محبت ۽ دوستيءَ جو معيار

idara letterhead universal2c

محبت ۽ دوستيءَ جو معيار

نور احمد ميمڻ

                        عربي ٻوليءَ ۾ “ولي” جي معنيٰ هوندي آهي دوست، مددگار، پاسدار، ويجهو، وغيره. انهيءَ مان لفظ “ولاء” ٺهيو آهي جنهن جي معنيٰ آهي دوستي، ويجهڙائي، محبت، مدد، پٺڀرائي، وغيره. جڏهن اهو ئي لفظ “ال” جي واڌاري سان استعمال ٿيندو آهي يعني “اَلْوَلَاء” ته اهو هڪ شرعي اصطلاح آهي، جيڪو هن ڳالهه جي چِٽائي ڪري ٿو ته مؤمن کي ڪنهن ڪنهن سان دوستي ۽ محبت ڪرڻ گهرجي.

                        اهڙي طرح حُب جي معنى محبت  (love) آهي. جيستائين محبت جو لاڳاپو آهي ته اهو هڪ زبردست هاڪاري جذبو آهي جيڪو انسان جي اندر لازمي هئڻ گهرجي. انهيءَ جذبي جو صحيح استعمال زندگين ۾ راحت ڀري ڇڏي ٿو.

                        ابوهريرهؐ کان روايت آهي ته رسول اللهﷺ فرمايو:

                        “مؤمن ته محبت ۽ الفت جو مرڪز آهي. ان ماڻهوءَ ۾ ڪابه ڀلائي نه آهي جيڪو ٻين سان محبت نٿو ڪري ۽ ٻيا به ان سان محبت نٿا ڪن.” (مسند احمد)

                        اچو ته هاڻي اسان محبتن جي ڪجهه قِسمن ۽ مرحلن وسيلي هي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته اسان جي لاءِ محبت ۽ دوستيءَ جو ڪهڙو معيار هئڻ گهرجي؟ ڪهڙي محبت ۽ دوستي اسان جي دنيا ۽ آخرت لاءِ فائديمند ۽ ڪهڙي “خَسِرَ الدُّنْيَا وَالْآخِرَةَ” (دنيا ۽ آخرت جو نقصان) آهي؟

محبت ۽ دوستيءَ جا قسم!

محبت ۽ دوستيءَ جا ٽي قسم آهن: (1) واجب محبت، (2) مباح محبت ۽ (3) حرام محبت

(1) واجب محبت:

                        محبتن ۾ اها سڀ کان وڌيڪ اهم محبت آهي ۽ فرض جو درجو رکندي آهي. انهيءَ محبت جو لاڳاپو الله تعالى جي ذات سان ۽ ان سان لاڳاپيل سمورين شين سان آهي جيڪي اسان جي آخرت جي ڇوٽڪاري جو سبب ٿينديون.

                        الله تعالى پاڻ به قرآن ڪريم ۾ ايمان وارن جي سڃاڻ هن طرح ڪرائي آهي:

                        “ايمان وارا ته الله جي محبت ۾ ڏاڍا زور هوندا آهن…” (سورة البقره: 165)

                        يعني الله تعالى سان ايتري ته شدت واري محبت هجي جو انسان جي زبان تي هر وقت الله تعالى جي پچار ۽ ان جو ذڪر هجي. پنهنجي زندگي اهڙي بڻائي جيڪا الله تعالى کي وڻندڙ هجي ۽ کيس هر وقت الله تعالى کي ئي راضي ڪرڻ جي لنئُون لڳل هجي؛ يعني سندس زندگيءَ جو محور الله تعالى جي ذات ئي هجي. الله جو راضپو انهيءَ ۾ آهي ته ماڻهو الله جو چيو مڃيندڙ هجي. الله جو چيو آهي ته هُن انسان کي مٿاهين مرتبي وارو بڻايو آهي ته ماڻهو انسانن جو احترام ڪري، انهن جي حق ادائگي ڪري، انهن سان ڀلايون ڪري. اهي ڳالهيون به الله سان محبت جو اظهار آهن. انهيءَ سان الله تعاليٰ جي رضا ۽ محبوبيت حاصل ٿئي ٿي.

