مرتب و مترجم: محمود راجا سجاول
حضرت عبدالله بن سلام رضه تورات جا وڏا عالم هئا ۽ حضرت يوسف عليه السلام جي اولاد مان هئا. سندن نالو حصين هو، اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ حضور پاڪ ﷺ عبدالله بن سلام، نالو رکيو. (اصابه؛ ٢/٣٢٠)
حضرت عبدالله بن سلام رضه پنهنجي اسلام آڻڻ جو قصو ڪجهه هن طرح بيان ڪن ٿا جڏهن رسول پاڪ ﷺ مدينه منوره تشريف فرما ٿيا ته آئون پاڻ ﷺ جي تشريف آوري جي خبر ٻڌندي ئي زيارت ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيس. ۽ پاڻ ﷺ جي مبارڪ چهري ڏسندي ئي سڃاڻي ورتم ته هي چهرو مبارڪ، ڪوڙي ماڻهو جو ٿي نٿو سگهي. پهريون ڪلام جيڪو پاڻ ﷺ جي زبان مبارڪ سان ٻڌوم، اهو هو ته: ”اي ماڻهو! ماڻهن کي کاڌو کارائيندا ڪريو ۽ پاڻ ۾ سلام کي عام ڪريو ۽ صله رحمي ڪريو ۽ رات ۾ نماز پڙهو جڏهن ته ماڻهو الله تعاليٰ کان غافل، سُتا پيا هجن. توهان جنت ۾ سلامتي سان داخل ٿي ويندا. هن حديث کي ترمذي ۽ حاڪم روايت ڪئي آهي. دلائل بيهقي ۾ عبدالله بن سلام کان روايت آهي ته آئون رسول الله ﷺ جو نالو، صفت ۽ حليو مبارڪ پهرين کان ئي ڄاڻندو هوس، پر مون ڪنهن تي به ظاهر ڪونه ڪيو، جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ مدينه منوره تشريف فرما ٿيا ۽ مون الله اڪبر جو نعرو هنيو، منهنجي ڦوڦي خالده بنت حارث چيو ته جيڪڏهن تون موسيٰ عليه السلام جي خبر ٻڌين ها ته به هن کان وڌيڪ خوش نه ٿئين ها، مون چيو ته ها! الله جو قسم! هي به موسي! عليه السلام جا ڀاءَ آهن، اُهوئي دين ڏيئي ڪري موڪليا ويا آهن جيڪو موسيٰ عليه السلام کي ڏنو ويو هو، منهنجي ڦوڦي مون کان پڇيو ته ڇا هي اُهوئي نبي آخر الزمان آهي جنهن جي باري ۾ خبر پاڻ ٻڌندا اچون پيا ۽ قيامت جي ساهه سان مبعوث ٿيندا. مون چيو ته ها! هي اُهوئي نبي مرسل آهي (قيامت جي ساهه سان اُهي فتنه ۽حادثه مراد آهن جيڪي قيامت جي ويجهو ظهور پذير ٿيندا. ۽ هن جو ظهور قيامت جي نشاني هوندي.) آئون گهر مان نڪري ڪري پاڻ ﷺ جي خدمت مبارڪ ۾ حاضر ٿيس ۽ مسلمان ٿي ويس ۽ واپس اچي ڪري تمام اهل خانه کي اسلام جي دعوت ڏنيم. سڀنن اسلام قبول ڪيو ۽ مسلمان ٿي ويا. (فتح الباري: ٧/ ١٩٧)
