هجري سال محرم کان شروع ڇو؟

idara letterhead universal2c

هجري سال محرم کان شروع ڇو؟

مولانا طارق علي عباسي

                        اسان جو دين اسلام آھي، ۽ اسلام جو بنياد علاقائيت، وطنيت، قوميت ۽ لسانيت وغيره تي ٻڌل قطعاً به ناھي. دينِ اسلام نه رڳو ھڪ دين آھي بلڪ زندگيءَ جو ھڪ ڪامل ضابطو پڻ آهي، ان ڪري انساني زندگيءَ جو ڪو به اهڙو موڙ ناھي جتي اسلام جي رھنمائي موجود نه ھجي. خير ان مختصر تمھيد کان پوءِ پنهنجي موضوع تي ڳالھائيندي عرض ڪجي ٿو ته ھر قوم جو ڪوئي نه ڪوئي ڪلينڊر ھوندو آهي، يھودين جو سن ۳۷۰۰ق کان شروع ٿئي ٿو. ۽ عيسوي سال حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ڄمڻ کان شروع ٿئي ٿو. اھڙيءَ ريت بڪرمي سن جو آغاز مھاراجا بڪرما جيت کي ساکا قوم تي سوڀ ماڻڻ جي واقعي کان ٿئي ٿو. ساڳيءَ طرح ھجري سن جو آغاز نبي پاڪ ﷺ جن جو مديني شريف ڏانهن ھجرتي سفر ڪرڻ کان ٿيندو آهي. مڪي شريف کان مديني شريف ڏانهن ھي سفر ۸ ربيع الاول عيسوي سن مطابق ۲۰ سيپٽمبر ٦٢٢ ۾ ٿيو. اسلامي سال جي شروعات اتان کان ئي ٿئي ٿي. سيدنا عمر رضي الله پنهنجي خلافت واري دور ۾ انھيءَ تاريخ کان اسلامي سن يعني ھجري سن جو آغاز ڪيو. جيئن ته سندن دورِ خلافت ۾ ھجري سن جو آغاز محرم الحرام جي مھيني ۾ ٿيو ان ڪري اسلامي سال جي شروعات به انھيءَ مھيني کان ٿيندي آهي. عيسوي سال جي مطابق اسلامي صديءَ جي شروعات ١٦ جولائي ٦٢٢ کان ٿي. اتي ھڪ عجيب ڳالھ ڪجي جيڪا پڙھڻ لائق آهي ته جڏهن اسلام جي پھرئين صديءَ جو آغاز ٿيو ته ھڪ محرم الحرام تي جمعي جو مبارڪ ڏينهن ھيو.

