قاضين جي ذهانت جو احوال

idara letterhead universal2c

قاضين جي ذهانت جو احوال

امام جوزي بغدادي

سنڌيڪار:  محمد عثمان عباسي

عبيدالله بن حسن ۽ عمر ٻئي گڏ بصري جا قاضي هئا  ان ڪري فيصلا به گڏيل طور تي ٿيندا هئا

                        ابو سهل اسان کي ٻڌايو ته قاضيءَ جو عهدو ڪڏهن ٻن جي وچ ۾ گڏيل نه ٺاهيو ويو. پر عبيدالله بن الحسن النبري ۽ عمر بن عامر جي وچ ۾ هي ٻئي گڏيل طور تي بصري جا قاضي هئا. هر مجلس ۾ ٻئي گڏ رهندا هئا ۽ ماڻهن کي جڏهن ڏسندا ته هڪ ٻئي سان گڏ ڏسندا هئا. چون ٿا ته ٻنهي وٽ هڪ قوم هڪ ٻانهي جو معاملو کڻي آئي جيڪا ڪپڙا نه پائيندي هئي (ان ڪري جيڪو خريدار هئو اهو ان کي عيب قرار ڏئي ڪري پنهنجي لاءِ عيب جو اختيار آهي دعويدار هئا ان کي وڪڻڻ وارو ان کي عيب نه پيو مڃي، ان جي فيصلي جي لاءِ عدالت جي طرف انهن ماڻهن درخواست ڏني هئي) ته ان جي باري ۾ عمر بن عامر چيو ته هي ناقص الخلقت آهي ۽ عبيدالله بن الحسن چيو ته جيڪا شيءِ اهڙي هجي جيڪا خلقت ۽ طبيعت عامه جي خلاف هجي اهو عيب آهي (ته ٻنهي جي جملن کي ملائي هي فيصلو ٿيو ته ٻانهي عيب واري آهي. ان ۾ فيصلي جو پورا ۽ ڪنهن هڪ قاضي جي فيصلي سان نه ٿي سگهيو. جيستائين ٻنهي کي بطور ننڍ وڏائي  ملايو نه ويو ۽ يقيناً هن ڳالهه جي اظهار مان اهوئي مقصد آهي ته شراڪت جي حثيت کي اهڙي طرح هي ٻئي حضرات دائم رکندا هئا.)

ڪنهن جي ظاهري ايمانداري ۽ تقويٰ تي حد کان وڌيڪ اعتماد جو نتيجو

                        يزين بن هارون کان رويت آهي ته واسط ۾ هڪ اهڙي شخص کي قاضي مقرر ڪيو ويو جيڪو معتبر ماڻهو ۽ ڪيترين ئي حديثن جو حافظ هو (ان جي سامهون هڪ شخص پنهنجو مقدمو پيش ڪيو جنهن جي روئداد هيءَ آهي ته ان شخص هڪ شاهد (گواهه) کي هڪ سيل مهر ٿيلهي امانت رکڻ لاءِ ڏني (اسلام جي زماني ۾ هي هڪ خاص اعزازي عهدو هو ته جيڪي ماڻهو ايماندار ۽ تقويٰ وارا هئا انهن کان عام ماڻهو  پنهنجي لکيل معاهدن تي صحي ڪرائيندا هئا ۽ حڪومت انهن جي شهادت کي قبول ڪندي هئي) ۽ ڳالهه ڪري ڇڏي ته هن ۾ هڪ هزار دينار آهن. جڏهن هي امانت رکڻ وارو وڏي عرصي تائين غائب رهيو ۽ ٿيلهي ان شاهد جي قبضي ۾ هئي ته ان هي تصور ڪيو ته اهو شخص مري (وفات) ڪري چڪو آهي. هاڻي هن مال کي پنهنجي خرچ ۾ ملائڻ جي نيت ٿي ويئي. پوءِ سوچ ڪري ٿيلهيءَ کي هيٺيئين طرف کان اڊيڙيو (ته جيئن مهر باقي رهي).

