عشق رسول ﷺ جا ايمان افروز واقعا

idara letterhead universal2c

عشق رسول ﷺ جا ايمان افروز واقعا

مولانا شعيب الرحمٰن کهڙو            (۵)

غازي عبد القيوم جي ايماني غيرت

                        هي 1933ع جي ڳالھه آهي جڏهن هن ملڪ تي انگريز سامراج حڪومت هلائيندو هو، ان دور ۾ آريه سماج حيدرآباد سنڌ جي سيڪريٽري نٿورام مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪرڻ جي لاءِ تاريخ اسلام جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ سرورڪائنات ﷺ جن جي شان اقدس ۾ توهين ڪئي وئي جنهن سان مسلمانن جا جذبا ڀڙڪي اٿيا پوري ملڪ جي مسلمانن ۾ اضطرار ۽ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي، مسلمانن پوري ملڪ ۾ تمام وڏا احتجاج ڪيا، ڪيترائي جلسا ۽ جلوس ڪڍيا ويا. مسلمان رهنمائن نٿورام جي خلاف مقدمه درج ڪيو،نيٺ مجبور ٿي سرڪار ڪتاب ضبط ڪيو. ان تي معمولي سزا لڳائي ڪورٽ ڪيس ضمانت ڏئي ڇڏي، جنهن تي ويتر مسلمانن جي ڏک ۾ اضافو ٿي ويو.اها ڳالھه ٻڌي غازي عبد القيوم جا جذبا ايترا ته مجروح ٿيا، جو ان ملعون کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ هن هڪ تيز ڌاري ڌار چاقون خريد ڪيو ۽ گهر واريءَ کي چوڻ لڳو ته آءٌ هي چاقون نٿورام کي جهنم رسيد ڪرڻ جي لاءِ خريد ڪيو آهي. دعا ڪر ته الله تعاليٰ مون کي ان سان عدالت ۾ ملائي، آءٌ ان مردود کي ٻڌائيندس ته اسان جي آقا ﷺ جن جي عظمت جو فيصلو انگريزن جي ڪورٽ ۾ نه پر ڪنهن غيرت مند مسلمان جي چاقونءَ جي نوڪ سان ٿيندو.

                        هو ان انتظار ۾ ڏينهن رات جون گهڙيون ڪاٽيندو رهيو، نيٺ جڏهن ان ملعون کي ڪورٽ ۾ آندو ويو ته ان سان تمام گهڻي نفري ۽ ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد گڏ هو پر عبد القيوم فيصلو ڪري ورتو هو ته ڪجھه به ٿي پوي هن کي پنهنجي انجام تي پهچائڻو آهي. جيئن ئي کيس وقت مليو ته نفري ۽ ماڻهن جي پرواھ ڪرڻ بغير عدالت ۾ ئي چاقون ڪڍي ان جي پيٽ ۾ هنيائين، جنهن تي نٿورام دانهون ڪرڻ لڳو ماڻهن عبد القيوم کي پڪڙي ورتو، پر حضور پاڪ ﷺ جن جو هي پروانو انتهائي غصي ۽ ڪاوڙ جي حالت ۾ هو، هو جوش ۽ جذبي ۾ اچي ويو ۽ ماڻهن تي يلغارون ڪري پاڻ ڇڏائي هڪ ڀيرو ٻيهر نٿورام تائين پهچي ويو ۽ ان ملعون تي چاقن جا وار ڪري ڏنائين، جنهن سان هو زخمي ٿي زمين تي ڪري پيو. هن جي جسم مان رت ريٽيون ڪري وهڻ لڳو ماڻهن کيس سول اسپتال پهچايو پر هي علاج کان پهريان ئي جهنم رسيد ٿي چڪو هو. هو ڏانهن عبد القيوم ان ساڳي جذبي سان ميدان تي بيٺو رهيو ۽ فرار ٿيڻ جي بجاءِ پنهنجو پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪندي چوڻ لڳو ته ان ملعون کي آءٌ سوچي سمجهي قتل ڪيو آهي. ۽ حضور پاڪ ﷺ جن جي شان ۾ گستاخي ڪندڙ جو حشر اهوئي هجڻ گهرجي. جڏهن عبد القيوم کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته جج به ڪو متعصب انگريز هيو جنهن غضبناڪ آواز ۽ لهجي ۾ عبد القيوم کي چيو ته توکي ايتري جرٲت ڪيئن ٿي جوتو نٿورام کي عدالت ۾ ئي قتل ڪري وڌو. ان تي غازي مرعوب ٿيڻ جي بجاءِ جرٲت سان جواب ڏنو ته ٻيو ڇا ڪريان ها ۽ عدالت ۾ لڳل بادشاھ جي تصوير سان ڏانهن اشارو ڪندي چوڻ لڳو ته جيڪڏهن ڪو اوهان جي هن بادشاھ کي گار ڏي ها ته اوهين ڇا ڪريو ها، جيڪڏهن تو ۾ غيرت هجي ها ته ڇا تون ان کي ائين ڇڏي ڏئي هان. ۽ انتهائي حقارت واري نظرن سان نٿورام جي لاش ڏانهن آڱر جو اشارو ڪندي فرمائڻ لڳو ته هن خنزير جي پٽ! منهنجي آقا ۽ شهنشاهن جي شهنشاھ جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي. ان ڪر ي ان جي سزا اها ئي آهي. ۽ مجسٽريٽ جي سامهون پنهنجو ساڳو ئي بيان دهرائيندي فرمائڻ لڳو ته هن بد بخت منهنجي آقا ﷺ کي گهٽ وڌ ڳالهايو هو. منهنجا هوش حواس بلڪل سالم آهن. آءٌ ذميواريءَ سان چوان ٿو ته مون کي ان کي قتل ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به ناهي ڀڙڪايو ۽ نه ئي مون تي ڪنهن جو دٻاءُ آهي. آءٌ پنهنجي ايماني غيرت جي تقاضا تحت ان کي قتل ڪيو آهي، منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ خوشيءَ جو ڏهاڙو اهو هيو جنهن ڏينهن آءٌ  نٿورام کي جهنم رسيد ڪيو.