                        سوال پيدا ٿئي ٿو ته اسلامي سال جي شروعات محرم الحرام کان ئي ڇو ٿي؟ جڏهن ته نبي ڪريم ﷺ جن جي مديني ڏانهن ھجرت ته ربيع الاول ۾ ٿي. جواب کان اڳ ۾ ڪجھ ڳالھيون سمجھڻ انتھائي ضروري آھن. جن تي تاريخدان به تقريباً متفق آهن. ھجري سال نبي پاڪ عليه الصلواة والسلام جن جي دور ۾ استعمال نه ٿيندو ھيو. بلڪ ان جو آغاز حضرت عمر فاروق رضي الله  جي دور ۱۷ ھجري ۾ ٿيو پر سمورن اسلامي مھينن جا نالا ۽ انھن جي ترتيب نه رڳو پاڻ سڳورن جي دور ۾، بلڪ آڳاٽي وقت کان ئي ھلندي پئي اچي. ان کان علاوه اسلامي ڪلينڊر يعني ھجري سن جي جاري ٿيڻ کان اڳ عربن ۾ مختلف واقعن کان سال جي شروعات ٿيندي ھئي. ان ڪري عربن ۾ مختلف ڪلينڊر ھوندا ھئا. ۽ جڏھن ته ھر ڪلينڊر جي شروعات محرم الحرام کان ئي ٿيندي هئي. ھاڻي مختصر طور تي جواب عرض ڪجي ٿو ته حضرت عمر فاروق رضي الله جي دور ۾ اسلامي ڪلينڊر جي متعلق نبي پاڪ عليه الصلواة والسلام جن جي ولادت ۽ ھجرتِ مدينه کان شروع ڪرڻ جا مشورا ٿيا جن ۾ مديني ڏانهن هجرت واري مشوري کي قبول ڪندي اسلامي ڪلينڊر جو آغاز ڪيو ويو. ۽ مديني ڏانهن هجرت کي پھريون سال مڃيو ويو. باقي رھي مھينن جي ترتيب ته ان کي عربن ۾ جاري مختلف ڪلينڊرن مطابق ئي رکيو ويو. يعني محرم الحرام کان ھجري سال جي شروعات ڪئي وئي. معلومات لاءِ ڄاڻڻ کپي ته عيسوي سن ۾ ۳٦٥ يا ٣٦٦ ڏينهن ٿيندا آهن. ۽ ھجري سن ۾ ۳۵۴ ڏينهن ٿين ٿا. ھر ڪلينڊر ۾ ٻارنهن ئي مهينا ٿيندا آهن. ھجري ڪلينڊر ۾ ۲۹ يا ۳۰ ڏينهن ٿين ٿا. عيسوي ڪلينڊر ۾ ست مھينا ۳۱ ڏينهن جا. چار مھينا ۳۰ ڏينھن جا ۽ ھڪ مھينو ۲۸ يا ۲۹ ڏينهن جو ٿيندو آهي. ٻنھي ڪلينڊرن ۾ ۱۰ يا ۱۱ ڏينھن جي فرق ڪري عبادتن ۽ احڪامن جي وقت ۾ تبديلي ٿيندي رھندي آھي. جنھن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته الله تعاليٰ پنهنجن ٻانھن لاءِ آسانيون مھيا فرمائيندڙ آهي.

                        ھجري سن گھڻين ئي خوبين جو حامل آهي. ھن جي شروعات جو بنياد چنڊ کي بڻايو ويو. ۽ ان ريت اسلامي مھينن کي چنڊ سان ڳنڍيو ويو. ڏسجي ٿو ته اھو ڳانڍاپو خالق باري تعالٰي جي بڻايل شئي سان ٿئي ٿو. ۽ ان ۾ ھروڀرو ڪنھن ٽاڪي وغيره جي ضرورت به ڪونهي. ڇوته اسلام ھڪ فطرتي مذھب آهي. ان ڪري پوري دنيا ۾ رھندڙ ماڻھو پوءِ توڻيڪ اھي شھرن ۾ رھن ٿا يا پھاڙن ۽ ٻيٽن وغيره ۾ انھن جي لاءِ آساني آهي ته پنھنجا ديني ۽ دنياوي معاملا چنڊ جي مطابق طئي ڪرن. ھر پڙھيل لکيل ۽ اڻ پڙھيل سڀئي ان چنڊ جو حساب لڳائي سگھن ٿا. ۽ ان عمل ۾ ڪنھن لاءِ ڪا ڏکيائي به ناھي. ان جي اُبتڙ ٻيا ڪلينڊر ۽ انھن جون تاريخون ياد رکڻ ۽ انھن جو حساب لڳائڻ سؤلو ناھي. ۽ جڏھن ته چنڊ ھر جاءِ تي نڪرندو آهي ته ان جي حساب لڳائڻ جي آساني ھر ڪوئي سمجھي سگھي ٿو. ان ڳالھ جو مطلب هرگز به اھو ناھي ته ٻيا ڪلينڊر ڪم جا ناھن يا انھن جي اھميت ناھي. بلڪ بحث جو مقصد رڳو ھيءُ آهي ته اسان مسلمانن جو دين اسلام آھي ۽ اسلامي تقويم قمري آهي. جنھن جي ڄاڻ رکڻ ۽ ان جي ضرورت کي سمجھڻ ان لاءِ به اھم آهي ته اسان جي زندگيءَ ۾ ٻين معاملن سان گڏ اسان جي عبادتن ۽ احڪامن سان به انھيءَ قمري تقويم يعني ھجري سن ۽ انھن جي مھينن جو خاص ڳانڍاپو آهي. جنھن کان انڪار ڪري ئي نه ٿو سگھجي.

