ننڊ الله تعاليٰ جي هڪ عظيم نعمت

idara letterhead universal2c

ننڊ الله تعاليٰ جي هڪ عظيم نعمت

مولانا عبدالرشيد طلحه نعماني

سنڌيڪار عبدلصمد بروهي

                        الله تعاليٰ جي اڻ ڳڻين نعمتن مان هڪ اهم ترين نعمت پر سون ننڊ به آهي.  ننڊ قدرت جي اها عظيم ڏنل ڏات آهي جيڪا خالق جي عظمت ۽ ربوبيت جي گواهه ۽ ان جي بيمثال صنعت ۽ ڪاريگري جي شاهڪار آهي. هي هڪ پيدائشي شيءِ آهي جيڪا غير شعوري طور تي ماڻهو جي فطرت ۽ بناوٽ ۾ داخل آهي. ان جو انساني ضرورت جي مطابق هجڻ ئي ان ڳالهه جي گواهي آهي ته هي ڪوئي اتفاقي شيءِ نه آهي، بلڪه الله تعاليٰ هڪ مضبوط ۽ مستحڪم نظام جي مطابق جاندارن کي راحت پهچائڻ جي لاءِ ان کي عطا ڪئي آهي. انسان کي بس ايتري ڄاڻ  آهي ته جڏهن هو سڄي ڏينهن جي محنت ۽ ڪم ڪرڻ کان پوءِ ٿڪجي ڪري بستي تي ايندو آهي ته پنهنجو پاڻ ننڊ ان کي وٺي ويندي آهي. جديد (نئين) سائنسي تحقيق جي مطابق جڏهن انسان گهري ننڊ سمهندو آهي، تڏهن دماغ جو ڪارخانو، پنهنجي اندر، سـڄي ڏينهن  جي ڪم ڪار ڪرڻ جي دوران، صحت کي نقصان پهچائڻ وارن گڏ ٿيل زهريلن ڦوڳن کي ڪڍي ٻاهر ڪندو آهي ۽ سڄي دماغ جي مرمت ڪري ان کي نئين توانائي فراهم ڪندو آهي، جنهن سان دماغ ۽ ان جي واسطي سان سمورو جسم نئين سر ۽ متحريڪ ٿي ويندو آهي. جيئن ته ننڊ جو اچڻ، ننڊ سان ٿڪاوٽ جو ختم ٿيڻ ، پوءِ ٿڪاوٽ ختم ٿيڻ تي تيار تي ڪري جاڳي پوڻ، هي مڙئي طاقتون الله تعاليٰ جون عطا ڪيل آهن، جيڪي سمورو حڪمت ۽ مصلحت تي ٻڌل آهن.

                        ننڊ جي ڪيفيت ڪهڙي طرح طاري ٿيندي ۽ ان جي نتيجي ۾ هڪ انسان ڪهڙي ريت چست ۽ توانو ٿي ويندو آهي…. ان حقيقت کي الله تعاليٰ ئي ڄاڻندو آهي، ان پوري نظام ۾ انسان جي ارادي کي ڪوئي اختيار ناهي هوندو. قرآن مجيد ۾ ننڊ کي تڪليفن کي ٽاريندڙ ۽ سڪون جو ڪارڻ قرار ڏيندي فرمايو ويو ۽ اوهان جي ننڊ کي راحت ڪيو آهي. (النبا، آيت ٩)

                        هن آيت سڳوري جي تفسير ۾ مفتي محمد شفيع عثماني رحه لکندا آهن ته هتي الله تعاليٰ انسان جي راحت جي سمورن سامانن مان خاص طور ي ننڊ جو ذڪر ڪيو آهي. غور ڪريو ته هي هڪ عظيم الشان  نعمت آهي ۽ ان نعمت کي الله تعاليٰ سموري مخلوق جي لاءِ ايترو عام ڪيو ويو آهي ته امير، غريب، عالم، جاهل، بادشاهه ۽ مزدور سڀني کي هڪ ئي وقت عطا ٿيندو آهي، بلڪه دنيا جي حالتن جو تجزيو ڪجي ته غريبن ۽ محنت مزدوري ڪرڻ وارن کي هي نعمت جهڙي حاصل هوندي آهي، اهڙي دولت مند ۽ دنيا جي وڏن ماڻهن کي نصيب ناهي هوندي. ننڊ جي نعمت بيڊن، وهاڻن يا بنگلن جي ماحول جي تابع ناهي، هي ته الله تعاليٰ جي هڪ نعمت آهي، جيڪا سڌو سنئون ان جي طرف کان ملندي آهي. ڪڏهن ته غريب کي بغير ڪنهن بستري ۽ وهاڻي جي زمين تي هي نعمت گهڻائي سان ڏني ويندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته مال اسباب وارن کي نه ڏني ويندي آهي، انهن کي ننڊ آڻيندڙ گوريون کائي ڪري حاصل ٿيندي آهي ۽ ڪڏهن ته اهي گوريون به ڪم نه ڪنديون آهن. (معارف القرآن)

