ڇوٽڪارو — المنقذ من الضلال  جو سنڌي ترجمو (٥)

idara letterhead universal2c

ڇوٽڪارو — المنقذ من الضلال  جو سنڌي ترجمو (٥)

حجة الاسلام امام غزالي رحه

ترتيب: پروفيسر غلام حسين جلباڻي

                        جيڪڏهن منهنجو مخالف اڃا به کڻي پڇي ته ”ڀلا جڏهن تنهجي هٿ ۾ اهڙي تارازي آهي، ته پوءِ ماڻهن ۾ جو مت ڀيد (اختلاف) آهي، تنهن کي دور ڇو نه ٿو ڪرين؟ ”ان جو جواب مان هي ڏيندس ته جيڪڏهن ماڻهو مون کي ڪن ڏيئي ٻڌن، ته پوءِ مان سندن اختلاف دور ڪري سگهندس، مون پنهنجي ڪتاب ”القسطاس المستقيم“ ۾ اختلاف دورڪرڻ جو طريقو بيان ڪيو آهي، پوءِ  تون ان تي غور ڪر، توکي هي بخوبي معلوم ٿيندو ته اهو حق آهي ۽ جيڪڏهن ماڻهو ان ڏانهن ڪن ڏين ته اهو سچ پچ انهن جي اختلاف کي صفا مٽائي ڇڏيندو، پر افسوس جو ماڻهو(ڏانهس) ڪن نه ٿا ڏين! هڪ جماعت مون ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ مون انهن جو اختلاف دور ڪيو. تنهنجو امام ماڻهن جي نه ٻڌڻ جي باجود به انهن جو اختلاف مٽائڻ چاهي ٿو، پر پوءِ اڄ  تائين اهو  اختلاف ڇو نه مٽايو اٿس؟ ۽ حضرت علي رضه امامن جي سردار هوندي به ان اختلاف کي ڇو نه ختم ڪيو؟ يا تنهنجو امام اها دعويٰ ڪري ٿو ڇا ته هو پنهنجي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ سڀني ماڻهن کي زبردستيءَ  سان ڇڪي پاڻ وٽ آڻيندو؟ جي ائين آهي، ته پوءِ هن وقت تائين انهن کي ڇو نه مجبور ڪري آندو اٿس؟ ڀلا ان لاءِ هن ڪهڙو ڏينهن مقرر ڪيو آهي، ڇا، سندس دعوت سبب خلق ۾ زياده ڦوٽ نه پيئي آهي؟ ۽ مخالفت ڪندڙن ۽ انڪار ڪندڙن جو تعداد وڌي نه ويو آهي؟ هائو، هن اختلاف جي ڪري هن نقصان جو اڳي ئي خطرو هو، جو پنهنجي پڇاڙي وڃي، خون وهائڻ، ملڪن کي برباد ڪرڻ، ٻارڙن کي يتيم ڪرڻ  ۽ ڦرلٽ تي ڪندو توهان جي هن اختلاف کي دور ڪرڻ جي برڪتن سببان دنيا ۾ جو ڪجهه ٿيو آهي، ان جو مثال ئي نه ملندو(يعني اٽلو اختلاف ۾ حد کان زياده اضافو ٿيو آهي.)

                        اڃا به (هو) جي کڻي سوال ڪري ته ”تون ته ماڻهن ۾ اختلاف دور ڪرڻ جي دعويٰ ڪرين ٿو، پوءِ  ان ماڻهوءَ لاءِ تون ڇا ٿو چوين، جو مخالف مذهبن ۽ مقابل اختلافن درميان منجهيل آهي، جنهن لاءِ اهو لازمي نه آهي ته تنهنجي مخالف کي ڇڏي، توکي ٻڌي؟ تنهنجي مخالفن مان گهڻا توسان اتفاق نه ٿا ڪن، لهذا تنهنجي ۽ انهن جي وچ ۾ هاڻي فرق ڪو نه رهيو“.