                        ھونئن ته ٻارھن مھينا ۽ ٽيھ ئي ڏينهن الله جل مجدہ جا پيدا ڪيل آھن ۽ ھر مھيني ۽ انھن جي ڏينهن جا پنھنجا پنھنجا خاص حڪم پڻ آهن. انھن ئي مھينن منجھان ھڪ محرم الحرام حرمت وارو مھينو به آھي. سورة التوبہ جي ٣٦ نمبر آيت ۾ جيڪي چار حرمت وارا مھينا ٻڌايل آھن انھن منجھان ھڪ مھينو محرم الحرام جو آهي. انھيءَ محرم الحرام ۾ ھڪڙو ڏينھن انتھائي فضيلت ۽ تقديس وارو آهي جنھن کي عاشورا جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. جنھن جي معني آهي ڏھون ڏينهن. ان ڏينهن جي حديثن جي ڪتابن ۾ گھڻي ئي فضيلت اچي ٿي. معلوم ھجڻ کپي ته رمضان ڪريم جي روزن کان اڳ ۾ عاشوري جو روزو رکڻ مسلمانن تي فرض ھيو. پوءِ جڏهن رمضان ڪريم جا روزا فرض ٿيا ته عاشوري جي روزي جي فرضيت منسوخ ڪئي وئي. پر نبي پاڪ ﷺ جن عاشوري جي روزي رکڻ کي سنت ۽ مستحب قرار ڏنو. ھڪ حديث ۾ نبي ڪريم ﷺ  جن فرمايو ته مون کي الله جل شانه جي رحمت مان اميد آھي ته جيڪو ماڻهو عاشوري جي ڏينهن جو روزو رکندو ته ان جا پوئين ھڪ سال جا گناھ معاف ڪيا ويندا. ان حديث مبارڪ ۾ عاشوري جي ڏينهن جي ايتري وڏي فضيلت بيان ٿي آهي. ھاڻي ڳالھ اھا آھي ته ان ڏينهن جي فضيلت ۽ تقديس جو ڪارڻ ڇا آهي؟ ته ان جي حقيقت الله پاڪ ئي ڄاڻي ٿو. اسان کي گھرجي ته ان مسئلي ۾ نه پئون، ڇوته الله پاڪ جن ڏينهن ۽ مھينن کي گھري تقديس ۽ فضيلت وارو بڻائي انھن ۾ برڪتون نازل فرمائيندو آهي. ۽ ان جي مصلحت به اھو ئي ڄاڻي ٿو. باقي اھو چوڻ جيئن مشھور ڪيل آھي ته حضرت آدم عليه السلام دنيا ۾ لٿو ته اھو عاشوري جو ڏينهن ھيو، ۽ حضرت نوح عليه السلام جي ٻيڙي طوفان کان پوءِ خشڪيءَ تي لٿي ته عاشوري جو ڏينهن ھيو، ۽ ان ريت حضرت ابراهيم عليه السلام کي باھ ۾ وجھڻ وارو واقعو ۽ اھڙا ڪجھ ٻيا واقعا به عاشوري جي ڏينهن جي نسبت سان بيان ڪيا ويندا آهن ته انھن جي ڪائي اصليت ناھي. ھي رڳو ماڻھن ۾ مشھور ٿيل ڳالھيون آهن. انھن ڳالھين کان سواءِ ھڪ ڳالھ بلڪل حقيقت ته ٻڌل آهي ته ان عاشوري واري ڏينهن تي حضرت موسٰي عليه السلام کي فرعون کان نجات ملي.