                        ان مان دينار ڪڍي ان جي بدران درهمن سان ڀري سبي ساڳئي نموني ڪري ڇڏيو. ڪجهه عرصي کانپوءِ مالڪ واپس آيو ۽ هن شاهد کان پنهنجي امانت واپس گهري. ان مهر لڳل سيل ٿيل ٿيلهي واپس ڪري ڇڏي. جڏهن هن پنهنجي گهر پهچي ڪري سيل ٽوڙيو ته ان مان درهم نڪتا. پوءِ هو شاهد وٽ واپس آيو ۽ ان کي چيو الله توکي معاف ڪري منهنجو مال واپس ڪر، مون ان ۾ دينار رکيا هئا ۽ ان مان درهم ظاهر ٿيا ته اهو انڪار ڪرڻ لڳو.

                        هي مقدمو جڏهن قاضي صاحب جي سامهون پيش ٿيو ته ان پڇيو ته هيءَ ٿيلهي ڪڏهن امانت رکي ويئي هئي ته ٻڌايو ويو پندرنهن سال اڳ هاڻي قاضي صاحب انهن درهمن کي کڻي ان جي پڇايئءَ کي پڙهڻ شروع ڪيو ته (هنن جي پڙهڻ مان معلوم ٿيو ته) انهن مان ڪجهه درهم ٻه سال اڳ جا ٺهيل هئا ۽ ڪجهه ٽي سال اڳ جا. سڀئي ان جي ويجهو هئا. قاضي صاحب حڪم ڪيو ته فريادي کي دينار واپس ڪيا وڃن، جيڪي شاهد واپس ڪيا. قاضي صاحب ان کي خيانت ڪندڙ چئي سڏيو ۽ شهر ۾ عام اعلان ڪرايو ته فلاڻي پٽ فلاڻي کي قاضيءَ شاهديءَ کان بيڪار قرار ڏنو آهي. سڀئي ماڻهو ان کي سڃاڻين ۽ اڄ کانپوءِ ان جي ڌوڪي ۾ نه اچن. ان شاهد واسط ۾ هن جي جيتري جائيداد هئي سڀئي وڪڻي ڇڏي ۽ واس مان ڀڄي ويو ۽ ڪنهن اهڙي جاءِ تي هليو ويو جو وري ان کي ڪنهن کي به خبر پئجي نه سگهي.

قاضي اياس بن معاويه جي تيز سمجهه، ڳالهه جو نقطو سمجهڻ

                        ابو محمد قرشيءَ اسان کي ٻڌايو ته هڪ شخص   ٻئي وٽ ڪجهه مال امانت طور رکيو. پوءِ جڏهن هن کان گهريو ته ان انڪار ڪري ڇڏيو. هن پنهنجو معاملو اياس بن معاويه جي سامهون پيش ڪيا. فرياد ئي بيان ڪيو ته مون ان کي مال ڏنو. قاضي اياس سوال ڪيو ته ڪنهن جي سامهون ڏنو هو، هن چيو ته مون اهڙي جاءِ تي ڏنو هو جتي ڪوبه موجود نه هو. قاضيءَ چيو ته ان جاءِ تي ڪا شيءِ آهي؟ هن چيو ته هڪ وڻ آهي. قاضيءَ چيو، ٺيڪ هاڻي تون ان جاءِ تي وڃ ۽ وڻ کي ڏس. شايد الله تعاليٰ اتي وڃڻ سان اهڙي ڳالهه واضح ڪري جنهن سان تنهنجو حق ظاهر ٿي پوي، ٿي سگهي ٿو ته تون وڻ جي ويجهو پنهنجو مال پوريو هجي ۽ اتي پهچي ياد اچي وڃي. جڏهن تون وڻ کي ڏسين. هي شخص هليو ويو قاضي صاحب جوابدار  کي فرياديءَ جي واپسيءَ تائين ويٺو رهڻ جو حڪم ڪيو، اهو ويهي رهيو ۽ اياس قضا بابت حڪم ڪندو رهيو ۽ هڪ گهڙيءَ هن جي طرف ڏسڻ جي لاءِ ان پڇيو ته اي شخص ڇا اهو تنهنجو ساٿي ان وڻ تائين پهچي ويو هوندو جنهن جاءِ جي اهو ڳالهه ڪري رهيو هو. ان چيو ته (ان انڪار نه مان ٿابت ٿي ويو ته هي ان جاءِ کان چڱيءَ طرح واقف آهي) اياس چيو ”مردود ته يقيناً خيانت ڪندڙ آهين. ان چيو الله اوهان سان گڏ آساني ڪري. اوهان مون سان آساني ڪري ڇڏي. ان هن تي هڪ نگران مقرر ڪري ڇڏيو جيڪو ان جي حفاظت ڪري (وڃڻ نه ڏئي) ايستائين جو اهو شخص واپس اچي ويو. ان کي اياس چيو هي تنهنجي حق جو اقرار ڪري چڪو آهي. هن کي پڪڙ.

