وحدانيت: شاهه لطيف جي نظر ۾

idara letterhead universal2c

وحدانيت: شاهه لطيف جي نظر ۾

نور احمد ميمڻ

                        انساني تاريخ ۾ جيترا به مذهب، نظريا ۽ افڪار پيش ٿيا آهن، انهن ۾ انسان دوستي ئي اهڙو آدرش آهي جيڪو سڀ کان اُتم آهي. مذهبن ۾ جنهن مذهب خداپرستي ۽ انسان دوستيءَ جو سگهارو ۽ پريڪٽيڪل تصور ڏنو آهي، ان مذهب انسانيت جي سک ۽ سلامتيءَ لاءِ وڌيڪ خدمتون آڇيون آهن. خداپرستي ۽ انسان دوستيءَ ڪنهن به مذهب جي تعليم ۾ تڏهن سگهاري ۽ عملي ليکبي آهي. جڏهن ان جي تعليم وحدانيت جي اصول تي پڪي هجي. اهو وحدانيت جو تصور انساني آزادين، وقار ۽ اعليٰ انساني قدرن جي تحفظ ۽ طاقتور هئڻ جو ضامن هوندو آهي. ٻين لفظن ۾ توحيد جو فڪر بنيادي طور تي انساني آزادين جو فڪر آهي. توحيد جو آغاز ئي نفيءَ سان آهي. لاالٰه جي نفي سڀني انساني غلامين جو انڪار آهي. انسان جي پنهنجي داخلي يا نفس جي غلامي، نفس جي خواهشن جي غلامي، هٻڇ، مفادپرستي ۽ غرضن جي پوئواري واري غلامي ان جو به انڪار آهي ته فردن جي مٿان فردن جي غلاميءَ جو انڪار به آهي. طبقن مٿان طبقن جي غلاميءَ جو انڪار به آهي ته وري قومن جي مٿان قومن جي غلاميءَ جو انڪار به آهي. غلاميءَ جي سڀني قسمن جي انڪار سان هڪ الله جي عبديت ۾ اچڻ ئي وحدانيت جو نالو آهي. وحدانيت جو اهو عقيدو ماڻهوءَ ۾ شخصي ڪمال ۽ ڳُڻ پيدا ڪري ٿو. هُن ۾ وحدت فڪر پيدا ٿئي ٿي. جيئن هو لازمي طرح پنهنجي خلقڻهار ۽ پالڻهار کي اڪيلو ۽ واحد ٿو مڃي، تيئن هو لازمي طرح ان جي پيدا ڪيل مخلوق کي به واحد ۽ ساڳي طرح ٿو مڃي. هو خدا جي سڄي مخلوق لاءِ سمجهي ٿو ته اها سندس خلقڻهاريءَ جو شان آهي ۽ خدا جو روح، رنگ ۽ قدرت هر وجود ۾ موجود آهي. وحدت الوجود جو فڪر به اهائي ڳالهه آهي. ماڻهن ۾ جيئن ته تخليقي وحدت آهي، ان ڪري سڀ ماڻهو الله جو ڪٽنب آهن. اها ڳالهه سڀني کان اڳ ۾ پيغمبرن ٻڌائي. سڄي انسانيت جي محسن پيغمبر حضرت محمدﷺ به اهوئي چيو ته: اَلْخَلْقُ عِیَالُ اللہِ يعني ماڻهو الله جو ڪٽنب آهن. هاڻي وحدانيت مڃيندڙ ماڻهوءَ جا سڀ رويا ۽ عمل انهيءَ سوچ هيٺ جڙندا آهن ته جنهن خلق کي رنجايو تنهن خدا کي رنجايو. مذهبن هي تعليم ڏني ته پنهنجي خلقڻهار جي رضا ان جي خلق ۾ ڳوليو. حضرت محمدﷺ چيو ته:

                        ”اوهان مان ڀلا ماڻهو اهي آهن جيڪي انسانن سان ڀلايون ڪن ٿا ۽ انساني نفعي بخشي ڪن ٿا.“ (حديث)

                        حضرت عيسيٰ’ چيو ته: ” جيڪڏهن اوهان منهنجا پيروڪار آهيو ته ماڻهن سان محبت ڪيو. (انجيل يوحنا 13:35)

                        وري پيغمبرن جي لکين پيروڪارن، سڌارڪن ۽ صوفين ان تعليم کي اڳتي وڌايو. جين مت ۾ چيو ويو آهي ته:

