صالحين جون هدايتون

idara letterhead universal2c

صالحين جون هدايتون

بنت عطاءَ الله پٺاڻ

جامعه مريم للبنات گلشن اقبال، ڪراچي

١. زبان مان نڪتل لفظ دنيا وارا ٻڌندا آهن ۽ دل مان سوز گداز جا لفظ هڪ الله پاڪ ٻڌي ٿو.

جيڪو نيري ڇت جي مالڪ اڳيان روئي ٿو، نيري ڇت وارو ان کي ڪنهن ٻئي آڏو روئڻ نه ڏيندو آهي.

٣. اڪيلو هجين، دنيا جو (اهڙو وسيلو سنگتي ساٿي، مٽ مائٽ نه هجي ته گهٻراءِ نه، ڏٺو اٿئي ته عقاب  (باز) هميشه اڪيلو ئي اڏام ڪندو آهي ۽ ڪبوتر، ڪانو هميشه گڏجي اڏامندا آهن.

٤. مالڪ سائين! محتاجي هڪ قسم جي خواري ۽ ذلالت آهي، رڳو پنهنجو محتاج بناءِ!

٥. زال، زمين تي نيري آسمان واري مالڪ جو نيارو تحفو آهي. شريعت سڳوري هڪ مرد جي دل لڀائڻ لاءِ ڀانت ڀانت چيزن مان پنهنجي اُتساهه ۽ شوق پوري ڪرڻ لاءِ چار شاديون ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. ڏسون ٿا ته مختلف ٻولين ۾ به چئين جو تعداد ان جي نالن مان به حاصل ٿئي ٿو. مثال طور: لفظ شادي، جا حرف چار، نڪاح ۾ حرف چار، لفظ شوهر جا حرف چار، لفظ بيگم جا حرف چار، لفظ بيوي ۾ حرف چار، لفظ نساءَ ۾ هرف چار، لفظ ناوي (پشتو) ۾ حرف چار، لفظ پتني (هندي) ۾ حرف چار، لفظ مائي (سنڌي) ۾ حرف چار، لفظ وائف (انگريزي) ۾ حرف چار، دلهم ۾ حرف چار، هٿ ۾ آڱريون چار، دل جا خانا به چار، هڏين جي ڊاڪٽر جو ڏس پتو پاڻ وٽ هئڻ کپي ڇو ته لفظ ڏنڊو، جوتو، فساد، جهيڙو ۾ به حرف چار، سمورا گڏ ڪياسين ته نتيجو نڪتو ته نڪاح ۾ اچي سگهن ٿيون زالون ”چار“!

٦. توبه ڪندڙ ۽ هنجون هاريندڙ جي هنجوئن جو به ڪمال آهي. ڪرن ته ٻاهر ٿا پر صفائي اندر جي ڪريون ٿا ڇڏين.

٧. خوشيءَ مهل هوريان، آهستي، جهيڻي، ۽ جهڪي آواز سان کلندا ڪريو متان غم، درد، ڏک جاڳي پوي! جي غمگين ۽ ڳڻتين جي ور چڙهيل هجو ته هورڙيان روئيندا ڪريو متان اچڻ واري خوشي نا اميديءَ ۾ بدلجي منهن نه مٽي وڃي!

٨. تعلق ۽ لاڳاپو رهي يا نه رهي پر عزت ۽ احترام باقي رهڻ کپي اها ڪنهن به ماڻهوءَ جي اولي، خانداني، ۽ معياري هئڻ جي نشاني آهي.

٩. هڪ ماڻهوءَ سان توهان کي محبت آهي اها محبت انسان کي جهڪڻ تي، هيٺاهين وٺڻ تي، نرمي ڪرڻ ۽ نعمتن ڏيڻ تي، سائين سائين ڪرڻ تي، ۽ پاڻ کي ذليل خوار ڪرڻ تي رڳو هن لاءِ مجبور ڪري ٿي ته متان هو رسي منهن مٽي وڃي.

١٠. مخلص ۽ سچو ماڻهو هميشه اڪيلو رهجي وڃي ٿو. هن لاءِ نه ته ڪو سندس ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي پر هن لاءِ ته ان جو ضمير کيس اجازت نٿو ڏئي ته هو منافق ۽ بي ايمان فسادين سان تعلق ڳنڍي.

١١. ڪنهن ڪنهن کي راضي ڪندا… بس هڪ الله پاڪ کي راضي ڪري وٺو سڀ پنهنجا ٿي ويندا.

١٢. خبر اٿو؟ سڀ کان وڌ ڏک پهچائڻ واري ڪهڙي ڳالهه آهي؟ محبوب جو منهن مٽي وڃڻ، محبوب ۽ مٺي گفتگو وارن جو کهرو ڳالهائڻ، ڏک درد ونڊيندڙ جو ڌتارڻ، ڄاڻ سڃاڻ وارن جو ڌاريو بنجي وڃڻ، نظرن جو مٽجي وڃڻ، ۽ پنهنجائپ جو ڌاريائپ ۾ بدلجي وڃڻ.

١٣. جڏهن سر سجدي ۾ رکي ٻاڏائين ته ائين سمجهه ته مون کان وڌ ڪو گنهگار ۽ خراب ناهي ۽ مٺڙي الله کان وڌ ڪو مهربان ناهي.

١٤. جڏهن مايوس ٿيڻ لڳو ته موليٰ مهربان جون پاڻ تي ٿيل مهربانيون ياد ڪرڻ شروع ڪري ڏي پنهنجو پاڻ پرسڪون ٿي ويندؤ.

١٥. الله پاڪ ان هنڌان در کولي ٿو جتان توهان کي وهم و گمان به نه هوندو (القرآن)

١٦. جڏهن نظرون پليت ٿيڻ لڳن ندامت جي ڳوڙهن جي ڳڙن سان ڌوئي صاف ڪريو، توهان جي دل دماغ ۾ رب پاڪ جي نافرماني، بغاوت جي باهه ڀڙڪي پوي ته ان کي سجدي جو نشو پياري ڇڏيو ۽ چئو سبحان ربي الاعليٰ

١٧. پاڻي جڏهن پنهنجي حد مان ٻاهر نڪري وڃي ته طوفان سڏجي ٿو، انسان پنهنجي حد مان نڪري ٿو ته شيطان سڏجي ٿو.

١٨. جڏهن دل مداغ و جان سان الله پاڪ سان محبت پيدا ٿي ويندي آهي ته باقي دنيا ۽ ان ساز و سامان ۽ ماڻهن کان دل ٽُٽي ويندي آهي.

١٩. اي الله! حاجتون ضرورتون پوريون ڪندڙ رب! مشڪل ڪشا موليٰ! تنهنجا حقير ڪمزور ٻانها تنهنجي اڳيان هٿ ڊگهيڙيو ويٺا آهن! توکي تنهنجي ڪريمي رحيمي جو واسطو، منهنجي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ ”ڪُن“ چئي ڇڏ! بيشڪ تون سڀ ڪم تي وس وارو آهين!

٢٠. فڪر شنبه تلخ دارد تعطيل جمعه، اطفال را (ڇنڇر ڏينهن پڙهائي تي وڃڻ جي ڳڻتيءَ ۾ طالبن کي جمعي ڏينهن جي موڪل ڪڙي لڳندي آهي.

٢١. ابرو باد و خورشيد و فلڪ در ڪار اند، چون نان بڪف اآوري بغفلت مخوري (ڪڪر، هوا، سج چنڊ تارا، فلڪ آسمان کان سموري جان سمورا تنهنجي ڪم ۾ لڳل آهن ته جيئن تون روزي ڪمائي پيٽ ڀري سگهين زنده رهي سگهين. سو ياد رک متان غافل ۽ بي خبر رهين مالڪ ملڪ جو هر گهڙي شڪريو ادا ڪندو رهه!)

٢٢. پاڪ پيغمبر فرمايو چار شيون جڏهن توهان کي مليون ته فائدي ئي فائدي ۾ آهيو، نقصان ۾ نه پوندؤ. (الف) سچي زبان (ب) امانتداري (ج) خوش اخلاقي (د) رزق حلال

٢٣. ننڍن ٻارن جون پنج عادتون ڏاڍيون وڻن ٿيون: (١) روئي گهرن ۽ روئي پنهنجي جائز ڳالهه مڃرائي وڃن ٿا. (روئڻ ۾ فائدو آهي) (٢) مٽيءَ ۾ ويٺا کيڏندا آهن (غرور، وڏائي کي مٽيءَ ۾ پوريو ڇڏين) (٣) وڙهن ٿا وري ٺهيو وڃن (دل ۾ حسد، ساڙ، ڪينو ڪونه رکن) (٤) گڏجي سڏجي کائين ۽ کارائين (گهڻي گڏ ڪرڻ جو حرص نٿا رکن) (٥) مٽيءَ جا گهرڙا ٺاهيو وري ڊاهيو ڇڏين (دنيا جي بيوفائي، بي ثباتي ۽ فنائيت ٻڌائين ٿا).

٢٤. پاڻ سڳورن فرمايو پيشاب جي قطرن کان (پنهنجو پيشاب يا جانور جو پيشاب هجي) پاڻ کي بچايو. ياد رکو ان جيڪري عذاب قبر جو ٿيندو آهي (پيشاب لڳي وڃي ته جلد ڌوئي استغفار چوڻ گهرجي)

٢٥. سيئات اعمالنا…. نيڪ عمل خواب ٿيڻ جو مقصد هي آهي ته نيڪ عمل ڪرڻ مهل ڪنهن ٻئي کي خوش ڪرڻ جو خيال دل ۾ اچي وڃي يا چوي ته ٻيو ماڻهو ڏسي وهواهه ڪندو جو جهڙو خيال دل ۾ اچڻ وغيره آهي. يا ماڻهن جي منهن تي ته ڏاڍي ڀلي ۽ سهڻي نموني عبادت ڪري ۽ پنهنجي منهن هجي ته جند ڇڏائڻ واري عبادت ڪري سجدا رڪوع اڻپورا… اهو آهي نيڪ عمل جو برو ٿي وڃڻ.

٢٦. جنت الفردوس ڏي ويندڙ ريل گاڏي ”رمضان ايڪسپريس“ پنهنجي مقرر وقت تي ”بندگي پليٽ فارم“ تي پهچڻ واري آهي. مسافرن کي اطلاع ڏجي ٿو ته سفر ۾ پنهنجو سامان روزو، نماز ، ذڪر، تلاوت، زڪوات، صدقو، خيرات ۽ نيڪين جي ڳنڍ کي تيار رکن ۽ جلد سوار ٿيڻ جي ڪوشش ڪن هيءَ گاڏي ليلة القدر کان ٿيندي پنهنجي آخري اسٽيشن ”عيدالفطر“ 30 رمضان تي پهچندي . صبح 7 بجه توهان کي سفر جي مبارڪ هجي.

٢٧. ڪي ماڻهو ظاهري محبت ۾ محبوب لاءِ دل سان ويٺا روئيندا آهن، ڪاش! ايترو ڪنهن عبادت ۾ روئن ها ته دنيا سندن لاءِ جنت بنجي وڃي ها.

٢٨. خوش ٿيڻ، خوش هئڻ، خوش رهڻ گهرو ٿا ته وقت تي عبادت ڪريو.

٢٩. چهرو خوبصورت، رونقدار بنائڻ گهرو ٿا ته تهجد نماز پڙهو.

٣٠. دلي سڪون ۽ سانت گهرجي ته تلاوت ڪريو.

٣١. صحت جا طالبو آهيو ته گهٽ کائو ۽ روزا رکو.

٣٢. مصيبتن کان بچاءَ گهرو ٿا ته استغفرالله گهڻو چئو.

٣٣. برڪت گهرو ٿا ته صلوات شريف گهڻي پڙهو.

٣٤. ڏاڍا مصروف هئا. هوا تي به سندن حڪومت پئي هلي. تڪبر، طاقت، بادشاهي بلند وارا هئا… سڀ پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ لڳل هئا…. روزي، نماز کان پٺيرا هئا. مسجدون ويران… دنيا جو هرص سڀني کي وڪوڙي چڪو هو… هڪ زبردست طاقتور هستيءَ کي پٺيءَ ڏيئي ويٺا هئا… تمام مٿي اڏام ڪري چڪا هئا… پنهنجو اصل مالڪ خالق وساري ويٺا هئا… پنهنجو خدا ناراض ڪيو ويٺا هئا… نيٺ اُن هستيءَ به کانئن منهن مٽيو، هنن کي اونداهين ۽ انڌارين ۾ سٽبو… رڳو وحشت ۽ خوف ڇانيل آهي… هر ڳوٺ، بستي، وسندي ڀيانڪ نظر اچي پئي… هر هنڌ ممڻ مچيل آهي… محبت ميٺاج ناهه… سڀني جي وات تي ماٺارجي مُهر هڻي ڇڏي آهي… دليون پسيون ۽ اداس بنائي ڇڏيائين… پنهنجي مهر ۽ رحم واري در کان ڌتاري ڇڏيائين… ڏسوسندس گهر خالي پيو آهي… اوطاق، آکاڙو، محفل آباد آهي… دنيا تي قهار جو قهر ۽ ڏمر ڏانگ کنيو بيٺو آهي… لوگو! اڃا به وقت آهي پنهنجي رُٺل رب راضي ڪري وٺو… هو هاڻي به توهان سان چاهه رکي ٿو… اڄ به توهان ان کي وڻو ٿا… متان دير ٿي وڃي… زمين الٽ پلٽ نه ٿي وڃي… لوگو! هو ننڍڙي ٻار جيان جلد پرچي پوي ٿو… پرچي ته پل ڀري… هو تمام جلد مڃي وڃي  ٿو جيڪو سندس ڏي هلي وڃي ٿو… جي ليلائي نه لهين ته پڻ ليلائيج…. آسرو م لاهيج، سڄڻ سٻاجهو گهڻو.

٣٥.  طاقت ۽ اختيار جيستائين ساٿ ڏئي ته الله پاڪ جي مخلوق سان ڀلائي ۽ احسان ڪندا رهو، آساني پيدا ڪندا رهو ڇو ته انسان جي طاقت ۽ اختيار هميشه لاءِ باقي نٿا رهن پر ٿيل احسان ۽ نيڪي ضرور باقي رهن ٿا.

٣٦. سيد عطاءَ الله شاهه بخاري صاحب اسٽيج تي چڙهيو ڪرسيءَ تي ويٺو تقرير ڪرڻ لاءِ، مٿا جا وڏا ۽ کنڊريل وار ۽ کنڊريل بنا ڦڻيءَ جي ڏاڙهي مبارڪ… سامهون اخباري نمائندو بيٺو فوٽو ڪڍڻ لاءِ مولوي صاحب چيو: ”بابا منهنجو مثال آهي ڪمند جي ڇڙيءَ جهڙو وڃ ڪنهن ڇليل صاف سٿري ڳنڍيريءَ جو فوٽو ڪڍ ته اخبار ۾ سهڻي صورت ته نظر اچي.

٣٧. اولاد نه ڄمندي هجي جيئن اڄڪلهه چيو وڃي ٿو شاديءَ کي ١١ سال… ٨ سا… وغيره ٿي چڪا آهن ته سوره مريم جي روزانو تلاوت ڪجي زال مڙس ٻئي ۽ جي رڳو نياڻيون نياڻيون ڄمنديون هجن ته پٽ نيڪبخت ڄمڻ لاءِ روزانو سورت يوسف پڙهجي زال مڙس ٻئي يا ڪوبه هڪ پڙهي اولاد ڄمڻ تائين.

٣٨. چوندا آهن ته دوستيءَ جي هميشه حفاظت ڪندا رهو ڇو ته دوست نعمت به آهي، دعا به، رشتو به آهي، ڀروسو به، طاقت به، احساس به، ميٺاڄ به، حقيقت به، محبت، وفا به، پسند به، چاهت به، سهارو به، راز به، پردو به، گل به، خوشبو به، اميد ۽ آسرو به ۽ دلي سڪون ۽ فرحت به.

٣٩. ماءُ کانسواءِ گهر قبرستان آهي.

٤٠. سخت پٿر دل کي به ماءَ جي ڳرندڙ ڳوڙهن سان نرم ڪري سگهجي ٿو.