محدث العصر علامه محمد يوسف بنوري  جون علمي خدمتون

idara letterhead universal2c

محدث العصر علامه محمد يوسف بنوري  جون علمي خدمتون

محمد ياسر حبيب الله مختار

مترجم ابو محمد چوھاڻ

                        پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ هن سرزمين تي جن بزرگن الله تعالي جي ڪلمي کي بلند ڪرڻ جي سلسلي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، انهن ۾ هڪ ممتاز عالم دين امام المحدثين علامه  انور شاھ ڪشميري رحه جي علم ۽ فن جي وارث ۽ قابل فخر تلميذ رشيد محدث العصر علامه محمد يوسف بنوري رحه جو نالو به آهي. اسلام ۽ مسلمانن جي لاءِ انهن جون ديني خدمتون اهل علم کان ڳجھيون نه آهن، تحريڪ ختم نبوت جي قيادت ۽ سيادت کان وٺي قاديانين جي ظلمن اڳيان بند ٻڌڻ ۽ انهن کي اسلام جي لبادي مان ڪڍي عام مسلمانن اڳيان انهن جي حقيقت کي ظاهر ڪرڻ ۽ پوءِ 73ء جي دستور ساز اسيمبليءَ مان  انهن کي دائره اسلام مان خارج ڪرائڻ ۽ قانون بڻائڻ ۾ علامه بنوري رحه جي اڻ ٿڪ محنت ۽ جهدوجهد تاريخ جو حصو آهن. جنهن کان سواءِ پاڪستان جي تاريخ  اڌوري شمار ٿيندي،

                        علامه جو نالو ۽ نسب محمد يوسف بن سيد محمد زڪريا بن مير مزمل شاھ بن مير احمد شاھ بنوري حسيني آهي. سندن ولادت  6 ربيع الثاني 1326ھ بمطابق 1908ء  خميس جي ڏينهن ڀاک ڦٽيءَ مھل پشاور جي هڪ ڳوٺ ۾ ٿي، سندن نسب جو سلسلو نائين جد امجد عارف محقق حضرت سيد آدم بن اسماعيل حسيني غزنوي بنوري مدني جي وساطت سان حضرت سيدنا حسين رضه سان وڃي ملي ٿو. پاڻ جامعہ اسلاميہ ڍابيل ۾ درس و تدريس صدر مدرس جي اعليٰ منصب تي فائز هئا، ڍابيل ۾ رھڻ دوران دارالعلوم ديوبند جي طرفان  درس و تدريس جي لاءِ پيشڪش ڪئي وئي ۽ ان سان گڏوگڏ دارالعلوم ديوبند ۾ منصب افتاء جي لاءِ شيخ الاسلام مولانا شبيراحمد عثماني، حضرت مولانا حسين احمد مدني ۽ حڪيم الاسلام حضرت مولانا قاري  محمد طيب صاحب رحه سميت ٽنهي جليل القدر شخصيتن زور ڀريو.

                        جنھن کي ڪنهن مجبوريءَ سبب معذرت فرمايائون، پوءِ مشاهير علماء جي اصرار تي جنوري 1951۾ هندستان کان هجرت ڪري پاڪستان آيا ۽ پوءِ دارالعلوم الاسلاميہ ٽنڊو الهيار  سنڌ ۾ شيخ التفسير جي منصب تي فائز ٿيا، اتي ٽي سال ان منصب تي فائز رهندي استعيفيٰ ڏئي ڪراچي آيا ۽ پوءِ ڪراچي ۾  بعض مخلص اڪابر علماء جي رفاقت سان هڪ ديني اداري جي بنياد رکي جنهن کي اڄ دنيا جامعة العلوم الاسلاميہ علامہ بنوري ٽائون جي نالي سان سڃاڻي ٿي، هن اداري جا فارغ التحصيل طلباء اڄ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ دنيا ۾ دين جي خدمت ۾ مصروف عمل آهن. محدث العصر حضرت بنوري رحه جون ديني خدمتون جو دائرو صرف مدرسہ جي قيام تائين محدود نه رهيو، بلڪ حديث النبوي علي صاحبها الصلو والسلام جي حوالي سان سندن مشهور ۽ معروف ڪتاب معارف السنن جيڪو  ترمذي شريف جو عربي ۾  شرح آھي. جنھن کان اڄ پوري عالم اسلام جا عشاق حديث و طلباء نصف صدي جي گذرڻ باوجود فائدو حاصل ڪري رهيا آهن ۽ سڄي دنيا ۾ جتي  حديث شريف تي جنهن ٻوليءَ ۾ تصنيفي ۽ تحقيقي ڪم ٿي رهيو آهي، ان جي مراجع ۽ مصادر ۾ معارف السنن جو تذڪرو بالخصوص ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان حضرت جن جي علم حديث جي لاءِ ڪيل هن عظيم علمي ڪاوش جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. عام مسلمانن جي معاشرتي ۽ ديني مسائل ۾ رهنمائي جي لاءِ  پنهنجي اداري کان ماهوار «بينات» جي نالي سان هڪ رسالو جاري ڪيائون جنهن ۾ پاڻ هر قسم جي فتنن جو ڀرپور مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي تحرير ۽ تقرير جي ذريعي سان سادہ لوح مسلمانن جي ايمان کي بچائڻ جي لاءِ مستقل بصائر و عبر جي نالي سان لکندا هئا. جنهن کي پڙهي توهان جي ديني حميت ۽ غيرت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.

