نبي ڪريم ﷺ جا منصبي فرض

idara letterhead universal2c

نبي ڪريم ﷺ جا منصبي فرض

محدث العصر مولانا سيد محمد يوسف بنوري

سنڌيڪار:  ابن مير محمد حسني

                        قرآن حڪيم چئن جاين تي خاتم الانبياءَ حضرت رسول الله ﷺ جا چار منصب بيان ڪيا آهن:

                        (١) آيتون پڙهي ڪري ٻڌائڻ

                        (٢) تزڪيو ڪرڻ، يعني ڪفر ۽ شرڪ، بدعملي، بداخلاقي ۽ جاهليت وارن ڪمن کان ماڻهن کي پاڪ ۽ صاف ڪرڻ

                        (٣) ڪتاب الله جي احڪامن جي تعليم ڏيڻ ۽ ان جي حڪمن جي تشريح ڪرڻ

                        (٤) حڪمت ۽ ڏاهپ، احڪامن جا ڪارڻ، مطلب  شريعت جي اصولن ۽ مقصدن جي تعليم ڏيڻ

                        تزڪيه مان مراد عقيدن، نظرين، اعمال ۽ اخلاق جي پاڪيزگي ۽ صاف سٿرائي آهي. قرآن ڪريم ٽن جاين تي تزڪيه کي تعليم کان پهريان بيان ڪيو، جنهن مان هڪ ڳالهه ته هي معلوم ٿيندي آهي ته ضرورت آهر تزڪيو تعليم کان اڳ ۾ هجڻ گهرجي. تعليم ان وقت  فائديمند ٿي سگهندي آهي، جڏهن ته دلين ۾ ان کي قبول ڪرڻ جي لياقت ۽ جذب ڪرڻ جي صلاحيت موجود هجي، جيئن ٻنهي کي اڳ پوک جي لائق ٺاهيو وڃي، پوءِ ٻج پوکيو وڃي.

                        هي تزڪيو سائين خاتم الانبيين ﷺ جي صحبت جي فيض ۽ سهڻي اخلاق سان حاصل ٿيندو هيو ۽ هاڻي به قابليت آهر الله تعاليٰ جي پيارن ٻانهن جي تعلق ۽ ڳانڍاپي ۽ انهن جي صحبت ۽ مجلسن مان حاصل ٿي سگهندو آهي.

                        ٻي ڳالهه هي معلوم ٿي وئي ته ڪتاب جي تعليم ۽ دانائي مان به اصل مقصد تزڪيو آهي، هي (تزڪيو) نه هجي ته سموري تعليم بيڪار آهي. عمل ۽ اخلاق کانسواءِ نري علم ۽ معارف جي الله تعاليٰ وٽ ڪوئي قدر ناهي. ماڻهو دنيا جا سمورا ڪتاب چٽي وٺي، ليڪن جيڪڏهن انساني اخلاق ۽ ايماني عمل لاءِ خالي آهن ته پڙهيل لکيل ڍور ته ٿي سگهي ٿو، مگر انسان سڏرائڻ جو حقدار ڪونهي.

                        تزڪي کان علاوه نه ايمان ۾ مضبوطي جي ڪيفيت، يقين ۽ اطمينان جي طاقت پيدا ٿيندي، نه اخلاق ٺيڪ ٿي سگهندا، نه اخلاص جي دولت ملندي، نه (نيڪ) عملن تي هميشگي نصيب ٿيندي، نه اندر جو فرعون (مڪار نفس) هلاڪ ٿيندو، نه مخلوق سان جنگ بند ٿيندي.

                        اهوئي سبب آهي ته صحابه سڳورا رضـي الله عنهم جو چوڻ آهي ته: اسان اڳ ۾ ايمان سکيو، پوءِ قرآن سکيو. هي ايمان جي سکڻ کي تزڪيو چئبو آهي ته دل غير الله جي بتن کان پاڪ هجي، عمل ڏيکاءَ وغيره کان پاڪ هجي ۽ نفس ڪميڻن اخلاقن کان پاڪ هجي، معاشرو جاهليت وارن ڪمن کان پاڪ هجي، ڪمائي حرام ۽ ناجائز ذرعين کان پاڪ هجي، وغيره ذلڪ.

                        اهوئي تزڪيو هو جنهن ڪري اصحاب سڳورن رضوان الله عليهم کي الله تعاليٰ ڪيترين ئي بشارتن سان نوازيو ۽ انهن کي آسماني جي شاهدي ۽ سند ملي. سورت فتح ۾ ملي انهن جون ئي امتيازي صفتون بيان ڪندي هڪ وصف پاڻ ۾ هڪ ٻي سان پيار ۽ محبت بيان ڪيو ويو آهي، رحماءَ بينهم، هي صفت ڪامل تزڪيي کانپوءِ ئي حاصل ٿي سگهندي آهي ۽ انهيءَ کي نه سمجهڻ جي خرابي آهي ته اصحابن سڳورن رضي الله ۾ بدگماني پيدا ٿي ويندي آهي. حضرت عبدالله بن مسعود رضه اصحابن رضـي الله عنهم جي پهرين وصف اهائي بيان ڪئي ته انهن جون دليون تمام گهڻو پاڪ ۽ صاف هيو ٻي وصف بيان ڪئي ته انهن جو علم تمام گهڻو اونهو هو ٽئين وصف بيان ڪئي ته انهن جي زندگي بناوٽ ۽ ڏيکاءَ کان پاڪ هئي.