                        ابوذر غفاريؐ کان روايت آهي ته رسول اللهﷺ فرمايو:

                        “الله تعالى کي پنهنجي ٻانهن جي عملن مان سڀ کان وڌيڪ پيارو ۽ پسنديده عمل اها محبت آهي جيڪا الله تعالى جي راضپي لاءِ هجي.”  (ابوداؤد)

الله سان سچي محبت جي نشاني

                        جيڪڏهن دل ۾ الله تعالى جي محبت هجي ته اها سڃاتي ڪيئن وڃي؟ ان جو اهڃاڻ يا نشاني ڇا آهي؟

                        ان جي نشاني هيءَ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن وقت الله تعالى جي طرفان ڪا گهر ٿئي، پوءِ اهو عمل ڪرڻ جو هجي يا ڪا قرباني ڏيڻ جو، ته يڪدم “ٻڌم ۽ عمل ڪيم” چئي ڪري ان کي پورو ڪيو وڃي، يا وري الله جي راضپي لاءِ ۽ ان جي پسند کي سامهون رکندي، انهن شين کي ڇڏيو وڃي جيڪي رب تعالى کي پسند نه آهن. اهو ئي حقيقي معيار آهي، ڇو جو اها هڪ فطري ڳالهه آهي ته، جنهن شيءِ سان انسان محبت ڪندو آهي ان کي ڇڏڻ ان لاءِ ڏکيو ٿي ويندو آهي.

                        الله تعالى جو پاڪ ارشاد آهي:

                        “چڱائيءَ کي ايسين ڪڏهن نه پهچندؤ جيسين جن شين کي دوست رکندا آهيو تن مان (الله جي واٽ ۾ نه) خرچيو، ۽ جيڪا شيءِ (الله لڳ خرچيو سا ڀَلي هئڻ گهرجي) ڇوته الله اُن کي ڄاڻندڙ آهي.” (سورة آل عمران: 92)

                        نيڪيءَ جو اصل روح الله تعالى جي محبت آهي. اهڙي محبت جو الله تعالى جي رضامنديءَ جي ڀيٽ ۾ دنيا جي ڪابه شيءِ پياري نه هجي. جنهن به شيءِ جي محبت انسان تي ايتري سوڀاري ٿي وڃي جو هو ان کي الله تعالى جي محبت تي قربان نه ڪري سگھندو هجي ته پوءِ اهو ئي ان جو بُتُ آهي. جيستائين ماڻهوءَ انهيءَ بت کي ڀڃي ڀورا نه ڪري، نيڪيءَ جا دروازا ان لاءِ بند آهن.

                        حضرت ابراهيمؑ جو مثال اسان جي اڳيان آهي. هن الله تعالى جي هر سڏ تي “جيءُ منهنجا رب، مان حاضر آهيان!” چيو. پنهنجي ڪيترن ئي محبتن کي الله تعالى لاءِ قربان ڪيو، تڏهن وڃي الله تعالى کيس پنهنجو دوست بڻايو، خليل الله بڻايو. جيڪڏهن انسان جو هي رويو ٿي وڃي ته الله تعالى جي حڪم تي يڪدم عمل ۽ فرمانبرداري ڪري ۽ ڪنڌ جھڪائي ڇڏي ته هيءَ ان ڳالهه جي نشاني آهي ته سندس سموريون محبتون الله تعالى جي فرمان هيٺ آهن. سندس محبتون ڪمزوري نه آهن، مجبوري نه آهن ۽ الله تعالى جي حڪم مڃڻ ۾ رڪاوٽ (barrier) نه پر وسيلو (means) بڻيل آهن.

                        انسان جي سياڻپ ۽ ڀل انهيءَ ۾ آهي ته هو انهن سمورين محبتن کي هڪ اهڙي پُل (bridge) بڻائي ڇڏي، جيڪا کيس الله تعالى تائين پهچائي ڇڏي. ايئن نه ٿئي جو انهن دنياوي محبتن جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي الله کي وساري ڇڏي، يا وري الله جي محبت کي پٺ پويان اڇلي ڦٽو ڪري.

                        اڄ ڪلهه ڏٺو ائين ويو آهي ته معاشي فڪرات واري ڊوڙ ۾ ماڻهو ايترو مصروف ٿي ويو آهي جو اسان کي الله تعالى جي باري ۾ سوچڻ جو وقت تمام ئي گھٽ ملي ٿو. الله تعالى سان اسان جو عبديت جو پورو سارو، تمام ئي پري جو، رسمي (formal) يا اڃا به ايئن چئجي ته بلڪل ئي ٿڌو ڳانڍاپو آهي. ان جي حڪمن جي بجا آوري به اسان پنهنجي موڊ ۽ مرضيءَ تي ڪريون ٿا. اهو پالڻهار، جيڪو اسان کي ستر مائرن کان وڌيڪ محبت ڪري ٿو، ان سان لاڳاپي ۾ محبت وارن جذبن جي گرمي هئڻ گھرجي پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان جي محبت ۾ اها گرمي آهي ئي ڪونه. الله تعالى جو نالو ٻڌي دل خوشيءَ سان، شڪر سان ڀرجي وڃي، ان جي قدرت ۽ ڪبريائيءَ تي اکيون آليون ٿي وڃن، ان جي ڀلاين ۽ مهربانين تي پنهنجائيت جو احساس اجاگر ٿي پوي، ان جي رحمت تي ويجھڙائيءَ جو احساس ٿيڻ لڳي: اهو ئي اصل ۾ الله تعالى جي محبت جو معيار آهي ۽ اها محبت هر مسلمان جي عقيدي جي تقاضا آهي، يعني الله تعالى سان اهڙي محبت ڪرڻ هر مسلمان تي عين فرض آهي.

رسول اللهﷺ سان محبت:

                        اسان جو ايمان ان وقت تائين مڪمل نٿو ٿي سگھي جيستائين اسان رسول اللهﷺ سان محبت نه ڪريون. جيڪڏهن اسان جي محبت سچي آهي ۽ اسان سدائين لاءِ نبي ڪريمﷺ سان گڏ رهڻ گهرون ٿا ته پوءِ ان جو طريقو رڳو هيءُ آهي ته رسول اللهﷺ جي فرمانبرداري اختيار ڪريون.

                        اصحاب سڳورن جي زندگين تي نظر وجھو ۽ ويچار ڪري ڏسو ته انهن رسول اللهﷺ سان محبت جو حق ڪيئن ادا ڪيو؟ پاڻ سڳورنﷺ جي مبارڪ زندگيءَ جو ڪو هڪ به اهڙو پل نه آهي جنهن ۾ انهن نبي ڪريمﷺ جي فرمانن کي ڌيان سان نه ٻڌو هجي يا کين غور سان نه ڏٺو هجي ۽ ان کان پوءِ سندن فرمان تي جيئن جو تيئن عمل نه ڪيو هجي. پاڻﷺ زندگي ڪيئن گذاري. مال جي هوند وقت ڪيئن اهو محرومن ۽ سائلن کي ڏئي ڇڏيندا هئا. زندگيءَ ۾ شڪر ڪيئن هو؟ ماڻهن سان ڀلايون ڪيئن هيون؟ معافي ۽ درگذر جو عالم ڇا هو؟ محبت ڇا هئي؟ انسان باهه جي عذاب کان بچي وڃن ان جي فڪرمندي ڇا هئي؟ پاڻ ڪيئن اٿندا ويهندا هئا؟  نمازون ۽ روزا ڪيئن پڙهندا ۽ رکندا هئا؟ گهريلو، ديني ۽ قومي ذميواريون ڪيئن نڀائيندا هئا؟ پاڻ سڳورنﷺ جي انهن سمورين ڳالهين کي اصحاب سڳورن غور سان ڏٺو، پوءِ پاڻ سڳورنﷺ جي فرمانبرداريءَ جا انتهائي عمدا مثال قائم ڪندي پاڻ ڪريمنﷺ سان محبت جو حق ادا ڪيو.