سڀ کان وڏي قاضي (چيف جسٽس) شاميءَ جي تيز فهمي (سمجهه)

                        ابن السماڪ ڳالهه ڪئي ته هڪ ڏينهن وڏي قاضي شاميءَ جي سامهون ٻن شخصن پنهنجو ڪيس پيش ڪيو جڏهن ته هي جامع منصور ۾ ويٺا هئا، انهن مان هڪ چيو ته مون ڏهه دينار ان کي امانتا ڏنا هئا.  ٻيو چوي پيو ته هن مون کي ڪجهه نه ڏنو، پاڻ مطالبي ڪرڻ واري کان پڇيو ته تو وٽ ڪو ثبوت آهي، ان چيو ته نه، قاضي صاحب چيو ۽ نه ڪنهن جي اکين جي سامهون ڏنا، هن چيو ته نه. اتي الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه نه هو. قاضي صاحب چيو ته ڪهڙي جاءِ تي حوالي ڪيا هئا، ان چيو ته ڪرخ جي هڪ مسجد (ڪرخ بغداد جو هڪ وڏو محلو آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي مسجدون آهن). پوءِ جنهن کان مطالبو ڪيو پئي ويو ان کان هن پڇيو ته ڇا تون قسم کڻندين؟ هن چيو هائو، ته پاڻ فرياديءَ کي چيو ته جنهن  مسجد ۾ توهان کي اهي دينار حوالي ڪيا هئا اتي وڃ ۽ اتان مون وٽ قرآن جو هڪ ورق (پنو) کڻي اچ ته جيئن مان ان سان قسم کڻايان. اهو شخص هليو ويو ۽ قاضي صاحب ان کي جنهن تي تهمت هئي کيس ويهاري ڇڏيو. جڏهن ڪجهه وقت گذريو ته هن ڏانهن توجه ڪيو ۽ پڇيو ته تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ ڇا اهو شخص مسجد ۾ پهچي ويو هوندو. هن چيو ته هاڻي اڃا نه پهتو هوندو. هي جواب مڃڻ جي مطابق ٿي ويو ته ان تي سون جي ادائگي ضرور قرار ڏني، پوءِ ان اقرار ڪيو.

ادب ني ابن ابي دائود جي ثابت قدمي

                        ابو العينار (نابين) جو بيان آهي ته دنيا ۾ ابن ابي دائود کان وڌيڪ مون ادب تي ڪنهن جي ثابت قدمي نه ڏٺي. مان جڏهن به ان وٽان ملاقات کانپوءِ نڪتو آهيان، ڪڏهن ان طرح نه چيو ته يا غلام خذ بيده (اي غلام هن جو هٿ پڪڙ) پر هي چوندو رهندو هو يا غلام اخرج معه (اي غلام ان سان گڏ وڃ) مون کي ان جي ان جملي جو انتظار هوندو هو ان کي ڇڏي نه  ڏنو ۽ نه مون ڪنهن ٻئي کان هي جملو ٻڌو.

