پروفيسر مولا بخش محمدي
جڏهان ڪر ٿيام ساڃاهه سپرين سين
تڏهانڪر تر جيترو وير مَ وسريام
اندر روح رهيام سڄڻ اوطاقون ڪري
موجوده مادياتي ماحول ۾ انسان ايترو ته مصروف ٿي ويو آهي جو هاڻي سڪ، سڪون، سپت ۽ سچائي ناپيد ٿيندا پيا وڃن اهڙي منجهيل ماحول ۾ ڪو سچو پڪو خلوص و وفا نظر آيو ته اهو هو پروفيسر باڪمال عالم، فاضل، اديب، محقق مرحوم پروفيسر مراد علي راهمون.
هن ۾ ٻين جي سڃاڻپ سادگي، سچائي، اورچائي سڪ ۽ سياڻپ جا اهڃاڻ نظر ايندا هئا، هو انتهائي مخلص، ملنسار، مٺڙو ماڻهو سراپا محبت جو پيامبر نظر ايندو هو، مرحوم مراد علي هر وجهه کان واکاڻ جوڳو هو، جهڙو هو مهانڊي جو ملوڪ اهڙو ئي سرت ۽ ساڃاهه ۾ سرس ۽ سٻاجهڙو، هو خوش گفتار، خوش ڪردار نفاست پسند انسان هو.
هيءُ جهان به عجب جهڙو آهي جتي جيڪو اڄ آيو تنهن کي نيٺ ته سڀاڻي وڃڻو آهي مگر ڪنهن انسان جي وڃڻ کانپوءِ به هن جا اڻ مٽ نقش هميشه پيا ڳائبا آهن. مراد علي صاحب پڻ هڪ اهڙو املهه انسان هو. هن پنهنجي حياتي ۾ هميشه اورچ ٿي علمي، تحقيقي ڪم کانسواءِ سياسي، سماجي، ادبي، تصنيفي ۽ تاليفي ميدان ۾ پڻ پنهنجو پاڻ موکيو.
هن جي تحرير ۾ رس، رچاءُ، دلڪشي شگفتگيءَ ۽ عبارت ۾ رنگيني ۽ رعنائي نظر ايندي هئي. هو مونکي تمام گهڻي محبت ڏيندو هو جتي گڏبا هئاسون اتي ته خوب عزت افزائي سان پيو سرفراز ڪندو هو، آئون جڏهن گورنمينٽ ميٽينگن ۾ بحيثيت پرنسپال ڪالج ڪراچي يا حيدرآباد ويندو هئس ته گهٽيءَ مان گهڙندي ڏسي پنهنجي نشست تان اٿي اچي گيٽ تي معانقه ڪري مان بخشي پنهنجي قريب جي نشست کي جاءِ ڏيندو هو. منهنجي مضامين ۽ تحريرن جي توصيف ڪندي همت افزائي ڪندو هو، مطلب ته مراد علي سان جيڪو روز اول کان قرب وارو رشتو جڙيو ان ۾ ڪوبه هن تر جيترو به تفاوت نه آيو.
پروفيسر مراد علي سان منهنجي پهرين ملاقات جو پس منظر ڪجھ هن ريت آهي ته آئون پر پٽ راهمون صاحب جي علمي، ادبي، تحقيقي، تصنيفي صلاحيتن جو ته معترف هئس مگر پهرين ملاقات اسان جي 1990ع ۾ ان وقت ٿي جڏهن پروفيسر صاحب پهريون ڀيرو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جي زباني امتحان لاءِ آيل هئا. پوءِ اسان ٻنهن جو نالو پڻ (ايم) تي هئڻ سبب ٽي ڏينهن انٽرويو لاءِ طلب ڪيو ويو، آئون جيئن ئي اميدوارن جي انتظار گاهه جي ڪمري ۾ گهڙيس ته هڪ خوبصورت، نفيس ۽ وجيهه سنڌي ٽوپي پاتل نوجوان جي ڀر ۾ جاءِ ملي اسان ٻئي هڪ ٻئي کان اڃان اڻ سڃاتل حالت ۾ ڪافي دير خاموشيءَ سان دوستن جي ڪچهري کان مستفيد ٿيندي رهياسون، اچانڪ مون جسارت ڪندي سائين جن کان سندن اسم گرامي دريافت ڪيو. سائين پڻ پنهنجائپ مان تعاون ڪرائيندي راقم کان پڻ جيئن ئي نالو ٻڌو ته هڪ ئي پل ۾ انتهائي اڪير مان معانقه ڪندي فرمايائون ته سائين سالن کان توهان جا ليک پڙهي ملاقات لاءِ من مضطرب رهيو. پوءِ خوب “حال پريان نال ٿيا” عجيب اتفاق جو جيئن ئي منهنجو انٽرويو لاءِ نالو پڪاريو ويو ته سائين جن اهڙن ته دلبر لفظن سان همت افزائي ڪئي جو حوصلو مزيد وڌي ويو پوءِ بفضل خدا تفصيلي ۽ طويل انٽرويو ٿيو جيئن ئي ٻاهر نڪتس ته پاڻ اڳواٽ بغير پڇڻ جي مبارڪباد ڏني جنهن بعد سائين کي دعائن سان رخصت ڪيم. ان نموني اسان ٻنهيءَ کي ڪميشن ۾ پڻ ڪاميابي ٿي بلڪه مارڪن جي لحاظ سان سائين مراد ٽاپ ڪيو.
