محبت ۽ دوستيءَ جو معيار (٢)

idara letterhead universal2c

محبت ۽ دوستيءَ جو معيار (٢)

نور احمد ميمڻ

اِهي محبتون اصل ۾ اُهي وسيلا آهن جن کي الله جي رضا ۾ استعمال ڪري انسان پنهنجي آخرت سنواري سگھي ٿو. ايئن ئي رشتن ناتن جون محبتون آهن. انهن ئي محبتن جي ڪري الله تعالى جي حڪمن تي عمل ڪرڻ آسان ٿي ويندو آهي. مثال طور الله تعالى پيءُ ماءُ جا حق رکيا آهن. مٽن مائٽن ناتا ڳنڍڻ جو حڪم ڏنو آهي. ته انهن حڪمن جي پابندي ڪرائڻ ۾ اهو محبت وارو جذبو ٻارڻ جو ڪم ڪري ٿو. اهو جذبو جيترو سگھارو هوندو، اوترو ئي عمل ڪرڻ آسان ٿي ويندو.

                        رسول اللهﷺ فرمايو:

                        “جڏهن ڪو ٻانهو الله تعالى جي لاءِ ڪنهن ٻئي ٻانهي سان محبت ڪري ٿو ته الله تعالى به ان جي عزت ڪري ٿو.” (احمد)

اهڙي طرح اولاد سان محبت جي تقاضا آهي ته انهن کي الله جي معرفت ۽ ٻانهپ جو شعور ڏجي. ان سان هڪ طرف اهي ذميوار انسان بڻجي سماج جا ڪارآمد فرد بڻبا ته ٻئي طرف الله جي ضابطن کي مڃيندڙ جي حيثيت ۾ اوهان جي لاءِ به راحت ۽ سک جو ذريعو بڻبا. اهڙي طرح انهن کي هڪ سٺي مسلمان جي حيثيت ۾ جاري رهندڙ صدقو بنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. دولت سان محبت آهي ته دولت کي الله تعالى جي دين جي سر بلندي ۽ غريبن جي ڀلائي ۽ سڌاري جي ڪمن ۾ لڳايو وڃي. وري مرد ۽ عورت جو لاڳاپو آهي جيڪو هڪ فطري جذبو آهي ته انهيءَ جذبي کي نڪاح جي وسيلي جائز بڻائي، سنت جو به ثواب حاصل ڪيو وڃي. يعني اهي سموريون محبتون هڪ طرح سان جنت کي حاصل ڪرڻ جو سِڪو آهن پر ايئن نه ٿئي جو انسان انهن ئي محبتن ۾ منجھي وڃي؛ انهن کي ئي زندگيءَ جو مقصد بڻائي ڇڏي ۽ نعمتون ڏيڻ واري کي وساري، انهن نعمتن کي ئي پوڄڻ لڳي.

الله تعالى فرمايو آهي:

“اي ايمان وارؤ، اوھان کي نه ڪِي اوھان جا مال ۽ نه ڪِي اوھان جا اولاد الله جي ياد ڪرڻ کان ويسلو ڪري ڇڏين ۽ جيڪي ائين ڪندا سي ئي ڇيهي وارا آھن.” (سورت المنافقون:9)

رسول اللهﷺ فرمايو:

“جيڪو ماڻهو دنيا سان محبت ڪري ٿو سو پنهنجي آخرت کي ضرور نقصان پهچائي ٿو ۽ جيڪو ماڻهو آخرت سان محبت ڪري ٿو سو پنهنجي دنيا کي ضرور بگاڙي ٿو. ماڻهؤ! هميشه رهندڙ کي ٿوري وقت رهندڙ تي اوليت ڏيو.” (مشڪواة)

هي دنيا جون نعمتون اصل ۾ جنت جي نعمتن جو هلڪو عڪس آهن. اهو عڪس حاصلات جي امنگ لاءِ ڏيکاريل آهي. باقي نه ته ڪير ڇو نيڪ عمل ڪري جنت کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها ۽ بڇڙن عملن کان پاسو ڪري دوزخ کان بچڻ گھري ها؟

