امام جوزي بغدادي
سنڌيڪار: محمد عثمان عباسي
ڪعب بن اسود رضه جي سوچ ويچار واري ڳالهه
شعبي کان روايت آهي هڪ عورت حضرت عمر بن الخطاب رضي الله جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو ته مان هڪ اهڙي شخص جي شڪايت پيش ڪريان ٿي جيڪي دنيا جو بهترين شخص آهي. سواءِ ان شخص جي جيڪو خير جي عملن ۾ ان کان برتري وٺي ويو هجي يا ان ئي جهڙن عملن تي پابند هجي. اهو شخص سڄي رات صبح تائين نفل پڙهندو آهي ۽ سڄو ڏينهن روزي سان هوندو آهي (ايترو عرض ڪرڻ کانپوءِ) پوءِ ان تي حياءَ جو غلبو ٿي ويو ۽ ان عرض ڪيو ته اي اميرالمؤمنين مان پنهنجي شڪايت واپس وٺڻ چاهيان ٿي. پاڻ فرمايائون تمام سٺو جڏهن هوءَ هلي ويئي ته ڪعب ابن اسود رضه (ان وقت ڪعب بن اسود جي عمر ويهن سالن کان گهٽ هئي.) عرض ڪيو ته اميرالمؤمنين هن عورت بليغ (ڪامل) طور تي پنهنجي شڪايت توهان جي سامهون پيس ڪئي.
پاڻ فرمايائون ته ان ڪهڙي شڪايت ڪئي آهي؟
ڪعب رضه بن عرض ڪيو ته پنهنجي مڙس جي شڪايت ڪئي.
حضرت عمر رضه ان عورت ۽ ۽ ان جي مڙس کي حاضر ڪرڻ جو حڪم ڪيو ته ٻئي حاضر ٿيا ته پاڻ ڪعب کي فرمايو ته تون انهن جو فيصلو ڪر. ان عرض ڪيو ته مان توهان جي موجودگيءَ ۾ فيصلو ڪريان؟ پاڻ رضه جن فرمايو ته تون پنهنجي ذهانت سان اها ڳالهه سمجهي ويا، جيڪا مان نه سمجهي سگهيس (ان ڪري اهڻي فيصلو به تون ئي ڪر) ڪعب فيصلو ڪيو ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو:
فانڪحو ما طاب لڪم
(ان مڙس کي حڪم ڪيو ته) ٽي ڏينهن روزا رک ۽ هڪ ڏينهن روزو کوليندو ڪر.
ان (گهر واري) سان گڏ رهه ۽ ٽي راتيون نفلن جي لاءِ بيهندو ڪر ۽ هڪ رات ان سان گڏ رهه. حضرت عمر رضه فرمايو والله هي فيصلو منهنجي لاءِ پهرين اصل ڳالهه کان به وڌيڪ عجيب آهي. هن واقعي کانپوءِ ئي پاڻ ان کي بصري جو قاضي ڪيو ۽ هن جي لاءِ سواريءَ جو انتظام ڪري ان کي روانو ڪري ڇڏيو.
قاضي شريح جي باري ۾ هڪ مشهور چوڻي
مجالد بن سعيد چوي ٿو، مون شعبي کان پڇيو ته هيءَ ڳالهه مشهور ٿي ويئي ته شريح لومڙي کان به وڌيڪ چالاڪ ۽ اٽڪلي آهي. ان جي حقيقت ڇا آهي؟ ان مون سان هن جو سبب ٻڌايو ته شريح (قاضي) طاعون (هڪ قسم جي وڇڙندڙ ۽ ماريندڙ بيماري. پليگ) جي زماني ۾ نجف ڏانهن هليو ويو هو ۽ جڏهن هي نماز پرهڻ جي لاءِ بيهندو هو ته هڪ لومڙي اچي ان جي سامهون بيهي رهندي هئي ۽ هن جو ڌيان هٽائڻ ڇڪائڻ ۽ ان جي سامهون کل جهڙيون حرڪتون ڪندي هئي، جنهن سان نماز ۾ ان جو ڌيان ڇڪجي ويندو هو. جڏهن ان کي ڪجهه عرصو گذري ويو ته ان (هيءَ ترڪيب ڪئي ته) هڪ بانس جو ڍانچو هي ان کي پنهنجي قميص پاتي ۽ ٻانهون ٻاهر ڪري ڇڏيون ۽ پنهنجي ٽوپي پارائي پٽڪو ان تي ٻڌي ڇڏيو. هاڻي لومڙي پنهنجي عادت جي مطابق اچي بيهي رهي ته شريح پٺيان اچي يڪدم ان کي پڪڙي ورتو. ان بنياد تي چيو ويندو آهي ته شريح لومڙي کان وڌيڪ چالاڪ ۽ اٽڪلي آهي.
ڪنهن جو روئڻ ان جي مظلوميت جو دليل نه آهي
خالد شعبي کان روايت ڪن ٿا ته مان شريح وٽ موجود هئس ته هڪ عورت هڪ مرد سان جهيڙو ڪندي آهي، هن کي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا. هوءَ روئڻ لڳي. مون چيو اي ابو اميه (هيءَ شريح جي ڪنيت آهي) منهنجي خيال ۾ هيءَ غم ۾ ورتل مظلومياڻي آهي. ان جواب ڏنو اي شعبي يوسف عليه السلام جا ڀائر به ته رات جو پنهنجي پيءَ وٽ روئيندي آيا هئا.
