نبي ڪريم ﷺ جي خارجه پاليسي

idara letterhead universal2c

نبي ڪريم ﷺ جي خارجه پاليسي

حضرت مولانا زاهد الراشدي

سنڌيڪار: ابن مير محمد حسني

                        خارجه پاليسي  جو جملو جڏهن ڳالهائيو ويندو آهي ته سڀ کان اڳي هي تاثر سامهون ايندو آهي ته هڪ رياست ۽ حڪومت آهي جنهن کي ٻين رياستن، حڪومتن ۽ قومن سان پنهنجا معاملا هلائڻ ۽ دنيا ۾ انهن سان ملي ڪري رهڻ جي لاءِ ڪوئي طريقو، اصول ۽ قانون طي ڪرڻا آهن. ان ڏس ۾ جڏهن اسان نبي ڪريم ﷺ جي خارجه پاليسي جي لاءِ انهن جي جوڙيل اصولن ۽ هدايتن جي حوالي سان ڳالهائيندا آهيون، ته ڳالهه ٻول جو دائرو هي ٺهندو آهي ته مديني منوره جي رياست وجود ۾ اچڻ ۽ ان ۾ نبي ڪريم ﷺ جي حڪومت ۽ اقتدار قائم ٿيڻ کان پوءِ خارجه پاليسي جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪهڙو طور طريقو اختيار ڪيو هو؟ ۽ ڪهڙيون هدايتون ڏنيون هيون؟ ان جي لاءِ اسان کي بنيادي طور تي:

                        رسول الله ﷺ جي انهن خطن کي پڙهڻو پوندو، جيڪي پاڻ ڪريم ﷺ دنيا جي مختلف ملڪن جي بادشاهن ڏانهن اماڻيا هئا. انهن معاهدن (ٺاهڻ) جو جائزو وٺڻو پوندو، جيڪي ڪيترن قومن ۽ حڪمرانن سان پاڻ ڪريم ﷺ ڪيا هئا.

                        ۽ انهن وفدن سان رسول الله ﷺ جي ڳالهه ٻول ۽ رويي کي سامهون رکڻو پوندو، جيڪي مختلف موقعن تي مختلف قومن جي طرف کان مديني منوره آيا، ۽ انهن نبي ڪريم ﷺ سان گڏيل معاملن تي گفتگو ڪئي.

                        ٻين قومن سان معاملن جي ڏس ۾ قرآن مجيد ڪيترين ئي آيتن ۾ حڪم ڏنا آهن. ۽ چٽي ڳالهه آهي ته رسول الله ﷺ جي خارجه پاليسي جي بنياد انهن ئي قرآني آيتن تي هئي. انهن مڙني ڳالهين کي سامهون رکندي جيڪا صورتحال سامهون ايندي آهي، ان کي سامهون رکي ڪري منهنجي شاگرداڻي راءِ ۽ حضور ڪريم ﷺ جي خارجه پاليسي جي ڪجهه ڀاڱن کي هيٺ بيان ڪيل نڪتن جي صورت ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو.

                        نبي ڪريم ﷺ سمورن انسانن جا رسول آهن، ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جي دعوت ۽ نبوت سموري انسان ذات جي لاءِ آهي. پاڻ ڪريم ﷺ جن مڪي پاڪ ۾ نبوت جي عهدي تي فائز ٿيڻ کان بعد جيڪو سڀ کان پهريون خطاب ڪيو هو، اهو ياايهاالناس جي عنوان سان هيو، ته قريشن يا عربن سان خطاب ڪرڻ جي بجاءِ خاتم النبين ﷺ سموري انسان ذات سان مخاطب ٿيا هئا. اڄ گلوبلائيزيشن جي حوالي سان مغربي دنيا ڇا به چوي، پر تاريخي حقيقت هي آهي ته رنگ ۽ نسل، قوميت، جاگرافي  ٻولي وغيره جي حدن کان مٿانهون ٿي ڪري پوري انسان ذات کي پنهنجي دعوت  ۽ خطاب جو عنوان سڀ کان اڳ حضرت محمد ﷺ جن ڪيو هو، ۽ گلوبلائيزيشن جو پهريون بانيڪار پوري انسان تاريخ ۾ نبي ڪريم ﷺ ئي هئا. انهيءَ لاءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن ٻين قومن، حڪومتن ۽ سردارن کي جيڪي خط لکيا، انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت ۽ ترجيح اسلام جي تعارف ۽ دعوت کي حاصل هئي، جيڪو رسول الله ﷺ جي عالمگير نبوت ۽ رسالت جو لازمي تقاضو هيو.

