عشق رسول ﷺ جا ايمان افروز واقعا

idara letterhead universal2c

عشق رسول ﷺ جا ايمان افروز واقعا

مولانا شعيب الرحمٰن کهڙو            (٦)

 با محمد ﷺ هوشيار!

                        شورش ڪاشميريءَ اختر شيرانيءَ بابت لکيو آهي ته هڪ ڀيري عرب هوٽل ۾ ڪميونسٽ نوجوان جيڪ ي انتهائي ذهين هئا. اختر شيرانيءَ مختلف موضوعن تي انهن سان بحث ڇيڙي وڌو. شيراني ان محفل ۾ شراب جون ٻه بوتلون پئي چڪو هو، سندس حوش حواس ختم ٿي چڪا هوا، دماغ تي نشو طاري هو، زبان مان ٽوٽا ڦوٽا الفاظ نڪري رهيا هئا، تمام وڏو شاعر هو ان ڪري سندس پاڻ کان سواءِ ڪنهن تي به اک نه پئي ٻڏي. نوجوان تمام وڏي شاعرن ۽ فلاسافرن جا نالا ورتا پر هن ڪنهن کي به نه مڃيو، ان تي نوجوانن محسوس ڪيو ته هي ترقي پسند تحريڪ جو ئي منڪر آهي، ان ڪري هنن شرارت ڪندي بحث جو رخ ئي موڙي ڇڏيو ۽ چوڻ لڳا ته حضرت اوهان جو فلاڻي پيغمبر بابت ڪهڙو رايو آهي؟ هن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي رهيو هيون، نشي ۾ چور هو زبان تي ڪنٽرول نه رهيو هو پر پاڻ سڀاليندي انهن کي خبردار ڪندي چوڻ لڳو ته: اها ڪهڙي ٿا بڪواس بڪيو. اوهين ادب، ۽ انشاء شعر ۽ شاعريءَ جي ڳالھه ڪريو نوجوان هن جا بدلجندڙ تيور سمجهي ويا ۽ ڦورن افلاطون ڏانهن رخ موڙيائون. ارسطو ۽ سقراط جي باري ۾ پڇڻ لڳا هينئر هو مونڊ ۾ اچي ويو ۽ چوڻ لڳو ته جيڪڏهن افلاطون، ارسطو يا سقراط اڄ جي دور ۾ هجن ها ته اهي به اسان جي حلقي ۾ ويهن ها. ان گفتگوءَ مان فائدو وٺندي هڪ ڪميونسٽ چوڻ لڳو! اوهان جو حضرت محمد ﷺ جن جي باري ۾ ڪهڙو رايو آهي.

                        الله اڪبر! هڪ شرابي جيڪو شراب جي نشي ۾ ڌت هو اهو ٻڌندي باھ جو شعلو بڻجي ويو، شراب جو گلاس ٽيبل تان کنيائين ۽ ان منحوس جي دماغ ۾ زودار نموني ٺوڪيائين ۽ کيس مخاطب ٿيندي چوڻ لڳو!

                        بدبخت! هڪ گنهگار، سيه ڪار، فاسق ماڻهوءَ کان ڇا ٿو چورائڻ گهرين، هن جو پورو جسم ڏکي رهيو هو، ڌونڌران ڏئي روئڻ شروع ڪيائين، نڙگهٽ بند ٿي ويس ۽ ان کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو، بدبخت! تون هن حالت ۾ اهو نالو ڇو ورتو توکي اها جرائت ڪيئن ٿي گستاخ! بي ادب! باخدا ديوانه باش وبا محمد ﷺ هوشيار!

                        ان شرير سوال تي توبه تائب ٿيءُ، آءٌ تنهنجي اندر جي خباثت سمجهان ٿو. پاڻ قهر ۽ غضب جي تصوير بڻجي ويا، اهو  بدبخت ڪميونسٽ ائين سڪڙ جي ويو جو ان جي جان مان ساھ ئي ڇڏائجي ويو.