                        ” اڃايل جي اڃ اجهايو، بکايل کي کاڌو کارايو، ڏکايل ماڻهوءَ سان ڏک ۾ شريڪ بڻجو ۽ غريب تي رحم ڪيو، اهي ئي ڳالهيون نيڪيءَ جو سرچشمو آهن.“ (کداڪنڊا پان جو ستوڪايا 137)

                        گرو نانڪ چيو هو ته:

                        ”اهي جيڪي خدا جي محبت سان سرشار آهن هر هڪ سان محبت ڪندا آهن. ٻڌو! مان هي اوهان کي يقين سان ٿو چوان ته جيڪو محبتي ماڻهو هوندو، اهوئي خدا تائين رسائي حاصل ڪري سگهندو.“ (آڌي گرنٿ صاحب، وار رنگ، ص: 557)

                        انسان دوستيءَ جي اها تعليم وحدانيت جو مڃيندڙ پنهنجي زندگيءَ جو عملي دستور ٿو بڻائي ڇڏي ۽ پوءِ سڄي انسانيت ان مان سلامتيءَ ۽ اطمينان جو سُک حاصل ڪري ٿي.

                        هن جهان اندر انساني زندگيءَ ۾ ماڻهوءَ جي غيرمتوازن (Unbalanced) شخصيت جو وڏو ڪارڻ ماڻهوءَ جو ”پاڻ پڻو“ يا ”انا“ هوندي آهي، وحدانيت جو جذبو يا توحيد پرستي ماڻهوءَ جي انهيءَ جبلت يا قيد جي به پاڙ پٽي ٿي ڇڏي. وحدانيت جو مڃيندڙ خدا جي محبت ۽ عشق ۾ ان تان هٿ کڻي ويندو آهي.

                        وحدانيت پسند ماڻهو خدا جي صفتن کي پنهنجي لاءِ هدايت ۽ عمل جو نمونو ڪري ڄاڻندو آهي ۽ انهن صفتن ۾ ٻئي ڪنهن کي به شريڪ نه بڻائيندو آهي. هو سمجهندو آهي ته جيڪڏهن خدا واحد جي صفتن ۽ قوتن جو مالڪ ڪنهن ٻي مخلوق کي بڻايو وڃي ته اهو شرڪ چئبو، اها ٻيائي چئبي. شاهه سائين هڪ سچي وحدانيت پرست انسان جي حيثيت ۾ ان شرڪ ۽ ٻيائيءَ کان بچڻ جو چوي ٿو. اهڙي طرح هو پاڻپڻي، آپي ۽ انانيت کي سڀ کان وڏو شرڪ ٿو سڏي. هو وحدانيت جي رستي ۾ پاڻپڻي ۽ ماڻهوءَ جي ذاتي مفادن کي وڌ ۾ وڌ رڪاوٽ سمجهي ٿو. ان ڪري چئي ٿو ته:

          ”آئون“ اوريان جهل تون، ڇڏيم ”پاڻ“ پچار،

          شرڪ ساڻ ستار، گهڻا گهاريم ڏينهڙا.

                        شاهه سائين نصيحت ٿو ڪري ته:

                        ”تون اڪيلي الله جو حضور ۾ عرض ڪر ته اي منهنجا مالڪ! هن منهنجي آپي ۽ انانيت کي مون کان پري ڪري جهل. مون پنهنجي پاڻپڻي جي پچر ئي ڦٽي ڪئي. اي سٻاجها ستار! هاڻي مون تي اها مهر ڪر جو منهنجو ماضي مون کان وساراءِ. مون پاڻپڻي ۽ دوئيءَ سان گهڻائي ڏينهن گڏ گذاريا آهن، منهنجي دامن کي هاڻي ان کان پناهه ۾ رک.“