                        روايت آهي ته يحيٰ بن اڪثر جڏهن بصري جو قاضي مقرر ڪيو ويو ته ان جي عمر اٽڪل ويهه سال هئي. هن کي بصري وانگر گهٽ درجي جو خيال ڪيو. انهن مان هڪ پڇيو ته قاضي صاحب ڪيتري عمر جا آهيو؟ هو سمجهيو ته اهي ننڍو سمجهي رهيا آهن. هن جواب ڏنو ته منهنجي عمر بن عتاب بن اسيد رضي الله کان وڌيڪ آهي، جنهن کي رسول الله ﷺ جن مڪي جي فتح واري ڏينهن مڪي وارن تي قاضي مقرر ڪيو هو ۽ منهنجي عمر معاذ بن جبل رضي الله کان وڌيڪ آهي جنهن کي رسول الله ﷺ جن يمن وارن تي قاضي مقرر ڪيو هو ۽ منهنجي عمر ڪعب بن اسود رضي الله کان وڌيڪ آهي جنهن کي عمر بن خطاب رضي الله بصري وارن تي قاضي مقرر ڪيو هو.

انصاف جي لاءِ قاضي حفص بن غياث جي حرفت

                        ابن الليث کان روايت آهي ته خراسان وارن مان هڪ شخص آتش پرستن جو سردار مجوسيءَ جي هٿان جيڪو وزير جعفر جي والده جو مزدور هو ٽيهه هزار درهمن ۾ ڪجهه اٺ وڪرو ڪيا. اهو پئسن جي ادائگيءَ ۾ ٽال مٽول ڪندو رهيو ۽ نه ڏنا.  اهو ڪجهه وقت تائين پيو رهيو (پريشان ٿي) هن (قاضي) حفص بن غياث جي ڪن ساٿين سان مشورو ڪيو. ان چيو ته ان ڏانهن وڃي کيس هي چئو ته اوهان هن وقت مون کي هڪ هزار درهم ڏيو. باقي پئسن جي لاءِ مان هڪ ٻئي شخص جي حق ۾ حوالو لکي ڇڏيندس. توهان ان کي جڏهن چاهيو ڏئي ڇڏجو. پوءِ مان خراسان هليو ويندس. ائين ڪرڻ کانپوءِ وري مون سان مل ته جيئن پوءِ وري مشورو ڏيائين. هن شخص ائين ئي ڪيو. آتش پرستن جي سردار سان مليو ۽ ان هڪ هزار درهم ڏئي ڇڏيا. هي شخص واپس اچي مشوري ڏيڻ واري کي خبر ڏني. ان چيو هاڻي ان وٽ واپس وڃي هي چؤ ته جڏهن سڀاڻي توهان سوار ٿي وڃو ته رستي ۾ قاضي صاحب وٽان ٿيندا وڃجو. مان اتي حاضر هوندس ۽ ڪنهن شخص کي پنهنجي طرف کان مال جي وصوليءَ تي پنهنجو وڪيل ڪري ڇڏيندس ۽ پوءِ هليو ويندس.  جڏهن  مرزبان (آتش پرستن جو سردار) قاضي صاحب وٽ اچي ويهي ته جلدي قاضي صاحب جي سامهون بقايا رقم جي دعويٰ پيش ڪجان. (ان ترتيب سان جلد ئي فيصلو ٿي ويندو ۽ مرزبان کي موقعو نه ملي سگهندو ته اهو پنهنجي اعليٰ اثر رسوخ جو استعمال ڪري قاضي صاحب کي فيصلو روڪڻ تي مجبور ڪري) هن شخص ائين ئي ڪيو.

                        قاضي صاحب جلدي هن کي قيد ڪري ڇڏيو. ام جعفر کي جڏهن هن جي خبر پئي ته ان خليفي هارون الرشيد کي چيو ته توهان جي قاضيءَ منهنجي وڪيل (عيوضيءَ) کي قيد ڪيو آهي ان کي حڪم ڪيو ته اهو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏي (۽ مرزبان کي آزاد ڪري ڇڏي) هارون حڪم ڪيو ته ائين لکيو وڃي. قاضي حفص کي به ان جي خبر پئجي ويئي. ان دعويدار کي چيو ته جلدي شاهد حاضر ڪر ته جيئن امير المؤمنين جي خط جي اچڻ کان اڳ مان مجوسيءَ جي مقابلي تي تنهنجي حق ۾ لکي ڇڏيان. (هن شاهد حاضر ڪري ڇڏيا ۽ قاضي صاحب فيصلو لکڻ شروع ڪري ڇڏيو ته (امير المؤمنين جو خط کڻي هڪ شخص حاضر ٿيو) قاصي صاحب ان شخص کي چيو. ترس، فيصلو لکڻ مان واندو ٿي خط وصول ڪري پڙهيو ۽ ان خادم کي چيو اميرالمؤمين کي سلام عرض ڪجان ۽ خبر ڏئي ڇڏ ته توهان جو خط ان وقت ظاهر ٿيو جڏهن حڪم جاري ٿي چڪو هو.