هُن کانپوءِ ۽ مون پاڻ ڪريم ﷺ کي عرض ڪيو ته هِن کان اڳ جو منهنجي قوم کي منهنجي مسلمان ٿيڻ جي خبر پوي اوهان مون کي ڪنهن جاءِ ۾ لڪائي ڪري يهود کان منهنجي باري ۾ سوال ڪريو ڇو ته يهود وڏي بهتان ٻڌڻ واري قوم آهي. جڏهن يهودي پاڻ ﷺ جي خدمت ۾ آيا ته پاڻ ڪريم ﷺ عبدالله بن سلام رضه کي هڪ جاءِ ۾ لڪائي ڪري قومِ يهود کي فرمايو ته ته اي قومِ يهود! الله کان ڊڄو، قسم آهي هُن پاڪ ذات جي جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ڪونهي اوهان چڱي طرح چاڻو ٿا ته آئون الله تعاليٰ جو سچو رسول آهيان ۽ حق دين کڻي آيو آهيان. ته پوءِ اوهان دين اسلام، دين حق کي قبول ڪريو. پاڻ ڪريم ﷺ ٽي دفعه يهودين کي دين حق جي دعوت ڏني، هر دفعي يهودي هي چوندا هئا ته ”اسان نٿا ڄاڻون.“ هن کانپوءِ پاڻ ﷺ يهودين کان پڇيو ته ڀلا ٻڌايو ته عبدالله بن سلام اوهان ۾ ڪيئن آهي؟ سرداران يهود چيو ته اسان جو سردار! اسان جي سردار جو پُٽ، اسان ۾ سڀ کان وڏو عالم، سڀ کان وڏي عالم جو پٽ اسان مان سڀ کان بهترين ۽ سڀ کان بهترين جو پُٽ. پاڻ ﷺ فرمايو ته جيڪڏهن عبدالله بن سلام مون تي ايمان آڻي پوءِ ته اوهان منهنجي برحق نبي هئڻ جو يقين ڪندا؟ يهودين چيو ته عبدالله بن سلام ڪڏهن به اسلام قبول ڪونه ڪندو. پاڻ ﷺ فرمايو ته جيڪڏهن عبدالله بن سلام، اسلام کي قبول ڪري وٺي ته پوءِ؟ يهودين چيو ته هو ڪڏهن به اسلام قبول ڪري نٿو سگهي. پاڻ ﷺ فرمايو ته اي بن سلام! ٻاهر نڪري اچ! عبدالله بن سلام ٻاهر نڪري آيا ۽ هن جي زبان تي هي ڪلمات هئا.”اشهد ان لااله الاالله و اشهد ان محمد رسول الله.“ ۽ يهودين کي مخاطب ٿي ڪري چيو ته اي گروه يهود! الله کان ڊڄو اوهان خوب ٿا ڄاڻو ته هي برحق الله جا رسول آهن ۽ حق سان مبعوث ٿيا آهن. هي ڳالهه ٻڌندي ئي يهودين چيو ته تون ته ڪوڙو آهين ۽ سڀنن ۾ برو ۽ بُري جو پٽ آهين. هن باري ۾ الله تعاليٰ سورة احقاف جي هي آيت نازل ڪئي
قُلۡ اَرَءَیۡتُمۡ اِنۡ کَانَ مِنۡ عِنۡدِ اللّٰہِ وَ کَفَرۡتُمۡ بِہٖ وَ شَہِدَ شَاہِدٌ مِّنۡۢ بَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ عَلٰی مِثۡلِہٖ فَاٰمَنَ وَ اسۡتَکۡبَرۡتُمۡ ؕ اِنَّ اللّٰہَ لَا یَہۡدِی الۡقَوۡمَ الظّٰلِمِیۡنَ ﴿٪۱۰﴾
ترجمو:چئو ته مون کي هي ته ٻڌايو جيڪڏهن هي قرآن الله جي طرفان هجي ۽ توهان هِن جو انڪار ڪري ڏنو ۽ بني اسرائيل جي هڪڙي ماڻهو شهادت به ڏني ۽ هُن تي ايمان به آندائين ۽ يهود پنهنجي ڪُفر ۾ مبتلا رهيا ۽ (هي ڪيتري وڏي ظلم جي ڳالهه آهي) يقين ڪريو ته الله سائين اهڙن ظالمن کي هدايت نٿو ڏي.“