قاضي شريح جي ذهانت
قريش قبيلي جي هڪ شيخ بيان ڪيو ته شريح پنهنجي هڪ ڏاچي وڪڻڻ چاهي پيو خريدار چيو اي ابو ميه هن جو کير ڪهڙو آهي؟ ان جواب ڏنو ته جنهن ٿانو ۾ چاهين کير وٺ. (هن مان اشاري طور هيءَ وقف مراد ٿي سگهي ٿي ته گهڻو کير آهي جنهن سان وڏي کان وڏو فائدو به ڀرجي ويندو) ان پڇيو ته رفتار ڪيئن آهي؟ جواب ڏنو ته بسترووڇائي سمهي پؤ. (هتي به اشاري طور رمز ۾ هي مطلب ٿئي ٿو ته وڏي تيز رفتار آهي. پر حقيقي ڏسندؤ ته ان جي جاءِ سڃاڻي ويندؤ پنهنجي ذورو ڦٽڪو لڙڪائي ڇڏيو ۽ روانا ٿي وڃو. ان چيو ته هن جي طاقت جو ڪهڙو حال آهي؟ ته جواب ڏنو ڀت تي جيترو وزن چاهيو کڻي سگهو ٿا. ان خريد ڪئي پر ان جي ٻڌايل ڪابه صفت ان ۾ نه ڏٺي ته هي شريح وٽ اچي چيو ته مون ان ۾ اهڙي ڪابه صفت نه ڏٺي جيڪا توهان ظاهر ڪئي هئي. شريح چيو مون توسان ڪوڙ نه ڳالهايو (تنهنجي سمجهه جو قصور آهي) پوءِ ان معافي طلبڻ جي خواهش ڪئي جنهن کي هن منظور ڪيو يعني واپار وارو معاملو ختم ٿيو.
واضح مايوسيءَ جو اظهار مصلحت جي خلاف آهي
ڪيترن ئي ماڻهن کان روايت آهي ته جڏهن (امير) گهڻو بيمار هو ته شريح جڏهن ان وٽ (طبع پرسي کانپوءِ) واپس آيو ته مسروق الجدع هڪ قاصد جي معرفت کان پڇيو ته توهان امير جو ڪهڙو حال ڏنو؟ ان هي جواب ڏنو ته ان کي امر و نهي (ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جا حڪم) ڪندي ڇڏي آيو آهيان. مسروق چيو ان جي مراد ”امر“ مان وستيون هيون ۽ نهي مان هي ته عورتون روڄ ڪرڻ کانپوءِ پري رهن (چٽو مايوسيءَ جو اظهار مصلحت جي خلاف هو هو ان ڪري اهڙا لفظ ڳالهايا جن جو ظاهري مطلب هي ٿئي ٿو ته سڀ خيريت آهي.)
قاضي شريح جي حاضر دماغي
روايت آهي ته عدي بن ارطات شريح وٽ آيو جڏهن اهو مجلس قضا ۾ ويٺو هو اچي چوڻ لڳو ته توهان ڪٿي آهيو؟ شريح جواب ڏنو ، توهان ۽ ڀت جي وچ تي ان چيو ٺيڪ منهنجي ڳالهه ٻڌ. شريح چيو. هن مجلس ۾ ان ڪري ويٺو آهيان. عديءَ چيو مان شام وارن مان آهيان. شريح چيو منهنجا دوست منهنجي ويجهو ٿي! ان چيو مون پنهنجي قوم مان هڪ عورت سان شادي ڪئي. شريح چيو الله برڪت ڏئي توهان کي اتفاق (موافقت) ۾ رکي ۽ پٽ ڏئي. ان چيو مون گهر واريءَ جي مائٽن سان هي شرط منظور ڪيو هو ته مان ان کي مائٽنمان نه ڪڍندس. شريح چيو شرط جي پابند نهايت ضروري آهي. عديءَ چيو ۽ مان ان کي اتان ڪڍڻ چاهيان ٿو، ان چيو خدا حافظ عديءَچيو ته توهان اسان جي وچ ۾ فيصلو ڪريو. شرح چيو، ڪري چڪيو آهيان (اهڙي صورت ۾ شرط ٽوڙڻ جو گناهه ٿيندو آهي جنهن تي معافي يا سزا جو تعلق خدا سان آهي. ”في حفظ الله“ مان اها ئي مراد هئي پر نڪاح باقي رهندو آهي اهو فسخ (ڪنهن معاهدي يا نڪاح جي منسوخ ٿيڻ يا ٽٽڻ واري حالت) نه ٿيندي آهي.
