سيرت جون محفلون اسلام لاءِ لمحه فڪر

idara letterhead universal2c

سيرت جون محفلون اسلام لاءِ لمحه فڪر

محمد عرفان عباسي

                        ربيع الاول جو مهينو اچي ويو آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾ هي مهينو سيرت النبي ﷺ جي محفلن، جلسن ۽ ڪانفرنسن جي بهار آڻيندو آهي. مجي شايد ئي ڪوئي ڳوٺن ۽ شهرن جو ڪوئي پاڙو اهڙو هجي جتي سيرت طيبه جو مبارڪ تذڪري جي لاءِ ڪوئي نه ڪوئي محفل منعقد نه ٿيندي هجي. حضور ﷺ جن جي سيرت طيبه جو هڪ اهڙو موضوع آهي جو ڪڏهن پراڻو نه ٿو ٿي سگهي، حضور ﷺ جن جو ذڪر دنيا ۽ آخرت ٻنهي جي سعادت آهي. ڇو جو هر دور ۾ امت مسلمه جي اصلاح ۽ فلاح جو جيڪڏهن  ڪوئي رستو ٿي سگهي ٿو ته، هو سيرت طيبه جي اتباع ۾ آهي. ان جي لاءِ هر مسلمان کي حضور ﷺ جن جي سيرت طيبه کي اپنائڻ گهرجي ۽ صرف هڪ مهيني ۾  نه بلڪه سال جي ٻارنهن مهينن ۾ گهر گهر ۾ نشر و اشاعت هجڻ گهرجي.

                        ليڪن هتي هڪ اهم سوال اسان جي لاءِ غور طلب آهي ۽ اهو هي آهي ته جڏهن اسان صحابه رضوان الله تعاليٰ عليهم اجمعين ۽ تابعين جي زماني ۽ قرون اول جي مسلمانن جي حالات جو مطالعو ڪيون ٿا ته اتي ”عيد ميلاد النبي ﷺ“، ”محفل ميلاد“، ”جلسه سيرت النبي“ يا ”سيرت ڪانفرنس“  ان قسم جي ڪنهن محفل جو ذڪر نه ٿو ملي، اتي حالت هيءَ نظر ٿي اچي ته هر سال ربيع الاول جو مهينو به اچي ٿو. ربيع الاول جي ٻارنهن تاريخ به اچي ٿي، ليڪن نه ڪوئي جلسو آهي نه جلوس. نه ڪوئي تقريب، نه چراغان، نه زيب و زينت، نه سجاوٽ. ٻين مهينن جي طرح ربيع الاول جو مهينو به سادگيءَ سان اچي ٿو ۽ سادگيءَ سان رخصت ٿي وڃي ٿو.

                        ليڪن جلسن، جلوسن، تقريبات ۽ ڪانفرنسن کان بغير به جڏهن اسان ان دور جي مسلمانن جي حالات جو جائزو وٺون ٿا ته انهن جون زندگيون سيرت طيبه جي طريقي ۾ گذرندي نظر اچن ٿيون. انهن جي ادا مان سيرت ۽ سنت جي خوشبو اچي ٿي ۽ انهن مان سيرت رسول ﷺ جو حسن ۽ جمال نظر اچي ٿو ۽ ان حسن ۽ جمال کي ڏسي ڪري ماڻهو اسلام جي طرف ايندي نظر اچن ٿا ۽ مسلمانن جي تعداد ۾ روزانو اضافو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