حضرت ميمون بن يامين يهودين جي رئيسن مان هئا، هي پاڻ ﷺ کي ڏسندي ئي مسلمان ٿي ويا. ۽ خدمت اقدس ۾ عرض ڪيائون ته پاڻ ﷺ يهودين کي سڏ ڪري وٺو ۽ مون کي حجت بنا٣ وٺو. اُهي ماڻهو مون ڏانهن رجوع ڪندا. پاڻ ڪريم ﷺ ميمون کي اندر ڪمري ۾ لڪائي ڪري، يهودين کي گهرائڻ لاءِ ماڻهو موڪليو، يهودي آيا، پاڻ ڪريم ﷺ هنن کي دعوت ڏني اسلام جي، ۽ گفتگو ڪئي. پاڻ ﷺ فرمايو ته اوهان پنهنجن ماڻهن مان ڪنهن کي، مون ۽ اوهان جي وچ ۾ حڪم مقرر ڪري وٺو. يهودين چيو ته اسان ميمون بن يامين کي حڪم بنائڻ تي راضي آهيون. هُو جيڪو به فيصلو ڪندو ته اسان کي خوشي سان منظور آهي. پاڻ ﷺ ميمون بن يامين کي آواز ڏنو ته ٻاهر نڪري اچ، ميمون بن ياسمين ٻاهر آيو ۽ شهادت جو ڪلمو پڙهيو، پر يهودين پوءِ به تصديق ڪونه ڪئي. (فتح الباري،٧/ ٣١)
سلمان فارسي:
سلمان نالو ۽ ابو عبدالله ڪنيت آهي، سلمان الخير جي لقب سان به مشهور آهن. گويا سلمان ڇا هئا، خير مجسم هئا، ملڪ فارس جي شهر، رام هرمز جي ڀرپاسي ۾ ڳوٺ جئي جا رهڻ وارا هئا، شاهانِ فارس جي خاندان سان تعلق هو، جڏهن به ڪو سلمان کان پڇندو هو ته: ابن من انت؟ تون ڪنهن جو پُٽ آهين؟ ته هو جواب ۾ چوندو هو ته انا سلمان بن الاسلام. آئون سلمان پٽ اسلام جو آهيان، يعني ته منهنجي روحاني وجود جو سبب اسلام آهي ۽ اهوئي منهنجو مربي آهي. فنعم الاب و نعم الابن. ڪهڙو نه سٺو پيءَ، ڪهڙو نه سٺو پُٽ! حضرت سلمان فارسي رضه جي عُمر تمام گهڻي وڏي هئي، چيو ٿو وڃي ته سلمان فارسي رضه حضرت عيسيٰ عليه السلام جو زمانو به ڏٺو ۽ ڪي چون ٿا ته حضرت عيسيٰ عليه السلام جو ته نه پر حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ڪنهن حواري ۽ وصي جو زمانو ڏٺو آهي. حافظ ذهبي فرمائين ٿا جيتري قدر اقوال جيتريقدر اقوال سندن عُمر جي ابري ۾ آهن، اُهي سڀ هِن تي متفق آهن ته حضرت سلمان رضه جي عُمر اڍائي سو سالن کان ته مٿي آهي. ابو الشيخ ”الطبقات الاصبحانيين“ ۾ لکن ٿا ته اهل علم هي چون ٿا ته سلمان فارسي ساڍه ٽي سو سال هيات رهيا، پر اڍائي سو سالن ته ڪنهن کي به انڪار ڪونهي. (الاصابه: ٢/ ٢٢)
حضرت ابن عباس رضه فرمائين ٿا ته مون کي حضرت سلمان فارسي رضه پنهنجي اسلام قبول ڪرڻ وارو واقعو خود پنهنجي زباني هن طرح ٻيان ڪيو ته آئون ملڪ فارس ۾ قريه جٿي جو رهڻ وارو هوس. منهنجو پيءَ پنهنجي علائقي جو رئيس هو ۽ سڀ کان وڌيڪ مون کي ڀائيندو هو، جهڙي طرح ماڻهو پنهنجي ڪنواري ڇوڪرين جي حفاظت ڪن ٿا، اهڙي طرح منهنجي حفاظت ڪندو هو ۽ مون کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ ڪونه ڏيندو، مذهبي طور اسان مجوسي (باهه جا پُڄاري) هئاسين. منهنجي والد مون کي آتش ڪده (باهه جي مچ) جو نگهبان بناءِ رکيو هو ته ڪنهن وقت به باهه اُجامي نه وڃي. هڪ دفعو منهنجي والد تعمير (اڏاوت) جي ڪم ڪار ۾ مشغول هئا هن لاءِ مجبوري ۾ مون کي زمين ۽ ٻني جي خبر گيري لاءِ موڪليو حي تاڪيد به ڪئي ته دير نه ڪج.