                        نوجوان ڳالهين جو رخ تبديل ڪرڻ جي لاءِ وس ڪرڻ لڳا پر اختر ڪنهن جي به ٻڌڻ جي لاءِ تيار نه هو. ان بدبخت کي مجلسن مان اٿاري ڇڏيائين ۽ پوءِ پاڻ به ان مجلس مان اٿي ويو. پوري رات روئندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته هي ماڻهو ايترا نٺر ٿي ويا آهن جو اسان کان اسان جو آخري سهارو به کسڻ گهرن ٿا آءٌ گنهگار ضرور آهيان پر هي مون کي ڪافر بنائڻ گهرن ٿا. (مضامين شورش 259)

نيٺ اذان پوري ڪري ڇڏيائون!

                        تحريڪ ختم نبوت پنهنجي پوري آب تاب سان جاري هئي پوري شهر ۾ ڪرفيو لڳل هو، هڪ مسلمان ڪرفيو ٽوڙي مسجد پهتو اذان ڏيڻ شروع ڪيائين . الله اڪبر جي صدا بلند ڪيائين ته گولي اچي وئي ۽ شهيد ٿي ويو، ٻيو مسلمان اڳتي وڌيو ان ”اشهد ان لا الھ الا لله“ جي صدا بلند ڪئي ته ان کي به گولي لڳي ۽ شهيد ٿي ويو. ٽيون مسلمان اڳتي وڌيو انهن جي لاشن تي بيهي ”اشهد ان محمد رسول الله“ جي صدا بلند ڪيائين ان کي به فوج گولي هڻي شهيد ڪري ڇڏيو. چوٿون مسلمان اڳتي وڌيو انهن جي لاشن تي بيهي ”حي علي الصلوٰة“ جي صدا بلند ڪيائين ان کي به گولي لڳي ۽ شهيد ٿي ويو ائين واري واري سان نو مسلمان شهيد ٿي ويا پر اذان پوري ڪري ڇڏيائون.

(عشق رسول ﷺ کے ایمان افروز واقعات)

تنهنجي وهانءُ ۾ آءٌ حضور اڪرم ﷺ جن کي گهرائيندس

                        1953ع جي تحريڪ ختم نبوت ۾ هڪ عورت پنهنجي پٽ جي ڄڃ وٺي دهلي دروازي لاهور ڏانهن اچي رهي هئي. سامهون ٺڪاون جا زوردار آواز اچي رهيا هئا، جنهن سان هنن جون دليون ڌهڙڪجي ويون، پڇا ڪرڻ تي پتو پيو ته حضور پاڪ ﷺ جن جي ناموس ۽ عظمت خاطر ماڻهو سينا تاڙي بٽڻ کولي گوليون کائي رهيا آهن، هن نيڪ بخت عورت جو به ايماني جوش جاڳي پيو گاڏيءَ مان لٿي پوري ڄڃ کي وڏي تعظيم ۽ تڪريم سان معذرت ڪري، انهن کي رخصت ڪيائين ۽ پنهنجي گهوٽ پٽ کي گهرائي چوڻ لڳي.

                        ٻچا آءٌ توکي هن ڏينهن جي لاءِ ڄڻيو هو، وڃ ۽ وڃي ڪري آقا محمد ﷺ جن جي عزت ۽ عظمت تي قربان ٿي پنهنجو کير بخشراءِ، آءٌ تنهنجي شادي هن دنيا ۾  نه بلڪ آخرت ۾ ڪرائيندس. ۽ تنهنجي شاديءَ جي محفل ۾ پنهنجي آقا ﷺ جن کي دعوت عرض رکندس. وڃ پروانن جيان حضور پاڪ ﷺ جن جي عظمت تي جا نثار بڻجي شهيد ٿي وڃ ته جيئن آءٌ به فخر ڪري سگهان ته آءٌ به شهيد جي امڙ آهيان. پٽ! به اهڙو سعادت مند هيو جو چون چرا ڪرڻ جي بجاءِ امڙ جي حڪم تي ڦورن لبيڪ چوندي ميدان عمل ۾ گسي ويو ۽ حضور پاڪ ﷺ جن جي عظمت تي جانثار ٿي شهادت جي عظيم مرتبي تي فائز ٿي ويو.

