قاضين جي ذهانت جو احوال

idara letterhead universal2c

قاضين جي ذهانت جو احوال

امام جوزي بغدادي

سنڌيڪار:  محمد عثمان عباسي

حسد نقصان واري بيماري

                        ابو العيناءَ کان روايت آهي ته افشين ابو ولف سان حسد ڪندو هو ۽ ان جي دانائي ۽ بهادريءَ جي ڪري هن جو دشمن هو. افشين هن کي ڦاسائڻ جي لاءِ هڪ بهانو ڪيو (يعني هن جي خلاف هڪ ڪوڙي دعويٰ پاڻ وٽ داخل ڪرائي) ايستائين جو ابو ولف جي خلاف خيانت ۽ قتل جون شاهديون به گذري ويون ۽ سياف (قتل ڪرڻ وارو) به حاضر ڪيو ويو. اهڙي وقت ان واقعي جو ابن ابي دواد کي خبر پئجي ويئي ته هي جلدي سوار ٿي هلي پيو ۽ پاڻ سان گڏ ڪجهه اهڙن ماڻهن کي ساڻ ڪيو جيڪي افشين جا دشمن هئا. هي ان وٽ پهچي ويا ۽ ان کي چيو ته تنهنجي امير المؤمنين جو موڪليل آهيان. امير المؤمنين توکي هي حڪم ڪيو آهي ته قاسم بن عيسيٰ (يعني ابو ولف) سان ڪابه حرڪت نه ڪئي وڃي ۽ سلامتيءَ سان مون ڏانهن موڪليو وڃي.

                        پوءِ شاهدن سان مخاطت ٿي چيو ته گواهه رهو ته مان امير المؤمنين جو پيغام ان کي پهچائي ڇڏيو آهي. ان کانپوءِ افشين ڪوبه نقصان ابو ولف کي پهچائي نه سگهيو. پوءِ ابن ابي دواد خليفي معتصم بالله وٽ پهتو ۽ عرض ڪيائين ته اي امير المؤمنين مون اوهان جي طرف کان هڪ اهڙو پيغام پهچائي آيو آهيان جنهن جو توهان مون کي  حڪم نه ڪيو هو ۽ مان سمجهان ٿو ته مون ان کان وڏو ڪو نيڪ ڪم نه ڪيو ۽ مان ان بنياد تي اوهان جي لاءِ به الله کان جنت جو اميدوار آهيان. وري سڄو واقعو ان کي ٻڌايو ته خليفي هن جي راءِ ۽ تدبير کي پسند ڪيو، (هاڻي افشين بدبخت ساراهيل شخص اهو ولف کي وٺي امير المؤمنين جي درٻار ۾ پهتو) ۽ ان شخص ڏانهن توجهه ڪيو جيڪو قاسم (ابوولف) کي وٺي هاضر هئو. حڪم ڪيو ته هن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ افشين جي ان حرڪت جي ڪري ان تي ڏمر ٿيو.

هڪ قاضيءَ جي عدالت ۾ فرزوق شاعر جي شاهدي

                        ابن قتبه چيو ته هڪ قاضيءَ وٽ هڪ دفعي فرزوق شاهدي ڏئي ته قاضيءَ چيو ابو فراد جي شاهديءَ کي جائز ڪيو آهي پر وڌيڪ شاهديون آڻ (ابو فراس فرزوق جي ڪنيت آهي) جڏهن فرزوق واپس ٿيو ته ان کي چيو ويو والله تنهنجي شاهدي کي صحيح نه مڃيو ويو. (فرزوق مشهور شاعر هو)

”جهڙي دعويٰ، اهڙائي شاهد“ قاضي ضمضم جو فيصلو

                        ٻه ماڻهو قاضي ضمضم جن وٽ آيا، انهن مان هڪ جي ٻئي تي هيءَ دعويٰ هئي ته هي منهنجو طنبورو نٿو ڏئي، جواب انڪاري هئو. فرياديءَ چيو ته مان شاهديون پيش ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيان. هن ٻه شاهد پيش ڪيا جن دعويدار جي سڄي هئڻ جي شاهدي ڏني. جوابدار چيو قاضي صاحب انهن شاهدن کان انهن جو ڌنڌو معلوم ڪريو. (پڇيو ويو) ته هڪ ٻڌايو ته نبيذ (شراب) وڪڻڻ وارو آهي ۽ ٻئي ٻڌايو ته اهو جانور هڪلڻ وارو آهي ته قاضيءَ جوابدار کي چيو ته طنبوري جي دعويٰ تي تنهنجي ويجهو ان کان پوڙهن شاهدن جي ضرورت آهي. (جهڙي دعويٰ آهي اهڙائي شاهد آهن اٿ ان کي اهو طنبورو واپس ڏي).