                        ايئن اڄ به رسول اللهﷺ سان محبت جي تقاضا آهي ته زندگيءَ جي هر معاملي ۾، وک وک تي، پاڻ سڳورنﷺ جي فرمانبرداري اختيار ڪندي، سندن فرمانن تي عمل ڪيو وڃي؛ ڇو جو اها محبت جيڪا رسول اللهﷺ جي طريقي تي هلڻ نه سيکاري، سا رڳو ٺڳيءَ جو ٺاهه آهي. اها محبت جيڪا توهان کي پاڻ سڳورنﷺ جي فرمانبرداري نه سيکاري، اُها سراسر ڪوڙ ۽ منافقت آهي ۽ اها محبت جيڪا توهان کي حضورﷺ جي طريقي جي ويجھو نه ڪري سا رڳو ڏيکاءُ آهي.

                        رسول اللهﷺ فرمايو: “ڪو ماڻهو ان وقت تائين مؤمن نٿو ٿي سگھي جيستائين پنهنجي اولاد، پيءُ ماءُ ۽ باقي ٻين سمورن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ مون سان وڌيڪ محبت نٿو ڪري.” (بخاري ۽ مسلم)

                        رسول اللهﷺ سان محبت جي هڪ گُهر هيءَ به آهي ته پاڻ سڳورنﷺ جي مِشن ۾ انهن جو هٿ ونڊايو وڃي. رسالت جو زمانو ته ختم ٿي ويو پر رسالت وارو ڪم جيستائين دنيا موجود آهي، جاري رهندو. پاڻ سڳورنﷺ جو مشن ڇا هو؟ سندن مشن هو قرآن جي تعليم کي دعوت وسيلي عام ڪيو وڃي ۽ امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر وسيلي دين جي حڪمن کي نافذ ڪيو وڃي. دنيا ۾ جيڪي ماڻهو گمراهيءَ واري باهه جي ڪناري تي بيٺل آهن، انهن کي اتان بچايو وڃي.

قرآن سان محبت

                        انسان جي مومن هئڻ جو هڪ معيار هيءُ به آهي ته ان جي دل ۾ قرآن جي محبت، عزت ۽ عظمت جو احساس هجي. ان جي دل ۾ الله تعالى جو ڪلام پڙهڻ جو شوق هجي. ياد رکو ته اسان جي زندگيءَ جو ڪو به تجربو قرآن ڏانهن اچڻ ۽ ان کي سمجھي ڪري پڙهڻ کان وڌيڪ اهم، عظيم، برڪت ڀريو ۽ نفعو ڏيندڙ نٿو ٿي سگھي.

                        قرآن ڪريم ۾، الله تعالى جي طرفان علم ۽ ڏاهپ جي بي مثال خزانن جو هڪ جهان آهي، جيڪو زندگيءَ جي هر امتحان تي اسان جي رهبري ڪرڻ لاءِ تيار آهي. قرآن مان انسان کي اهڙي روشني ملي ٿي  جيڪا سندس روح کي روشن ڪري ڇڏي ٿي. هن ۾ الله جي سڃاڻ جو خزانو موجود آهي جيڪو انسان جي دل کي معمور ڪري ڇڏي ٿو. الله جي نعمتن ۽ احسانن جو اهڙو تفصيل آهي جيڪو دل کي پگهاري ڇڏي ٿو ۽ اکين مان لڙڪ لار ڪري ڪرڻ لڳن ٿا. سچ هي آهي ته انسان جي لاءِ قرآن کان وڌيڪ قيمتي ۽ قدر لائق دنيا جو ٻيو ڪوبه خزانو نه آهي.

                        قرآن ڪريم ۾ فرمايو ويو آهي:

                        “ (اي نبيﷺ) چؤ ته (هي قرآن) الله جي فضل سان ۽ سندس ٻاجهه سان (نازل ٿيو آھي) پوءِ اُن سان خوش ٿيڻ گھرجين…” (سورت يونس: 58)

                        انسان جي ان کان وڌيڪ بدبختي نٿي ٿي سگھي ته هو 60 يا 70 يا 80 سالن جي زندگي گذاري، هن دنيا مان موڪلائي وڃي ۽ زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هن ڪتاب کي کولڻ جي تڪليف نه ڪري ته هي الله جو ڪلام ڪهڙو پيغام ڏئي ٿو؟ هن ۾ ڇا لکيل آهي؟ قرآن ڪريم مون کي ڇا ٿو پيو چوي؟ يعني ڪڏهن به هن جي دل ۾ قرآن کي هنئين هنڊائڻ لاءِ محبت پيدا نه ٿي هجي.