                        غازي جي رشتيدارن ۽ مائٽن کيس زور ڀريو ته سزا کان بچڻ جي لاءِ ڏوهه مڃڻ  کان انڪار ڪري. پر هن ائين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، نيٺ عدالت ڦاهي جي سزا ٻڌائي ان تي هن خوش ٿيندي چيو! الحمد لله! جج کي مخاطب ٿيندي وڏي خوشيءَ مان چوڻ لڳو: آءٌ اوهان جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جو اوهين مون کي موت جي سزا ٻڌائي آهي. هيءَ هڪ جان ته ڇا جيڪڏهن مون وٽ هڪ لک جانيون هجن ها تڏهن به سرور ڪونين جي عظمت تان قربان ڪري ڇڏيان ها.

                        هڪ طرف غاري پنهنجي سزا تي جشن ملائي رهيو هو ته ٻي طرف مسلمان غازي کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي طرفان ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا هئا، مسلمانن جو هڪ وفد علامه اقبال سان به وڃي مليو ۽ ان کي عرض ڪيائون ته اوهان جا وائسراء سان گهاٽا تعلقات آهن، غازي جي سزاءِ موت کي عمر قيد ۾ تبديل ڪرايو، ان تي علامه اقبال فرمايو! ڇا غازي سست ٿي ويو آهي ماڻهن چيو نه هو ته ان تي تمام گهڻو خوش ٿيو آهي ۽ چوڻ لڳو آهي ته آءٌ شهادت خريد ڪري ڇڏي آهي مون کي ڦاهيءَ کان بچائڻ جي هرگز ڪوشش نه ڪريو. ان تي علامه اقبال فرمايو ته پوءِ آءٌ ان جي شهادت ۾ حائل بڻجڻ نه ٿو چاهيان ان تي علامه اقبال هي شعر فرمايا!

          نظر اللہ پر رکھتا ہے مسلمان غیور

          موت کیا شے ہے فقط عالم معنیٰ کا سفر

          ان شہیدوں کی دیت اہل کلیسا سے نہ مانگ

          قدر و قیمت میں ہے خون بھی جن کا حرم سے بڑھ کر

          آہ! اے مرد مسلمان تجھے کیا یاد نہیں

          حرف لا تدع اللہ الھا آخر۔

                        الله اڪبر! دنيا اهو منظر به ڏٺو ته جڏهن غازي عبد القيوم جي پوڙهي ماءُ کي سندس آخري ملاقات جي لاءِ آندو ويو ته سندس امڙ خوشيءَ جو اظهار ڪندي فرمايو ته پٽ! آءٌ توکان بي انتها خوش آهيان تو سرورڪونين ﷺ جن جي مٿان پنهنجي جان گهوري ڇڏي آهي. غازي امڙ جا اهي الفاظ ٻڌي بي انتها خوش ٿيو ۽ امڙ کي وصيت ڪرڻ لڳو ته جڏهن منهنجو لاش گهر اچي ته اوهان مان ڪو به ڏک جو ڳوڙهو نه وهائي جيڪڏهن ڪنهن به ڏک جو ڳوڙهو وهايو ته آءٌ حضور پاڪ ﷺ جن جي بارگاھ ۾ ڪهڙو جواب ڏيندس، ائين چئي سڀني گهر ڀاتين کان موڪلائي پاڻ قرآن مجيد جي تلاوت ۾ مشعول ٿي ويا.         (روز نامه اوصاف 31 اڪٽوبر 2000ع)