                        هي هن جو ٻيو سوال آهي جنهن  جو جواب اجهو هي آهي ته  پهريائين ته هيءَ ڳالهه خود تنهنجي به خلاف  وڃي رهي آهي، ڇا لاءِ ته جڏهن تون هڪ منجهيل کي پاڻ ڏانهن گهرائيندي، ته پوءِ هو تو کان پڇندو ته ”ڀلا تون پنهنجن مخالفن کان ڪيئن بهتر آهين، جو جڏهن جو گهڻا عالم(اهل العلم) تنهنجي مخالفت ڪن ٿا؟“ ڪهڙو نه چڱو  ٿئي، جو مون کي خبر پوي ته تون ان کي ڪهڙو جواب ڏيندين! ڇا تون جواب ۾ هي چوندي ته منهنجي امام جو بنياد نص تي ٻڌل آهي؟ پر تنهنجي ان نص واريءَ دعويٰ ڪير مڃيندو، جڏهن هن الله جي رسول  کان نص ٻڌي ئي ڪانهي؟ هن ته فقط تنهنجي دعويٰ  ٻڌي آهي، ۽ اهو به ٻڌو آهي ته جيڪي عالم آهن تن سڀني جو هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته هي سڀ ڪجهه تنهنجو هٿرادو ٺاهه ۽ ڪوڙ آهي. اڃا به سمجهه کڻي ته هو نص  کي تسليم ڪري ٿو،(هتي ته تنهنجي امام جي دعويٰ نص تي ٻڌل آهي) پوءِ کڻي هو اصل نبو جي معاملي ۾ منجهيل  ئي رهي ۽ پڇي ته ” فرض ڪري وٺ  ته  تنهنجو امام پنهنجي سچائيءَ ڏيکارڻ لاءِ حضرت عيسيٰ عليه السلام  جهڙو معجزو پيش ڪري ٿو، ۽  چوي ٿو ته منهنجي سچائيءَ جو ثبوت هي آهي ته مان تنهنجي پيءُ کي جيئرو ڪري سگهان ٿو، ۽ واقعي هن کي جيئرو به ڪيائين ۽ هن(منهنجي پيءُ) مون کي اهو به چيو ته هو (امام) صحيح آهي تڏهن به مان ان جي  سچائي ڪڙي آڌار تي معلوم  ڪريان، جڏهن  خود عيسيٰ عليه السلام جي ساڳئي اهڙي  معجزي تي به ماڻهن کيس سچو نه سمجهيو …. اٽلو ڪيترا مشڪل سوال کڻي  آڏو آندائون، جي سواءِ باريڪ عقلي نظر جي حل  ٿيو نٿا سگهن ۽ عقلي نظر ته وري اوهان وٽ معتبر  نه آهي، ۽ نه وري معجزي جي سچائيءَ جا دليل ايستائين سمجهي سگهبا، جيستائين جادوءَ کي سمجهيو نه ويو آهي، ۽ ان  معجزي درميان  فرق  نه معلوم ڪيو  ويو آهي، ۽ هي به نه معلوم ڪيو ويو آهي آهي ته الله تعاليٰ پنهجي ٻانهن کي گمراهه نه ٿو ڪري، گمراهه ڪرڻ ۽ ان جي رد ۾ جواب ڏيڻ، اهو ڪهڙو نه اوکو مسئلو آهي، سو به ته عالم آشڪار آهي، هاڻي  هن سڀني ڳالهين کي تون ڪيئن دفع ڪندين؟ ۽ هوڏانهن تنهنجو امام ڪو پنهجي مخالفن کان زياده اطاعت جو مستحق نه آهي! هي معاملو ڪري به نظري دليلن ڏانهن تنهنجو امام ڪو پنهنجي مخالفن کان زياده اطاعت جو مستحق نه آهي! هي معاملو وري انڪار ڪرين ٿو، ۽ تنهنجو مخالف به اهي ئي دليل پيش ڪري ٿو، جي تون پيش ڪرين ٿو، مگر هو اڃا به وڌيڪ صاف ۽ چٽيءَ طرح سان ٻڌائي ٿو! (مطلب) هي سوال ڦيرو کائي مٿن اهڙو لڳو آهي، جو جيڪڏهن انهن جا ننڍا وڏا به گڏجي ان جو  جواب ڏين ته، هرگز  ڏيئي نه سگهندا.