قاضي مطلب بن محمد جو موت واري مرض ۾ پنهنجي گهر واريءَ کي هڪ دلڇسپ جواب

                        مدائنيءَ ٻڌايو ته مطلب بن محمد الخطبي  مڪي جوقاضي هو ۽ هن جي نڪاح ۾ اهڙي عورت هئي جنهن جا مڙس مري چڪا هئا. جڏهن قاضي صاحب موت واري مرض ۾ مبتلا ٿيو ته اها ان جي مٿن کان ويهي رني ۽ چوڻ لڳي مون کي ڪنهن وٽ حياتي گذارڻ جي وصيت ڪرين ٿو؟ ته قاضي صاحب جواب ڏنو، ڇهين بدنصيب وٽ

نقلي شان شوڪت خراب ۾ خراب فريب آهي.

                        تنوخيءَ کان روايت آهي ته وڏو قاضي (چيف جسٽس) ابو الصائب ٻڌايو ته اسان جي شهر ۾ همدان ۾ هڪ شخص هو جنهن جو حال لڪيل هئو. قاضي صاحب ان کي مقبول القول (قبول ڪيل شهادت) مقرر ڪرڻ چاهيو ۽ ان کان هن باري ۾ پڇيو به ته ان کي لڪل ۽ ظاهري حالتن جي اعبتار کان لائق سمجهيو. پوءِ ان سان ڪچهريءَ ۾ اچڻ جي لاءِ خط و ڪتابت به  ڪئي. (هن زماني جي وڪالت وانگر اڳ ۾ شاهد به هڪ عهدو هئو جنهن تي متقي ۽ سچار ماڻهن کي چونڊيو ويندو هو. اقرار نامون ۽فيصلن کي ان جي صحي سان پڪو ڪيو ويندو هو) ته جيئن ان جي قولن کي قبول ڪري ۽ هي حڪم ڏئي ڇڏيو ته ان جي صحيءَ جو نمونو رجسٽرن ۾ محفوظ ڪيو وڃي. جنهن تي ضرورت وقت حاضري ان جي شاهدي قلمبند ٿي سگهي.

جڏهن قاضي صاحب ويٺو هئو، هن شخص سان گڏ ٻيا شاهد به آيا پر جڏهن هن پنهنجي شاهدي ثابت ڪرڻ چاهي ته قاضي صاحب قبول نه ڪئي. قاصي صاحب کان ڪنهن ان جو سبب معلوم ڪيو ته ان چيو مون تي هيءَ ڳالهه واضح ٿي ويئي ته هي رياڪار (يعني پاڻ کي ٺاهڻ اورو آهي) ته مون کي مناسب معلوم نه ٿيو ته هن جي قول کي قبول ڪريان. ان کان پڇيو ويو ته توهان هي ڪهڙي طرح سمجهيو. ان چيو هي مون وٽ روزانو ايندو هو. جڏهن منهنجي نظر هن تي پوندي هئي ته گهر جي دروازي اکن مجلس تائين هن جا جيترا قدم پوندا هئا مان ڳڻيندو هئس. پر جڏهن اڄ مون هن کي شاهديءَ جي لاءِ گهاريو ۽ هي آيتو ته مون ان جاءِ کان هن جا قدم ڳڻيا ته ٻه يا ٽي قدم وڌيل هئا. (ڇو ته هٿرادو وقار (شان شوڪت) جي لاءِ معمول کان ننڍا ننڍا قدم کڻندي تشريف (ايچ) پهتو هو.) مان سمجهي ويس ته هي شخص رياڪار آهي. ان ڪري قبول نه ڪيو.