                        ان واقعي جو تفصيل ھي آهي ته جڏهن حضرت موسٰي عليه السلام جو مقابلو فرعون سان ٿيو ۽ پوءِ حضرت موسٰي عليه السلام درياءَ جي ڪناري تي پھچي ويو ۽ پويان فرعون جو لشڪر اچي ويو ته الله پاڪ ان وقت حضرت موسٰي عليه السلام کي حڪم ڏنو ته پنھنجي لٺ درياءَ جي پاڻيءَ تي ھڻي. جڏهن حضرت موسٰي عليه السلام رب پاڪ جي حڪم کي مڃي ائين ڪيو ته ان جي نتيجي ۾ درياءَ ۾ ٻارنهن رستا ٺھي ويا ۽ انھن رستن وسيلي حضرت موسٰي عليه السلام جو لشڪر درياءَ جي پار ھليو ويو ۽ جڏهن فرعون درياءَ وٽ پھتو ۽ ان درياءَ ۾ خشڪ رستا ڏٺا ته اھو به درياءَ ۾ لشڪر سوڌو اندر ھليو ويو پر جڏهن فرعون ۽ ان جو سڄو لشڪر درياءَ جي وچ ۾ پھتو ته پاڻيءَ ۾ ملي ويو ۽ فرعون ۽ ان جو لشڪر ٻڏي ويو. ھيءُ واقعو عاشوري جي ڏينهن پيش آيو. ھيءُ واقعو جنھن روايت ۾ آيل آهي علماء حضرات ان کي بھتر ڄاتو آھي. بقايا مٿي ذڪر ٿيل واقعن جي صحت علماء وٽ مستند ناھي.

                        محرم الحرام جي مھيني ۾ پيش آيل تاريخي واقعن جو مختصر احوال ھيٺ ڏجي ٿو.

                        محرم الحرام جي مھيني ۾ ابرھي جي لشڪر يعني اصحابِ فيل وارن تي خدا جو عذاب نازل ٿيو. انھيءَ مھيني ۾ شعبِ ابي طالب ۾ مسلمان بند رھيا. غزوه ذات الرقاع ۱۰ محرم الحرام ۵ ھجري ۾ پيش آيو. غزوه خيبر ۳۰ محرم الحرام ۷ ھجري ۾ ٿيو. پھرئين محرم الحرام ۲۴ ھجري ۾ سيدنا حضرت عمر رضي الله شھيد ڪيا ويا. ۽ صحابه ڪرام عليھم الرضوان خاص طور تي حضرت عثمان غني، حضرت علي، حضرت عبدالرحمٰن بن عوف، حضرت سعد بن ابي وقاص، حضرت زبير بن العوام ۽ حضرت طلحه بن عبيد الله جي گڏيل مشوري سان خلافت جي واڳ حضرت عثمان غني رضي الله جي حوالي ڪئي وئي. سندن خلافت جي شروعات ۴ محرم الحرام ۲۴ ھجري کان ٿي. ڏھ محرم الحرام ٦١ ھجري ۾ نبي پاڪ عليه الصلواة والسلام جن جي پياري ڏوهٽي ۽ اھل بيت جي سرواڻ ۽ شھزادي حضرت امام حسين ابن علي رضي الله تعاليٰ عنهما ڪربلا جي ميدان ۾ شھادت جو مقام ماڻيو. سن ۷ ھجري