                        هي غلط عقيدو فقط ڪوتاهه نظر ماڻهن جي ڪري ئي وڌندو ۽ پکڙندو رهيو، ڇا لاءِ جو هو فقط انهن جي سوالن جا جواب ڏيندا رهيا ۽ انهن جي ڪمزوريءَ کي ڳولي، انهن  ئي سوالن کي موٽائي سندن منهن  تي هنيائون(يعني انهن”جواب“ جو طريقو  اختيار ڪو ۽ نه ”قلب“ جو) انهيءَ سببان ئي هي بحث ويو ڊگهو ٿيندو، جو نه انهيءَ ذريعي ڪنهن کي سمجهائي ٿو سگهي ۽ نه مخالف کي ماٺ ئي ڪرائي ٿو سگهي. جيڪڏهن  ڪو ”تعليمي“ وري هيئين چوي ته”هيءُ ته الٽو جواب(قلب) آهي ۽ ڇا ان جو جواب هي آهي ته جيڪڏهن منجهيل ائين کڻي چوي ته، مان منجهيل آهيان ۽ هو ان مسئلي جو تعين نه ٿو ڪري سگهي، جنهن ۾ منجهيل آهي، ته پوءِ ان حالت ۾ کيس چيو ويندو ته تون هڪ اهڙي بيمار  مثل آهين، جو چوي ٿو ته مان بيمار آهيان، ۽ اصل مرض به ٻڌائي نه سگهي ۽ وري ان جو علاج به چاهي ٿو،“ ان کي پوءِ چيو ويندو ته مطلق مرض جي لاءِ ڪو علاج ئي  ڪونهي، هاڻ! خاص مرض جو علاج  بيشڪ آهي، جيئن ته مٿي جو سرو، اسهال ۽ اهڙيءَ طرح ٻيا مرض (جي ڪنهن نه ڪنهن نالي سان سڏيا وڃن ٿا) ساڳيءَ طرح منجهيل کي به  جڳائي ته هو ٻڌائي ته  ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ منجهيل آهي، پوءِ جيڪڏهن ڪا ڳالهه ٻڌايائين ته مان ان کي ان جي صحيح هجڻ کان خوب واقف ڪندس، ۽ ان ڳالهه کي انهن پنجن تارازين ۾ توري ڏيکاريندس، جن کي جڏهن ڪو سمجهي ٿو وٺي، ته پوءِ يقيناً انهن جي سچائيءَ جو اقرار ڪري ٿو، ۽ انهن جي تور تي ڀروسو ڪري وٽ. ميزان ۽ وزن جي صحيح هجڻ کي هو پوءِ ائين سمجهي ٿو جيئن حسابن جو شاگر حسابن ۽ حسابن جي ماستر کي صحيح سمجهي ٿو ته هو جو ڪجهه حسابن متعلق ٻڌائي رهيو آهي، سڀ صحيح آهي، مون هي سڀ ڪجهه پنهنجي ڪتاب ”القسطاس الستقيم“ جي ويهن صفحن ۾ کولي سمجهايو آهي، جو چاهي ان کي ڏسي سگهي ٿو.

                        اسان جو هت هي ارادو ڪونهي ته انهن جي مذهب جو بگاڙ بيان ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو مون اڳي ئي ”المستظهري“ نالي ڪتاب ۾ ٻڌايو آهي ۽ ان  بعد پنهنجي ڪتاب ”حجته الحق“ ۾ پڻ ذڪر ڪيو اٿم ۽ اهو انهن جي ڪلام جي جواب ۾ لکيل آهي، جو مون اڳيان  بغداد ۾ پيش ڪيو هو ۽ ٽيون وري ڪتاب ”مفصل الخلاف“ ۾ به آيل آهي، جنهن ۾ ٻارنهن باب آهن، ۽ اهو انهن جي ان ڪلام جي جواب ۾ آهي جو همدان ۾ مون اڳيان رکيو ويو ۽ چوٿون  ڪتاب ”الدرج“ آهي  جو جدولن سان لکيو ويو آهي. ان ۾ به انهن جي ڪمزور اعتراضن جو جواب آهي، جي طوس ۾ منهنجي آڏو آندا ويا هئا، پنجون ڪتاب ”القسطاس المستقيم“ آهي، جو هڪ مستقل ڪتاب آهي،  جنهن جو مقصد ان ميزان جي خبر ڏيڻ آهي، جنهن  سان علمن جي صحيح پرک ٿي سگهي، ۽ هي ڳالهه ظاهر ڪري ڏيکارڻ آهي ته جيڪو به ان کي سمجهندو تنهن کي ”معصوم امام“ جي ڪا گهرج ڪانه پوندي پر هت منهنجو مقصد هي ثابت ڪري ڏيکارڻ آهي ته انهن (باطنين) وٽ ڪابه اهڙيءَ شيءِ ڪانهي جا سندن مرض کان کين ڇڏائي، (سندن) خيالن جي اونداهين کان ڪڍي ٻاهر ڪري پنهنجي امام  جي تعين لاءِ هو ڪابه ثابتي پيش ڪري نه ٿا سگهن. ۽ اها ئي منجهن وڏي ڪمزوري آهي.