                        ننڊ جي جيڪا حقيقت قرآن مجيد ۾ بيان ڪئي وئي، ان کان وڌيڪ نه ڪنهن بيان ڪئي آهي ۽ نه ڪوئي بيان ڪري سگهندو آهي، ننڊ کي موت جي ڀيڻ قرار ڏيندي الله تعاليٰ ارشاد فرمايو: الله روحن کي سندن مرڻ وقت پنهنجي قبضي ۾ ڪري ٿو ۽ جيڪي نه مئا تن کي به سندن ننڊ ۾ (قبضي ۾ رکي ٿو) پوءِ جن تي موت جو حڪم ڪيو اٿس تن کي (پاڻ وٽ) روڪي ٿو ۽ ٻين کي مقرر مدت تائين ڇڏي ٿو. بيشڪ ان ۾ فڪر ڪرڻ واري قوم لاءِ نشانيون آهن. (الزمر، ٤٢)

                        قاضي ثناءَ الله پاني پتي رحمة الله تفسير مظهري ۾ لکندا آهن ته روح کي قبض ڪرڻ جو مطلب (هي آهي ته) ان جو تعلق انسان جي بدن کان ڪٿي ختم ڪري ڇڏڻ آهي، ڪڏهن هي ظاهري ۽ باطني طور تي بلڪل ڪٽي ڇڏيو ويندو آهي. انهيءَ جو نالو موت آهي ۽ ڪڏهن صرف ظاهري طور تي ڪٽيو ويندو آهي، باطني طور تي باقي رهندو آهي، جنهن جو اثر هي ٿيندو آهي ته رڳو محسوس ڪرڻ جي قوت حس ۽ ارادي سان چرپر ڪرڻ جي قوت حرڪت، جيڪا زندگي جي ظاهري علامت آهي، اها ڪٽي ويندي آهي ۽ باطني طور تي روح جو جسم سان تعلق باقي رهندو آهي، جنهن سان اهو ساهه کڻندو آهي ۽ زنده رهندو آهي، جنهن جي صورت هي هوندي آهي ته انسان جي روح کي عالم مثال جي مطالعي جي طرف متوجهه ڪري هن (دنياواري) عالم کان غافل ۽ (تعلق) ڪٽي ڇڏيو ويندو آهي، تانته انسان مڪمل آرام ڪري سگهي ۽ ڪڏهن هي باطني (اندرئين) تعلق به منقطع ڪيو ويندو آهي، جنهن جي وجهه کان جسم جي حياتي مڪمل طور تي ختم ٿي ويندي آهي. (تفسير مظهري)

ننڊ جو ذڪر قرآن مجيد ۾

                        ننڊ الله تعاليٰ جي نشانين  مان هڪ آهي، جنهن کي قرآن مجيد ۾ احسان ۽ ٿوري جي طور تي ذڪر ڪيو ويو آهي، الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته:

                        ۽ سندس نشانين مان رات ۽ ڏينهن ۾ اوهان جو سمهڻ ۽ اوهان جو سندس فضل مان روزي گهرڻ آهي بيشڪ ان ۾ ٻڌندڙ قوم لاءِ نشانيون آهن. (الروم:٢٣)

                        انهيءَ مضمون کي ٻي جڳهه تي ان طرح بيان ڪيو ويو ۽ پنهنجي مهربانيءَ سان اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن کي بنايو اٿس هن لاءِ ته رات ۾ آرام ڪريو ۽ هن لاءِ ته (ڏينهن ۾) سندس فضل (روزي) طلب ڪريو ۽  امن اوهين شڪر ڪريو. (القصص:٧٣)

                        سڪون واري ننڊ جي بنيادي ضرورت اونداهي ۽ شور ۽ گوڙ جو نه هجڻ آهي. الله تعاليٰ رات کي اونداهو ٺاهي ڪري  پر سڪون ننڊ جي ان فطري ضرورتن کي پورو ڪيو آهي، جيئن ته الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته: ۽ هو اهو آهي جنهن اوهان لاءِ رات کي ڍڪُ ۽ ننڊ کي راحت ڪيو آهي ۽ ڏينهن کي اٿڻ جو وقت ڪيو آهي. (الفرقان: ٤٧)