                        جڏهن ان جو لاش کنيو ويو ته ان جي پٺيءَ تي گوليءَ جو ڪو به نشان نه هو بلڪ سڀ گوليون سندس سيني تي لڳل هيون.

          ادھر آ ستم گر ہنر آزمائیں

          تو تیر آزما ہم جگر آزمائیں

(عشق رسول ﷺ کے ایمان افروز واقعات)

پروانهءِ ختم نبوت حاجي ماڻڪ علي شر بلوچ

                        الله تبارڪ و تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان امت مسلمه ۾ هر دؤر ۾ اهڙا مجاهد ۽ عظيم انسان پيدا ٿيا آهن. جن ناموس رسالت ﷺ جي تحفظ ۽ بقا جي لاءِ پنهنجي هر شئي قربان ڪري ڇڏي آهي. پنهنجو مال ۽ جان لٽائي ناموس رسالت جو تحفظ ڪيو آهي. امت مسلمه جي عظيم مجاهدن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ختم نبوت جو تحفظ ڪيو آهي. محمد عربي ﷺ جي سچن غلامن هر دؤر ۾ ختم نبوت جي ڪوڙي دعويدارن دجالن ۽ ڪذابن سان سر تريءَ تي رکي مقابلو ڪيو آهي.۽ انهن ثابت ڪيو آهي ته  پيغمبر عربي ﷺ جن جي ختم نبوت تي ڪنهن به قسم جي سودي بازي يا مصلحت ٿي نه ٿي سگهي. رسول ﷺ جن جي سچن عاشقن دنيا کي ٻڌايو آهي ته گستاخ رسول ﷺٖ جو بس دنيا ۾ هڪ ئي علاج آهي. ۽ اهو هي آهي ته بنا دير ۽ بنا ڪنهن مهلت ڏيڻ جي ان کي جهنم رسيد ڪيو وڃي. گستاخ رسول ﷺ کي دنيا تي رهڻ جو ڪو به حق نه آهي. مسلمانن دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته محمد عربي ﷺ جو امتي گنهگار  ته ٿي سگهي ٿو پر پنهنجي پيغمبر ڪائنات جي ڪارڻي رحمت اللعالمين ﷺ جن جي شان ۾ ڪنهن به قسم جي گستاخي برداشت ڪري نه ٿو سگهي.

                        مسلمانن جي عظيم خليفي جانشين رسول ﷺ سيدنا صديق اڪبر رضه﷦ نبوت جي ڪوڙي دعويدار دجال ۽ ڪذاب مسليمه ڪذاب جي پيروڪارن کي جهنم رسيد ڪري مسلم امت کي سبق ڏئي ويو ته نبوت جي ڪوڙي دعويدارن ۽ مرتدن کي دنيا تي هڪ ڏينهن جي لاءِ به مهلت ڏئي نه ٿي سگهجي.

                        الحمد لله! الله تبارڪ وتعاليٰ هر دؤر ۾ پيغمبر ﷺ جن جا اهڙا پروانا پيدا فرمايا آهن. جن ختم نبوت جي منڪرن مرتدن کي صديقي سبق سيڪاري انهن کي جهنم رسيد ڪيو آهي .