                        نبي ڪريم ﷺ جيئن ته دينِ فطرت کڻي ڪري آيا هئا، جنهن جو بنياد الله تعاليٰ جي وحي ۽ آسماني تعليمات تي آهي. ۽ پاڻ ڪريم  ﷺ جو دين سمورن آسماني دينن جو آخري ۽ فائنل آهي، جيئن ته انساني نسل کي فطرت ۽ وحي جي طرف آڻڻ به نبي ڪريم ﷺ جي نبوت جي مقصدن مان هو، جنهن جي لاءِ اسلام جو غلبو ۽ طاقت انساني نسل جي اڻ ٽٽ ضرورت هئي. ان لاءِ ته پاڻ ڪريم ﷺ جن دنيا جي مڙني انسانن کي دعوت ڏني ته اهي اسلام قبول ڪن ۽ جيڪڏهن اهي اسلام قبول نه ڪن ها ته انسان ذات تائين ان دين جي پهچڻ ۽ انسانن جي هن مذهب کي قبول ڪرڻ ۾ آڏو نه اچو ۽ رڪاوٽ نه ٿيو، يعني اهي پنهنجي مذهب تي قائم رهندي به اسلام جي پکيڙ ۽ طاقت جي رستي ۾ رڪاوٽ نه ٿيو.

                        هي ڳالهه منهنجي خيال ۾ اهڙي ئي اهي جيئن اچ مغرب دنيا جي سڀني ملڪن ۽ قومن کي چئي رهيو آهي ته جيئن ته ان وٽ مغربي تهذيب  ۽ ثقافت سڀ کان بهتر  هڪ آئيڊيل فلسفي ۽ تهذيب جي حيثيت رکندي آهي ان لاءِ دنيا جي سمورن قومن ۽ ملڪن جي لاءِ ضروري آهي ته اهي ويسٽرن سولائيزيشن جي بالادستي کي قبول ڪن، ۽ پنهنجي پنهنجي علاقائي تهذيب ۽ ثقافتن کي مغربي تهذيب ۽ ثقافت جي حدن ۾ کڻي اچن. مغرب ان جي لاءِ طاقت، لابنگ، ڌؤنس جا مڙئي اٽڪلون (حربا) استعمال ڪري رهيو آهي، ۽ پوري دنيا ۾ پنهنجي ثقافت جي مٿڀرائي قائم ڪرڻ جي جنگ وڙهي رهيو آهي. تاريخ جي هڪ طالب علم جي طور تي منهنجو خيال هي آهي ته اسلام جو مؤقف به گهٽ وڌ اهوئي آهي ته جيئن ته هو (اسلام) دينِ فطرت آهي، ان لاءِ ان جي مٿڀرائي (بالادستي) جي سامهون دنيا جي هڙني قومن ۽ ملڪن کي ڪنڌ جهڪائڻ گهرجي.

                        جيئن ته اصل جهيڙو هي ناهي ته ڪنهن تهذيب ۽ ثقافت جي بالادستي کي مڃائڻ جي لاءِ طاقت کي ڪم آڻڻ درست آهي يا ناهي، بلڪه اصل جهڳڙو هي آهي ته مغرب جي دعويٰ جي مطابق دنيا تي بالادستي جو حق ويسٽرن سولائيزيشن کي آهي جڏهن ته اسان هي چوندا آهيون ته انسان ذات جي اڳواڻي جو حق دينِ فطرت کي حاصل آهي ۽ انسانيت جي ڀلائي انهيءَ دين ۽ ثقافت کي قبول ڪرڻ ۾ آهي.