                        ٻي جاءِ تي ائين فرمايائين ته: الله اهو آهي جنهن اوهان لاءِ رات کي بنايو ته ان ۾ آرام وٺو ۽ ڏينهن کي اهڙو جو ان ۾ ڏسي سگهجي. بيشڪ الله ماڻهن تي  فضل ڪرڻ وارو آهي پر گهڻا ماڻهو شڪر نه ٿا ڪن. (المؤمن: ٦١)

ننڊ جو ذڪر حديث مبارڪ ۾

                        نبي ڪريم ﷺ جن به پنهنجي ارشادن ۾ ڪيترن موقعن تي رات ۾ آرام ڪرڻ جي اهميت ۽ ضرورت کي ظاهر ڪيو آهي، حضرت انس رضه کان روايت آهي ته نبي ڪريم ﷺ جي صحابا جي هڪ جماعت مان گهڻن چيو: مان نڪاح (شادي) نه ڪندس، ڪنهن چيو: مان گوشت نه کائيندس، ڪنهن چيو: مان رات ۾ نه سمهندس، ڪنهن چيو: مان لڳاتار روزا رکندس، کائيندس پيئندس نه، اها خبر رسول الله ﷺ کي پئي ته پاڻ ﷺ جن (ماڻهن جي سامهون) الله تعاليٰ جي حمد ۽ ثنا بيان ڪئي ۽ فرمايائون: ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي، جيڪي هن قسم جون ڳالهيون ٿا ڪن. (مون کي ڏسو) مان نماز پڙهندو آهيان ۽ سمهندو به آهيان ۽ روزا به رکندو آهيان ۽ کائيندو پئيندو به آهيان ۽ عورتن سان شاديون به ڪندو آهيان. (ٻڌو!) جيڪو ماڻهو منهنجي سنت کان منهن موڙي (يعني منهنجي طريقي تي نه هلي) سمجهي وٺو ته اهو اسان مان ناهي. (نسائي) ان روايت مان معلوم ٿيو ته رات جو هڪ حصو آرام ۽ سڪون حاصل ڪرڻ جي لاءِ آهي، ان ۾ آرام ڪرڻ ئي شريعت جو تقاضو آهي. انهيءَ طرح جو هڪ ٻيو واقعو به حديث جي ڪتابن ۾ ملندو آهي، حضرت عبدالله بن عمرو بن عاص رضه کان روايت آهي، انهن چيو:  نبي ڪريم ﷺ جن مون کي فرمايو: ڇا هي خبر صحيح آهي ته توهان سڄي رات عبادت ڪندا آهيو ۽ پوءِ ڏينهن جو به روزو رکندا آهيو؟ مون چيو: جي سائين، مان ائين ئي ڪندو آهيان. ڪريم ﷺ جن فرمايو: جيڪڏهن توهان ائين ڪندؤ ته توهان جي نظر ويهي ويندي ۽ توهان ڪمزور ٿي ويندؤ. ڄاڻي وٺو ته توهان تي توهان جي نفس جو به حق آهي ۽ توهان جي زال جو به توهان تي حق آهي.  ڪڏهن روزو به رکو، ڇڏي به ڏيو. قيام به ڪيو ۽ سمهو به. (بخاري) الله تعاليٰ جي مهرباني ۽ ڪرم جي انتها ڏسو ته پنهنجي محبوب ﷺ جي فرمان جي برڪت سان اسان جي ننڊ کي به عبادت ڪري ڇڏيو آهي، جيئن ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو: جنهن ماڻهو عشاءَ جي نماز جماعت سان پڙهي، ڄڻ ان اڌ رات تائين عبادت ڪيائين. ۽ جنهن عشاءَ ۽ فجر ٻئي جماعت سان پڙهيائين، ڄڻ پوري رات عبادت ڪيائين. (مسلم) بس ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته اسان پاڻ ڪريم ﷺ جي صحيح اتباع ڪندي عشاءَ ۽ فجر جون نمازون جماعت سان ادا ڪريون.