(3) حرام محبت

ٽيون قسم حرام محبت آهي، يعني گناهن سان محبت يا انهن شين سان محبت ڪرڻ، جن کان الله تعالى روڪيو آهي. مثال طور شراب، بدڪاري، جوا وغيره، انهن ڏانهن تانگهه يا دلچسپي وٺڻ. اهي سڀئي ڪم حرام محبتن ۾ ڳڻيا ويندا آهن. ان کان سواءِ اسان جي معاشري ۾ هڪ تمام ئي اڻوڻندڙ عمل ناسور وانگر پکڙجي رهيو آهي ۽ اهو آهي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو پاڻ ۾ گڏجي سڏجي رهڻ، دوستي ڪرڻ ۽ ناجائز محبتن کي وڌائڻ. شيطان جو ته ڪم ئي اهو آهي ته هو گناهن کي، حرام محبتن کي چڱو، سهڻو ۽ سينگاري (decorate) اسان کي ڏيکاري. تنهن ڪري انهن کان پاڻ بچائڻ ۾ تمام وڏو اجر آهي.

ڪجھه مثالن سان حرام محبت کي سمجھو:

ٻارن کي ان ڪري صبح جي نماز لاءِ نه اٿاريو وڃي ته اهي رات دير تائين امتحان جي تياري ڪري رهيا هئا.

امتحان جيڪڏهن رمضان جي مهيني ۾ اچي ويا ته انهن کي ان ڪري روزو نه رکرايو وڃي ته امتحان ڏيڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي.

غور ڪريو ته اولاد جي محبت، جائز محبتن ۾ اچي ٿي پر جڏهن اها ئي محبت الله تعالى جي نافرمانيءَ ۾ ملوث ڪرڻ لڳي ته هاڻي اها ئي محبت حرام محبت جي درجي ۾ هلي وئي.

اهڙي طرح سان نياڻين کي جوان ٿيڻ کان پوءِ پردو ان لاءِ نه ڪرايو وڃي ته انهن تي ٺٺول ڪئي ويندي يا وري اهو بهانو ته رشتو اچڻ بند ٿي ويندو. جيئن ته پردو جوان ٿيڻ کان پوءِ فرض ٿي وڃي ٿو، انهيءَ ڪري انهيءَ فرض کان، اولاد جي محبت جي نالي تي ڪنڌ ڪڍائڻ سان الله تعالى جي نافرمانيءَ جا گنهگار ٿي وڃون ٿا، تنهن ڪري اهڙي محبت به حرام محبت آهي. هڪ عورت کي ڳهه گھڻو پسند آهن، پر هوءَ زڪوات جي باري ۾ تمام ئي بيپرواهه آهي ته ڳهن جي اها محبت جيڪا مباح آهي، سا حرام ۾ بدلجي وڃي ٿي ته ڳهه ته خريد ڪيا وڃن، گڏ ڪيا وڃن، ڏيکاءُ جو مظاهرو ڪيو وڃي، پر انهن تي لاڳو ٿيندڙ زڪوات ادا نه ڪئي وڃي.  خاندان جي دٻاءَ ۾ اچي ميندي، ٻُڪي وغيره جي رسمن ۾ پنهنجي ڌيئرن کي سڀني جي سامهون آندو، ناچ ۽ راڳ به ٿيو، ان ڪري ته جيئن خاندان وارا ناراض نه ٿي وڃن ته هاڻي اها خاندان سان مباح محبت ناجائز ٿي وئي، ڇو جو انهيءَ محبت الله ۽ ان جي رسول جي نافرمانيءَ تي اڀاريو.

مباح محبتن جو حق ان وقت ادا ٿي سگھي ٿو، جڏهن انهن کي الله تعالى جي محبتن جي فرمان ۾ رکيو وڃي ۽ انهن کي الله جي محبت سان جوڙيو وڃي.

اسان جا نوجوان نسل جهڙي طرح ڳائڻن، فلمي اداڪارن ۽ اداڪارائن جا ديوانا (fans) بڻجن ٿا، انهن کي ئي پنهنجي لاءِ مثال (ideal) ۽ نمونو (role model) بڻائن ٿا، انهن جا وڏا وڏا پوسٽر پنهنجن ڪمرن ۽ دروازن تي لڳائين ٿا، انهن جي محبت ۾ آهون ڀرين ٿا، ڇوڪريون چون ٿيون Oh! I am crazy about him  (هاءِ! مان ته ان لاءِ چري ٿي پئي آهيان.)، He is my Idol (هي منهنجو معبود آهي) ۽ I love him! (مون کي هُن سان پيار آهي) وغيره، اهي سموريون حرام محبتون آهن.