هڪ جهيڙي ۾ حڪم جو دلچسپ فيصلو

                        ٻه ماڻهو هڪ ٻڪريءَ جي باري ۾ وڙهي رهيا هئا. هر هڪ ان جو هڪ هڪ ڪن پڪڙي بيٺو هو ان دوران هڪ شخص اچي ويو. ٻنهي ان کي چيو جيڪو فيصلو تون ڪندين اهو اسان کي منظور هوندو. ان چيو، جيڪڏهن توهان منهنجي فيصلي تي راضي هجو ته هر هڪ هي قسم کڻي ته جيڪڏهن اهو منهنجو فيصلو نه مڃيندو ته ان جي گهر واري٤ تي طلاق آهي. ته ٻني اهڙو قسم کڻي ورتو. وري ان چيو هاڻي هن جا ڪن ڇڏي ڏيو ته ٻنهي ڇڏي ڏنا. هاڻي ان هن جو ڪن پڪڙيو ۽ وٺي هليو ويو (ته ان جو فيصلو اهوئي هئو) ٻئي ڏسندي رهجي ويا. ان سان ڳالهه ڪرڻ تي قادر (وس وارو) نه رهيو (ته جيڪڏهن ناراضگيءَ جو اظهار ڪن ٿا ته ٻڪريءَ سان گڏ گهر واري به ويندي.)

ڪنهن شخص تي ان جي برائين جي نگاهه اڳيان شڪ ڪرڻ ۾ تڪڙ ڪئي وڃي ٿي

                        اسان کي قاضي ابي عمر جو قصو معلوم ٿيو ته هڪ دفعي ان هڪ معزز شخص کي قضا جو عهدو حوالي ڪيو.

                        وري ان جي باري ۾ هن کان اهڙيون ڳالهيون ذڪر ڪيون ويون جيڪي قاضيءَ جي عهدي جي شان جي خلاف هيون ته هن ان عهدي کي واپس وٺڻ جو ارادو ڪيو. ان تي ڪن ماڻهن ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اهي الزام جيڪي ان تي لڳايا ويا آهن صحيح ثابت ٿي ويا ته ان کي لاهي ڇڏيو، ان جواب ڏنو ته اهو مون وٽ صحيح نه آهي. ان جي باوجود جدا ڪرڻ ضروري سمجهي رهيو آهيان. پڇيو ويو ته ان جو ڪهڙو سبب آهي؟ اهڙن الزامن کان مٿانهين نه آهي) هيءَ صورت ان صورت جي مظابه ٿي ويئي ته ڪنهن شخص تي جڏهن ان قسم جا الزام لڳايا وڃن ته ان جي برائين جي پيش نظر مشڪ ڪرڻ ۾ تڪڙ ڪئي ويندي آهي ۽ قاضيءَ جو عهدو ان کان به نازڪ آهي. آخرڪار ان کان هي عهدو واپس وٺي ڇڏيو.

چغلي هڻندڙ جي تصديق نه ڪرڻ گهرجي.

                        احد بن ابي دائود ۽ خليفو واثق باالله سان ملڻ جي لاءِ ويو. خليفي ان کي چيو ته مون وٽ هاڻي محمد بن عبدالملڪ الزيات ويٺل هو، ان تنهنجو ذڪر نهايت ئي برائيءَ سان ڪيو.

                        ابن ابي دائود چيو اي اميرالمؤمنين مان ان الله جو شڪر ادا ڪريان ٿو جنهن ان شخص کي هن حڪم جو محتاج ٺاهيو ته اهو سچ کي ڇڏي ڪوڙ کي اختيار ڪري ۽ مون کي ان خصلت کان متنفر ڪيو.

هڪ قاضيءَ جي خوش طبعي

                        هڪ ماڻهو هڪ قاضيءَ وٽ هڪ معاهدو حق مهر جي باري ۾ شاهدي ڏيڻ جي لاءِ آيو. قاضيءَ صاحب هن کان پڇيو ته تنهنجو نالو ڇا آهي؟ هن چيو المسيب قاضي چيو اڄ نه (مسيب جي لفظي معنيٰ آهي ڪنهن کي ڀٽڪندو ڇڏي ڏيڻ وارو. هن جي سامهون قاضيءَ چيو ته اڄ نه ڪري ويهه).