ننڊ ۽ مسلمان معاشرو:

                        ننڊ جي ان رات پهچائيندڙ نعمت جو اسلام تمام گهڻو خيال رکيو آهي ۽ ان جي لاءِ مختلف قاعدا ۽ احڪام بيان ڪيا ويا آهن، جيڪي صحت مند ننڊ ۽ سڪون زندگي جا ڪارڻ آهن. جيئن ته رات جو عشاءَ کانپوءِ جلدي سمهڻ، تهجد لاءِ اٿڻ، فجر جي نماز کان ٿوري دير پهريان آرام ڪري وٺڻ ۽ پوءِ فجر جي نماز ادا ڪرڻ، اشراق تائين زڪر ۾ مشغول رهڻ نبي ڪريم ﷺ جو اهوئي معمول هيو. انهيءَ سنت کي صحابن سڳورن رضوان الله عليهم اجمعين جن اپنائيو ۽ امت مسلمه صدين تائين ان سنت تي عمل ڪندي رهي آهي، ڇاڪاڻ  ته پاڻ ڪريم ﷺ عشاءَ کان پهريائين سمهڻ کي ان کانپوءِ (اجائي) ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کي مڪروهه خيال ڪندا هئا. (صحيح بخاري)

                        ڊاڪٽر حمزة الحمزاوي جن پنهنجي ليڪچر ۾ ننڊ ۽ ان جي وقتن جي حوالي سان قيمتي فائدا بيان ڪيا آهن، هتي انهن جو لکڻ فائدن کان خالي نه ٿيندو، ڊاڪٽر صاحب جي مطابق: عشاءَ کان بعد ٩ کان ١٢ وڳي جي وچ ۾ سمهڻ سڀ کان وڌيڪ فائديمند آهي، هڪ انسان پنهنجي ننڊ جو ٨٥ سيڪڙو حصو انهن وقتن ۾ پورو ڪري سگهندو آهي، ڇو ته انهن وقتن ۾ ننڊ جي لاءِ خاص برڪت رکي وئي آهي، انهيءَ ڪي ان وقت جي صرف هڪ ڪلاڪ جي نند ٽن ڪلاڪن جي ننڊ جي برابر آهي. پوءِ رات جو ١٢ کان ٢ وڳي جي درميان ۾ سمهڻ سان انسان جي ٢٠  سيڪڙوگهري ننڊ پوري ٿي ويندي آهي. ان وقت هڪ ڪلاڪ جي ننڊ هڪ ڪلاڪ جي برابر آهي. ان کانپوءِ سمهڻ انسان جي لاءِ وڌيڪ فائيندي وارو ناهي. ٢ کان ٥ تائين يعني فجر کان پهرين وقتن ۾ ڪجهه ياد ڪرڻ، مطالعو ڪرڻ ۽ ٻين دماغي ڪمن جي لاءِ تمام گهڻو لاڀائتو آهن. ٥ وڳي کان سج اڀرڻ کان پوءِ تائين سمهڻ بلڪل به فائديمند ڪونهي، ان وقت سمهڻ ۾ ڪوئي برڪت ناهي، بلڪه هي سڄو ڏينهن آرس، سستي ۽ توجهه ۾ ڪمي جو سبب آهي.

                        ننڊ اها سستي نعمت آهي جنهن کي اسان اڪثر نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ اسان کي ان تي شڪر ڪرڻ جي توفيق به ناهي ملندي، بلڪه گهڻو ڪري اسان پنهنجي بي احساسي ۽ بي توجهي جي ڪارڻ جي ان اهميت ۽ فائدن کي محسوس نه ڪندا آهيون. حقيقت ۾ ان نعمت جا حقيقي قدر سڃاڻيندڙ هوندا آهن جيڪي الله تعاليٰ طرفان ڪنهن تڪليف ۾ مبتلا هوندا آهن يا ننڊ نه اچڻ جي بيماري ۾ ڦاٿل هوندا آهن.

                        هي تمام وڏو الميو آهي ته اسان مسلمانن صحت ۽ غذا جي حوالي سان پنهنجي نابرابري ۽ وقت جي پابندي جي بناتي ننڊ جهڙي قيمتي ۽ عظيم نعمت کي مصيبت ٺاهي ڇڏيو آهي. وڏن شهرن جي مسلمانن جي گهڻائي وارن علائقن جو حال هي آهي ته مسلمانن سڄي رات جاڳڻ ۽ اڌ ڏينهن سمهڻ ۾ گذاري ڇڏيندا آهن، جڏهن ته نبي ڪريم ﷺ جن پنهنجي امت جي لاءِ صبح جي وقت ۾ برڪت جي دعا ڏني آهي. (ترمذي) ۽ هڪ روايت ۾ ته صبح جي سمهڻ کي رزق جي لاءِ رڪاوٽ قرار ڏنو آهي.