                        بر صغير جي هن خطي تي جڏهن انگريزن سامراج مسلمانن جي ديني غيرت جذبهءِ جهاد ۽ مسلمانن جي سخت مزاحمت جي ڪري کوکلو ٿي ويو ته انگريز وڏي چالاڪي ۽ عياريءَ سان مسلمانن مان جهاد جو جذبو ختم ڪرڻ جي لاءِ مرزا قادياني منحوس کي تيار ڪيو. جنهن دجال نبوت جي ڪوڙي دعوا ڪئي ۽ جهاد جي منسوخ هئڻ جو اعلان ڪيو. سرڪاري سرپرستيءَ ۾ قاديانيت جي پرچار ڪئي وئي. برطانيه سامراج وڏي چالاڪي ۽ عياريءَ سان قاديانين کي ملڪ جي اهم عهدن تي ويهاريو. جڏهن پاڪستان آزاد ٿيو ته مرزا ظفر الله قاديانيءَ کي پاڪستان جو وزير خارجه بڻايو ويو سرڪاري سرپرستيءَ جي ڪري قادياني زور وٺندا رهيا. کلي عام قاديانيت جي پرچار ڪرڻ لڳا. جنهن جي ڪري مسلمانن جا ديني جذبا مجروح ٿي رهيا هئا. ختم نبوت جي تحفظ جي لاءِ مسلمان ميدان تي نڪري آيا ۽ قاديانيت جو پيڇو ڪرڻ لڳا. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جتي به قاديانيت جو فتنو اٿي پيو. اتي رسول ﷺ جن جا سچا غلام پهچي وڃن پيا. تقريبا 1960ع جي ڳالھه آهي رياست خيرپور ميرس جي تعلقه فيض گنج جي هڪ ننڍڙي شهر ”ڪرونڊيءَ“ ۾ مرزا عبد الحق نالي قاديانين جو هڪ گرو رهندو هيو، جيڪو پنهنجي علائقي جو ذميندار هيو. مال ملڪيت ۽ حڪومتي ڏڍ تي قاديانيت جي پرڇا ڪندو هيو. شافع محشر ساقي ڪوثر رسول ﷺ جن جي شان اقدس ۾ گستاخي ڪندو هيو. علائقي جي غير مند مسلمانن ان سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ جي لاءِ هڪ وڏي مناظري جو بندوبست ڪيو. جنهن ۾ مسلمانن جي طرفان ان وقت جي عالمي مجلس تحفظ ختم نبوت جي مرڪزي امير مولانا لعل حسين اختر شرڪت ڪئي. قاديانين کي خبر هئي ته مولانا لعل حسين اختر سان مناظري ۾ اسان جي دال نه ڳرندي. تنهن ڪري اهي شرارت ۽ فساد ڦيلائڻ جي لاءِ اسلحه سميت شريڪ ٿيا. سڀ کان پهريان مولانا لعل حسين اختر کي پنهنجو مؤقف بيان ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو. مولانا لعل حسين اختر مسلمانن جي طرفان پنهنجو مؤقف بيان ڪندي چيو ته مان قرآن مجيد، حديث شريف، اجماع امت ۽ عقلي دليلن سان ثابت ڪندس ته مرزا قادياني دجال ۽ ڪوڙو آهي. ان جا سمورا الهامات هٿ ٺوڪيا آهن. ان جي وحي  جي ڪا به حقيقت نه آهي. ان کان پوءِ مرزا عبد الحق کي گهرايو ويو. مرزا قاديانيءَ نعوذ بالله خاتم النبيين ﷺ جن جي شان اقدس ۾ گستاخانه الفاظ چيا. شافع محشر ﷺ جن جي شان مبارڪ ۾ نازيبا الفاظ ٻڌي مسلمانن جي دلين ۾ عشق رسول ﷺ ۽ ديني جذبو بيدار ٿي ويو. مسلمان قاديانين ڏانهن ڪڙڪي پيا. مناظرو ٿي نه سگهيو. مرزا قادياني ڪنڊ پاسو وٺي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اها ڳالھه پوري علائقي ۾ باھ جيان پکڙجي وئي. حاجي ماڻڪ علي شر بلوچ جي نالي سان هڪ نيڪ بخت انسان به ان مناظري ۾ شريڪ هيو. جڏهن مجلس منتشر ٿي وئي ته ٻين ماڻهن سان گڏ حاجي ماڻڪ به پنهنجي گهر روانو ٿي ويو. گهر وڃي پنهنجي گهر واريءَ کان پاڻي گهريائين. سندس گهر واري نيڪ بخت عورت هئي هن جي رڳن ۾ رسول ﷺ جن سان محبت ۽ عقيدت جو خون ڊوڙي رهيو هيو. پنهنجي مڙس کي چيائين. ڇا جو پاڻي. پاڻي نه ملندئي مون کي خبر پئي آهي ته تنهنجي سامهون شاتم رسول ﷺ مرزا عبد الحق قادياني شافع محشر ﷺ جن جي شان اقدس ۾ گستاخي ڪئي آهي. پر افسوس جو تو ان کي ڪجھه به نه ڪيو. جيڪو رسول ﷺٖ جن جي شان مبارڪ ۾ گستاخي ٻڌي خاموش ويهي رهي. مون کي اهڙي بي غيرت مڙس جي ڪا به ضرورت نه آهي، تنهن ڪري مون کي موڪل ڏي ته مان          پيڪين هلي وڃان. تون اهو ئي ته آهين نه جو گذريل سال جڏهن مون سان گڏ حج تي هليو هئين مديني منوره ۾ روضه رسول ﷺ جي سامهون ليلائي ۽ ٻاڏائي پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪري رهيو هئين. روضه رسول ﷺ جي سامهون عشق ۽ عقيدت ۾ روئي رهيو هئين. پر هينئر توکي ڇا ٿي ويو آهي جو تنهنجي سامهون رسول ﷺ جن جي شان اقدس ۾ گستاخي ڪئي وئي آهي. پر تون اڃان تائين شاتم رسول ﷺ کي زنده ڇڏيو آهي. حاجي ماڻڪ علي جا جذبا اڳ ئي مجروح ٿيل هئا. هو دل ۾ سوچي رهيو هو ته شاتم رسول ﷺ کي ڪهڙي سزا ڏيڻ گهرجي. ويتر جو پنهنجي نيڪ بخت گهرواريءَ جا اهي لفظ ٻڌائين ته هنجي سيني ۾ ڇپيل عشق رسول ﷺ باھ جيان ڀڙڪو کائي اٿيو. هن جي رڳن ۾ عشق رسول ﷺ جو خون ڊوڙڻ لڳو. هن فيصلو ڪيو ته شاتم رسول ﷺ کي زنده ناهين ڇڏڻو. ڀڙڪو کائي مٿي اٿيو. پنهنجي گهر جي ڪنهن ڪنڊ مان ڪهاڙي کنيائين. سڌو مرزا عبد الحق جي زمين تي پهتو. مرزا قاديانيءَ کي ڏسي شينهن واري هڪل ڪري چيائين. تياري ڪر ماريندو ماءِن. هاڻي توکي زنده ڇڏڻو ناهين. مرزائيءَ جڏهن حاجي ماڻڪ جو ايماني جذبي ۽ ديني غيرت سان سر شار آواز ٻڌو ته ان منحوس جا حوش حواس ختم ٿي ويا. غلام رسول ﷺ سان مقابلو ڪرڻ جي بجاءِ اٿي ڀڄڻ لڳو. خدائي ذوالجلال کي ان شاتم رسول ﷺ کي جهنم رسيد ڪرڻو هيو. تنهن ڪري اتي ئي زمين جي ٿڙ ۾ اٽڪي ڪري پيو. حاجي ماڻڪ هڪل ڪري ان جي مٿان ڪڙڪي پيو. ڪهاڙيءَ جو پهريون وار ان جي دماغ تي ڪيائين ۽ چوڻ لڳس تنهنجو دماغ خراب آهي. جو رسول ﷺ جن جي شان ۾ گستاخي ڪئي اٿئي. تنهن ڪري ان جو علاج ڪهاڙي آهي. ٻيو وار ان جي دل تي ڪيائين ۽ چيائينس ته تنهن جي دل ۾ بغض هيو. تنهن ڪري بڪواس پيو بڪين. ان کان پوءِ ٽيون وار ان جي زبان تي ڪيائين ۽ چيائينس ته هن منحوس زبان رسول ﷺ جن جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي، تنهن ڪري ان جو علاج اهو آهي. ان