محرم الحرام جي مھيني ۾ قادسيہ معرڪو لڳو. ۽ ٽن ڏينهن جي سخت مقابلي کان پوءِ حضرت سعد بن ابي وقاص رضي الله جي اڳواڻيءَ ۾ مسلمانن کي سوڀ ملي. سن ۱۸ محرم الحرام ۾ دمشق جي گورنر يزيد بن سفيان رضي الله وفات ڪئي ته حضرت عمر فاروق رضي الله ان جي ڀاءُ حضرت معاويه رضي الله کي دمشق جو گورنر مقرر فرمايو. محرم الحرام ۷۴ ھجري ۾ حضرت عبدالله بن عمر رضي الله تعاليٰ عنھما فوت ٿيا. محرم الحرام ۱۸ ھجري ۾ امين الامت حضرت ابو عبيده بن جراح شام ۽ عراق جي علائقن ۾ اسلام جو جھنڊو بلند ڪندي طاعون جي وبا سبب شھيد ٿي ويو ۽ سندن جسد خاڪيءَ کي اردن جي شھر نحل ۾ دفن ڪيو ويو. محرم الحرام ۲۱ ھجري حضرت عمرو بن عاص رضي الله سوڀارو ٿي مصر ۾ داخل ٿيو پوءِ حضرت عمر فاروق رضي الله جي حڪم سان مصر جو گورنر بڻيو. محرم الحرام ۳۷ ھجري ۾ حضرت علي ۽ حضرت معاويه x جي وچ ۾ صلح ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ صفين جي جنگ پڄاڻيءَ تي پهتي. انھيءَ محرم الحرام جي مھيني ۾ عاشوري جي ڏينهن تي مڪي وارا ڪعبي پاڪ تي غلاف چاڙهيندا هئا ۽ ان ڏينهن کي سينگار وارو ڏينهن سڏيندا هئا. ۱۵ محرم الحرام ۱۲۸۳ ۾ دارالعلوم ديوبند جو قيام عمل۾ آيو. انھن واقعن کان علاوه نبي اڪرم ﷺ  جن جو ام المؤمنين حضرت صفيه v سان ٦ ھجري ۾ نڪاح، ۽ پاڻ سڳورن جو مختلف بادشاهن ۽ سردارن ڏانهن دعوتي خط لکڻ، ام المؤمنين حضرت ماريه قبطيه v جي ١٦ ھجري ۾ وفات،  ۹ ھجري ۾ زڪوات وٺڻ وارن عاملن جو تقرر، ۷ ھجري ۾ اشعرين جي وفد جو اسلام قبولڻ، ۹ ھجري ۾ عام الوفود جو اچڻ، ۳ ھجري ۾ غزوه غطفان جو منعقد ٿيڻ، ۱۸ ھجري ۾ عمواس جو طاعون، ۲۸ ھجري ۾ قبرص جي سوڀ، ۴۵ ھجري ۾ آفريڪا جون سوڀون، ۱۳۸ ھجري ۾ قيصر روم جي شڪست، ١٦١ ھجري ۾ مسجد نبويءَ جي توسيع، ۳۰۹ ھجري ۾ مصر تي عيسائين جو قبضو، ۳۵۲ ھجري ۾ نوحي ۽ ماتم جي شروعات، ۲۵۲ ھجري ۾ ھلاڪوءَ جو بغداد کي تاراج ڪرڻ. ۹۴۷ ھجري ۾ شير شاھ سوري جي حڪومت، جھڙا ٻيا به کوڙ سارا واقعا محرم الحرام جي مھيني ۾ پيش آيا.