                        شرڪ سادو مسئلو ڪونهي، قرآن ان کي ظلم عظيم قرار ڏنو آهي. ڇو ته شرڪ جي ڪري ماڻهو وحدانيت کان جڏهن ڪٽجي ٿو وڃي، هيڪڙائي کان پري پئي ٿو ته پوءِ شخصيت جي وحدت ۽ هيڪڙائي مجروح ٿي پويس ٿي. ان صورت ۾ ٺڳي، غرض، مفاد، لالچ، هٻڇ ماڻهوءَ ۾ واسو ڪري ٿا ويهن. پوءِ ماڻهو ذات پات، نسل مذهب، تهذيب ۽ ثقافت جي موجود اختلافن تي وڙهندڙ ٽولن ۾ ورهائجي ٿو وڃي. سڀ کان وڏو ماڻهوءَ جو نقصان هي ٿئي ٿو ته هو پاڻ کان گهٽ مخلوق آڏو ڪنڌ جهڪائي انهن کي الوهيت جو درجو ڏئي پاڻ کي پست مخلوق بڻائي ٿو ڇڏي. انهن جو خوف ۽ انهن جي پوڄا ۽ انهن کي راضي رکڻ جي چنتا سبب پاڻ کي هڪ طرف انيڪ وهمن ۽ ۽ ڳڻتين ۾ ڌڪي ڇڏي ٿو ۽ ٻئي طرف پنهنجي انساني شرف کي نقصان پهچائي ٿو. جڏهن دل ۽ دماغ جي دنيا خداپرستي ۽ انسان دوستيءَ کان خالي ٿي وڃيس ٿي ته اتي ڏوڪڙ جي هوس، معتبر ٿيڻ جي لونجهه ۽ جنسي حيوانيت جهڙيون سفلي خواهشون مٿس ايترو سوار ٿي وڃن ٿيون جو انهن کي معبود بڻائي پنهنجي تخليقي مقصد کي به يڪسر فراموش ڪري ڇڏي ٿو. ان صورت ۾ هو ڪڏهن به باغي نٿو بڻجي سگهي. سندس قوم کي ڪو غلام بڻائي ڪهڙي به پست حالت ۾ کڻي وڃي، دولتمند ۽ وڏيرا ماڻهن جو پورهيو ۽ وسيلا ڦٻائڻ لاءِ ڪهڙا به ظلم ۽ ڏاڍ ڪندا رهن ۽ ڪوڙا ٺڳ مذهبي پيشوا ڪهڙو به انڌوڪار ڪندا رهن، هي ان ظلم ۽ ڏاڍ خلاف بغاوت ڪرڻ بدران، پنهنجي مجبوري، بي وسي ۽ ڪم علميءَ سبب سندن غلامي اختيار ڪندو آهي. تنهن ڪري شرڪ کي ٽن منهن وارو خدا قرار ڏنو ويو آهي، يعني فرعون (حاڪم مطلق)، قارون (سرمائيدار يا پيداواري ذريعن تي قبضو ڪندڙ) ۽ بلعم باعور يا هامان (مذهبي پيشوا)- جيڪو سماج انهيءَ ٽمورتيءَ جو شڪار ٿيندو آهي اهو مشرڪ سماج بڻجي پوندو آهي.

                        اهڙي طرح شڪ ۽ شرڪ هڪ اهڙي منفي قوت آهي جو ڪو به ماڻهو پنهنجي ذهن ۾ شڪ يا غيريقينيءَ کي جڳهه ڏئي ٿو ته پوءِ ان جو ذهن پنهنجي غيريقيني لاءِ ڪيترائي سبب ڳولهي وٺندو آهي. شڪ ۽ غيريقينيءَ جي سبب ماڻهوءَ جو لاشعور ته پهرين سٽ ۾ ناڪام ٿي ويندو پر ان جو شعور به سندس ساٿ ڏئي نه سگهندو. ڇو ته هو شڪ سبب ٻن ٻيڙين جو سوار بڻجي وڃي ٿو ۽ ٻن ٻيڙين جا سوار منزل تي رسڻ کان رهجي ويندا آهن. انهيءَ ڪري هي پڪ ڄاڻجي ته سوچ ۾ شڪ هوندو ته نتيجو ناڪامي هوندو ۽ يقين پختو هوندو ته نتيجو ڪاميابي هوندو. پر ڪو ماڻهو پنهنجي شڪ جو آغاز ئي پنهنجي خدا کان ٿو ڪري ته ان جا بڻايل ايمانداري، همت ۽ مسلسل محنت وارا قانون سندس ساٿ ڏيندا الائي نه؟! ڀلا مان ٻيا در به واجهائي ڏسان، مان درگاهون پير ۽ مرشد ڀيٽي ڏسان ته پوءِ هو نه صرف شڪ جو شڪار ٿئي ٿو پر پنهنجي خلقڻهار جو گستاخ ۽ بي ادب به ٿئي ٿو. هو جڏهن پنهنجي خدا کي ۽ ان جي بڻايل قانونن کي پنهنجي ڪاميابين ماڻڻ ۽ پيڙائن جي خاتمي لاءِ اڻپورو ٿو سمجهي ته ان صورت ۾ هو ان جي قدرت کي ۽ ان جي ڪاملتا کي نٿو مڃي. هاڻي ان جو قدرت سان احترام جو رشتو ۽ عبديت جو رشتو ڪمزور ٿو پئجي وڃي. پوءِ هو خدائي راهه کان ڀٽڪي اهڙو ڇورو ڇنو بڻجي ٿو وڃي جو هر طرف کان پريشانين جي ڀنور ۾ ڦاسي پوي ٿو. اهڙي طرح سندس ڀٽڪڻ جو جيڪو سلسلو هلي ٿو پوي ان جو ڪو انت ئي نٿو هجي. انهيءَ ڪري شاهه اهڙي خساري ۽ محروميءَ کان بچائي ٿو. شاهه سائين صاف لفظن ۾ چوي ٿو:

          وَحدہٗ لَاشريڪ لہٗ، هي هيڪڙائي حق،

          ٻيائيءَ کي ٻَکُ، جن وڌو سي وِرِسِيا.

                        ”الله تعاليٰ هڪ آهي ۽ ڪو به قدرت ۽ ڪارسازيءَ ۾ ساڻس شريڪ ڪونهي. توحيد جي انهيءَ عقيدي جو حق ئي اهو آهي ته ان جي هيڪڙائي مڃجي. جيڪي دوئيءَ کي چنبڙي پيا ۽ انهن ٻين مان ڀلائيءَ جو ويساهه رکيو ۽ شرڪ اختيار ڪيو سي حق ۽ ڀلائيءَ واري واٽ کان ڀُليا ۽ گمراهه ٿيا. هاڻي جيڪو حق ۽ ڀلائي واري خدائي راهه کان ڀٽڪيو، ان لاءِ ٻيو ڪو به هادي ڪو نه بڻبو. جيڪو ان کي ڀٽڪڻ کان بچائي سگهي.“

                        مشرڪاڻي زندگيءَ ۾ فرد جي روحاني، نفسياتي ۽ سماجي پاسن تي جيڪي اثر پوندا آهن انهن کي نفسيات جي اصطلاح ۾ ذاتي ويڳاڻپ (Self Alienation) چئبو آهي. هي اها ڪيفيت آهي جنهن ۾ فرد پنهنجي محنت کان، پنهنجي محنت سان ٺاهيل شين کان، پنهنجي سماجي لڳ لاڳاپن کان ۽ ڪنهن به اٿل پٿل کان ويڳاڻو ٿي ويندو آهي، جنهن سان انسان جي ذات ۽ اعليٰ قدرن جي تذليل، زندگيءَ جي بي وقعتي، ڪم چوري، انسانن کان نفرت، اڳرائي، تشدد، خانداني رشتن جي تباهي، پاڙيوارن جي حقن کان لاپرواهي، جنسي بي راهه روي، شراب نوشي جي گهڻائي، تنگ نظري ۽ ذات پات جي تصورن جي گرفت ۽ انسان دوستيءَ جي جذبن جي ڪميابي ماڻهوءَ جو مقدر بڻجي ويندي آهي.

قديم شرڪ ۽ جديد شرڪ

                        هن دنيا ۾ انسان جي لاءِ زندگيءَ جا ٻه رستا آهن. هڪ سڌو رستو ۽ ٻيو وڙ وڪڙن وارو ڀٽڪائيندڙ رستو. سڌو رستو هي آهي ته ماڻهو پنهنجي خلقڻهار کي مڃي ان کي ئي پنهنجو سڀ ڪجهه بڻائي. ڀٽڪڻ جو رستو هي آهي ته ماڻهو مخلوق ۾ ئي گَتل رهي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي نقشي تي مخلوق کي ئي حاوي رکي. پهرين طريقي جو نالو توحيد آهي ۽ ٻئي طريقي جو نالو شرڪ آهي.

                        قديم دور ۾ شرڪ جي قديم صورت نيچر پرستي هئي. قديم زماني جي انسان نيچر کي معبود جو درجو ڏنو ۽ فطرتي مظهرن سج، چنڊ، پاڻي ۽ پٿر جي پوڄا شروع ڪئي. پر موجوده زماني ۾ به اهو شرڪ پنهنجي پوري طاقت سان موجود آهي. اڄ جو انسان به اهو ئي ڪري رهيو آهي ته هو خالق جي بجاءِ مخلوق کي پنهنجو سڀ ڪجهه (Supreme Concern) بڻائي ويٺو آهي. فرق رڳو هي آهي ته قديم انسان نيچر کي پنهنجي پوڄا جو موضوع بڻايو هو ۽ جديد انسان نيچر کي تفريح جو موضوع (Object of entertainment) بڻائي ورتو آهي. ٻانهپ جو مرڪز پهريان به مخلوقات هئي ۽ هاڻي به ٻانهپ جو مرڪز ساڳي مخلوقات آهي.