                        اسين انهن سان گهڻو وقت جهڳڙندا رهياسين ۽ آخر ۾ انهن جي انهيءَ ڳالهه کي به کڻي قبول ڪيوسين ته  واقعي تعليم ۽ معصوم معلم جي ضرورت آهي ۽ اهو معصوم معلم به اهو ئي آهي جنهن کي انهن مقرر ڪيو آهي پوءِ  انهن کي پڇيوسين ته اهو علم ڪهڙو آهي جو توهان ان ”معصوم امام“ کان سکيو آهي؟ ان کان پوءِ اسان انهن آڏو ڪجهه اعتراض به آندا، مگر هن انهن کي سمجهيو  ئي نه، انهن جو حل ٻڌائڻ ته اڃا پري ڳالهه ٿي. جڏهين هو اسان جي سوالن جي جوابن ڏيڻ کان عاجز رهجي ويا، ته پوءِ ”غائب امام“ جي پاسي ۾ لڪڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا ته ”ماڻهو کي گهرجي ته ان ڏانهن رجوع ٿئي“ عجب جي ڳالهه آهي جو انهن پنهنجي ساري عم معصوم معلم جي ڳولا ۾ وڃائي  ڇڏي آهي ۽ ڏاڍو خوشين ۾ آهن ته هنن ان کي ڳولي لڌو آهي، مگر انهن ته هن کان ڪابه ڳالهه ڪانه سکي آهي، سندن مثال ان ماڻهوءَ جيان آهي، جنهن کي پليتي ٿڦيل آهي ۽ پاڻيءَ جي ڳولا ۾ پاڻ کي ايترو ته ٿڪائي ٿو ڇڏي، جو جڏهن پاڻيءَ تي پهچي ٿو تڏهن وري ان کي ڪم به نه ٿو آڻي سگهي ۽ ائين ئي پليتيءَ سان ٿڦيل رهي ٿو.

                        انهن مان ڪي اهڙا آهن، جي خاص علم رکڻ جي دعويٰ ڪن ٿا، مگر اهو علم جو هو بيان ڪن ٿا، سو فيثاغورس[1] جو ڪمزور فلسفو آهي. هو اڳواڻن فيلسوفن مان آهي ۽ سندس فلسفو، ٻين فيلسوفن جي فلسفي کان گهڻو ڪريل آهي، جنهن جي ارسطا طاليس پڻ ترديد ڪئي آهي ۽ سندس فلسفي کي (گهڻو) ڪمزور ۽ ڪريل ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. تنهن هوندي به ڪتاب ”اخوان الصفا“ ۾ سندس پيروي ڪئي ويئي آهي، جو سچ پچ ته فلسفي جو ڦوڳ(ڪن ڪچرو) آهي. عجب ته وري هي آهي، جو اهي سڄي  ڄمار علم جي طلب ۾ سرگردان رهندا اچن ۽ پڇاڙيءَ ۾ هن قسم جهڙي ڪمزور ۽ بگڙيل علم تي وڃي راضي ٿين  ۽ ان سان گڏو گڏ وري هي گمان رکن ته هنن علمن جي بنهه چوٽي وڃي سرڪئي آهي!  هي اهي ماڻهو آهن، جن کي اسان خوب آزمايو آهي ۽  انهن جي ظاهر  ۽ باطن ۾ گهڻو اندر گهڙي ويا آهيون، ۽ ڏٺو اٿئون ته انهن جي تعليم مان  عام ماڻهن ۽ ڪم عقل وارن کي سواءِ دوکي جي ٻيو ڪي ڪين ٿو ملي، هو انهن کي ”معصوم معلم“ جي ضرورت بيان ڪري ڦندي ۾ ڦاسائين ٿا. انهن جو وڌيڪ بحث هن ڳالهه تي آهي، (جو هو چون ٿا) ته فقه جي ذريعي جي ڪا ضرورت ڪانهي، سندن هي سوال گهڻو مضبوط ۽ لاجواب  آهي، تان جو هڪ متلاشي  اچي، ”معصو معلم جي ضرورت جي کانئن مدد گهري ٿو ۽ کانئن پڇي ٿو ته ”هن جو علم پيش ڪريو، ته جيئن اسين به سندس تعليم مان فائدو حاصل ڪريون“ باطني اتي هار کايو وڃي، ۽ ذرا توقف ڪري، چوي ٿو ته ”هاڻي جڏهن ته تو پنهنجي هيءَ تڪليف منهنجي سامهون پيش ڪئي آهي، تڏهن مان ان جي حل ڳولڻ جي ضروري جاچ ڪندس، منهنجو غرض (تنهنجي عقيدي متعلق) هيتري قدر  هو ۽ بس“ هن کي خبر آهي ته جيڪڏهن اڃان  ذرا اڳتي وڌندو، ته گهڻو بدنام ٿي پوندو، ۽ مشڪل ڳالهه کي حل ڪرڻ ته  درڪنار، مگر ان جي سمجهڻ کان  به عاجز  رهجي ويندو، ان جواب ته اڃا پري ڳالهه ٿي! هيءَ سندن حال جي  حقيقت آهي. توهان سندن امتحان وٺو، ۽ پوءِ يقينا توهان انهن کي ڌڪاريندؤ، جهڙيءَ طرح جڏهن اسان انهن کي آزمايو ته پوءِ انهن کي ڌڪاري ڇڏيوسون.