صحابه رضه جي عقل ۽  ذهانت جا واقعا

idara letterhead universal2c

صحابه رضه جي عقل ۽  ذهانت جا واقعا

امام جوزي بغدادي

سنڌيڪار:  محمد عثمان عباسي

احزاب جي ڏينهن جي موقعي تي نعيم بن مسعود جو ڪارنامو

                        نعيم بن مسعود بابت روايت آهي ته احزاب جي ڏينهن جي موقعي تي جڏهن ماڻهن تي خوف ڇانئجي رهيو هو. نعيم بن مسعود رسول الله ﷺ جن جي خدمت ۾ اچي عرض ڪيو ته يارسول الله ﷺ مان اسلام قبول ڪري چڪو آهيان ۽ منهنجي قوم مان ڪنهن کي ان جي ڄاڻ نه آهي توهان منهنجي ڪا خدمت حوالي ڪيو. ان کي رسول الله ﷺ جن فرمايو: اتي اسان مان تون اڪيلو ئي آهين، اسان جي نسبت جيڪو مناسب سمجهين چئي ڇڏ جنگ ته دوکو ئي هوندي آهي. نعيم هتان اجازت وٺي بني قريظه وٽ پهتو ۽ هي جاهلت جي زماني ۾ انهن جو دوست هئو، هن چيو اي بني قريظه مان توهان جو دوست آهيان ۽ توهان ان کان واقف آهيو.  انهن تصديق ڪئي. پوءِ ان چيو ته توهان ڄاڻو ٿا ته محمد وٽ توهان ۾ قريش ۽ غطفان هڪ ئي درجي ۾ آهيو. هي شهر توهان جو آهي، جتي توهان جا مال ۽ توهان جون عورتون ۽ ٻار آهن. قريش  ۽ غطفان جا شهر ٻيا آهن ۽ هي امڻهو فقط ان ڪري تهي اوهان وٽ آيا ته توهان کي پاڻ سان گڏ ملائي ڇڏين ۽ موقعو ڏسن ته ان مان فائدو حاصل ڪن ۽ جيڪڏهن پنهنجي خلاف ڏسن ته پنهنجي شهرن ۾ پنهنجي مال، عورتن ۽ ٻارن ڏانهن موٽي وڃن. توهان کي ۽ ان شخص کي ڇڏي وڃن جنهن سان مقابلو ڪرڻ توهان جي  طاقت کان باهر آهي. جيڪڏهن هي ماڻهو توهان کي جنگ ۾ شريڪ ڪرڻ چاهين ته توهان کي انهن سان گڏ جنگ ڪرڻ نه گهرجي. جيستائين انهن جي ڪجهه معزز ماڻهن کي ضمانت ۾ پاڻ وٽ تهي نه رکو جن کي ٻڌي ڇڏيو ۽ انهن کي نه ڇڏيو. جيستائين اهي محمد ﷺ کان جنگ شروع نه ڪن. انهن ماڻهن چيو بيشڪ تنهنجي راءِ گهري آهي ۽ خير خواهيءَ جي ڳالهه آهي.

                        پوءِ نعيم قريش ڏانهن پهتو ۽ ابوسفيان ۽ اشراف قريش سان مليا ۽ انهن سان اهڙي طرح گفتگو ڪئي اي قريش جي جماعت جيڪا  محبت ۽ تعلق منهنجو توهان سان آهي ان کان توهان چڱيءَ طرح واقف آهيو ۽ هي ٻه ڄاڻو ٿا ته محمد ﷺ ۽ ان جي دين کان مان الڳ آهيان مان توهان وٽ هڪ خير خواهه طور نصيحت کڻي آيو آهيان جيڪا توهان کي راز ۾ رکڻي پوندي. انهن منظور ڪيو ۽ چيو ته تون اسان جي ويجهو اجنبي مشڪوڪ آهين (اسان توتي اعتماد ڪريون ٿا) نعيم چيو توهان ڄاڻو ٿا ته بني قريظه يهودين مان آهن ۽ اهي شرندو آهن. انهن حرڪتن تي جيڪي انهن جي ۽ محمد ﷺ جي وچ ۾ انهن سان ٿينديون رهيون. هاڻي انهن بعد جن ڏانهن هي پيغام موڪليو آهي ته ڇا ان شرط تي توهان اسان کان راضي ٿي سگهي ٿو، ته اسان قريش جي شريف کي گروي جي نالي سان پنهنجي قبضي ۾ وٺي توهان جي حوالي ڪري ڇڏين  توهان انهن جون منڍيون  لاهي ڇڏيو. پوءِ اسان توهان سان گڏ هلي قريش ۽ انهن جي ساٿين کي پنهنجي شهرن مان ڪڍي ڇڏيو. محمد ان کي مڃي ورتو. ته جيڪڏهن بنو قريظه ڪنهن پيغام توهان کان هي سوال ڪن ته توهان پنهنجي معزز ماڻهن کي هتي موڪليو ته توهان انهن کي هڪ شخص به نه ڏجو ۽ انهن کان بچي وڃجو. پوءِ نعيم نطفان قبيلي وٽ پهتو ۽ ان کي چيو ته اي غطفان جي جماعت توهان ڄاڻو ٿا ته مان توهان مان هڪ شخص آهيان. انهن تصديق ڪئي، پوءِ انهن سان به اهائي  گفتگو ڪئي جيڪا قريش سان ڪئي هئي.

                        جڏهن اڳيون ڏينهن  ته بني قريظه وٽ ابو سفيان پنهنجي طرف کان عڪرمه بن ابي جهل کي قريش جي چند ماڻهن جو هي پيغام ڏئي موڪيو ته ”اي يهودين جي جماعت ابو سفيان توهان کي چئي ٿو ته (محمد جي فتني کان) ننڍا ۽ وڏا سڀئي تباهه ٿي ويندا ۽ انهن شهرن م اسان رهڻ لاءِ نه آياسين. توهان محمد سان جنگ ڪرڻ جي لاءِ اسان سان گڏجي وڃو ۽ نڪرو.“ انهن هي پيغام موڪليو اڄ نيڪي ڪرڻ جو ڏينهن آهي جنهن ۾ اسان ڪوبه ڪم نه ڪندا آهيون ۽ اسان توهان سان گڏ جنگ جي حق ۾ نه آهيون جيستائين توهان گروي جي طور تي پنهنجا ڪجهه ماڻهو اسان جي قبضي ۾ نه ڏئي ڇڏيو جن کي اسان ٻڌي ڇڏيون ته جيئن هي انديشو باقي نه رهي ته توهان جنگ جي لاءِ نه وڃو ۽ اسان کي ۽ محمد کي جنگ  جي لاءِ ڇڏي هليا وڃو. ته ابو سفيان چيو الله جو قسم اسان کي نعيم صحيح خبردار ڪيو هو. هي ٻڌي ابوسفيان چورايئ موڪليو ته اسان توهان کي هڪ ماڻهو به نه ڏينداسين جيڪڏهن توهان چاهيو ته نڪرو ۽ اسان سان گڏجي جنگ ڪيو ۽ چاهيو ته ويٺا رهو. يهود چيو الله جو قسم اهائي ڳالهه آهي جيڪا اسان سان نعيم چئي هئي ته  الله جو قسم انهن ماڻهن فقط هي ارادو ڪيو آهي ته محمد سان جنگ اهڙي طرح ڪنداسين جو موقعو ملي وڃي ته حملو ڪري ڏيون نه ته پنهنجي شهرن ڏانهن ڀڄي وڃون، اسان جي ۽ ان شخص (يعني محمد) جي لاءِ ميدان خالي ڇڏي وڃو. (ته اسان کي اڪيلي کي ڪپي ڇڏي) ان جواب ۾ چورائي موڪليو ته اسان جو اهوئي شرط آهي ته تون پنهنجا ڪجهه ماڻهو گروي جي طور تي اسان وٽ رک، ان کانسوا٣ اسان توهان سان گڏجي جنگ جي لاءِ تيار نه آهيون. قريش ان کان وري صاف انڪار ڪري ڇڏيو. وري الله تعاليٰ ابوسفيان ۽ ان جي اصحابين ۽ غطفان وارن تي تيز طوفان کي لاٿو مسلط ڪيو ۽ انهن کي الله تبارڪ و تعاليٰ ذليل ۽ خوار ڪيو.

اشعث بن قيس جي عقلمنديءَ جو واقعو

                        اشعث بن قيس بن حضرت عبدالله بن عباس رضه کان روايت آهي ته اميرالمؤمنين حضرت علي ڪرم الله وجهه پنهنجي پٽ حضرت حسن رضه جو پيغام امڙ عمران کان موڪليو جيڪو سعيد بن قيس همداني جي ڌيءَ هئي. سعيد چيو منهنجيمٿان هڪ ٻيو امير اختيار وارو آهي يعني ان جي والده، علي رضه فرمايو وڃ ان سان مشورو ڪر. سعيد اشعث کي سڄي ڳالهه ٻڌائي. ان چيو ڇا تو حسن رضه سان ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو.

                        حسن رضه ان ڇوڪريءَ تي پنهنجي بزرگي ياد ڏياريندا ۽ ان سان گڏ انصاف جو معاملو نٿا ڪري سگهن، اهو ڇوڪريءَ سان سٺو برتاءَ نه ڪندا. ان کي هي ناز هوندو ته اهو رسول الله ﷺ جا فرزند آهن. اميرالمؤمنين جا پٽ آهن. پر توهان کي ڪجهه پنهنجي ڀائيٽي جو به خيال آهي هيءَ ان جي آهي ۽ اهو ان جو (يعني ٻئي هڪ ٻئي سان راضي آهن) راوي چوي ٿو ته ان گفتگو جي نگاهه اڳيان محمد بن اشعث هي چيو هو ته مون ان جي شادي ڪري ڇڏي. هيءَ گفتگو اڳتي ذڪر ڪئي  وڃي ٿي وري محمد بن اشعث امير المؤمنين علي رضه جي خدمت ۾ ويو ۽ عرض ڪيائين ته اي امير المؤمنين ڇا توهان حسن جو پيغام سعيد جي ڌيءَ لاءِ ڏنو.

                        پاڻ فرمايائون ته هائو، ان چيو ڇا توهان ان کان وڌيڪ شريف گهر جي ڇوڪري پسند ڪندؤ جيڪا سعيد جي ڌيءَ کان وڌيڪ سٺي هجي نسل جي اعتبار کان ۽ ان کان وڌيڪ خوبصورت ۽ وڌيڪ مالدار به هجي. حضرت علي رضه پڇيو ته اهو ڪير آهي، ان چيو جعده بن اشعث بن قيس (يعني ان جي ڀيڻ) پاڻ فرمايائون ته هڪ شخص سان اسان پيغام ڏئي چڪا آهيون (هاڻي مجبوري آهي) ان چيو ته هاڻي ان شخص سان جنهن کي توهان پيغام ڏنو آهي قبول ڪرڻ جو سوال باقي نه رهيو. پاڻ فرمايائون ته اهو مون وٽان اٿي ڇوڪريءَ جي والده سان مشورو ڪرڻ ويا آهن. ان چيو هن ان جو نڪاح محمد بن الاشعث سان ڪري ڇڏيو. پاڻ پڇيائون ڪڏهن. ان چيو هاڻي دروازي تي. ان کانپوءِ حضرت علي رضه حسن جو نڪاح جعده سان ڪري ڇڏيو. پوءِ جڏهن سعيد محمد بن الاشعث سان مليو ته ان سخت لفظ چئي ڪري ان تي دوکي ڏيڻ جو الزام لڳايو. ان سعيد کي خراب چيو ۽ چيو ته مون سان ابن (فرزند) رسول الله جي باري ۾ مشورو ڪيو، ان کان وڌيڪ ناداني ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.

                        وري اشعث حضرت رضه وٽ آيو ۽ ان کي چيو ته اي ابو محمد پنهنجي ڪنوار کي ڏسڻ جي لاءِ نٿو هلين؟ جڏهن ان هلڻ جو ارادو ڪيو ته ان چيو ائين هلڻ نه ٿيندو. الله جو قسم منهنجي قوم جي چادرن تي توهان هلندؤ، ته ان جي استقبال جي لاءِ بني سعده چٽسالي رستي جي ٻنهي طرف کان صفون ٻڌي آيا ۽ ان هتان کان باب الاشعث تائين چادرون وڇائي ڇڏيون. (انهن تي حضرت حسن رضه  کي وٺي ويا).

وحشي بن حرب جي حافظي جي قوت جو واقعو

                        وحشي بن حرب بابت جعفر بن عمر ضمري چوي ٿو ته مون عبيدالله بن عدي بن خيار سان گڏ (شام جي لاءِ) نڪتس مون سان عبيدالله وحشي سان ملاقات جي هل چل ڪئي. جيئن ته اسان وڃي ان جي سامهون بيهي رهياسين اسان سلام ڪيو. ان سلام جو جواب ڏنو ۽ عبيدالله پٽڪي کي پنهنجي منهنجي تي ايترو ويڙهي ڇڏيو هو جو وحشي ان جون فقط اکيون ئي ڏسي سگهيو پيئ ۽ ٻئي پير عبيدالله چيو اي وحشي! تون مون کي سڃاڻين ٿو؟

                        ته هن نظر وڌي پوءِ چيو ته الله جو قسم ان کان وڌيڪ نه ته مون کي ڄاڻ آهي عدي بن خيار هڪ عورت سان نڪاح ڪيو هو. ان جي عدي مان هڪ ڇوڪرو ڄائو هو ان جي لاءِ عديءَ کير پيارڻ واريءَ جو انتظام ڪيو. مان ان ڇوڪري کي هنج ۾ وٺي ڪري، ان ماءَ سان گڏ هليو ۽ ان کي کير پيارڻ واريءَ ڏانهن پهچائي ڇڏيو. ان وقت مان ڄڻ ان ڇوڪري جي پيرن کي ڏسي رهيو آهيان (عبيدالله بن عدي ان ڇوڪري جو نالو. جيڪو هاڻي جوان ٿي ان جي سامهون آيو هو)