اَللّهُمَّ لَا تَجْعَلْنَا مِنْهُمْ

“اي الله! اسان کي اهڙن ماڻهن ۾ شامل نه ڪجان.” (آمين)

                        قرآن به پنهنجا دروازا رڳو انهن ماڻهن لاءِ ئي کوليندو آهي جن جي اندر هدايت جي گھرج هوندي آهي ۽ الله جي ڪلام سان محبت هوندي آهي.

                        الله تعالى قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

                        “مُؤمن اُھي ئي آھن جن جون دليون جڏھن الله ياد ڪيو ويندو آھي (ته) ڏڪي وينديون آھن ۽ جڏھن سندس آيتون انھن کي پڙھي ٻڌائبيون آھن تڏھن اُھي سندن ايمان کي وڌائينديون آھن…” (سورت الانفال:2)

نبين اصحاب سڳورن ۽ پاڻ ڪريمن ﷺ جي پاڪ گھر وارين سان محبت

                        اسلام آڻڻ جي بنيادي گھُر هيءَ به آهي ته الله تعالى جي موڪليل سمورن نبين سڳورن ۽ پاڻ ڪريمنﷺ جي اصحاب سڳورن سان محبت ڪئي وڃي ۽ انهن جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جو فرق نه رکيو وڃي ۽ نه ئي ڪنهن هڪ جو مان ٻئي کان وڌايو وڃي.

                        قرآن ڪريم ۾ جيڪي نبين سڳورن جا قصا موجود آهن؛ مثال طور حضرت ابراهيمؑ، حضرت نوحؑ، حضرت لوطؑ، حضرت يوسفؑ، حضرت موسىؑ، حضرت عيسىؑ ۽ ٻين نبين سڳورن جا قصا، انهن مان سبق پرايو وڃي. انهن جي تعليم تي سوچ ويچار ڪيو وڃي. پنهنجي ٻارن کي انهن جي زندگيءَ جي احوال کان واقف ڪرايو وڃي ۽ انهن نبين جي ڪردار کي پنهنجي لاءِ عملي نمونو (role model) بڻايو وڃي، ڇو جو اهي سمورا الله تعالى جا خاص ٻانها آهن ۽ الله تعالى جا چونڊيل آهن.

                        اصحاب سڳورن جي ايمان جي شاهدي ته الله تعالى پاڻ قرآن پاڪ ۾ ڏني آهي. الله تعالى اسان مسلمان امت کي، اصحاب سڳورن جي ايمان جهڙو ايمان آڻڻ جو حڪم ڏئي ٿو. فرمايو ويو:

آمِنُوا كَمَا آمَنَ النَّاسُ ﴿البقرة: 13﴾

                        “… ايئن ايمان آڻيو جيئن ماڻهن (اصحاب سڳورن) ايمان آندو آهي…”

                        اهڙي طرح سان پاڻ سڳورنﷺ جي پاڪ گھر وارين جي باري ۾ الله تعالى جو فرمان آهي ته:

النَّبِيُّ أَوْلَىٰ بِالْمُؤْمِنِينَ مِنْ أَنفُسِهِمْ وَأَزْوَاجُهُ أُمَّهَاتُهُمْ ﴿الأحزاب: 6﴾

                        “پيغمبرﷺ مؤمنن تي سندن جانين کان وڌيڪ حق رکندو آھي ۽ سندس زالون سندن مائرون آھن.”

                        تنهن ڪري اسان کي به انهن سان پنهنجي مائرن جهڙي محبت ڪرڻ گھرجي.

(2) مباح محبت

زُيِّنَ لِلنَّاسِ حُبُّ الشَّهَوَاتِ مِنَ النِّسَاءِ وَالْبَنِينَ وَالْقَنَاطِيرِ الْمُقَنطَرَةِ مِنَ الذَّهَبِ وَالْفِضَّةِ وَالْخَيْلِ الْمُسَوَّمَةِ وَالْأَنْعَامِ وَالْحَرْثِ ذَٰلِكَ مَتَاعُ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَاللَّهُ عِندَهُ حُسْنُ الْمَآبِ ﴿آل‌عمران: 14﴾

                        “ماڻھن لاءِ زالن ۽ پُٽن ۽ سونَ ۽ چانديءَ جي (وڏن وڏن) سٿيل ڍيرن ۽ نشان ڪيل گھوڙن ۽ ڍورن ۽ پوک جي سڌن جو پيار سينگاريو ويو آھي، اِھو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آھي، ۽ الله وٽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي.”