جڏهن پروفيسر مولانا مراد علي راهمون صاحب هن جهان فاني کي الوداع ڪري عالم جاوداني جا وڃي وڻ وسايا سندن تعلق ملڪ جي پوئتي پيل ڏوراهين علائقي صحراء ٿرپارڪر ڳوٺ ڪيريو، ضلع عمرڪوٽ سان هو. پاڻ پهرين جون 1960ع ۾ جنم ورتو سندن والد گرامي جو نالو مرحوم محمد حيات راهمون راوتڻاڻي هو جيڪو پڻ سنجيده فڪر ڏاهو هو. پاڻ هميشه تحقيق وتدقيق سان گڏ دعوت وتبليغ لاءِ ڪوشان نظر ايندا هئا.
هن ٿر جي پوئتي پيل علائقي مان علم وفضل جون منزلون طئ ڪندي ڏاڍا سور ۽ صعوبتون سٺيون، سندن ئي چوڻ مطابق پاڻ ٿر ۾ مال چاريو، ناري ۾ محنت مزدوري ڪئي، مگر تعليم جي سلسلي کي هميشه بحال ۽ برقرار رکيو. هو مذهبي تعليم سان آراسته هئڻ کان علاوه انگريزي جو پڻ مايه ناز ماهر ۽ اسڪالر شمار ٿيندو هو. هن جي علمي معيار ۽ مرتبي جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائڻ مشڪل نه آهي ته پاڻ قرآن عظيم جي هڪ وڏي حصي جو “ڊاٽڪي” زبان ۾ پڻ ترجمو ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هن محنت سان مادي توڙي روحاني علوم واسرار ۾ مٿانهون مقام حاصل ڪيو آهي.
پاڻ علوم اسلاميه وعلوم عربيه جي حصول لاءِ سنڌ جي مشهور عالم دين مولانا محمد منٺار ٽنڊو آدم واري کان خوب علمي استفادو حاصل ڪيو جيڪو پڻ پنهنجي دور جو هڪ عربي جو ماهر مايه ناز عالم دين ۽ فاضل انسان هو، وادي سنڌ ۾ جتي به لمي، ادبي محفلون منعقد ٿينديون هيون انهن ۾ مولانا مراد علي پنهنجي علمي تحقيقي جاکوڙ ۽ جانفشاني ۾ نمايان پيو نظر ايندو هو. پاڻ هميشه بحيثيت هڪ دردمند داعي، مثالي مقرر ۽ محقق انيڪ ڪتابن ۽ مقالات جو مصنف ۽ معياري مترجم شمار ٿيندو هو.
مون سندن علمي ۽ معياري مقالات جو وڏو ذخيرو سندن ئي هٿ ۾ ان وقت ڏٺو جڏهن 1990ع ڌاري پاڻ راقم الحروف سان گڏ ٺنڊي سڙڪ حيدرآباد ۾ واقع سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس ۾ بحيثيت شعبه اسلاميات ۾ ليڪچرر شپ جي زباني امتحان لاءِ پاڻ سان گڏ مواد کڻي آيا هئا. جنهن مان سندن بلند پايه تحقيق جي سڌ پئي، پاڻ سنڌ جي تاريخ تي پڻ وڏي ڄاڻ جا ڌڻي هئا، ان کانسواءِ پاڻ ڪافي وقت تائين عمرڪوٽ جي جامعه مدينه مسجد جا امام ۽ خطيب پڻ رهيا، جتي پنهنجي خطيبانه جواهرن سان عمرڪوٽ واسين جون دليون هميشه منور ڪيون، پاڻ ڪاليج سائيڊ ۾ ڪميشن پاس ڪرڻ کان اڳ هڪ عرصو پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ پڻ هڪ معياري استاد ٿي علم ۽ ادب جي آبياري ڪئي، پاڻ تحقيقي جولان گاهه ۾ علامه مهرو دل جي مايه ناز علمي ترجمه تفسير ۽ تحقيق کي وڏي محنت ۽ جانفشاني مان ڪم ڪيو. پاڻ سنڌ جي مايه ناز عالم اديب تاريخدان ۽ محقق مرحوم معمور يوسفاڻي کان پڻ خوب علمي استفادو حاصل ڪيو. مولانا مراد علي مرحوم صاحب جن پراڻ درياهه جي تاريخ تي هڪ محققانه مقالو لکيو اهو پڻ هڪ دلچسپ ۽ علمي جاکوڙ آهي، جيڪو ان وقت ٽماهي مهراڻ ۾ اشاعت پذير ٿي چڪو آهي. سنڌ جي علمي، ادبي، تحقيقي دنيا ۾ پاڻ وڏي ڄاڻ جي کاڻ هئا خصوصاً سنڌ جا معياري مدرسا، علماء وفضلا، مصنفين، محققين بابت بي انت معلومات جا خزانا نظر ايندا هئا.