اولياءَ الله ۽ دين جي اشاعت:

                        اولياءَ الله جن جي ذريعي دين جي تبليغ ۽ پکيڙ بادشاهن جي ترار ۽ عالمن جي قلم کان به وڌيڪ ٿي وئي، انهن جو خاص موضوع اهوئي آهي ته نفس جي تربيت ۽ اخلاق جو تزڪيو ڪيو وڃي. انهن وٽ به تربيت جو هڪ طريقو هي هو ته پهريون ڇڪ (جذب) هجي، پوءِ سلوڪ، انهيءَ جو نالو مجذوب سالڪ رکندا آهن، ظاهر ۾ هي طريقو بلڪل قرآن جي ويجهو هوندو آهي.

                        البته قرآن ڪريم ۾ صرف هڪ جاءِ تي نبي ڪريم ﷺ جي باري ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام جي دعا نقل ڪئي آهي. نبي ڪريم ﷺ جي انهن چئني منصبن مان تزڪيه کي ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم کانپوءِ سڀني کان پڇاڙي ۾ رکيو آهي. ان مان هڪ ته ان پاسي اشارو معلوم ٿئي ٿو ته تعليم اڳ ۾ ۽ آخري مقصد تزڪيو آهي. ٻيو ان طرف اشارو آهي ته تزڪيو ضرورت جيترو ته تعليم کان اڳ ۾ هجڻ گهرجي، مگر مڪمل تزڪيه جو وارو علم کان پوءِ ئي اچي سگهندو آهي، يعني علم کان بعد عمل هوندو ۽ علم ئي ذريعو ٿيندو عمل جو، ڄڻ ان آيت ۾ تربيت جو ٻيو طريقو بيان ڪيو آهي، جيڪو اولياءَ الله وٽ سالڪ مجذوب چورائيندو آهي، ماڻهن جون صلاحيتون جدا جدا هونديون آهن، ڪنهن کي تعليم کان پوءِ به تزڪيه جي ضرورت رهندي آهي ۽ ڪنهن کي تزڪيه کانپوءِ تعليم جي ضرورت هوندي آهي، نه تزڪيه جا مرتبا ختم ٿيندا آهن، نه تعليم جي انتها آهي.

                        خلاصو هي  ته رسول الله ﷺ جو منصب رڳو تعليم ۽ سمجهائڻ ئي نه هو بلڪه ان تي عمل ڪرائڻ ۽ قوم کي هڪ باعمل امت بڻائڻ جو به هو، جيستائين رسول الله ﷺ جي ڏنل نقشي جي مطابق تعليم ۽ تربيت تي محنت نه ٿئي ها ۽ ماڻهن جي اصلاح جي ذريعي هڪ پاڪيزو ۽ صاف سٿرو معاشرو وجود ۾ نه اچي ها، سياسي محنت صحيح طريقي تي لاڀائتو نه ٿيندو ۽ سموريون قوتون فتني ۽ فساد جي ور چڙهي وينديون.

اسلامي سياست ۽ هاڻوڪي سياست

                        ديني تربيت جي اڻهوند ئي جو هڪ رخ هي آهي ته ان جي هوندي به سمورا قومي نمائندا ۽ سياسي اڳواڻ اسلامي خدمت جو اعلان ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ ۽ ملت جي صحيح نمائندگي جي دعويٰ ڪندا آهن، يقيناً انهن مان گهڻا مخلص ۽ سچا به هوندا ۽ اهي اسلام جي نالي کي رڳو اقتدار طلبڻ جي لاءِ استعمال نه ڪندا هوندا، ليڪن انهن اسلامي نمائندن جي اڪثريت ان ڳالهه کان به اڻ ڄاڻ آهي ته جنهن اسلام جو اسان نالو وٺندا آهيون، انهيءَ اسلام سياست جا به ڪجهه قاعدا تجويز ڪيا آهن ۽ بي ڊولي سياست ڪرڻ تي ڪجهه پابنديون لاڳو ڪيون آهن، مثال طور هاڻوڪي سياست جي بنياد ئي ان ڳالهه تي رکيل آهي ته هڪڙو ماڻهو اقتدار طلبڻ جي لاءِ بيهي، پنهنجي پارٽي جي ٺاهيل يا پنهنجو پروگرام قوم جي سامهون رکي ۽ قوم کي اپيل ڪري ته ان کي ووٽ ڏئي ڪري اقتدار جي ڪرسي تي پهچائن، ان کانپوءِ هو ڄاڻي ۽ قوم جا مسئلا.