                        موجوده زماني جي ماڻهوءَ جو نظريو هي آهي ته پنهنجي اڄ (Now) ۾ خوش رهي، سڀاڻي جو فڪر ڇڏي ڏي. ان لاءِ هو شين ۾ گتل رهي، مفادن جي ڪڍ رهي، خواهشن ۾ گم رهي ۽ انهن ٽنهي شين جي ڪڍ رهي انهن کي زندگيءَ جو اصل مقصد بڻائي ڇڏي ٿو. شاهه لطيف کي ماڻهوءَ جو اهو نقشو ۽ اها شڪل قبول ڪونهي. انهيءَ ڪري هو ٻڌائي ٿو ته وحدانيت واري سڌي رستي تي هلڻ وارا ماڻهو ئي تخليق جي اصل منزل مقصود تي سلامتيءَ سان پهچن ٿا:

          اَوتَڙِ ڪَنہِ نه اولِئا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ

          هيڪان ئِي هيڪُ ٿِئا، اَحَدَ سِين عالمَ

          بي بَها بالمَ، آگي ڪِئا اَڳَهِين.

                        ”اهي ڪنهن خطري واري اڻانگي جاءِ ڏانهن ٿيلهجي ڪين ويا پر سنئين راهه تي هلڻ وارا منزل مقصود تي سلامتيءَ سان پهتا. اهي توحيد واري ايمان، عرفان ۽ ساڃهه سان هر قسم جي ذهني نفسي ۽ سماجي غلامين کان آزاد ٿيا ۽ خود رخي زندگي ڇڏي خدا رخي زندگيءَ ۾ هيڪان هيڪ ٿيا. اهڙي خود حوالگيءَ جي ڪري خلقڻهار وٽ انهن بي بها ڀلارن انسانن لاءِ ازلئون آسانيون لکيل آهن. اهي خدا جي عطا ڪيل ضابطن واري فطري زندگي هيٺ هن حياتيءَ ۾ به سک ۽ سلامتيءَ سان گذارين ٿا ۽ مرڻ کان پوءِ جي زندگي ۾ به انهن لاءِ مهربانين جو بندوبست آهي.“

                        شاهه لطيف زندگيءَ جي بي ثباتي ۽ بي مقصد زندگيءَ گذارڻ جي روش کان روڪيندي پنهنجي هڪ وائيءَ ۾ هيئن چوي ٿو:

وِساريجِ مَ ويڻَ، آهي جوڀَنُ ٻه ٽِري ڏِينهَڙا

١. لُوٺِيون سَهَنِ لوڪَ جا، وِهاڻِيءَ ٿِيون ويڻَ

٢. اَصُلِ اَسارِينِ جا، سُتي وِئَڙا سيڻَ

٣. جيڏِيُون! جي مان وِسَهو، نِنڊ مَ هيرئو نيڻَ

٤. راتِڙِيُون جاڳَنِ جي، سي آءٌ ڪَندَڙِي سيڻَ.

                        ”منهنجا هي نصيحت ڀريا گفتا نه وسار! جُواني جا جوڀن ۽ البيلائي وارا ڏينهن ڪي ٿورڙائي آهن. جيڪي بي مقصد زندگيءَ جي پيچرن جا ڇڙواڳ راهي رهيا آهن سي عملي زندگيءَ جي وقت هٿان نڪري وڃڻ بعد هميشه لاءِ پيا جڳ جا طعنا سهن. اصل کان وٺي اهو دستور آهي ته جيڪي غافل ٿي ننڊ ۾ ستل هوندا آهن تن جا سڄڻ کانئن جدا ٿي ويندا آهن. اي اديون! جيڪڏهن منهنجي غفلت سببان مون جيڪي ڀوڳيو آهي تنهن ڳالهه تي اعتبار ڪريو ته پنهنجين اکين کي ننڊ تي نه هيرايو ۽ پنهنجي زندگيءَ جو هر لمحو ساري سنڀاري محبتي مايا سان انسان دوستيءَ ۾ گذاريو. آءٌ پنهنجو سڄڻ ۽ سائين انهن کي ئي ڪنديس جيڪي راتيون جاڳي هوشمندي ۽ فڪرمنديءَ ۾ گذارين ٿا ۽ صبح جو روزانو پنهنجي پالڻهار سان الستي عشق ورجائي انساني ڀلاين جي واٽ تي هلي پون ٿا. “