  ٻاڏايان ٿو ته  هو پهريائين منهنجي اصلاح ڪري ۽ پوءِ منهنجي معرفت ٻين جي اول ۾ مون کي هدايت وارو ڪري ۽ ان کان  پوءِ منهنجي ذريعي ٻين کي ، مون کي صحيح حق ڏيکاري، جيئن اهو آهي  ۽ ان جي پيروي ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي، ۽ ڪوڙ کي اصلي حالت ۾ منهنجي اڳيان کولي پڌرو ڪري، ۽ ان کان پري رهڻ جي  قوت نصيب فرمائي.