عادتن ۽ افعالن سان حالتون ۽ واقعا معلوم ڪرڻ
روايت آهي ته اياس بن معاويه وٽ ٽي عورتون آيون هُن (انهن کي ڏسي) چيو ته انهن مان هڪ ٻار کي کير پيارڻ واري آهي، ٻي ڪنواري ۽ ٽين بيوه، ان کان پڇيو ويو ته توهان کي ڪيئن خبر پئجي ويئي؟ هن چيو کير پيارڻ واري جڏهن ويٺي ته ان پنهنجي هٿ سان ببن کي سنڀاليو ۽ جڏهن ڪنواري ويٺي ته هن ڪنهن جي به طرف توجه نه ڪيو ۽ بيوه جڏهن آئي ته هو ساڄي کاٻي نظر ڦرائيندي رهي.
قاضي اياس بن معاويه جو واقعو
ابو الحسن قيسي کان معلوم ٿيو ته هڪ شخص ٻئي وٽ جيڪو عام ماڻهن مان هو ڪجهه مال امانت رکيو ۽ هي شخص اهڙو امانتدار مشهور هئو جنهن جي باري ۾ ڪنهن کي شبهو نه هو. پوءِ امانت رکڻ وارو شخص مڪي هليو ويو. جڏهن هي واپس آيو ته پنهنجو مال گهريايئن ته هن شخص مڪر ڪيو ته دعويدار اياس وٽ پهتو ۽ سڄو واقعو ٻڌايو. اياس چيو ڇا مون ڏانهن تنهنجي اچڻ جي خبر پئجي ويئي. هن چيو ته، پوءِ پڇيو ته ڪنهن شخص جي موجودگي ۾ ان سان جهڳڙو ڪيو آهي. هن چيو ته نه، ڪنهن کي ان جي خبر نه ٿي. اياس چيو ته واپس وڃ ۽ ڪنهن جي سامهون ان جي ڳالهه به نه ڪر ۽ ٻن ڏينهن کانپوءِ مون سان مل. اهو شخص هليو ويو. هاڻي اياس ان امانت رکڻ واري کي سڏائي چيو گهڻي مقدار ۾ اسان جو مال اچي ويو آهي. اسان جو ارادو آهي ته اهو تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيون. ڇا تنهنجو گهر محفوظ آهي؟ ان چيو هائو. اياس چيو ته مال رکڻ جي لاءِ مناسب جاءِ ٺيڪ ڪري ڇڏ ۽ مزدورن جو انتظام به هئڻ گهرجي جيڪي ان کي کڻي وڃن.
هاڻي (ٻن ڏينهن کانپوءِ) اهو شخص آهيو ته ان کي اياس چيو ته تون وڃين ان کان پوءِ مال گهر. جيڪڏهن اهو ڏئي ته مقصد حاصل ٿي ويو ۽ جيڪڏهن انڪار ڪري ته ان کي چئجان ته مان قاضيءَ کي دانهن ڏيان ٿو. جيئن ته هي شخص ان ڏانهن ويو ۽ ان کي چيو منهنجو مال ڏي نه ته قاضي صاحب ڏانهن وڃي شڪايت ڪندس ۽ سڄي حقيقت ان کي ٻڌائيندس. هن ان جو مال کيس واپس ڪري ڇڏيو. ان شخص اياز وٽ وڃي اطلاع ڏئي ڇڏيو پوءِ اهو امين اياس وٽ پهتو ته هن مار ڏيارائي ڪڍرائي ڇڏيو ۽ چيو ته اي خيانت ڪندڙ خبردار ڪڏهن هيڏانهن جو رخ به نه ڪجان.
اياس بن معاويه جو ڦاٽ ڏسي نانگ جو اندازو لڳائڻ
جاحظ ڳالهه ڪئي ته اياس بن معاويه زمين ۾ هڪ ڦاٽ (سير) کي ڏسي چيو ته هن ۾ ڪو جانور آهي. ماڻهن غور سان ڏٺو ته ان ۾ نانگ هئو ان کان پڇيو ويو ته توهان ڪيئن سمجهيو؟ ته هن چيو ته ان ۾ ڦوٽ ۾ هر ٻن سرن جي وچ ۾ ڪجهه رطوبت (تازگي) ڏسي مون سمجهيو ته هيٺ ڪا ساهه کڻڻ واري شيءِ آهي.
آواز جي ذريعي سان ڪتي جي حالت معلوم ڪرڻ.
جاحظ کان روايت آهي ته اياس حج جي سفر تي هئو ته هڪ ڪتي جي ڀونڪڻ جو آواز ٻڌي چوڻ لڳو ته هتي ڪتو ٻڌل آهي وري ان جي ڀونڪڻ جو آواز آيو ته چيائين ته هاڻي کوليو ويو آهي. جڏهن ماڻهو پاڻيءَ تائين پهچي ويا (جتي آبادي هجي) ته اتان جي ماڻهن کان پڇيو ته اياس جي ڳالهه صحيح نڪتي. ان کان پڇيو ويو ته توهان ڪيئن سمجهيو؟ ته هن چيو ته جڏهن ڪتو ٻڌل هئو ته ان جو آواز هڪ ئي جاءِ تان ٻڌڻ ۾ پئي آيو. وري مون ٻڌو ته اهو آواز ڪڏهن ويجهو ٿي پئي ويو ڪڏهن پري.