دين تي استقامت ان مٿانهين ڳڻ ۽ ساراهه لائق صفتن مان آهي جو انسان جي مان کي بلند ڪندي آهي، ان جي عزت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندي آهي ۽ ان کي شهرت ۽ عزت جي آسمان تي پهچائي ڇڏيندي آهي. تاريخ پنهنجي پنن ۾ انهن نصيب وارن کي سونن اکرن سان گڏ جڳهه ڏيندي آهي. جيڪي وقت جي ڏاڍ ۽ زماني جي ظلم جي سامهون سيهو پرٽيل ڀت ۽ عزم ۽ ثابت قدمي جا پهاڙ ثابت ٿيندا آهن ۽ ڪنهن قيمت تي پنهنجي سچائي ۽ ايمانداري تي ٻڌل فڪر، نظريات، حق ۽ سچ جي موقف کان هٿ نٿا کڻن. ان جي ابتڙ جيڪي ڪم همت حالات جي سختين ۽ تڪليفن کان مايوس ٿي ڪري مصلحت جي وهڪري ۾ لڙهي ويندا آهن ۽ ديني غيرت ۽ اسلام جي لڄ جي ڀرم جو سودو ڪري ڇڏيندا آهن اهي ماضيءَ جي ڌوڙ ۾ اڏامي ڪري ذهنن تان لهي وسري ويندا آهن ۽ گذري ويل زماني جا وسريل ويل داستان ٿي ويندا آهن.
استقامت جي اهميت
اسلامي شريعت ۾ استقامت ۽ ثابت قدمي جي تمام گهڻي تاڪيد بيان ڪئي وئي آهي. صحيح مسلم ۾ حضرت سفيان بن عبدالله رضه کان روايت آهي، فرمائيندا آهن، مون عرض ڪيو يا رسول الله ﷺ مون کي اسلام جي باري ۾ (نصيحت جي طور تي) اهڙي ڳالهه ارشاد فرمايو ته پوءِ اوهان کانسواءِ ڪنهن ٻئي کان (ڪجهه به) نه پڇڻو پوي. نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو: قل آمنت بالله، ثم استقم چئو ته مون الله تي ايمان آندو، پوءِ ان تي ڏٽ جي وڃ.
استقامت جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته وري وري ان جي طلبڻ دعا جو انسان کان گهر ڪيو ويو آهي. ڏينهن جي پنجن نمازن جي فرضن، واجبن، سنتن ۽ نفلن کي گڏائي ڪري ٽوٽل اٺيتاليهه رڪعتون ٿينديون آهن. اهدنا الصراط المستقيم پڙهي ڪري هدايت تي ثابت قدم رهڻ جي الله تعاليٰ کان درخواست ڪندو رهندو آهي. اهل علم ص شرعيت ۽ اهل معرفت و طريقت جو متفقه ضابطو آهي. الاستقامة فوق الڪرامة
استقامت تي انعام
قرآن ۽ سنت ۾ استقامت اختيار ڪرڻ وارن کي ڪيترن ئي دنياوي ۽ آخرت جي بشارتن سان نوازيو ويو آهي. جيئن قرآن مجيد ۾ آهي ته: بيشڪ جن چيو ته اسان جو پاليندڙ الله آهي وري (ان عقيدي تي) قائم رهيا تن تي (مرڻ وقت رحمت جا) ملائڪ لهن ٿا. (۽ چون ٿا) ته نه اوهين ڊڄو ۽ غمگين ٿيو ۽ ان جنت جي خوشخبري ٻڌو جنهن جو اوهان کي وعدو ڏنو ويندو هو. اسين اوهان جا دنيا جي حياتيءَ ۾ ۽ آخرت ۾ دوست آهيون. ۽ اوهان جيڪا جنهن شيءِ جي خواهش ڪندا سا اوهان لاءِ ان ۾ آهي ۽ جيڪي اوهان گهرندو سو (به) اوهان لاءِ ان ۾ آهي. معاف ڪندڙ مهربان جي طرفان مهماني هوندي. (حم السجده) آيتون ٣٠ کان ٣٢) مفسرن جي مطابق نحن اولياءَ ڪم في الحيوات الدنيا و في الاخرة جو مطلب هي آهي ته دنيا ۾ عزت ۽ بلندي نصيب ٿيندي ۽ آخرت ۾ جڏهن (ته) مڙئي انسانيت قيامت جي سختين کان پريشان هوندي ته اهي هر غم کان بي فڪر ۽ آزاد ڪري مشڪي جي دڙن تي سير ۽ تفريح ڪري رهيا هوندا.