غازي مريد حسين شهيد

                        غازي مريد حسين شهيد چڪوال جي هڪ ڳوٺ جو رهواسي هو، ڏاڍو شريف ۽ نيڪ نمازي جوان هو. هن جي دل حضور پاڪ ﷺ جن جي محبت ۾ ٽمٽار رهندي هئي، هڪ رات کين خواب ۾ حضور انور ﷺ جن جي زيارت نصيب ٿي، پاڻ ڪريم ﷺ جن کيس هڪ گستاخ جي شڪل ڏيکاري جنهن حضور انور ﷺ جن کي ڏکارو ڪري وڌو هو. غازي مريد اها شڪل پنهنجي ذهن ۾ ڦٽ ڪري ڇڏي ۽ ان کي انجام تائين پهچائڻ جو پڪو عزم ڪري ورتو. ان خواب کان پوءِ ان جي زندگيءَ ۾ انقلاب اچي ويو. ۽ هو ان گستاخ کي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ ائين تڙپڻ لڳو جيئن مڇي پاڻيءَ کان ٻاهر تڙپندي آهي.

                        هو هميشه ان هورا کوري ۾ رهندو هو، آخر ان گستاخ کي ڪيئن ۽ ڪٿي ڳولجي نيٺ ان جي امتحان جو وقت به اچي ويجهو پهتو هڪ ڏينهن زميندار اخبار ۾ ’’بلول کا گدھا‘‘ جي عنوان سان هڪ خبر شايع ٿي جنهن ۾ لکيل هو ته هندوستان جي هڪ ڳوٺ قصبه ”پلول ضلع گوڙ گانوان“ جي هڪ متعصب هندو ڊاڪٽر گوپال پنهنجي اسپتال جي هڪ گڏھ جو نالو محسن ڪائنات ﷺ جن جي نالي مبارڪ تي رکيو آهي. نعوذ بالله. ان منحوس جي ان شرمناڪ حرڪت جي خبر پوري هندستان ۾ باھ جيان پکڙجي وئي. مسلمان جوش ۽ جذبي ۾ اچي ويا ۽ پوري هندستان ۾ طوفان برپا ڪري ڇڏيائون. جڏهن امن جي خرابيءَ جو انديشو وڌي ويو ته ان ڊاڪٽر جي بدلي ضلع حصار جي ڳوٺ نورناند ڏانهن ڪئي وئي.

                        غازي اهي خبرون ٻڌي پنهنجي وس نه رهيو ۽ امڙ کي ايلاز منٿ ڪيائين ته مون کي اجازت ڏيو آءٌ هڪ ضروري ڪم سان وڃي رهيو آهيان. هتان جا سڀ معاملا الله تعاليٰ ۽ اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيان ٿو، هڪ نظر پنهنجي گهر ٻچن ٻارن ۽ ماءُ پيءُ ڏانهن ڪيائين، هڪ طرف گهر جو سڄو ماحول ۽ ٻي طرف عشق رسول ﷺ جو امتحان هو عقل سوچيندو رهيو پر عشق امتحان جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو.