                        ٻئي طرف اسان پنهنجي حالات جو جائزو وٺون ته، نظر اچي ٿو ته اسان جي ملڪ جي محلي محلي ۾ سيرت جون محفلون منعقد ٿي رهيون آهن. ربيع اول جي مهيني جي اچڻ سان هر شهر ۾ جلسا، جلوس شروع ٿي ٿا وڃن. ٻارنهن ربيع الاول تي گهٽيون، روڊن رستن تي لائٽون به هونديون آهن. جڳه جڳه تي جلسا ۽ ڪانفرنسون به منعقد ٿينديون آهن. اخبارن ۽ رسالن ۾ خاص ايڊيشن ۾ سيرت تي خوبصورت مضمون به شائع ٿيندا آهن. ان جي باوجود هر سال جڏهن عيد ميلاد النبي ﷺ جون محفلون  اختتام تي پهچنديون آهن ته اسان جو جهوليون سيرت طيبه کان شايد زياده خالي هونديون آهن. سيرت طيبه تي ايتريون تقريرون ٻڌي ڪري ۽ ايترا مضمون پڙهي ڪري به اسان جي دل جي دنيا نه بدلي. اسان زندگيءَ ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي اچي، اسان جو ڪردار نه ٿو بدلجي ۽ اسان جو ڏينهن ۽ رات جن گناهن ۾ گذري رهي پئي انهن ۾ ڪمي نه ٿي ۽ نتيجو هي آهي ته اسان کي ڏسي ڪري ماڻهون اسلام جي قريب اچڻ جي باوجود اسلام کان ڀڄي رهيا آهن. اهڙي طرح اسان جو وجود الله معاف ڪري اسلام جي دعوت جي بجاءِ اسلام جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي ڪري رهجي ويو آهي.

                        سوال هي آهي ته آخر ائين ڇو آهي؟ اها هستي محسن انسانيت، سرور دو عالم حضرت محمد ﷺ پوري انسانيت جي لاءِ هڪ عظيم ۽ بي مثال معلم (استاد) بڻجي ڪري آيا جن جي تعليم ۽ تربيت صرف 23 سالن جي مختصر عرصي ۾ نه صرف پوري جزيره عرب کي بلڪه پوري دنيا کي جاهليت جي رسومات کان پاڪ ڪري ڇڏيو. پاڻ سڳورن ظلم ۽ جهالت جي اوندهه ۾ هدايت جو رستو روشن ڪري ڇڏيو. اڄ اسان ان سيرت طيبه کي پڙهي ٻڌي ڪري اسان ۾ تبديلي ڇو نه ٿي اچي؟

                        جيڪڏهن اسان حقيقت جي نظر سان ڏسون ته صحابه، تابعين ۽ قرون اول جا مسلمان انهن جي اندر ظاهري رسم رواج نه هئي. بلڪه سيرت طيبه انهن جي رڳ رڳ ۾ هئي. سيرت طيبه جي ذڪر لاءِ جلوس جلسي جي محفل منعقد ڪرڻ جي ضرورت نه ٿيندي هئي ڇو ته انهن جي پوري زندگيءَ ۾ سيرت طيبه ۽ عشق رسول ﷺ موجود هئي اهي جتي به ويهندا هئا ته سيرت جي محفل شروع ٿي ويندي هئي. انهن جي دلين ۾ عشق ۽ محبت جو چراغ روشن هئو. انهن جي سامهون چراغان ڪرڻ جي ڪابه حيثيت ڪانه هئي. انهن جي ڪردار ۾ سيرت ۽ سنت جا اهي مظاهر هئا جيڪي جلسن ۽ ڪانفرنسن کان بي نياز هئا. انهن جي زندگي هڪ پيغام هئي جنهن جي نور سان انهن پنهنجي سياست ۽ معيشت کان وٺي محراب ۽ منبر تائين زندگيءَ جي هر شعبي کي روشن ڪري رکيو هو.

                        مطلب هيءَ آهي ته اسان رسمن ۽ رواجن جي دوکي ۾ پئجي ويا آهيون جنهن جي ڪري اسان اصل سيرت طيبه تي نه پهتا آهيون ان جي ڪري اسان جڏهن رسمن ۽ رواجن کي ختم ڪنداسين ته اسان حقيقي سيرت طيبه کي اپنائي سگهنداسين.

                        اوهان ڏسو ته حضور ﷺ جن جي تعليم ۽ تربيت ۾ ڪهڙيون خصوصيتون هيون جو دنيا جي اندر حيرت انگيز انقلاب پيدا ڪيائون. انهن مان ڪجهه خصوصيتون هي آهن.