                        انسان کي فطري طور تي پنهنجا ٻار ٻچا، پئسو ڏوڪڙ، پوکي راھي، واپار وڙو وغيره چڱو لڳندو آهي. الله تعالى انهن جي محبت کان به نه روڪيو آهي ۽ انهيءَ محبت کي مباح (جائز) سڏيو آهي، پر ان لاءِ شرط اهو آهي ته اها محبت ايتري هجي جيترو هن دنيا ۾ رهڻو آهي. ان محبت ۾ ماڻهو ايترو غافل نه ٿي وڃي جو انسان جي ابدي آخرت واري زندگي تباهه ٿي وڃي. ان ڪري قرآن مٿين آيت ۾ خبردار ڪيو آهي ته الله وٽ موٽڻ جو هنڌ آخرت واري زندگيءَ لاءِ ماڻهوءَ جي تياري هجي.

                        هيءَ به حقيقت آهي ته انهن مباح محبتن جي ڪري ئي دنيا ۾ رونق آهي. جيڪڏهن انسان طبعي طور تي انهن ڏانهن مائل نه هجي ها ته دنيا جو نظام ئي تباهه ٿي وڃي ها. ڪنهن کي ڪهڙي ضرورت هجي ها ته پوکي راھي ڪرڻ جو اهنج سهي ها. يا مزدوري ۽ ڪارخانن ۾ محنت ڪري ها يا واپار ۾ پنهنجو پئسو سيڙائي ها.

                        تنهن ڪري دنيا جي قائم رهڻ لاءِ ضروري هو ته ماڻهن جي دلين ۾ انهن شين جي محبت پيدا ڪئي وڃي پر ان محبت ۾ آزمائش رکيل آهي. ان محبت مان پنهنجي آخرت جي تياريءَ جو سامان ٺاهڻ اهائي ماڻهوءَ جي ڪاميابي آهي.

الله تعالى جو قرآن ڪريم ۾ فرمان آهي:

“(اي پيغمبر) چؤ ته الله جي (بڻايل) زينت جيڪا جيڪا پنھنجن ٻانھن لاءِ پيدا ڪئي اٿس ۽ روزيءَ مان سٺيون شيون ڪنھن حرام ڪيون آھن؟ چؤ ته اُھي (شيون) دُنيا جي حياتيءَ ۾ (۽) خلاصيون قيامت جي ڏينھن مؤمنن لاءِ آھن.” (سورت الاعراف:32)

                        انهن نعمتن جي محبت کي طبعي طور انسان جي دل ۾ پيدا ڪري، انسان جو امتحان به ورتو ويو ته ڪير انهن شين جي محبت ۾ ڦاسي، انهن شين جي خالق ۽ مالڪ کي وساري ويهي ٿو يا انهن شين کي الله تعالى جي سڃاڻ ۽ محبت جو وسيلو بڻائي ٿو.

                        قرآن پاڪ ۾ الله تعالى فرمائي ٿو:

                        “جيڪي زمين تي آھي سو اسان انهن جي سينگار لاءِ ھن ڪري ڪيو ته سندن آزمائش وٺون ته انھن مان عملن ۾ ڏاڍو چڱو ڪير آھي.” (سورت ڪهف: 7)

                        يعني جيڪڏهن دولت جي محبت دل ۾ نه هجي ها ته زڪوات ڪڍڻ ڪهڙوڏکيو هجي ها؟ پوءِ ان جو اجر ۽ ثواب به ڪهڙو ملي ها؟ ايئن وري جيڪڏهن کاڌي پيتي جي محبت دل ۾ نه هجي ها ته روزو رکڻ ۾ ڪهڙي صبر جي ڳالهه هجي ها؟ ۽ بکيو اڃيو رهڻ جو ڪهڙو اجر ملي ها؟