کان پوءِ چوٿون وار ان جي سبابه آڱر تي ڪيائين ۽ چيائينس ته جڏهن تو رسول ﷺ جن جي شان ۾ گستاخي ڪئي هئي ته ان منحوس آڱر سان تو روضه رسول ﷺ ڏانهن اشارو ڪيو هو. ايتري ۾ مرزائي منحوس ٿڌو ٿي جهنم رسيد ٿي ويو. حاجي ماڻڪ جا ڪپڙا به رت ۾ ريٽيون ٿي ويا. پنهنجي رت هاڻن ڪپڙن ۽ ڪهاڙيءَ سميت سڌو ٿاڻي تي پهتو صوبيدار کي چيائين مان شاتم رسول ﷺ مرزا عبد الحق کي جهنم رسيد ڪري آيو آهيان. تنهن ڪري مون کي هٿ ڪڙيون لڳاءِ. متان ٻي ڪنهن غريب کي تنگ ڪرين اهو ٻڌي ٿاڻي ۾ ٿرٿلو مچي ويو، صوبيدار به ڪو سچو پچو مسلمان هيو. (هڪ روايت مطابق سيد گهراڻي سان تعلق رکي پيو) صوبيدار چيو مان توکي هٿ ڪڙيون ڪيئن هڻان. مان ته ڌاڙيلن چورن ۽ ڏوهارين کي هٿ ڪڙيون هڻندو آهيان. تون ته شاتم رسول کي جهنم رسيد ڪيو آهي. توکي هٿ ڪڙيون هڻي سڀاڻي مان قيامت جي ڏينهن پنهنجي ناني شافع محشر رسول الله ﷺ کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس. صوبيدار عزت ۽ احترام سان حاجي ماڻڪ کي ڪرسيءَ تي ويهاريو. ۽ قانوني ڪاروائي پوري ڪرڻ جي لاءِ سکر پوليس کي اطلاع ڪيائين. سکر پوليس پهچي وئي. حاجي ماڻڪ کي پوليس جي گاڏيءَ ۾ ويهارڻ جي بجاءِ وڏي عزت ۽ احترام سان ڪار ۾ سکر کڻي ويا. حاجي ماڻڪ علي جڏهن سکر پهتو ته هر گهٽي ۽ هر محلي مان پيغمبر عربيءَ جا پروانا ان جو استقبال ڪري رهيا هئا، ننڍا وڏا پوڙها پڪا ان جي مٿان گل نڇاور ڪري رهيا هئا. جڏهن سکر جيل پهتو ته جيل جي قيدين حاجي ماڻڪ جو وڏو استقبال ڪيو. حاجي ماڻڪ کي چوڻ لڳا، اسان مان هر هڪ پنهنجي ذاتي جهيڙن ۽ جهڳڙن جي ڪري گرفتار ٿي هتي پهتو آهي. پر تون ڪيڏو نه خوش نصيب آهين جو تون رسول ﷺ جن جي گستاخ کي قتل ڪري هتي پهتو آهين. سکر جيل ۾ حاجي ماڻڪ کي رسول ﷺ جي زيارت نصيب ٿي. ۽ رسول ﷺ جن ان کي خوش خبري ڏيندي فرمايوته. تون وڪيل نه ڪجانءِ. تنهنجو وڪيل آئون پاڻ آهيان، اهڙي ريت سکر شهر جي سادات گهراڻي جي نيڪ بخت پوڙهي عورت کي رسول ﷺ جن جي زيارت ٿي رسول ﷺ جن خواب ۾ ان پوڙهي کي فرمايو: تنهنجي شهر ۾ منهنجو مهمان آيو آهي. توکي ان جي پارت اٿئي، ان کان پوءِ حاجي ماڻڪ جي ماني ۽ ضرورت جون ٻيو شيون ان پوڙهي عورت جي گهران اينديون هيون. حاجي ماڻڪ جو هي قصو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويو، پوري ملڪ مان ختم نبوت جا پروانا حاجي ماڻڪ جي زيارت جي لاءِ اچڻ لڳا. ملڪ جا ناميارا علماءِ ڪرام ۽ عالمي مجلس تحفظ ختم نبوت جا مرڪزي اڳواڻ حاجي ماڻڪ جي ڪيس جي دلچسپي وٺڻ لڳا ۽ ان جي آزاديءَ جي لاءِ هر طرح جون ڪوششون ڪرڻ لڳا، هوڏانهن پوري دنيا جا قادياني حاجي ماڻڪ کي سزا ڏيارڻ جي لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور ڏيڻ لڳا، قاديانيت جي سڄي مشينري حاجي ماڻڪ جي خلاف ڪم ڪرڻ ۾ لڳي وئي. مولانا مرحوم الحاج بدر الدين ڦلپوٽو رحمة الله عليه جو بيان آهي ته ان وقت منهنجي مٿان علماءِ ڪرام خصوصا شيخ الحديث حضرت مولانا عبد الله درخواستيءَ رحمة الله عليه جي خدمت چاڪري ڪرڻ جي لاءِ ڊيوٽي لڳائي وئي، ان دوران هڪ ڏينهن مولانا درخواستيءَ رحمة الله عليه فرمايو ته آءٌ مراقبو ڪيو آهي الله تبارڪ وتعاليٰ جي طرفان الهام ٿيو آهي ته معاملو صحيح ٿي ويندو. مون کي تسلي نه پئي ٿئي تنهن ڪري ٻيهر مراقبو ڪيو. الله تبارڪ وتعاليٰ جي طرفان الهام ٿيو ته اوهان ڳڻتي نه ڪريو حاجي ماڻڪ آزادي ماڻيندو. حاجي ماڻڪ جي مٿان ڪيس هليو حاجي ماڻڪ جي طرفان ڪاغذي ڪاروائي. سيد غوث علي شاھ صاحب (سابق وزير اعليٰ سنڌ) هلائي رهيو هو. عدالت ۾ قاديانين جي وڪيل جج کي چيوته حاجي ماڻڪ کي ڦاسي ڏني وڃي ڇو ته هن پاڻ قتل جو اعتراف ڪيو آهي. تنهن تي جج ايمان غيرت سان لبريز ٿي پنهنجا ريمارڪس ڏيندي چيو! مرزا عبد الحق قاديانيءَ جڏهن رسول ﷺ جن جي شان ۾ گستاخانا الفاظ چيا ته حاجي ماڻڪ جا جذبا مجروح ٿيا ۽ هو ان جذبي ۾ ديوانو بڻجي ويو ديوانگيءَ ۾ اچي ان مرزا عبد الحق کي قتل ڪيو. ۽ ديواني جي مٿا ڪو به قانون لاڳو نه ٿو ڪري سگهجي، تنهن ڪري مان حڪم ڏيان ٿو ته ان کي آزاد ڪيو وڃي. جج صاحب جا اهي ريمارڪس ٻڌي قادياني لابيءَ جا منهن لهي ويا. قاديانين جي سڄي مشينري جيڪا حاجي ماڻڪ کي سزا ڏيارڻ جي لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهي هئي ناڪام ٿي وئي. ۽ مسلمانن ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي. وڏي جلوس جي شڪل ۾ حاجي ماڻڪ کي جيل مان ٻاهر آندو ويو. ۽ ننڍا وڏا حاجي ماڻڪ کي مبارڪون ڏيڻ لڳا.مجاهد اسلام مولانا عبد الشڪور دين پوري رحمة الله عليه جن جڏهن به سنڌ جي دوري تي ايندا هئا ته پنهنجي هر وعظ ۾ حاجي ماڻڪ کي پاڻ سان گڏ وٺي هلندا هئا. ۽ ڪٿي ڪٿي حاجي ماڻڪ جو ايمان افروز واقعو بيان ڪري مجمع کي گرمائي ڇڏيندا هئا. ۽ فرمائيندا هئا هونئن ته حاجي ماڻڪ جي عمر ستر سال آهي پر شاتم رسول کي قتل ڪرڻ کان پوءِ ڄڻ ته جوان لڳي رهيا آهن. ۽ هن جو ديني جذبو نوجوانن کا وڌيڪ آهي. مولانا دين پوري بار بار حاجي ماڻڪ جي چهري ڏانهن چتائي ڏسندا هئا. هڪ ڀيري حاجي ماڻڪ مولانا دين پوريءَ کي چئي ڏنو ته ڇا سبب آهي ته توهان هر ڀيري منهنجي منهن ڏانهن چتائي ڏسي رهيا آهيو . تنهن تي مولانا دين پوريءَ فرمايو: تنهن جي چهري ۾ ايڏو نور آهي جو اڄ تائين آءٌ ڪنهن بزرگ جي چهري ۾ به ايڏو نور ناهين ڏٺو، هي سڀ رسول ﷺ جن سان سچي محبت ۽ عقيدت جي ڪري هيو.

(نوٽ هي معلومات دفتر ختم نبوت گمبٽ تان ورتي وئي آهي)