                        هاڻي ڏسو! ته اسلام اقتدار طلبڻ جي طبيعت جي ئي پاڙپٽي ڇڏيندو آهي، اسلام اقتدار جي خواهش رکڻ کي پسند نٿو ڪري، بلڪه هو هي ذميداري معاشري تي وجهندو آهي ته هو اهڙن ماڻهن کي اڳتي آڻين جيڪي: (القصص:٨٣) جيڪي نه ٿا چاهين وڏائي ڪرڻ زمين ۾ ۽ نڪي فساد. جي معيار تي پورا لهن. نبي ڪريم ﷺ ڪنهن اهڙي ماڻهو کي جيڪو عهد جي درخواست کڻي ايندو هيو ان کي عهدو نه ڏيندا هئا، حضرت عثمان رضه هٿ ٻڌي ڪري ۽ منٿون ڪري ڪري صحابن رضوان الله عليهم کي عهدا ڏنا آهن. حضرت عثمان رضه، حضرت عبدالله بن عمر رضه کي قضا جي عهدي جي آڇ ڪئي، انهن انڪار ڪيو. امير المؤمنين رضه چيو: توهان جي بابي به ته قبول ڪيو هو؟ عرض ڪيائون: انهن ۾ همت هوندي، مون ۾ ناهي. امير المؤمنين رضه تمام گهڻي منٿ ميڙ ڪئي، مگر انهن جي معذرت غالب اچي وئي. حضرت عثمان رضه چيو: تمام ڀلو، مگر ڪنهن ٻي کي نه ٻڌائجو، نه ته ڪوبه ان جي لاءِ راضي نه ٿيندو. حضرت ٿانوي رحه جي ملفوظات ۾ آهي ته شاهه عبدالعزيز رحمه الله جو دهلي جي جامع مسجد ۾ واعظ هيو، جنهن ۾ هڪ انگريز بهادر به موجود هيو، تقرير کانپوءِ ان مسلمانن کان سوال ڪيو ته مسلمانن جي هٿ مان حڪومت ڪيئن نڪري وئي؟ ڪنهن ڪهڙو جواب ڏنو ڪنهن ڪهڙو جواب ڏنو، ان چيو: مانٿو ٻڌايان ته اصلي وجهه هي هئي ته ان منصب جي اهل ماڻهن ان کان پاسو ڪيو ۽ نا اهل ماڻهو اڳتي وڌي آيا ۽ اهائي نااهلي حڪومت جي زوال جو ڪارڻ ٿيو.

مسلمانن جي نمائندگي

                        اسان ڄاڻون ٿا ته ان زماني ۾ قابل ماڻهن جي کوٽ آهي جنهن ۾ انسانن جي ته گهڻائي، مگر (ڪم وارا) ماڻهو بلڪل ٿورا آهن، نه اسلام جو معياري معاشرو آهي، نه معياري نمائندا ملي ٿا سگهن، ليڪن گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته هجي جيڪي ماڻهو اسلام جي خدمت ۽ مسلمانن جي نمائندگي جي دعويٰ ڪن ٿا، انهن ۾ روزي، نماز جي پابندي، ديني شعائر جو احترام، اسلام جي ضابطي حيات جي پوري پيروي ۽ اسلامي اخلاق اعمال جي پابندي ڪن، اهي قول جا سچا ۽ ڳالهه جا پڪا هجن، انهن کي غريب مسلمانن جي مسئلن جي ڄاڻ ۽ ديني احڪامن جو شعور هجي، ملت جي سڀني ماڻهن جا هڪ جهڙا همدرد هجن، اهي اسلام دشمن طاقتن جي هٿ جا رانديڪا نه ٿين ماضي جو تجربو شاهد آهي ته بنا تربيت ورتل ۽ اصلاح نه ٿيل نمائندن اسمبلين ۾ ڪهڙا گل ڇٽيا آهن، هاڻي ٻيهر انهيءَ قسم جي ماڻهن کي اڳتي آڻڻ جو مطلب ان کانسواءِ ٻيو ڇا آهي ته ان اليڪشن ۽ ان کان پوءِ وجود ۾ اچڻ واري دستور ۾ جيڪي اميدون رکيون ٿيون وڃن انهن جو حشر به اهوئي ٿيندو جيڪو اڳ ۾ ٿيو آهي، هي دستور سازي جو سمورو وصقت ڀڃ ڊاهه ۾ وڃائيندا ۽ ڏينهن پورا ٿيڻ کانپوءِ چيو ويندو ته اسلامي دستور تي قوم جا نمائندا متفق نه ٿي سگهيا، لا فعل الله ذالڪ.

                        جن ماڻهن جو ڪيترائي ڀيرا تجربو ٿي چڪو آهي، ٻيهر انهن ئي جو تجربو ڪرڻ ۽ جن جي اسلاميت جو نقشواکين جي سامهون آهي ۽ انهن تي اعتماد ڪري وٺڻ ان جو نتيجو سواءِ افسوس جي ٻيو ڇا ٿيندو؟