هي ڇوڪريون جن اداڪارن جون ديوانيون ٿي پيون آهن، انهيءَ ۾ هڪ طرفي محبت جو گناهه سر تي کڻڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه فائدو نه آهي. انهيءَ کي چيو ويندو آهي خَسِرَ الدُّنْيَا وَالْآخِرَةَ. يعني دنيا ۽ آخرت ٻنهي جو نقصان. حرام محبت جو اهو ئي نتيجو آهي.

قرآن ڪريم ۾ فرمايو ويو آهي:

                        “۽ جنھن ڏينھن ظالم پنھنجا ٻئي ھٿ چٻيندو چوندو ته ھَيءِ اَرمان (جيڪر) پيغمبر واري واٽ وٺان ھا (ته چڱو ھو). ھَيءِ ھَيءِ ارمان جيڪر فلاڻي کي دوست نه وٺان ھا.” (سورت الفرقان: 27-28)

پسنديده محبت

رسول اللهﷺ فرمايو: “اَلنِّکَاحُ مِنْ سُنَّتِيْ” يعني نڪاح منهنجي سنت (طريقو) آهي.” (بخاري)

زال مڙس جو لاڳاپو ئي ڪجھه اهڙو آهي جو انهيءَ رشتي ۾ قرب، محبت ۽ پنهنجائپ جي چاشني تمام ضروري آهي. سو جيڪي ڇوڪريون پنهنجي عزت کي پنهنجي مڙس جي امانت سمجھي پنهنجي عزت ۽ مرتبي جي حفاظت ڪنديون آهن، انهن جي اڳتي واري گھريلو زندگي وڌيڪ برڪت ڀري ۽ وڻندڙ ٿي ويندي آهي، ڇو جو انهن کي هن حق ۽ تسليم محبت جو هر پاسو خوبصورت ۽ حيران ڪندڙ (surprising) لڳندو آهي. اهو انهن جي صبر ۽ پنهنجو پاڻ کي خواهشن جي چڪر مان پاڻ بچائڻ جو انعام هوندو آهي. ڇوڪرن لاءِ به اها ئي ڳالهه آهي. اسان کي ڄاڻ هئڻ گھرجي ته نڪاح کان اڳ واري محبت حرام آهي، جڏهن ته نڪاح کان پوءِ واري اها ئي محبت الله تعالى وٽان اجر ۽ ثواب جو سبب بڻجي ٿي.

قرآن پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي:

“۽ سندس نشانين مان ھيءُ (به) آھي جو اوھان جي جنس مان اوھان لاءِ زالون پيدا ڪيائين ته انھن سان آرام وٺو ۽ اوھان جي وچ ۾ پيار ۽ ٻاجهه پيدا ڪيائين، بيشڪ، ھن ۾ اُنھيءَ قوم لاءِ نشانيون آھن جيڪي ڌيان رکندا آھن.” (سورت الروم:21)

ان مان خبر پئي ته سڀ کان وڌيڪ پيارو، خوبصورت، محبت ڀريو (romantic) ۽ اَملهه رشتو زال ۽ مڙس جو آهي جنهن کي الله تعالى سڀ کان پهريان خلقيو هو. انهيءَ ڪري اسلام ۾ هڪ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي وچ ۾ پيار جو تعلق (love affair) نڪاح کان اڳ نه، پر نڪاح کان پوءِ شروع ٿيندو آهي. نڪاح کان پوءِ جيترو دل گھري مڙس سان گڏ گھمو، ڦرو، محبت وارا ڪارڊ ۽ تحفا ڏيو، ڳالهه ڳالهه تي I love you! چئو، پنهنجي مڙس لاءِ چڱيءَ طرح سان تيار ٿيو، سينگار ڪريو، انهن سڀني ڪمن تي توهان لاءِ الله تعالى وٽ اجر ۽ ثواب آهي. سڀ کان چڱي ڳالهه هيءَ ته ان تعلق ۾ نه ماءُ پيءُ جي دڙڪن جو ڊپ ۽ نه مٽن مائٽن جي اڳيان پڪڙجي پوڻ جو خوف، ڇو جو اها محبت الله تعالى جي فرمانبرداريءَ ۾ تمام ضروري، جائز ۽ برڪت ڀري آهي.