مختصر پاڻ بلاشبه هڪ ئي وقت مڙني علوم اسلاميه جا مايه ناز محقق هئا.
هن پنهنجي وقت ۾ بلند پايه علمي گڏجاڻين ۽ سيمينارن ۾ محققانه مقالات پيش ڪري علمي جهان ۾ وڏو مان ماڻيو ڪاش سندن اهي علمي ادبي، معياري محققانه محاضرات علميه گڏ ڪري اشاعت جو انتظام ڪيو وڃي. جيئن علمي موتي ۽ مرجان هڪ هنڌ مرتب ٿي تشنگان علوم اسرار پنهنجي علمي ادبي ۽ تحقيقي اڃ اجهائي سگهن. پاڻ مرحوم مولانا امير الدين مهر جي سليس سنڌي بامحاوره تاريخي ترجمه قرآن جي ترتيب وتزئين وقت جيڪا رهنمائي ڪئي ان جو پڻ مولانا امير الدين مهر برملا اظهار تشڪر ڪيو آهي. پاڻ پنهنجي قوم راهمان ۾ پڻ وڏي مان ۽ مرتبي سان ڏٺا ويندا هئا ايستائين جو هر فيصلي ۾ راهمان برادري مولانا مراد علي جي معاونت ضرور حاصل ڪندي هئي. هن جي تقريري صلاحيت ايتري ته بلند هئي جو هر هر موقع ۽ محل کي دلائل ۽ براهين ڏئي پنهنجو مضبوط مؤقف ثابت ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو هو.
پاڻ هيترا جيد عالم هئڻ باوجود ٻين اهل علم کي پڻ وڏي عزت ۽ احترام جو جذبو رکي ٻي کي مان ۽ مرتبو ڏيڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. پاڻ تصنيف، تاليف ۽ علمي اسٽيج کان علاوه ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي تي پڻ علمي، ادبي، اصلاحي، سماجي ۽ معاشرتي موضوعات تي پنهنجا معياري علمي ويچار ونڊيندي پيا نظر ايندا هئا. پاڻ پنهنجي تعليمي سرگرمين کان علاوه سروس جا آخري ٽي سال پڻ محڪمه ايجوڪيشن ۾ ڊائريڪٽر فنانس جهڙي اهم عهدي تي فائز رهيا مگر مجال ڪو ڪڏهن سندن علمي شان شوڪت ۽ ورتاءُ ۾ ڪا ڪمي آئي هجي اها ساڳي سادگي، سچائي، اورچائي ۽ علمي طبقي کي احترام سان نوازڻ ۾ ڪا ڪمي اچڻ نه ڏني. پاڻ بظاهر صحتمند سگهارا هئڻ باوجود 9 جولاءِ 2021ع تي شام ٽاڻي اچانڪ درد دل هٿان داعي اجل کي لبيڪ چئي عالم جاوداني جو سفر اختيار ڪيو. هڪ وڏي انگ ۾ سندن محبت ڪندڙ ڪراچي ۾ سندن جنازه نماز ادا ڪئي. شال مٿن رب پاڪ جون اڻ کٽ رحمتون ۽ راضيپا هجن.
جوڳي پنهنجي جوءِ ويا جهڙ جئين نيڻ جهمن
کين الله تعالي صالح صفت چئن پٽن جي اولاد سان سرفراز ڪيو جنهن مان هڪ مولانا ڪليم الله صاحب ته باقاعده علوم وفنون اسلاميه سان سرفراز پنهنجي والد وانگي عالم ۽ فاضل آهي ٻيا پڻ سٺي سڀاءُ جا ڌڻي آهن.