          بے خطر کود پڑا آتش نمرود میں عشق

          عقل ہے محو تماشائے لب بام ابھی

                        هن پنهنجي جمع پونچي ست روپيا به پاڻ سان گڏ کنيا. ۽ هڪ تيز ڌاري ڌار چاقون به خريد ڪيو ۽ ڪنهن کي راز ڏيڻ کان سواءِ پنهنجي مشن تي روانو ٿي ويو. هي سفر جون صعوبتون برداشت ڪندي چڪوال کان دهلي اتان وري حصار پهتو. اتي پهچي معلوم ٿيو ته گوپال جي بدلي پشاور ٿي وئي آهي. اهو اتي سک جو ساھ پٽڻ بغير تڙ تڪڙ ۾ پشاور پهتو. پر ڊاڪٽر پشاور کان نارنوند پهچي چڪو هو. پاڻ ان جي تعاقب ۾ وري حصار پهتا. پڇائيندي پڇائيندي نيٺ وڃي ان اسپتال تائين پهتو جٿي ان گستاخ جي ڊوٽي هئي. هن ان ڏانهن غور سان ڏٺو. ۽ پنهنجي ڊائري کوليائين جنهن تي هن حضور ﷺ جن جي طرفان ٻڌايل شڪل لکي ڇڏي هئي. هن کي يقين ٿي ويو ته هي ئي اهو گستاخ آهي. جنهن بابت مون کي حضور پاڪ ﷺ جن ٻڌايو هو بس هن جي دل باغ بهار بڻجي وئي. هينئر اهو اهڙي ٽل سوچڻ لڳو: جنهن سان گستاخ کي جهنم رسيد ڪري سگهجي. آس پاس جو جائزو ورتائين ۽ دعا گهريائين ته اي منهنجا الله! آءٌ پنهنجي ديس کان هزارين ميل پري ڪافرن جي ڳوٺ ۾ تنهنجي محبوب ﷺ جي محبت ۾ جنهن مقصد لاءِ آيو آهيان ان ۾ ڪاميابي عطا فرماءِ. اهو اگسٽ جو مهينو هو تمام گهڻي گرمي هئي ڊاڪٽر جي رهائش اسپتال سان مليل گهر ۾ هئي، هن اتي پهچي صحن ۾ قدم رکيو ته سامهون وڻن جي ڇانو ۾ اهو ملعون ستو پيو هو. جنهن ڪروڙين مسلمانن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. ان جي ڀڪ ۾ سندس زال ڀرت جو ڪم ڪري رهي هئي.ڪي ٻار جاڳيل هئا ته ڪي ننڊ. اسپتال جو سڄو عملو هندن تي مشتمل هو جيڪي سڀ جو سڀ اتي جو اتي آس پاس ۾ موجود هئا.

                        هي عاشق صادق جذبه ۽ عقيدت سان اڳتي وڌيو جان تريءَ تي رکي بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي الله اڪبر جو زوردار نعرو هنيائين ۽ ان ملعون کي مخاطب ٿيندي چيائين ته: اي گستاخ ڪافر اٿ! اڄ محمد ﷺ جن جو پروانو اچي ويو اٿئي. سندس زال به دانهون ڪري ان کي اٿارڻ لڳي گوپال اکيون مهٽيندي ننڊ مان اٿيو سندس زال ۽ نوڪر چاڪر ڀڄندا آيا ۽ مريد حسين کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا پر ان ايندي ئي گستاخ تي چاقن جا وار ڪري ڏنا ۽ هو ائين ڦهڪي ڏئي ڪريو جو وري نه اٿي سگهيو. پوليس جي نفري پهچي وئي مريد حسين گرفتاري پيش ڪندي چوڻ لڳو ته منهنجو نالو آهي عاشق رسول ﷺ اهو آءٌ ئي آهيان جنهن هن رهزن کي قتل ڪيو آهي جنهن ڪروڙين مسلمانن جي دلين کي مجروح ڪري ڇڏيو آهي.

                        غازي مريد حسين جو مقدمو لڙڻ جي  لاءِ مسلمان وڪيل پلٽجي پيا. پر غازي فرمائڻ لڳو ته مون کي ڪنهن به وڪيل جي ڪا به ضرورت نه آهي. منهنجو وڪيل الله تعاليٰ آهي.

                        هندن جو تمام گهڻو زور هو، ان ڪري جلد ئي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي وئي آخري ملاقات جي لاءِ سندس گهر ڀاتين کي اتي آندو ويو. بهادر امڙ پنهنجي بهادر پٽ کي داد ڏيندي چيو ته پٽ! منهنجي دل گهري ٿي ته اوهين پاڻ ئي ڦاهيءَ جو ڦندو پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهو منهنجي دل اهو برداشت نه ڪري سگهندي ته ڪو ڀنگي اوهان جي ڳچيءَ ۾ ڦاهو وجهي، امڙ جا اهي جذبا ٻڌي فرمانبردار پٽ جي دل باغ بهار بڻجي وئي ۽ امڙ کي چوڻ لڳو! امان ائين ئي ٿيندو نيٺ اهو وقت به اچي ويو جنهن جو مريد حسين کي تمام گهڻو انتظار هو، کيس 24 سيپٽمبر 1937ع تي ڦاهي ڏني وئي جيل جي ٻاهران عاشق رسول ﷺ جي پروانن جو هڪ تمام وڏو اجتماع گڏ ٿيل هو، ماڻهو شمع رسالت جي هن پرواني جي هڪ جهلڪ ڏسڻ جي لاءِ بي تاب هئا. جڏهن شهادت جو وقت آيو ته پاڻ درود شريف پڙهي رهيا هئا، ائين غازي درود شريف پڙهندي جام شهادت نوش ٿي خالق ڪائنات سان وڃي مليا.

          ہونام محمد لب کیفی پہ الھی

          جب طائر جان گلشن ھستی سے رواں ہو۔

                                                          (عشق رسول ﷺ کے ایمان افروز واقعات)