                        رسول اللهﷺ فرمايو: “اسان ٻن محبت ڪرڻ وارن جي لاءِ نڪاح کان وڌيڪ اثرائتي ٻي ڪا شيءِ نه ڏٺي.” (ابن ماجه)

محبت ۽ دوستيءَ جو حقيقي معيار

لاڀائتي دوستي رڳو اها ئي آهي جيڪا نيڪ، پرهيزگار ۽ ديندار ماڻهن سان جاري رکي وڃي، ڇو جو نيڪ ماڻهن سان دوستي رکڻ جو سڀ کان وڏو فائدو هي ٿيندو آهي ته انسان کي نيڪيون ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو آهي. انهيءَ ڪري بي دين ۽ بڇڙن ماڻهن کان دوستي سان روڪيو ويو آهي.

رسول اللهﷺ فرمايو:

                        “ماڻهو پنهنجي دوست جي دين تي هوندو آهي، تنهن ڪري هر ماڻهو کي چڱيءَ طرح جاچڻ گھرجي ته هو ڪنهن کي پنهنجو دوست بڻائي رهيو آهي.” (ترمذي)

پاڻ سڳورنﷺ نيڪ ۽ بد ماڻهن جي دوستيءَ جي فائدن ۽ نقصانن کي هڪ تمام سهڻي مثال سان سمجھايو آهي:

رسول اللهﷺ جن فرمايو: “نيڪ ماڻهوءَ جي دوستيءَ جو مثال کستوري (هڪ قسم جو عطر) وڪرو ڪندڙ واري سان دوستيءَ جهڙو آهي ۽ بد ڪردار ماڻهوءَ سان دوستيءَ جو مثال باهه جي کورِي ٻارڻ واري سان دوستيءَ وانگر آهي. جيڪو ماڻهو کستوري وڪڻندڙ وٽ ويندو ته کستوري وڪڻندڙ يا ته پاڻ ئي ان کي ڪجھه نه ڪجھه عطر (تحفي ۾) ڏيندو يا وري هي ماڻهو پاڻ ان کان خريد ڪري وٺندو. پر جيڪڏهن انهن ٻنهي مان ڪا به هڪ ڳالهه نه ٿئي ته به کيس کستوريءَ جي خوشبو جو واس ته ملندو ئي ۽ جيڪو ماڻهو کورِي ٻارڻ واري وٽ ويهندو ته کوري ٻارڻ وارو ان جا ڪپڙا ساڙي ويهندو ۽ جيڪڏهن سندس ڪپڙا کڻي نه به سڙن ته کوريءَ جو دونهون ته ضرور ايذائيندس.” (بخاري)

هن حديث مان اهو سبق ملي ٿو ته، جيڪو ماڻهو ڪنهن ڏاهي، قرآن ۽ سنت جي پابند عالم، نيڪ يا پرهيزگار ماڻهوءَ جي صحبت اختيار ڪندو يا قرآني درس جي مجلس ۾ اٿندو ويهندو ته ضرور نيڪي، خير، ڀلائي ۽ دين جون ڳالهيون سکندو. جڏهن هو الله ۽ ان جي رسول محمدﷺ جو برڪت ڀريو ذڪر ٻڌندو ته سندس اندر به اجري پوندو. سندس عملن جي سڌار ٿيندي ۽ دنيا آخرت سنورجي ويندي.

وري جيڪو ماڻهو بي دين ۽ گمراهه انسان کي پنهنجو دوست بڻائيندو ۽ برن ماڻهن جي سنگت اختيار ڪندو ته گناهه جون ڳالهيون ئي سکندو. عام طرح مشاهدو ڪيو ويو آهي ته نشي وارين شين، جهڙوڪ هيروئن، شراب، ڀنگ، چرس، آفيم وغيره جي عادت به انسان کي بري سنگت سبب ئي ٿيندي آهي. ڇوڪريون خراب ڇوڪرين جي سنگت ۾ اچي ڇوڪرن سان سنگت رکنديون آهن ۽ پيءُ ماءُ کي ٺڳي، پنهنجي سنگتين سان ملڻ وينديون آهن.

اهڙي طرح قرآن کان پري ٿي ويل ماڻهن جي مجلس ۾ ويهڻ سان انسان ڪوڙ، گلا، گاريون ۽ بيحيائيءَ جون ڳالهيون ئي سکندو آهي. هر وقت الله تعالى جي نافرمان ماڻهن سان سنگت ۾ رهڻ سبب، انسان کي ان جا وڏا گناهه به ننڍڙا لڳندا آهن. ايئن انسان هوريان هوريان انهن جي ئي عادتن ۾ رڱبو ويندو آهي، جنهن ڪري ان جي سوچ ۽ عمل، ٻئي بگڙي ويندا آهن. اهڙيءَ طرح هو نه رڳو پنهنجي دنيا، پر آخرت جو پڻ پڪو نقصان ڪري ويهندو آهي.