                        قاديانن جو فتنو هجي يا پرويز، جيڪي به فتنا هئا، جن هن دور جي ساده لوح عوام جي ايمان مٿان ڄار وڇائڻ جي ڪئي، علامه بنوري رحه پنهنجي تحريرن جي ذريعي انهن  مقابلو ڪيو ۽ بروقت انهن جي خاتمي جي لاءِ ديني ۽ ملي جو بخوبي فريضو سر انجام ڏنائون بلڪ اگر هيئن چيو وڃي ته پڪ سان سورنهن آنا حقيقت ٿيندو ته ملڪ جي نظرياتي سرحدن جي حفاظت جي لاءِ پاڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، تانجو پاڪستان جي حڪمرانن جي سامهون ڪڏھن به ڪلمه حق چوڻ ۾ ڪنهن به دير نه ڪيائون، حضرت بنوري قدس سرہ جي حيات مبارڪه جي مختلف پهلوئن تي اداري هڪ خصوصي خاص نمبر جاري ڪيو جنهن ۾ حضرت جي معتقدين، شاگردن ۽ محبين جا تمام گهڻا مضمون موجود آهن، خود والد گرامي حضرت مولانا ڊاڪٽر محمد حبيب اللہ مختار شهيد عليہ الرحمہ جن جو نھايت ئي اھم مضمون "سيدي انت حبيبي” جي عنوان سان اهڙو سحر انگيز مضمون آهي، جنهن کي پڙهي اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون مطلب هي ته خاص نمبر ۾ اهڙا وقيع ۾ شاھڪار مضمون موجود آهن جن کان استفادو هر ديني طالب علم جي لاءِ فرض جي درجي ۾ آهي، ان کان سواءِ به سائين بنوري جن جي حيات و خدمتن تي بيشمار رسالن ۾ مضمون شايع ٿيندا رهيا آهن،  جن کي جيڪڏهن گڏ ڪيو وڃي ته هو هڪ ضخيم ڪتاب جي صورت ۾ مرتب ٿي سگهي ٿو،

                        گذريل ڏينهن ۾ حضرت بنوري قدس سرہ جي اداري جي فيض يافتہ هڪ استاذ گرامي ابوعامرمدني صاحب  حضرت بنوري قدس سرہ جي ديني غيرت ۽ ڪارنامن کي اجاگر ڪري ۽ حضرت سان پنهنجي عقيدت ۽ محبت کي بطور نذرانہ پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ منفرد ڪاوش نظم جي صورت ۾ پيش ڪئي، هن نظم جي خاصيتن ۾ منجهان هڪ هي خاصيت آهي ته حضرت جي خدمتن کي مختصر شاعرانه انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، نظم جو مرڪزي خيال حضرت بنوري قدس سرہ جي ديني حميت ۽ غيرت ايماني کي بڻايو ويو آهي، نظم ۾ جي شروعات ۾  حضرت بنوري جي ان ڪاوشن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پنهنجي حياتي ۾ مختلف فتنن جو تعاقب ڪيو ۽ انهن جي پاڙ پٽڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.