اسلام جا اولوالعزم شخصيات
استقامت جو مظاهرو ڪري تاريخ جي مٿي جي تاج ٿيڻ وارن اولعزم (يعني پڪي ارادي ۽ عزم وارا) ۽ باهمت شخصيت ۾ اڳيان اڳيان نبين سڳورن عليهم السلام جون هستيون آهن، جن جي متعلق جامع ترمذي ۾ روايت آهي ته حضرت سعد بن ابي وقاص رضه جن عرض ڪيو يا رسول الله ﷺ ماڻهن مان سڀ کان وڌيڪ (دين جي لاءِ) ڪنهن کي تڪليفون پهچائييون ويون؟ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو: ”الانبياءَ ثم الامثل فالامثل) سڀ کان وڌيڪ نبين کي ستايو ويو، درجي به درجي. بي ادب ۽ بي رحم امتين جي طرفان زبان سان طعنن جا چاقو هلايا ويا ۽ هٿن سان پٿرن جو مينهن وسايو، پر انهن جي ثابت قدمي ۾ لوڏو به نه آيو، نه وري رسالت جي فريضي جي ادائيگي کان پوئتي هٽيا. پوءِ نبين سڳورن جي صف ۾ اسان جي پيغمبر ﷺ جو ثابت قدمي مڙني کان وڌيڪ باڪمال آهي. جڏهن قريش جي سردارن جو پنجيويهه ماڻهن تي مشتمل هڪ وفد ابوجهل جي اڳواڻي ۾ خواجه ابو طالب جي سامهون هي مطالبو کڻي ڪري حاضر ٿيو ته پنهنجي ڀائٽي کي دين اسلام جي دعوت ۽ تبليغ ۽ اسان جي معبودن جي بي حرمتي ڪرڻ کان منع ڪيو ته نبي ڪريم ﷺ جن طرف کان ڪنهن طرفداري کان ۽ سواءِ صاف صاف هي جواب ڏنو ويو. اي چاچا سائين! مان انهن کي اهڙي ڪلمي جي طرف سڏيندو آهيان جنهن کي پڙهي ڪري انهن کي سموري عرب جي سرداري نصيب ٿئي. ابوجهل حيران ٿي ڪري پڇيو ته اهو ڪلمو ڪهڙو آهي؟ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته اهو ڪلمو لااله الاالله آهي، هي ڳالهه ٻڌندي ئي اهي هڙئي ڀڻ ڀڻ ڪندي اتان هليا ويا. هڪ موقعي تي جڏهن نبي ڪريم ﷺ کي قريش جي طرفان اهائي پيش ڪش ڪئي وئي ته جيڪڏهن اوهان اسان جو مطالبو مڃي وٺو ته سڀني عرب قبيلن جي سرداري، عرب جي مڙني کان وڌيڪ سهڻي ڇوڪري سان شادي ۽ وات سان گهريل دولت اوهان جي قدمن ۾ ڍير ڪئي ويندي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن ان پيش ڪش کي بلڪل رد ڪندي ارشاد فرمايائون جيڪڏهن اهي ماڻهو منهنجي سڄي هٿ تي سج ۽ کٻي هٿ تي چنڊ کي رکي ڇڏين تڏهن به مان دين جي دعوت کان پوئتي نه هٽندس.
جن تي زماني کي ناز هيو:
نبي ڪريم ﷺ جي بابرڪت صحبت جي نتيجي ۾ صحابن سڳورن رضوان الله عليهم کي به الله تعاليٰ عزم ۽ استقامت جي جوهر سان مالا مال ڪيو هو. نبي ڪريم ﷺ جي طرف کان مختلف بادشاهن جي درٻار ۾ قاصد ٿي ڪري ويندا هئا ته بادشاهن کي سجدو ڪري داخل ٿيڻ واري روايتي قانون کي اڍيڙي ڇڏي ۽ پنهنجي تخت تي ويٺل متڪبر حاڪمن جي سامهون وڏي آواز سان توحيد جي ڪلمي کي بلند ڪندي چوندا هئا: اسان جو دين اسان کي وحده لا شريڪ ذات کانسواءِ ڪنهن جي سامهون جهڪڻ جي اجازت نٿو ڏي. نبي ڪريم ﷺ جي صحابن سڳورن رضـي الله عنهم جي نوڪرن ۽ غلامن جي تاريخ به انهن جي جرائت منداڻن ڪارنامن سان ڀري پئي آهي. حضرت امام ابو حنيفه رحمت الله عليه کي قاضي جي عهدي کي قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو، انڪار ڪرڻ تي پاڻ سائين جن کي جيل ۾ بند ڪيو ويو ۽ نيٺ سائين جن جو جنازو جيل مان نڪتو. حضرت امام احمد بن حنبل رحمت الله کي خلق قرآن جي مسئلي تي روزانو جيل مان ٻاهر ڪڍي ڪري ڪوڙا هنيا ويندا هئا، پر پاڻ پنهنجي موقف تي قائم رهيا ته قرآن الله تعاليٰ جي فنا ٿيڻ واري مخلوق ناهي، بلڪه الله تعاليٰ جو ازلي ۽ ابدلي ڪلام آهي. حضرت امام مالڪ رحه ان ڳالهه جا قائل هئا ته طلاق اجبار واقع نٿي ٿئي، وقت جي خليفي جي طرف کان ان فتويٰ کي دلائل سان مطمئن ڪرڻ کانسواءِ جبري طور تي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو، پاڻ نه مڃيائون ته سائين جن کي سزا ڏني وئي ۽ ڪوڙا هڻائيا ويا، ان جي باوجود به پاڻ اهوئي فتويٰ ڏيندا رهيا ته مجبور جي طلاق واقع نٿي ٿئي. هي چند شخصيتن جو تذڪرو هيو، نه ته تاريخ جي سيني تي اهڙن جرئت مند شخصيتن جا حالات چٽريل آهن ۽ اسلامي تاريخ کي انهن تي فخر آهي.