محرم الحرام جي تاريخي اهميت (شرعي حيثيت ۽ حڪم)

idara letterhead universal2c

محرم الحرام جي تاريخي اهميت (شرعي حيثيت ۽ حڪم)

مولانا سليم الله  سنڌي

محرم جي تاريخي اهميت:

                        محرم عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي تعظيم ڪرڻ، عزت ڪرڻ، عظمت وارو. اهڙيءَ ريت هيءُ به مهينو نهايت ئي تعظيم ۽ عزت وارو آهي.

                        هر هڪ مهيني جي پنهنجي خصوصيت ۽ فضليت آهي، مهينن جو ڳاڻاٽو الله تعاليٰ وٽ ٻارهن مهينا آهن. الله تعاليٰ قرآن ڪريم ۾ فرمايو آهي:

ترجمو”:بيشڪ مھينن جو ڳاڻيٽو يقيناً ڪتاب الاھي ۾ الله وٽ ٻارھن مھينا آھن، جنھن ڏينھن کان آسمانن ۽ زمين کي بڻايائين منجھانئس چار (مھينا) تعظيم وارا آھن، اِھو پڪو دين آھي، تنھن ڪري اوھين پاڻ کي منجھن نقصان نه لايو، ۽ سڀني مشرڪن سان وڙھو جھڙي طرح اوھان سان سڀيئي وڙھن ٿا، ۽ ڄاڻو ته الله پرھيزگارن سان گڏ آھي“. (ترجمو حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي رحه)

                        هن آيت ۾ ٻڌايو آهي ته الله تعاليٰ ٻارهن مهينا مقرر ڪيا آهن، انهن ئي ٻارهن مهينن ۾ چار تعظيم وارا آهن. انهن تعظيم وارن مهينن ۾ محرم الحرام به شامل آهي، جيڪو اسلامي مهيني جو پهريون مهينو آهي.

                        معلوم ٿيو ته الله تعاليٰ پاران ٻارهن مهينا مقرر ٿيل آهن. پر انهن ٻارهن مهينن ۾ هر هڪ مهيني جي پنهنجي خصوصيت ۽ فضيلت آهي. انهن ئي ٻارهن مهينن ۾ هي مهينو محرم الحرام به آهي.

                        چنڊ جي وڌڻ ۽ گھٽجڻ جي حڪمت: حضرت عبدالله بن عباس رضه فرمائي ٿو ته نبي ڪريمﷺ جن کان ماڻهن چنڊ جي باري پڇيو، جنهن تي هي آيت نازل ٿي ته ان مان قرض وغيره جي وعدن جو وقت معلوم ٿيندو آهي، عورتن جي عدت جو وقت معلوم ٿيندو آهي، حج جو وقت معلوم ٿيندو آهي، مسلمانن جي روزن جو تعلق به چنڊ سان آهي. مسند عبدالرزاق ۾ حضرت عبدالله بن عمر رضه کان روايت آهي ته نبي ڪريمﷺ جن فرمايو: الله تعاليٰ چنڊ کي ماڻهن جي وقت معلوم ڪرڻ لاءِ بڻايو آهي، ان کي ڏسي روزا رکو، ان کي ڏسي عيد ڪريو، جيڪڏهن جُھڙ جي ڪري چنڊ نظر نه اچي ته پوءِ ٽيھ ڏينهن پورا ڪريو، هن روايت کي حاڪم صحيح چيو آهي. (تفسير ابن ڪثير اردو صفحو 247)

عاشوره هڪ مقدس ڏينهن:

                        ڪي ماڻهو هي سمجهندا آهن ته عاشوره جي ڏينهن جي فضيلت جو سبب هي آهي ته هن ڏينهن ۾ نبي ڪريمﷺ جن جي پياري ڏهٽي حضرت امام حسين رضه جي شهادت جو واقعو پيش آيو. هن شهادت جي پيش ٿيڻ سان عاشوره جو ڏينهن مقدس بڻجي ويو آهي. هي ڳالھ صحيح نه آهي. خود ٻنهي جھانن جي سردار حضرت محمدﷺ جي زماني مبارڪ ۾ عاشوره جو ڏينهن مقدس سمجھيو ويندو هو ۽ قرآن ڪريم به محرم جي عزت ۽ حرمت جو اعلان ڪيو هو. جڏهن ته حضرت امام حسين رضه جي شهادت جو واقعو نبي ڪريمﷺ جي وفات کان سٺ (60) سالن کان پوءِ ٿيو آهي. بلڪ حضرت امام حسين رضه جي شهادت انهيءَ ڏينهن ٿيڻ هي ان مهيني جي وڌيڪ فضيلت جو دليل آهي ته الله تعاليٰ حضرت امام حسين رضه کي شهادت جو مرتبو انهيءَ ڏينهن عطا ڪيو آهي، جيڪو پهريون کان ئي مقدس ۽ عزت وارو ڏينهن آهي.