                        ھي واقعا مٿاڇري طور تي لکيا ويا آهن ته جيئن پڙھندڙن آڏو محرم الحرام جي مھيني جو تاريخي پسمنظر ۽ پھلو اچي وڃي. ورنه جيڪڏهن ان مھيني ۾ پيش آيل واقعن جو ترتيب وار ۽ مفصل حوالن سان بيان ڪجي ته ان تي ھڪ ڪتاب لکي سگھجي ٿو_

                        ھاڻي محرم الحرام جي مھيني ۾ وفات ڪندڙ ۽ پيدا ٿيندڙ شخصيتن جو نموني جي لاءِ احوال ڏجي ٿو. تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ ھي معلومات لاڀائتي آهي.

محرم الحرام جي مھيني ۾ وفات ڪندڙ ڪجھ مسلم شخصيتون

  1. حضرت عقبہ رضي الله – حضرت اخوت رضي الله ٤٠ ھ
  2. سيدنا ابو ايوب انصاري رضي الله ۵۱ ھجري
  3. سيدنا عبدالرحمن بن ابي بڪر رضي الله ۵۳ ھجري
  4. ام المؤمنين سيدہ جويريه بنت حارث رضي الله تعاليٰ عنها ۵٦ ھجري
  5. سيدنا سمرہ بن جندب رضي الله ۵۴ ھجري
  6. سيدنا سحرہ بن جندب رضي الله ٦٠ ھجري
  7. سيدنا مسلم بن عقبه رضي الله ٦۴ ھجري
  8. حضرت ابن انس رضي الله ۸۰ ھجري
  9. حضرت حسن بصري ۱۱۰
  10. عطاء بن السائب الڪوفي ۱۳٦ ھجري
  11. محمد بن اسحاق مشھور راوي سيرت ۱۵۱ ھجري
  12. خليفا مھدي عباسي ١٦٩ھجري
  13. شيخ فضيل بن عياض الحنفي ١٨٧ ھجري
  14. ابو نواس شاعر ۱۹٦ ھجري
  15. شيخ خالد بلخي حنفي ۱۹۹ ھجري
  16. شيخ يحيٰ بن مبارڪ ۲۰۲ ھجري
  17. شيخ ابراھيم بن جراح 217 ھ
  18. شھادت احمد الخزاعي ۳۲۱ ھجري
  19. شيخ عيسيٰ بن ابان ۳۲۱ ھجري
  20. امام ابو جعفر الطحاوي ۳۲۱ ھجري
  21. علامه ربعي نحوي ۴۴۰ ھجري
  22. علامه يوسف بن تاشقين باني مراڪش ۵۰۰ ھجري
  23. علامه جواليقي نحوي ۵۳۹ ھجري
  24. حضرت شيخ بابا فريد الدين شڪر گنج پاڪپتن ٦٦٤ ھجري
  25. علامه جلال الدين محلي ٨٦٤ ھجري
  26. مولانا عبدالرحمن ملا جامي شارح ڪافيا، شرح جامي ۸۹۸ ھجري
  27. مولانا درويش محمد ۹۷۰ ھجري
  28. ابوالفيض فيضي ۱۰۰۴ ھجري
  29. مرزا عبدالقادر بيدل ۱۱۳۳
  30. شاھ ولي الله محدث دهلوي ۱۱۷٦ ھجري
  31. حضرت مرزا مظھر جانِ جانان نقشبندي ۱۱۹۵ ھجري
  32. مير تقي مير ۱۲۲۵ ھجري
  33. حافظ ضامن شھيد ۱۲۷۴
  34. مولانا مظفر حسين ڪانڌلوي ۱۲۸۳ ھجري
  35. مولانا محمد حسين آزاد ۱۳۲۸ ھجري
  36. حضرت اڪبر الٰه آبادي ۱۳۴۰ ھجري
  37. محدث جليل علامه سيد انور شاھ ڪشميري ۱۳۵۱ ھجري
  38. شھيد لياقت علي خان ( پاڪستان جو پھريون وزير اعظم ) ۱۳۷۱ ھجري
  39. مولانا محمد احمد ٿانوي ١٣٩٧ ھجري
  40. مفتي غلام مصطفيٰ قاسمي ۱٣٥٦ ھجري
  41. مولانا سيد اصغر حسين ديوبندي ١٣٦٤ ھجري
  42. مولانا مفتاح الدين محدث سواتي ١٣٥٢ ھجري
  43. حضرت مولانا عبدالباري ندوي قدس سرہ ۱۳۹٦ ھجري
  44. مولانا عبدالله بھلوي عليه الرحمه ۱۳۹۸
  45. حضرت جناب زڪي ڪيفي مرحوم ۱۳۹۵
  46. سيد منير احمد شھيد امروٹ شريف سنڌ ۱۰ محرم الحرام
  47. شيخ عبدالعزيز بن باز قدس سرہ ۱۴۲۰ ھجري
  48. شھيد جنرل ضياءالحق مرحوم صدر پاڪستان ۱۴۰۹ ھجري
  49. امام التبليغ مولانا انعام الحسن قدس سرہ عالمي امير تبليغي جماعت ۱۴۱٦ ھجري
  50. قاضي زاھد الحسيني قدس سرہ ۱۴۱۸ ھجري
  51. مولانا محمد عمر پالن پوري قدس سرہ ۱۴۱۸ ھجري
  52. برصغير جون محرم الحرام ۾ ڄمندڙ ڪجھ شخصيتون
  53. امامِ انقلاب مجاھد في سبيل الله مولانا عبيد الله سنڌي قدس سره
  54. شيخ الحديث مولانا عبدالحق اڪوڙا خٽڪ عليه الرحمه
  55. شيخ الادب مولانا محمد اعزاز علي رحمه الله
  56. حافظ الحديث مولانا محمد عبدالله درخواستي قدس سرہ
  57. مولانا مفتي عبدالحڪيم سکروي قدس سرہ