آئون گهران نڪتس، رستي ۾ هڪگ رجا گهر هو، اندران ڪجهه آواز ٻڌڻ ۾ آيو آئون ڏسڻ لاءِ اندر ويس، ڏسان ته عيسائي جي هڪ جماعت آهي جيڪا عبادت ۾مشغول آهي، مون کي انهن واري عبادت سٺي لڳي دل ۾ خيال ڪيم ته هي دين اسان واري دين کان سٺو آهي، مون هنن ماڻهن کان پڇيو ته هن دين جي اصل ڪٿان آهي هنن ٻڌايو ته ملڪ شام ۾، انهي ڳالهين ۾ سج لهي ويو، والد صاحب انتطار ڪرڻ کان پوءِ منهنجي ڳولا ۾ ماڻهو ڊوڙائي ڪڍيا، جڏهن گهر پهتس ته والد صاحب پڇيو ته پُٽ تون ڪٿي هئين. مون تمام قصو بيان ڪيو، والد صاحب مون کي ٻڌايو ته هُن دين يعني عيسائيت ۾ ڪوبه خير ڪونهي، تون اوري پيءَ جو دين ئي (باهه جي پوڄا) ئي سٺو دين آهي. مون چيو ته هرگز نه، نصرانين جو دين، اسان واري دين کان بهتر آهي. والد صاحب مهنجي پيرن ۾ ٻيڙيون هڻي ڇڏيون ۽ مون کي گهر مان ٻاهر نڪرڻ تي پابندي هنئي وئي. جيئن ته فرعون چيو هو ته:
قَالَ لَئِنِ اتَّخَذۡتَ اِلٰـہًا غَیۡرِیۡ لَاَجۡعَلَنَّکَ مِنَ الۡمَسۡجُوۡنِیۡنَ ﴿۲۹﴾ (سورت الشعراءَ)
ترجمو: جيڪڏهن تون مون کان سواءِ ڪنهن کي معبود، مسجود بنايو ته تون کي قيدين مان ڪري ڇڏيندس.“
جيئن ته عام اهل باطل جو طريقو آهي، پوءِ به مون لڪ ۾ عيسائين کي هي چورائي موڪليو ته جيڪڏهن ڪو شام ڏانهن قافلو وڃي ته مون کي اطلاع ڪجو، اُنهن مون کي هڪ موقعي تي اطلاع ڪئي عيسائين جي هڪ جماعت تاجرن جي شام ڏانهن وڃڻ واري آهي. مون وجهه ڏسي ڪري پنهنجي پيرن مان ٻيڙيون ڪڍي اُڀلايون ۽ گهران نڪري ڀڄي ڪري اُنهن سان گڏ ٿي ويس، شام پُڄي ڪري پڇا ڪيم ته هتي عيسائين جو وڏو عالم ڪهڙو آهي. ماڻهن هڪڙي عالم جو نالو ٻڌايو. آئون هُن وٽ پهتس مون پنهنجو سڄو قو هن کي ٻڌايو ۽ چيم ته آئون اوهان جي خدمت ۾ رهي ڪري اوهان جو دين سکڻ گهران ٿو، مون کي اوهان جو دين پسند آهي. اوهان اجازت ڏيو ته آئون اوهان جي خدمت ۾ رهي پوان ۽ دين سکان ۽ اوهان سان گڏ نمازون پڙهان، هُن چيو ته ٺيڪ آهي. پر ٿورن ڏينهن ۾ پتو پئجي ويو ته هي ماڻهو چڱو ڪونهي، حريص ۽ لالچي آهي. ٻين لاءِ ڪري، صدقو، خيرات جو حڪم ڪري، جڏهن ماڻهو پئسه، ڏوڪڙ ڏين ٿا ته پاڻ ڦٻائي وٺندو آهي. مسڪينن ۽ فقيرن کي نٿو ڏيئي. اهڙي طرح هُن پئسن ڏوڪڙن جا ست مَٽ ڀري ڇڏيا، جڏهن مري ويو ته عيسائي هُن کي حسن عقيدت سان هُن جي تجهيز ۽ تڪفين لاءِ گڏ ٿي ويا، مون ماڻهن کي هُن جو حال ٻڌايم ۽ ست مَٽ ڏيکاريا، عيسائين هي ڏسي ڪري چيو ته اهڙي امڻهو کي اسان هرگز دفن ڪونه ڪنداسين. آخرڪار هُن پادري کي سولي تي ٽنگي سنگسار ڪري ڇڏيائون. ۽ هُن جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي عالم کي ويهاريائون. حضرت سلمان رضه فرماءِ ٿو ته هُن عالم وڌيڪ عبادت گذار، دنيا سان بي تعلق، آخرت جو طلبگار، مون ڪنهن کي نه ڏٺو. ۽ جيتريقدر هُن عالم سان مون کي محبت ٿي وئي هِن کان اڳ ۾ ٻئي ڪنهن سان ايتري محبت ڪونه ٿي. آئون برابرهُن عالم جي خدمت ۾ رهيس. جڏهن هُن جو آخري وقت اچي ويو ته مون هُن کي عرض ڪيو ته اوهان مون کي ڪجهه وصيت ڪريو ۽ هي به ٻڌايو ته اوهان کان پوءِ آئون ڪنهن جي خدمت ۾ وڃان.
مون کي هن ٻڌايو ته موصل ۾ هڪ عالم آهي تون هُن وٽ هليو وڃن، پوءِ آئون هُن وٽ پهتس، هُن جي وفات کانپوءِ هُن جي وصيت مطابق صنيبن ۾ هڪ عالم وٽ وڃي رهيس ۽ هُن جي وفات کانپوءِ هن جي وصيت مطابق سهر عمدريه ۾ هڪ عالم وٽ وڃي ڪري رهيس، جڏهن هُن جي وفات جو وقت ويجهو آيو ته مون هُن کي ٻڌايو ته آئون فلاڻي، فلاڻي عالمن وٽ رهيس هاڻ اوهان مون کي ٻڌايو ته آئون ڪنهن وٽ وڃان. هُن عالم چيو ته هن وقت منهنجي نظرن ۾ اهڙو ڪوبه عالم ڪونهي جيڪو تنهنجي صحيح رهنمائي ڪري سگهي. البته هڪ نبي آخرالزمان جو زمانو ويجهو اچي ويو آهي جيڪو دين ابراهيمي تي هوندو.
عرب جي سرزمين تي هن جو ظهور ٿيندو. هڪ نخلستان زمين ڏانهن هو هجرت ڪندو، جيڪڏهن تنهنجي هتي پهچڻ ممڪن هجي ته پوءِ ضروري هُتي پهچ، هن علامتن کان هي به هوندو ته هو صدقي جو مال ڪونه کائيندو، هديو قبول ڪندو. ٻنهن شانن جي وچ ۾ مهر نبوت هوندي، جڏهن تون هتي شين کي ڏسندي ته سڃاڻي وٺندي. انهيءَ اثنا ۾ مون وٽ ڪجهه ڳئون، ٻڪريون، جمع ٿي ويون هيون. اتفاق سان هڪ عرب جو قافلو وڃڻ وارو مون کي ملي ويو، مون هنن کي چيو ته اوهان مون کي پاڻ سان گڏ مون کي وٺي هلو، هي ڳئون ۽ ٻڪريون به سڀ اوهان کي ڏيئي ٿو ڇڏيان، هُنن ماڻهن هن ڳالهه کي قبول ڪيو ۽ مون کي پاڻ سان گڏ کنيو. جڏهن وادي قراه ۾ پهتاسين ته مون سان هُنن بدعهدي ڪئي ۽ غلام ڪري هڪ يهودي وٽ مون کي وڪڻي ڇڏيو، جڏهن هنن سان گڏ آئون آيس ته کجور جا وڻ ڏسي ڪري مون کي هي محسوس ٿيو ته شايد هي اُها سرزمين هجي پر اڃا پورو اطمينان ڪونه هو ته بنو قريطه جو هڪ يهودي آيو ۽ مون کي خريد ڪري مديني وٺي آيو جڏهن آئون مديني پهتس ته الله جو قسم! مدني کي ڏسندي ئي تسلي ٿي ويو ته اهوئي هو شهر آهي جيڪو مون کي ٻڌايو ويو آهي، صحيح بخاري ۾ خود حضرت سلمان فارسي رضه کان مروي آهي ته
آئون هڪ دفعي کان وڌيڪ وڪاميو آهيان. ماڻهن سلمان کي هر هر بي رغبتي سان خريد ڪيو پر هن جي اصل قيمت جو اندازو ڪنهن به ڪونه لڳايو. آئون مديني ۾ هُن يهودي وٽ رهيس ۽ بنو قريطه ۾ هن وڻن جو ڪم ڪار ڪندو هوس، الله تبارڪ و تعاليٰ نبي ڪريم ﷺ کي مڪه مڪرمه ۾ مبعوث فرمايو پر مون کي غلامي ۽ هُن ۾ خدمت جي ڪري مطلق علم نه ٿيو. جڏهن پاڻ ﷺ مڪي مان هجرت فرماءِ ڪري مديني منوره تشريف فرما ٿيا ته ۽ قبا ۾ بني عمرو عوف وٽ پاڻ ﷺ قيام فرمايو آئون هڪ ڏينهن کجور جي وڻ مٿان چڙهي ڪري ڪو ڪم ڪري رهيو هوس ۽ منهنجو آقا وڻ جي هيٺ ويٺل هو ته هڪ يهودي آيو جيڪو منهنجي آقا جو سؤٽ هو ۽ اچي ڪري چوڻ لڳو ته الله بني قيله (يعني انصاري کي) شل هلاڪ ڪري قبا ۾ هڪ ماڻهو جي چوڌاري ميڙهه ڪئو آهي جيڪو مڪي مان آيو آهي ۽ چون پيا ته هي ماڻهو نبي ۽ پيغمبر آهي. حضرت سلمان رضه فرماءِ ٿو ته الله جو قسم هن جي ڳالهه ٻڌندي ئي مون کي لرزو ۽ ڏڪائي شروع ٿي وئي ۽ مون کي هڪ پڪ ٿي وئي هاڻ ٿو پنهنجي آقا مٿان ڪران.“ اُهي ٻئي يهودي مون جي هن حالت ۽ ڪيفيت کي ڏسي ڪري تعجب ڪري رهيا هئا، بهرحال آئون دل جهلي وڻ تان لٿس ۽ اچڻ واري يهودي کان پڇڻ لڳس ته يار مون کي سچ ٻڌائي ته تون منهنجي آقا کي ڇاپي چيو، هي ڏس ڪري مون واري آقا کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ مون کي زور سان چماٽ هڻي ڪڍي ۽ چئين ته توکي هن ڳالهه سان ڪهڙو واسطو؟ تون پنهنجو ڪم ڪر، جڏهن شام ٿي ۽ ڪم ڪار کان واندو ٿيس ته جيڪو ڪجهه مون وٽ هو کيم ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيس. پاڻ ﷺ هن وقت قبا ۾ تشريف فرما هئا، مون عرض ڪيو ته مون کي خبر پئي آهي اوهان وٽ ۽ اوهان جي ساٿين وٽ ڪجهه به ڪونهي ۽ اوهان سڀ حاجتمند آهيو، هن ڪري آئون اوهان لاءِ ۽ اوهان جي ساٿين ڪجهه صدقي جو مال ڏيڻ گهران ٿو، پاڻ ڪريم ﷺ پنهنجي لاءِ صدقو قبول ڪرڻ کان انڪار فرمايو ۽ فرمايائون ته آئون صدقي جو مال نٿو کائي سگهان. ۽ پنهنجن صحابن کي فرمايائون ته اوهان وٺي لاهيو. هُن دل ۾ چيو ته هي ٽن علامتن مان هڪ آهي. آئون واپس پنهنجي ڪم ڪار سان لڳي ويس ۽ وري ڪجهه گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، جڏهن پاڻ ﷺ مديني منوره تشريف فرما ٿيا ته وري به خدمت اقدس ۾ حاضر ٿيس ۽ عرض ڪيم ته منهنجي دل پئي گهري ته اوهان کي ڪجهه هديو پيش ڪريان، صدقو ته اوهان قبول ڪونه ڪندا آهيو ته هي هديو اوهان جي خدمت ۾ پيس ڪريان ٿو. پاڻ ﷺ هديئي کي قبول ڪرڻ فرمايو هُن مان پاڻ به کاڌائون ۽ پنهنجن صحابن کي به کارائون، مون پنهنجي دل ۾ چيو ته هي ٻي علامت آهي. آئون واپس آيس ۽ ٻه چار ڏينهن کانپوءِ پاڻ ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيس. پاڻ ﷺ هن وقت هڪ جنازي جي همراهه بقيع ۾ تشريف فرما هائ، آئون اڳيان سلام ڪري وري پويئن پاسي اچي ويٺس ته مُهر نبوت کي ڏسي سگهان. پاڻ ﷺ منهنجي غرض ۽ غايت کي شايد سمجهي ويا ۽ پشت مبارڪ تان چادر مبارڪ کي مٿي ڪيو مون مهرِ نبوت کي سڃاتو ۽ اُٿي ڪري مهر نبوت نبوي کي چمي ڏنيم ۽ روئي پيس. پاڻ ﷺ فرمايو ته سامهون اچ، آئون سامهون اچي ويس ۽ جهڙي طرح توکي ابن عباس! هي واقعو بيان پيو ڪريان اهڙي طرح تعميل سان رسول ڪريم ﷺ سان بيان ڪيم هتي ٻيا صحابه ڪرام به موجود هئا ۽ انهيءَ وقت مشرف به اسلام ٿي ويس. پاڻ ﷺ تمام گهڻون خوش ٿيا. هن کانپوءِ پنهنجي يهودي آقا جي خدمت ۾ ڪم ڪار ۾ مشغول ٿي ويس انهيءَ ڪري آئون غزوه بدر ۽ اُحد ۾ به شريڪ ڪونه ٿي سگهيس ته پاڻ ﷺ مون کي فرمايو ته اي سلمان! پنهنجي آقا سان ڪتابت ڪري وٺ. (ڪتابت هن کي چئبو آهي ته غلام پنهنجي آقا سان هي مقرر ڪري وٺي ته جيڪڏهن ايتريقدر معاوضو ڪماءِ ڪري توکي ادا ڪريان ته آزاد ٿي وڃان.) اِها ڳالهه حضرت سلمان پنهنجي آقا سان ڪئي. آقا چيو ته جيڪڏهن چاليهه اوقيه سون ادا ڪري ڇڏين ۽ ٽي سو وڻ کجورن جا لڳائي ڏئين. جڏهن اُهي وڻ بار آوار ٿي ويندا ته پوءِ تون آزاد آهين. سلمان پاڻ ﷺ جي ارشاد سان قبول ڪيو ۽ پاڻ ﷺ مسلمانن کي ترغيب ڏني ته سلمان کي وڻ لڳائڻ ۾ مدد ڪريو جيئن ته ڪنهن ڏهه ڪنهن پندرهن ڪنهن ٽيهه کجور جي ٻوٽن سان مدد ڪئي جڏهن سڀ پورا ٿي ويا ته مون کي فرمايائون ته اي سلمان! هن لاءِ کڏ تيار ڪر ۽ جڏهن کڏ تيار ٿي وئي ته پاڻ پنهنجن هٿ مبارڪ سان اُهي تمام ٻوٽا لڳائي ڏنا ۽ برڪت جي دعا فرمائي. هڪ سال مس گذريو هو سڀنن ۾ميوو اچي ويو ۽ ڪوبه ٻوٽو اهڙو ڪونه رهيو جيڪو سُڪي ويو هجي سڀ جا سڀ سرسبز ۽ شاداب ٿي ويا ۽ سڀنن ۾ مييو اچي ويو، وڻن وارو قرض ته ادا ٿي ويو صرف درهم باقي رهجي ويا، هڪ ڏينهن هڪ ماڻهو پاڻ ﷺ جي خدمت ۾ هڪ ٻٻر کي جي مقدار سون کڻي آيو پاڻ ﷺ فرمايو ته هو مسڪين مڪاتب يعني مسلمان ڪٿي آهي؟ آئون خدمت اقدس ۾ حاضر ٿيس ته پاڻ ﷺ هو بيدي جي مقدار سون مون کي ڏنون ۽ فرمايائون ته هي کڻي وڃ الله تعاليٰ تنهنجو قرضو عطا فرمائيندو، مون عرض ڪيو ته يا رسول الله ﷺ هي سون ته ٿورو آهي هن مان منهنجو قرضو ڪٿي ادا ٿيندو؟ پاڻ ﷺ فرمايو ته وڃ الله سائين انهيءَ سان تنهنجو قرضو لاهي ڇڏيندو ۽ جڏهن مون هن کي وڃي تورايو ته هو پورو وزن چاليهه اوقيه هو منهنجو ڪُل قرض به ادا ٿي ويو ۽ غلامي کان به آزاد ٿي ويس ۽ پاڻ ﷺ سان گڏ غزوه خندق ۾ شريڪ ٿيس ۽ هن کانپوءِ تمام غزوات ۾ به پاڻ ﷺ جي همرڪاب رهيس. (طبقات ابن سعد: ٤. ٥٤، ٦٧)