                        ان کان پوءِ حضرت بنوري جا سفر سڄي دنيا ۾ ٿيندا هئا، پاڪستان جي عالمن جي نمائندگي فرمائيندا ھئا، ٻين شعرن ۾ حضرت قدس سره جي مصر جي هڪ سفر ۾ پيش آيل واقعي جي طرف اشارو آهي، مصر ۾ ڪانفرنس جو انعقاد ان وقت جي مصري صدر جمال عبدالناصر مرحوم ڪيو هو. ڪانفرنس جي آخر ۾ سرڪاري پروٽوڪول جي مطابق ڪانفرنس ۾ موجود علماء ڪرام ۽ شرڪاء جو گڏيل مصر جي صدر سان گڏ فوٽو سيشن ٿيندو هو، پر حضرت بنوري قدس سرہ  تصوير جي حرمت جي ڪري گڏيل فوٽو سيشن ۾ شريڪ ٿيڻ کان معذرت ڪئي ۽ وڏي واڪي چيو ان وقت مصري صدر جمال عبد الناصر جي سامهون تصوير جي حرمت جو چئي معذرت ڪئي، شعرن ۾ ان واقعي جي طرف به اشارو آهي، ان سان گڏ  حج جي سفر جو پڻ تذڪرو آهي، جنهن جي باري ۾ حضرت بنوري رحه فرمائيندا هئا ته هر سال حرمين شريفين ۾ پنهنجي اداري جي لاءِ دعا ڪندو آهيان ۽ فرمائيندا هئا ته هي ادارو منهنجو ناهي بلڪ منهنجي هن اداري جي قيام جو بنيادي مقصد جناب نبي ڪريم ﷺ جي لاءِ آهي، حضرت بنوري هن اداري جي ٺھڻ کان اڳ  ڪافي وقت مسجد نبوي صلي اللہ عليہ وسلم ۾ استخارہ فرمايائون ۽ هن اداري جي قيام جي اجازت جناب نبي اڪرم صلي اللہ عليہ وسلم جي طرفان بذريعہ خواب جڏهن عطاء ٿي. تڏهن وڃي پاڻ هن اداري کي قائم فرمايائون، شعر ۾ ان واقعي جي طرف به اشارو آهي.

                        ان کان سواءِ انهن شعرن ۾ حضرت بنوري رحه جي مشهور استاذ گرامي حضرت علامہ انور شاہ ڪشميري عليہ الرحمہ جو تذڪرو به آهي ۽ هندوستان ۾ پاڻ جيڪا تعليم حاصل ڪئي ان جو به ذڪر آهي، ان کان سواءِ حضرت بنوري کان پوءِ سندن نائبين جو تذڪرو آهي جن سندن وفات کان پوءِ هن اداري جي نگهباني ڪئي ۽ انتظام و انصرام کي سنڀاليائون ۽ اداري جي تعمير و ترقيءَ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري حضرت بنوري رحه سان پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو عملي ثبوت ڏنو ۽ آخري دم تائين هن اداري سان جڙيل رهيا، جن ۾ مهتمم اول سندن ڄاٽو حضرت مولانا مفتي احمدالدين رحه مهتمم ثاني ۽ ڄاٽو حضرت مولانا ڊاڪٽر محمد حبيب اللہ مختار شهيد رحه ۽ مهتمم ثالث حضرت مولانا ڊاڪٽر عبد الرزاق اسڪندر رحه جو تذڪرو آهي ۽ آخر ۾ موجودہ مهتمم ۽ جانشين  حضرت بنوري رحه حضرت مولانا سيد سليمان يوسف بنوري زيد مجدہ ۽ ان جي نائب حفيد علامہ بنوري حضرت مولانا ڊاڪٽر سيد احمد يوسف بنوري جو ذڪر شعرن ۾ شامل آهي، اللہ تعاليٰ استاذ گرامي جي انهن شعرن کي پنهنجي بارگاہ عاليہ ۾ شرف قبوليت سان نوازي ۽ انهن کي پنهنجي طرفان جزاء خير عطاء فرمائي ۽ حضرت بنوري قدس سرہ جي قائم ڪيل هن گلشن کي تاقيامت شاد و آباد رکي.

                        17 آڪٽوبر عالم اسلام جي هن مايه ناز سپوت جي تاريخ وفات آهي. ان مناسبت سان هي چند الفاظ نانا سائين حضرت بنوري رحه جي نذر آهن، هن دعا سان گڏ رب ڪريم هن اداري جي باني ۽ مباني کي پنهنجي شان ڪريمي جي مطابق خوب جزاء خير عطاء فرمائي ۽ اسان کي قدم به قدم هن عظيم اداري سان منسلڪ رهندي اخلاص سان گڏ خدمت جي توفيق عطا فرمائي آمين ثم آمين.