                        بهرحال نبي ڪريم ﷺ جي خارجه پاليسي جو ٻيو وڏو نڪتو اسلام جو غلبو ۽ ان جي بالادستي جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ هيو. انهيءَ وجه کان نبي ڪريم ﷺ هيءَ هدايت ڏيندا هئا ته پهريان ٻين قومن جي سامهون اسلام کي پيش ڪيو، جيڪڏهن ان کي قبول نه ڪن ته ان ڳالهه جي دعوت ڏيو ته اسلام جي بالادستي ۽ مٿڀرائي تسليم ڪن، ۽ ان جي پکيڙ ۽ تبليغ جي واٽ ۾ رڪاوٽ نه ٿين ۽ جيڪڏهن اهي اسلام به قبول نه ڪن ۽ ان جي تبليغ ۽ اشاعت ۾ رڪاٽ به ٿين، ته انهن سان جهاد ڪيو. ڄڻ جهاد ۽ جنگ اسلام قبول نه ڪرڻ تي ناهي، بلڪه ان جي رستي ۾ حائل ٿيڻ تي آهي.

                        اسلام قبول نه ڪرڻ وارن قومن سان معاملات ڪرڻ ۾ قرآن مجيد ۾ جيڪي هدايتون ڏنيون  آهن، انهن جي روشني ۾ انهن قومن ۽ ملڪن جي درجه بندي ٽن دائرن ۾ ڪري سگهجي. (١) سورت الممتحنه جي آيت نمبر ٨ جي مطابق جيڪي قومون مسلمانن سان دين جي حوالي سان جنگ نه ٿيون ڪن، ۽ مسلمانن کي انهن جي ملڪ ۽ زمين کان محروم ڪرڻ جي ڪم ۾ شريڪ ڪونهن، انهن سان حسن سلوڪ ۽ برابري جي بنياد تي ناتا جوڙڻ جي اجازت آهي. انهن کي فقيهن سڳورن جي اصطلاح ۾ غير محارب قومن وانگر بيان ڪيو ويندو آهي.

                        (٢) ان کان اڳين آيت ۾ چيو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو دين جي حوالي سان مسلمانن سان جهڳڙو ڪندا آهن، مسلمانن کي انهن جي زمين ۽ وطن کان بي وطن ڪرڻ جي لاءِ سرگرم رهندا آهن، ۽ ايئن ڪرڻ وارن سان ان معاملي ۾ مددگار هوندا آهن، انهن قومن سان دوستيءَ وارن تعلقن جي اجازت نه آهي.

                        (٣) جڏهن ته سورت آل عمران جي آيت نمبر ٢٨ ۾ الله تعاليٰ جو حڪم هي آهي ته مسلمان ڪافرن کي دوست نه ڪن ۽ جيڪي مسلمان ڪافرن کي دوست ڪندا، الله تعاليٰ وٽ اهي ڪنهن ڳالهه تي ناهن البته ڪافرن جي سر کان بچڻ جي لاءِ ظاهري تعلقات رکي سگهجن ٿا. ان کي تحفظ جي دائري سان تعبير ڪري سگهجي ٿو.     اهڙي طرح هي ٽي اصول آهن، جن کي اسلام جي خارجه پاليسي جي پيڙهه قرار ڏئي سگهجي ٿو.

                        رسول الله ﷺ جي خارجه پاليسي ۾ هيءَ ڳالهه هڪ وڏي حڪمت عملي سمجهي ويندي آهي ته مديني منوره ۾ جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن ميثاق مديني جي صورت ۾ يهودين سان هڪ گڏيل حڪومت ٺاهي هئائون جنهن تي يهودي نه بيٺا ۽ ٺاهه جي ڀڃڪڙي جي نتيجي ۾ هڪ ٻئي پويان يهودين جا ٽيئي قبيلا بنو قينقاع، بنو نظير، ۽ قريظ مديني منوره مان جلاوطن ٿي ويا. ان کانپوءِ انهن خيبر کي مرڪز ٺاهي ڪري مسلمانن جي خلاف جنگ جي تياري شروع ڪيائون ۽ مسلمانن کي يهودين سان هي فيصلائتي جنگ نظر اچڻ لڳي. ان تي رسول الله ﷺ جن خيبر جي جنگ کان پهريان مڪي پاڪ جي قريش سان ٺاهه حديبيه ڪري ان جنگ جي واٽ کي بند ڪيائون ۽ ان کان يڪدم پوءِ خيبر تي حملو ڪري يهودين سان نمٽڻ جو فيصلو ڪيائون ته جنگي ۽ سفارتي ساڃاهه ۽ ڏاهپ جو مثالي ڪارنامو آهي.

                        نبي ڪريم ﷺ  جن بين الاقوامي سطح تي برابري ۽ لحاظ جي باوجود جيڪڏهن ڪٿان کان ڪوئي چيلينج آيو، ته ان کي قبول ڪرڻ ۾ ڪمزوري نه ڏيکاريائون ۽ چيلينج کي قبول ڪري انهيءَ مهل مقابلو ڪيائون. جيئن ته حضور ﷺ جي هڪ سفير کي شام جي علائقي۾ شهيد ڪيو ويو، ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ان دور جي عالمي عرف جي مطابق ان کي جنگ جو اعلان تصور ڪندي حضرت زيد بن حارثه جي اڳواڻي ۾ لشڪرشام ڏانهن روانو ڪيو جنهن موته جي جڳهه تي جنگ وڙهي، ان ۾ حضرت زيد بن حارثه، حضرت جعفر طيار ۽ حضرت عبدالله بن رواحه رضوان الله عليهم شهيد ٿيا.

                        غزوه خندق کان پوءِ رسول الله ﷺ جن اعلان ڪيو ته مڪي جي قريش اسان جي خلاف آخري زور لڳائي چڪا آهن، هاڻي اهي اسان جي خلاف جنگ جي لاءِ ميدان ۾ نه ايندا، بلڪه هاڻي اسان انهن ڏانهن جنگ ڪرڻ وينداسين. ان سان گڏ ئي پاڻ ڪريم ﷺ جن هي اعلان فرمايو ته هاڻي قريش ۽ انهن جا ساٿاري ترار جي جنگ نه وڙهندا. بلڪه شعر و شاعري ۽ ادب ۽ خطابت جي ذريعي اسلام جي توهين ۽ مسلمانن جي ڪردار ڪشي جي جنگ وڙهندا.

                        نبي ڪريم ﷺ جي اها جنگ وڙهڻ جي لاءِاصحابن سڳورن کي دعوت ڏني ته ٽي وڏا شاعر حضرت حسان بن ثابت، حضرت عبدالله بن رواحه ۽ حضرت ڪعب بن مالڪ رضه سامهون آيا ۽ انهن سان گڏ هڪ وڏو خطيب حضرت ثابت بن قيس به ميدان ۾ ڏٽجي ويا، ۽ انهن چئني شاعري ۽ خطابت جي ميدان ۾ ڪفر جو ڏٽ جي ڪري مقابلو ڪيو.

                        ان سان گڏ ئي عسڪري قوت ۾ به قرآن مجيد مسلمانن کي ان حد تائين وڌڻ جو حڪم ڏنو ته، مسلمانن کي عسڪري اعتبار سان ايتريقدر سگهارو هجڻ گهرجي ته دشمن ان کان هراسيل هجن ۽ طاقت جو توازن مسلمانن جي هٿ ۾ هجي. انهيءَ لاءِ ته هڪ اثرائيتي خارجه پاليسي جي جتي داخلي مضبوطي ۽ قومي وحدت ضرورت آهي، اتي عسڪري طاقت اتي فوجي بالادستي ۽ دهشت به ناگزير آهي ۽ قرآن پاڪ اسان کي ائين ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو.

                        حضور اڪرم ﷺ جي پرڏيهي پاليسيءَ جو مطالعو ڪرڻ وقت اهي ڪجهه نقطا ذهن ۾ آيا. بهرحال اجتماعيت ۽ نظام جي حوالي سان حضور اڪرم ﷺ جي تعليمات ۽ پاليسين جو تفصيلي مطالعو ڪرڻ ۽ انهن کي اڄ جي زبان ۽ انداز ۾ منظر عام تي آڻڻ جي ضرورت آهي. اسان مسلمانن خاص ڪري ديني حلقن کي هن اهم ديني ۽ قومي ضرورت تي توجه عطا فرمائي، آمين يا رب العالمين.