محبتن جا درجا

محبتن جا ٽي درجا آهن: (1) چسڪي تي آڌاريل محبت، (2) نفعي تي آڌاريل محبت ۽ (3) ڀلائيءَ تي آڌاريل محبت

(1) چسڪي تي آڌاريل محبت

هيءَ نفساني خواهشن ۽ گناهه تي آڌاريل محبت هوندي آهي. مخلوط گڏجاڻين، ڊرامن، فلمن، ڳائڻ وڄائڻ، واهيات ناول پڙهڻ، غير محرم ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو پاڻ ۾ ميل جول ۽ محبت ڪرڻ، وغيره جهڙن عملن سان محبت رکڻ هن درجي جي محبت ۾ اچي وڃن ٿا. هن ناجائز محبت جو هڪ خوفناڪ انجام هي هوندو آهي ته جيئن ئي ڇوڪري جو ڇوڪريءَ مان مطلب پورو ٿيو ته، هيءَ محبت به اتي ئي پوري ٿي ويندي آهي. مطلب ته هن درجي ۾ جيڪي به محبتون اچن ٿيون سي سڀئي آخر ۾ گم ٿي وينديون آهن. شروع به جلدي ٿينديون آهن ۽ ختم به جلدي ٿي وينديون آهن.

(2) نفعي تي آڌاريل محبت

هن ۾ مال جي محبت، عُهدي سان محبت، يا دنياوي نفعو حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اڳواڻ سان محبت ڪرڻ شامل آهن. يعني ڪنهن ماڻهوءَ جو مرتبو ڏسي، ان وٽان ڪنهن نفعي حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ ان سان ملندو رهڻ، لاڳاپا وڌائڻ، آڳو پيڇو ڪرڻ وغيره. اهڙي قسم جي محبت هَوَس ۾ شروع ٿيندي آهي، ڇو جو انسان انهيءَ محبت کي شروع ڪرڻ کان اڳ پنهنجي نفعي بابت سوچيندو آهي ته کيس آخر ڪيترو نفعو ٿيندو. جڏهن کيس پڪ ٿي ويندي آهي ته پوءِ هو اڳتي وک کڻندو آهي. ايئن اها محبت دير سان شروع ٿيندي آهي ۽ فائدو پورو ٿيندي ئي ختم ٿي ويندي آهي.

(3) ڀلائيءَ تي آڌاريل محبت

هيءَ محبت الله تعالى جي محبت تي آڌاريل هوندي آهي. هن محبت جو مدار ڪنهن ماڻهوءَ تي نه هوندو آهي، پر اها نج الله تعالى جي محبت هوندي آهي. انسان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پنهنجي پالڻهار سان پيار ڪندو آهي. پنهنجي پالڻهار جي پيار منجھان فرمانبرداري ڪندو آهي. پنهنجي پالڻهار لاءِ جيئندو آهي ۽ سندس ئي نالي تي مرندو آهي.

رسول اللهﷺ جن جو فرمان آهي:

“جيڪو محبت ڪندو آهي ته الله تعالى جي لاءِ، ڪنهن سان ناراض ٿيندو آهي ته به الله تعالى لاءِ، ڪنهن کي ڪجھه ڏيندو آهي ته الله تعالى لاءِ ۽ ڪنهن کي نه ڏنو ته به الله تعالى جي لاءِ، ته اهڙي ماڻهوءَ پنهنجو ايمان مڪمل ڪري ورتو.” (ابودائود)

هڪ ٻي حديث ۾ رسول اللهﷺ فرمايو:

                        “الله تعالى قيامت جي ڏينهن فرمائيندو: ڪٿي آهن منهنجي جلال جي لاءِ محبت ڪرڻ وارا؟ اڄ مان انهن کي پنهنجي عرش جي ڇانوَ ۾ جاءِ ڏيندس، جڏهن جو اڄ منهنجي ڇانوَ کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڇانورو نه آهي.” (مسلم)

                        هن محبت جو اهڃاڻ هيءُ آهي ته، اها محبت الله تعالى جي نالي تي قائم ٿيندي آهي، گھڻو سگھاري، جٽادار ۽ گھڻي عرصي تائين هلندڙ هوندي آهي پر هن محبت هلندي انسان جو لاڳاپو الله تعالى سان ڪمزور ٿي پيو ته هيءَ محبت اتي ئي ختم ٿي ويندي آهي.