نعت

idara letterhead universal2c

نعت

ياسين ڪنڀر

 

دلبر جا دربان لکين هڪ مان نه رڳو،
مدنيءَ جا مستان لکين هڪ مان نه رڳو

مير مديني واري جا شب روز ادا،
ڳائن ٿا احسان لکين هڪ مان نه رڳو

پڙهندي پڙهندي اسوه حسسنه احمد جي
تازا ڪن ايمان لکين هڪ مان نه رڳو

معجزا مرسل مدنيءَ جا سچا سڀئي
حيرت ۾ حيران لکين هڪ مان نه رڳو

مان ته حقير فقير مگر محبوبن کي
ساراهن سلطان لکين هڪ مان نه رڳو

رب جي حبيب جي سڪ ۾ لکندڙ جوڙن ٿا
نعتيه ديوان لکين هڪ مان نه رڳو

عبدالله ۽ عبدالرحيم يا عبد الرب
۽ عبدالرحمان لکين هڪ مان نه رڳو

ختم نبوت تان صدقي صدقي سارا عام
اهي اعلان لکين هڪ مان نه رڳو

خواب ۾ زيارت ٿئي شل پاڪ محمد جي
الفت ۾انسان لکين هڪ مان نه رڳو

نعت لکي ۽ پرهي “ياسي ڪنڀر”
بڻج ٿا باشان لکين هڪ مان نه رڳو