عاشوره (يعني ڏهين محرم الحرام) جو ڏينهن ڪيئن گذارجي:

                        الله تعاليٰ هن ڏينهن کي پنهنجي رحمت ۽ برڪت جي نازل ٿيڻ جي لاءِ چونڊيو آهي، هن ڏينهن تقدس ۽ احترام هي آهي ته هن ڏينهن اهي ڪم ڪيا وڃن جيڪي نبي ڪريمﷺ جي سنت مان هجن. سنت جي طور تي  هن ڏينهن جي لاءِ رڳو هڪ حڪم ڏنو ويو آهي ته هن روزو رکيو وڃي. هي حڪم سنت آهي، پر نبي ڪريمﷺ جن هيئن به فرمايو آهي ته جيڪڏهن ايندڙ سال جيئرو رهيس ته رڳو عاشوره (يعني ڏهين محرم الحرام) جي ڏينهن روزو نه رکندس، بلڪ ان سان گڏ ٻيو روزو به رکندس يعني 9، 10 يا 10، 11 جو روزو رکندس. ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن يهودي شڪراني جي خور تي روزا رکندا هئا. جيئن انهن سان مشابهت ختم ٿي وڃي. هن مان معلوم ٿيو ته پاڻ ڪريمﷺ جن غير مسلمن سان معمولي مشابهت به نبي ڪريمﷺ پسند نه ڪئي آهي. جڏهن ته اها مشابهت ڪنهن خراب ۽ ناجائز ڪم ۾ نه هئي، بلڪ روزي جھڙي عبادت ۾ هئي، پر پاڻ ڪريمﷺ جن ان کي پسند نه فرمايو…. ڇو؟ انهيءَ ڪري ته الله تعاليٰ مسلمانن کي جيڪو دين عطا ڪيو آهي، اهو سڀني دينن کان نرالو ۽ مٿانهون آهي، انهيءَ ڪري مسلمانن کي ظاهر ۽ باطن ۾ ۾ نبي ڪريم ﷺ جن جي پيروي ڪرڻ گھرجي، الله تعاليٰ به مسلمانن کي نبي ڪريمﷺ جن جي پيروي ۽ تابعداري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ته اسان به پنهنجي طور طريقي کي نبي ڪريمﷺ جي طور طريقي جهڙو بڻايون، قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي

                        ترجمو:”بيشڪ اوهان لاءِ الله جي پيغمبر (جي طريقي) ۾ عمده پيروي انهيءَ لاءِ آهي“.(احزاب 21) (ترجمه حضرت امروٽي رحه)

                        هن آيت جي تفسير ۾ جديد دور جي مفسر حضرت مولانا مفتي عبدالوهاب صاحب چاچڙ پنهنجي تفسير سهل البيان ۾ لکن ٿا ته زندگيءَ جي هر شعبي ۾ رسول الله جي اختيار ڪيل طريقي ۾ اوهان لاءِ بهترين پيروي رکيل آهي، پر رسول الله جي مڪمل پيروي اهو ڪري سگهندو، جنهن کي رب جي رضا جي طلب ۽ اميد هوندي ۽ آخرت جي بچاءُ ۽ ثواب جي تڙپ ۽ اميد هوندي ۽ اهي اميدون تڏهن قائم رهي سگهنديون جڏهن رسول الله وانگر ذڪر گهڻو ڪبو، مفسر محمود آلوسي حنفي فرمايو آهي ذڪر جي ثواب ۽ عمل جا ٻه شرط آهن هڪ ته ذڪر وارو پورو جملو هجي، جيئن “لا اله الالله لاحول ولاقوة الابالله سبحان الله العظيم” الحمدلله وغيره مفردات جو ذڪر صحيح معنيٰ ۾ ذڪر نه آهي، ٻيو ته ذڪر ڪرڻ واري کي ذڪر جو مفهوم معلوم هجي، معنيٰ سمجهڻ کان سواءِ ڪيل ذڪر هن ذڪر ۾ شامل نه آهي (روح المعاني) (تفسير سهل البيان صفحو 1025)

نئين مهيني جي استقبال جو اسلامي طريقو:

                        نئين سال جي شروعات هجي يا نئين مهيني جي شروعات هجي شريعت ۾ جڏهن به هي ( نئين سال يا نئين مهيني ) جو لفظ ڳالهايو وڃي ته ان جو مطلب اسلامي مهينو ئي هوندو آهي، جيئن ته هن مهيني جي شرعات جو سنت طريقو شريعت جي طرف کان فقط هي اڳيان اچي ٿو ته مهيني جي پڄاڻيءَ تي نئين مهيني جي چنڊ کي ڏسڻ گھرجي، هي سنت آهي، جڏهن به چنڊ نظر اچي ته چنڊ ڏسڻ جي دعا پڙهڻ گھرجي، چنڊ کي ڏسي دعا پڙهڻ به سنت آهي، ان طريقي کي اپنائڻ ۾ ۽ دعائن جو بندوبست ڪرڻ ۾ برڪت، حفاظت ۽ ثواب آهي، اسان کي فضول ۽ اجائي ڳالهين ۽ رسمن کان بچڻ گھرجي. امام ابن السني مهنيي جي شروعات جي باري ۾ پاڻ ڪريمﷺ جن جي سنت ۽ عادت مبارڪ جو ذڪر ڪندي فرمايو آهي:

ترجمو:“ نبي ڪريمﷺ جن جڏهن پهرئين رات جي چنڊ کي ڏسندا هئا ته دعا گھرندا هئا، اي الله! اسان لاءِ هن چنڊ کي خير ۽ برڪت وارو بڻاءِ” (عمل اليوم والليلة لابن السني صفحو 596)

                        هڪ ٻئي روايت ۾ آهي ته نئين چنڊ ڏسڻ وقت هن دعا جي پڙهڻ جو ذڪر آيو آهي:

ترجمو: “اي الله! هن پهرئين رات جي چنڊ کي امن ۽ سلامتي ۽ ايمان ۽ اسلام سان گڏ اسان تي ظاهر فرماءِ، (اي چنڊ منهنجو ۽ تنهنجو رب الله تعاليٰ ئي آهي.

                        اسان کي به مهيني جي شروعات ۾ ائين ئي ڪرڻ گھرجي، جئين نبي ڪريمﷺ جن جو طريقو مبارڪ هيو، جيئن برڪتون ۽ رحمتون حاصل ٿين.

محرم الحرام جي مهيني جو پهريون حڪم:

                        هن مبارڪ مهيني ۾ ڪهڙي به ڏينهن روزو رکڻ رمضان شريف کان سواءِ سڀ کان افضل روزو شمار ٿئي ٿو. نائين، ڏهين ۽ يارهين محرم جو روزو رکڻ ته اڃا وڌيڪ ثواب آهي، مسلم شريف جي هڪ حديث ۾ آهي ته :

ترجمو:“ رمضان شريف جي روزن کان پوءِ سڀ کان افضل روزو الله تعاليٰ جي مهيني محرم جا روزا آهن، فرض نماز کان پوءِ سڀ کان افضل ۽ ڀلاري رات جي نماز (تهجد) آهي”. مسلم شريف باب فضل صوم المحرم، حديث نمبر : 202)

                        حضرت عائشه رضه فرمائي ٿي ته جاهليت جي زماني ۾ قريش عاشوراء جا روزا رکندا هئا ۽ نبي ڪريمﷺ جن به روزا رکندا هئا، جڏهن پاڻ ڪريمﷺ جن مديني ڏانهن هجرت ڪئي، ته اتي به عاشوراء جو روزو رکيو ۽ اصحابن سڳورن کي به روزي رکڻ جو حڪم فرمايو، پوءِ جڏهن رمضان شريف ۾ روزن رکڻ جي فرضيت جو  حڪم آيو ته پاڻ ڪريمﷺ جن ماڻهن کي اختيار ڏيندي فرمايو: جيڪو چاهي عاشوراء جو روزو رکي، جيڪو چاهي عاشوراء جو روزو نه رکي. (صحيح مسلم، ڪتاب الصيام، باب صوم عاشوراء، حديث نمبر : 2،1125.)

                        هن حديث شريف مان معلوم  ٿئي ٿو ته

                        هجرت کان اڳ  پاڻ ڪريم ﷺ جن جي عادت مبارڪ عاشوراء جي روزي رکڻ جي هئي ۽ هجرت کان پوءِ به ٻين کي روزي رکڻ جو تاڪيد فرمايو هيو. ان ڪري اسان کي به گھرجي ته اسان به پاڻ ڪريمﷺ جن جي هن سنت مبارڪ تي به عمل ڪريون.

محرم الحرام جي مهيني جو ٻيو حڪم:

                        عاشوارء جي ڏينهن پنهنجي گھر ڀاتين تي کائڻ پيئڻ يا ٻئي ڪنهن به لحاظ کان ڪشادگي ڪرڻ، ان جي خاص فضيلت آئي آهي، جيئن ته حضرت ابن مسعود رضه، حضرت ابوسعيد خدري رضه ۽ حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي ته نبي ڪريمﷺ جن فرمايو:

ترجمو:“ جيڪو ماڻهو عاشوراء جي ڏينهن پنهنجي گھر ڀاتين خرچ ڪرڻ ۾ ڪشادگي ڪندو، الله تعاليٰ سڄو سال مٿس ڪشادگي فرمائيندو. شعب الايمان للبيهقي ڪتاب الصيام ، صيام التاسع والعاشر: جلد 3، صفحو365)

                        مطلب ته نبي ڪريم ﷺ جن جي فرمان موجب جيڪو ماڻهو عاشوراء جي ڏينهن يعني نائين ۽ ڏهين محرم جي ڏينهن پنهنجي گھر ڀاتين تي خرچ ڪرڻ ۾ ڪشادگي ڪندو ته الله تعاليٰ به ان لاءِ سڄي سال ۾ ڪشادگي فرمائيندو. ان ڪري توهان ۽ اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي گھر ڀاتين جو چڱي طرح خيال رکون. شال رب پاڪ اسان کي نبي ڪريم ﷺ جن جي ٻڌايل طريقي جي مطابق زندگي گذارڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين.