محمد احمد مهر لکي غلام شاهه
سيرت جي معنيٰ آهي طريقو ۽ عادت
يعني ڪنهن ڪم جو طريقو يا ڪنهن ڪم کي اختيار ڪرڻ جو اندازو ۽ هلڻ جو طريقو.
پوءِ اهو لفظ رسالت مآب صلي الله عليه وسلم جن لاءِ خاص ٿي ويو، اسلامي علومن ۾ اهو لفظ سڀ کان پهريان غير مسلمانن سان معاملو ڪرڻ يا جنگ ۾ صلح ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو رهيو، پوءِ رفته رفته اهي سڀ شيون شامل ڪيون ويون جن جو تعلق حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي ذات اقدس سان هيو.
“علم سيرت جي فضيلت ۽ اهميت”
قرآن پاڪ جون اهي سموريون آيتون جنهن ۾ حضور اڪرم ﷺ جي پيروي، تابعداري ۽ فرمانبرداري جو حڪم ڏنو ويو آهي. اهي سڀ سيرت جي فضيلت بيان ڪرڻ ٿيون ته انسان جي ڪاميابي رسول الله ﷺ جي دڳ ۽ طريقي ۾ رکيل آهي.
مثلا:
1. وَ اِنۡ تُطِیۡعُوۡہُ تَہۡتَدُوۡا ؕ (النور 54)
2. وَ مَاۤ اٰتٰىکُمُ الرَّسُوۡلُ فَخُذُوۡہُ ٭ وَ مَا نَہٰىکُمۡ عَنۡہُ فَانۡتَہُوۡا ۚ. (الحشر 7)
3. یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اَطِیۡعُوا اللّٰہَ وَ اَطِیۡعُوا الرَّسُوۡلَ وَ اُولِی الۡاَمۡرِ مِنۡکُمۡ ۚ (النساء 59)
علامه ابن قيم رح پنهنجي مايه ناز ڪتاب زاد المعاد ۾ لکيو آهي ته: سيرت جو علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان تي فرض آهي. (ج 1/ 69)
ڇو ته ٻنهي جهانن جي ڪاميابي رسول الله صلي الله عليه وسلم جي حڪمن ۽ طريقي ۾ آهي، اهي حڪمَ ۽ پاڻ سڳورن ﷺ جي زندگي گذراڻ جو طريقو ،اسان کي حضور ﷺ جي سيرت ۾ ملندو.جيڪو شخص ڪاميابي ۽ نجات جو طالب آهي ته ان کي گھرجي ته اهو سيرت جو مطالعو ڪري.
“سيرت جي تدوين”
پهرين هجري ۾ معلومات گڏ ڪئي وئي، ٻي هجري ۾ تابعين ۽ تبع تابعين جي دور ۾ ان فن کي باقاعده مدون ڪيو ويو، ٽي هجري تصنيف ۽ تاليف جو دور آهي،جنهن ۾ سيرت تي وڏا وڏا ڪتاب لکيا ويا. سڀ کان اهم ڪتاب ”سيرت ابن هشام“ آهي .جيڪو سيرت جي امام محمد بن اسحاق جو لکيل هيو،ان کي ابن هشام سنواري ۽ سينگاري ڪري پيش ڪيو.
علم سيرت جو باني حضرت عروه بن زبير آهي، ان سيرت جو علم حضرت عائشه ،پنهنجي امڙ حضرت اسماء بنت ابي بڪر ۽ والد حضرت زبير ۽ ٻين صحابين کان حاصل ڪيو.
ابتدائي دور جي سيرت نگارن جو مختصر احوال:
پهريون سيرت نگار
1. حضرت عروه بن زبير (22_93)
حضرت عروه بن زبير جيڪو جليل القدر تابعي، محدث، فقيه ۽ مؤرخ هيو. ان کي اهو اعزاز حاصل آهي ته ان سيرت تي سڀ کان پهريان ڪتاب جوڙيو.ڇوته اهو وڏي علمي گھراڻي جو فرزند هيو،حضرت عروہ ان کي غنيمت ڄاڻيدي پنهنجي بزرگن کان فائدو وٺندي سيرت تي معلومات گڏ ڪرڻ شروع ڪئي، جنهن ۾ عروه بن زبير حضرت عائشه رضه کان استفادو ڪيو،حضرت عائشه کان وڌيڪ حضورﷺ جي ويجھو ۽ سيرت جو ڄاڻو ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو، ۽ پنهنجي امڙ سائنڻ اسماء کان علم حاصل ڪيو،جيڪا بي بي اسماء پاڻ سڳورن ﷺ جن کي هجرت جي وقت غار ثور ۾ پناھ جي موقعي تي ماني پهچائيندي هئي. اهڙي طرح پنهنجي والد بزرگوار حضرت زبير کان رهنمائي ورتي جيڪو پهرين مسلمانن منجهان هيو،ان کان علاوه ٻين بزرگ صحابه کان سيرت جو علم حاصل ڪري هڪ ڪتاب ”مغازي رسول الله صلي الله عليه وسلم.“ ترتيب ڏنو.
اسان جي خوش قسمتي آهي جو اهو ڪتاب زماني جي حالتن کان محفوظ رهيو ۽ اسان تائين پهتو آهي،حضرت عروه جو اهو ڪتاب ڊاڪٽر محمد مصطفي اعظمي جي تحقيق سان ڇپيو آهي.تازو پروفيسر اسرار احمد علوي مرحوم به ان جو سنڌي ٻولي ۾ مفصل شرح لکيو آهي.جيڪو مهراڻ اڪيڊمي وارن ڇاپيو آهي.
2. حضرت ابان بن عثمان (20_105)
حضرت ابان بن عثمان جيڪو حضرت عثمان غني جو پٽ ۽ مغازي جو وڏو ڄاڻو هيو.
ان به مغازي تي ڪتاب جمع ڪيو. حضرت ابان پنهنجي دور جو وڏو سيرت نگار،محدث ۽ فقيه هيو.ٻي صدي هجري جي وڏن سيرت نگارن ۾ ان جو شمار ٿيندو هيو.
3. موسي بن عقبه (141 ت)
معروف سيرت نگار ۽ محدث هو. ان بزرگ امام زهري جي روايتن کي نئي انداز ۾ جمع ڪيو ۽ ترتيب ڏني. ان بزرگ جي ڪتاب کي مديني پاڪ ۾ سند جي حيثيت حاصل هئي.
4. وهب بن منبه (43_116)
مؤرخ، ڪتب قديمه جو مصنف ۽ معروف تابعي هيو. ان جو نسخو جيڪو ان جي وفات کان سو سال کان پوءِ ڇپيو،جيڪو اڄ به جرمني ۾ موجود آهي.
5. شرحبيل بن سعد (123ت)
جيڪو مغازي جو عالم ۽ صاحب فتوي هو، حضرت ابو هريره ۽ حضرت ابو سعيد خدري جو شاگرد هو.
6. محمد بن شهاب زهري (58_124)
جيڪو امام مالڪ سميت وڏن وڏن محدثن جو استاد هيو، معروف محدث ۽ علم حديث جو باني آهي. هڪ وقت تائين مورخ امام زهري جي سيرت جو باني به لکندا رهيا،ليڪن جڏهن حضرت عروه جو نسخو دريافت ٿيو ته اها ڳالھ ثابت ٿئي ته امام زهري کان پهريان به سيرت تي ڪم ٿيل آهي. امام محمد بن اسحاق جنهن کي پوري دنيا سيرت جو امام مڃيندي آهي،اهو امام زهري جو شاگرد هيو،امام زهري جو سيرت تي لکيل ڪتاب محفوظ نه رهي سگھيو.
7. سلمان بن طرخان. (46_143)
ان بزرگ جي ڪتاب کي به سيرت جي پهرين ڪتابن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
8. امام علي بن حسين زين العابدين(38_95)
امام سڳوري به پنهنجي ياداشت سان سيرت تي مجموعو گڏ ڪيو هو، ان کي واقدي ۽ ابن ڪثير بيان ڪيو آهي.
9. محمد بن اسحاق (704_767)
محمد بن اسحاق جيڪو سيرت جو امام ليکبو آهي، الله تعاليٰ ان کي فن سيرت ۽ علم المغازي ۾ وڏو مقام عطا فرمايو، پوءِ وارن سڀني سيررت نگاري امام محمد بن اسحاق کان استفادو ڪيو ۽ ان جي روشني ۾ ڪتاب جوڙيا. امام محمد بن اسحاق ٽن جلدن ۾ سيرت تي ڪتاب لکيو.
سيرت کي محفوظ ڪرڻ جا سرڪاري اپاء:
پهريون دفعو حضرت عمر بن عبدالعزيز جي دور ۾ سرڪاري طور تي سيرت کي محفوظ ۽ عام ڪرڻ جا قدم کنيا ويا،جڏهن ماڻهن ۾ بدعت عام ٿي ته حضرت عمر بن عبد العزيز حڪم ڏنو ته عوام کي سيرت ٻڌائي وڃي .جيئن ماڻهو گمراهي کان بچي سگھن. هڪ طرف عمر بن عبد العزيز امام زهري کي سيرت تي ڪتاب لکڻ جو حڪم ڏنو ۽ ٻي پاسي سيرت جي وڏي عالم عاصم بن عمر انصاري کي مقرر ڪيو ته اهو دمشق جي جامع مسجد ۾ سيرت تي درس ڏي. اها سرڪاري طور تي پهرين ڪوشش هئي جنهن ۾ سيرت کي محفوظ ڪرڻ جا اپاءَ ورتا ويا هئا.
سيرت جا ماخذ
(1) قرآن (2) حديث (3) مغازي
(4) تاريخ (5) دلائل النبوة(6) شمائل النبوي
“سنڌ ۾ سيرت نگاري”
سنڌ صدين کان علم و عرفان جو مرڪز رهي آهي. هتي قرآن و حديث جا وڏا ڄاڻو ۽ فقه جا وڏا ماهر پيدا ٿيا آهن، پراڻي زماني کان وٺي هيءُ وڏو مردم خيز خطو رهيو آهي. وڏا عالم،صوفي، محدث هن ڌرتي جا سپوت رهيا آهن. سنڌ ڌرتي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سڀ کان پهريان قرآن پاڪ جو ترجمو سنڌي ٻولي ۾ ڪيو ويو. اهڙي طرح هتان جي بزرگن حديث جي ميدان ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. جھڙوڪ: امام ابوالحسن الڪبير السندي، امام عابد سنڌي ۽ شيخ محمد حيات سنڌي انهن ۾ وڏا نالا آهن. اسان جي عالمن تصوف، فقه و فلسفه جو ميدان به خالي ناهي ڇڏيو،انهن فنونن ۾ اسان جي بزرگ پاڻ ملهايو آهي. اهڙي طرح سيرت جي فن ۾ اسان جا بزرگ اڳڀرا رهيا آهن،جڏهن ٻي صدي ۾ سيرت جو فن باقاعده مدون ۽ مرتب ٿي رهيو ته اسان جي سنڌ جي عظيم سپوت امام ابو معشر نجيح بن عبد الرحمان سنڌي جيڪو سيرت ۽ مغازي جو وڏو ڄاڻو هيو. ان سيرت تي ڪتاب لکيو. پر ان جو اهو ڪتاب زماني جي حادثن جي ڪري محفوظ نه رهي سگھيو. پر واقدي ۽ ابن سعد ان جي ثابتي ڏني آهي ۽ ان بزرگ سڳوري جي ڪتاب جا ڪجهه ٽڪرا پنهنجن ڪتابن ۾ بيان ڪيا آهن. امام احمد بن حنبل جھڙي ڀلاري بزرگ ان سنڌي عالم جي لاءِ فرمايو ته: بصير في المغازي يعني اهو سيرت ۾ بصيرت وارو آهي. ڪنهن به سنڌي بزرگ جو اهو سيرت تي پهريون ڪتاب هيو.
مڪاتيب النبي صلي الله عليه وسلم
نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جن دعوت و تبليغ لاءِ جيڪي مختلف ملڪن جي بادشاهن ڏي خط لکيا، اهي خط به سيرت جو اهم باب ۽ حصو آهن. مختلف عالمن انهن خطن کي گڏ ڪري ڪتاب جوڙيا آهن. ٽي صدي جي سنڌي عالم امام ابو جعفر محمد بن ابراهيم بن عبدالله ديبلي به انهن عالمن مان آهي،جنهن سيرت جي ان گوشي تي ڪم ڪيو، انهن خطن کي گڏ ڪري ڪتاب لکيو. خوشي جي ڳالهه آهي،اهو ڪتاب اسان وٽ محفوظ آهي، جنهن جا سنڌي ۽ اڙدو ۾ به ترجما ٿيا آهن.
بذل القوة في حوادث سني النبوة
مخدوم محمد هاشم ٺٺوي رح،جنهن سيرت موضوع تي ” بذل القوة في حوادث سني النبوة “نالي تحقيقي ڪتاب لکيو.
هيءُ ڪتاب عالم اسلام ۾ پنهنجي طرز جو منفرد ۽ يڪتا ڪتاب آهي.
هي ڪتاب ٻن حصن ۾ آهي:
پهرين حصي ۾ هجرت کان اڳ جا واقعا ۽ ٻي حصي ۾ هجرت کان بعد وارن واقعن کي سال جي ترتيب سان بيان ڪيو ويو آهي.
اهو ڪتاب مخدوم امير احمد جي تحقيق سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيل آهي.
مخدوم صاحب پاڻ ان ڪتاب جو خلاصو ”فتح العلي في حوادث سني نبوة النبي صلي الله عليه وسلم“ جي نالي سان لکيو آهي. اهي ٽي ڪتاب سيرت جي موضوع تي سنڌي عالمن جا عربي ٻولي ۾ هئا.
سنڌي ٻولي ۾ سيرت پهريون تي ڪتاب
سنڌي ٻولي ۾ سڀ کان پهريان سيرت جي موضوع تي ڪتاب لکڻ جو اعزاز سنڌ جي مايه ناز، محدث،فقيه،محقق عالم مخدوم محمد هاشم رح کي حاصل ٿيو ته انهن “قوت العاشقين” نالي ڪتاب نظم ۾ لکيو. جنهن ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جا معجزا بيان ڪيا ويا آهن، هن ڪتاب ۾ 160 معجزا بيان ٿيل آهن، جيڪي پوري تحقيق ۽ سند سان بيان ٿيل آهن.ان ڪتاب جا نثر ۾ به ترجما ٿيا آهن،هڪ ترجمو مولانا محمد رمضان ڦلپوٽي ڪيو آهي،جيڪو جمعيت علماء اسلام شعبه نشر واشاعت طرفان ڇپيل آهي.
شمائل نبوي
شمائل نبوي جنهن ۾ نبي سڳوري ﷺ جي اخلاقن،عادتن حليي مبارڪ ۽ زندگي جو بيان هجي. ان موضوع تي سڀ کان پهريان ڪتاب امام ترمذي رح لکيو،جنهن جا تقريبا هر ٻولي ۾ ترجما ٿيا آهن.
شمائل ترمذي جو سڀ کان سنڌي ۾ منظوم ترجمو ۽ شرح مخدوم عبدالسلام ۾ ڪيو آهي، ان شرح جو نثري ترجمو مولانا محمد ٻنوي ڪيو آهي،مولانا ديوبند جو فاضل هيو. ۽ عربي، فارسي ۽ سنڌي جو وڏو شاعر ۽ اديب هيو. اهو ترجمو اڻ ڇپيل آهي.
شمائل ترمذي جو مفصل ۽ بهترين شرح سنڌي ٻولي ۾ حضرت سائين ٻير وارن لکيو آهي. جيڪو عمده ۽ ڀلو آهي. ۽ مجلس علمي پاران ڇپيل آهي.
ان کان علاوه سون جي تعداد سنڌي ٻولي ۾ سيرت جي موضوع تي ڪتاب لکيا ويا آهن ۽ ترجما ٿيا آهن..پر ڪجهه ڪتاب جيڪي نهايت تحقيق ۽ تفصيل سان لکيا ويا اهي پڙهڻ گھرجن.سنڌي ٻولي ۾ اهڙن تحقيقي ڪتاب فقدان هيو.
اهي ڪتاب هي آهن:
1. ٻنهي جھانن جو سردار از مخدوم امير احمد جو لکيل آهي.
2. مولانا حڪيم سيوهاڻي جو ڪتاب حيات النبي ۽ اخلاق النبي
3. مولانا دائود غزنوي جو ڪتاب سيرت النبي
4. سيرت مصطفيٰ ﷺ از مولانا محمد عظيم “شيدا” اهي ٻئي ڪتاب تحقيق سان لکيل آهن ۽ ٻولي به وڻندڙ ۽ سليس آهي.
5. جامع قصص الانبياء (سيرت وارا حصا)
هن ڪتاب جو مصنف ناميارو عالم، هاڪاري مصنف ۽ اديب مولانا محمد قاسم سومرو آهي، ڪتاب ٽوٽل چئن جلدن تي ٻڌل آهي، جنهن مان ٻه ضخيم جلد سيرت جي متعلق آهن. مولانا صاحب ڪمال جي محنت ۽ جاکوڙ سان وڏو تحقيقي مواد سولي سنڌيءَ ۾ گڏ ڪيو آهي. شايد ايڏي شرح ۽ بسط سان ڪنهن ٻي سنڌي بزرگ ڪم ڪين ڪيو هجي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ سيرت تي انوکو ڪم:
سيرت تي مختلف ٻولين ۾ انوکو ڪم به ڪيو آهي ته بغير نقطن جي ڪتاب لکيا ويا آهن عربي اردو ۾ ته نقطن کان سواءِ ڪتاب لکڻ سانجھا آهن، پر سنڌي ۾ ڏکيا آهن ڇو ته اسان جي ٻولي ۾ هڪ اکر ۾ چار چار نقطه آهن جس هجي رسول بخش تميمي کي جنهن سنڌي ٻولي ۾ بغير نقطن جي ڪتاب “محمد رسول الله” لکيو آهي.
حوالا:
1.مقالات قاسمي. مرتب سعيد احمد سومرو
2.محاضرات سيرت از ڊاڪٽر محمود احمد غازي
3.سنڌي ۾ لکيل اسلامي ڪتابن جو تنقيدي جائزو از ڊاڪٽر مفتي محمد ادريس السندي
4.مختلف ويب سائيٽس