پهرين خصوصيت

                        انهن ۾ پهرين خصوصيت هيءَ آهي ته حضور ﷺ جن جي شفقت ۽ رحمت، خيرخواهي ۽ رحم دلي ۽ نرم مزاجي آهي. قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته: (آل عمران: ١٥٩)

”پوءِ (اي پيغمبر!) الله جي ٻاجهه سببان انهن لاءِ نرم ٿيو آهين ۽ جيڪڏهن ڪاوڙيل سخت دل هجين ها ته ضرور تنهنجي آس پاس کان ڀڄي اٿن ها.“

                        حضور ﷺ جن کي اذيتون ڏنيون ويون. پاڻ سائين جن تي مصيبتن جا پهاڙ ڪيرايا ويا ليڪن ان جي باوجود پاڻ سڳورن جي سيرت طيبه هن ڳالهه جي گواهه آهي ته حضور ﷺ جن جي دل ۾ هڪ لمحي جي برابر به انتقام جو جذبو پيدا نه ٿيو.

ٻي خصوصيت:

                        حضور ﷺ جن جي ٻي خصوصيت هي آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ پنهنجي پيروڪارن کي جنهن جنهن شيءِ جي تعليم ڏني ان کي بذات خود عملي نموو بڻجي ڪري ڏيکاريائون. حضور ﷺ جن جي تعليم ۽ تربيت صرف ٻين جي لاءِ نه هئي بلڪه سڀ کان پهريائين پنهنجي ذات جي لاءِ هئي.

ٽين خصوصيت

                        حضور ﷺ جن ماڻهن کي تلقين ڪندا هئا ته پنهنجو عالم هي هو ته  ٻئي جيڪڏهن پنج وقت نماز پڙهدنا هئا ته پاڻ سڳورا ﷺ گهڻن وقتن ۾ نماز ادا ڪندا هئا جيئن چاشت، اشراق، تهجد جي نماز به شامل آهن. تهجد جي نماز عام مسلمانن کي واجب نه هئي پر حضور ﷺ جن تي  واجب هئي. اهڙي طرح روزن ۾ به اهوئي حال هئو. عام مسلمان صرف فرض روزا رکندا هئا پر حضور ﷺ جن جو ڪوئي مهينو روزن کان خالي نه هو.

چوٿين خصوصيت

                        حضور ﷺ جن جڏهن مسلمانن کي زڪوات ڏيڻ ۽ الله جي رستي ۾ مال خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته سڀ کان پهريائين پاڻ سڳورن ﷺ عملي زندگيءَ ۾ بي مثال نمونو پيش ڪيو. علم مسلمانن کي مال جو چاليهون حصو فرض جي طور تي ڏيڻ جو حڪم هيو. ليڪن خود حضور ﷺ جن جو عمل هي هو ته پنهنجي فوري ضرورت نهايت سادي طريقي سان پوري ڪرڻ کانپوءِ  پنهنجي سڄي آمدني ضرورتمندن ۾ تقسيم فرمائي ڇڏيندا هئا.

پنجين خصوصيت

                        حضور ﷺ  جن ماڻهن کي برابريءَ ۽ ڀائيچاري جي تعليم ڏني ته سڀ کان پهريائين خود عمل ڪري ڏيکاريائون جيڪڏهن مسلمان عام سپاهيءَ جي حيثيت سان مدينه طيبه جي دفاع ۾ خندق کوٽڻ جي مشقت برداشت ڪري رهيا هئا ته انهن جو آقا ۽ امير حضور ﷺ صرف قيادت ۽ نگرانيءَجو فرض انجام نه ڏئي رهيا هئا بلڪه پاڻ سائين جن به خود ان خندق جي کوٽڻ ۾ شريڪ هئا ۽ زمين جو جيترو ٽڪرو هڪ عام سپاهي کوٽي رهيو هو ته ان کان زياده ٽڪرو پنهنجي ذمي کڻن پيا.

                        موضوع تمام وڏو آهي ان جي ڪري هت بس چند ذڪر تي اڪتفا ڪريون ٿا. دعا آهي ته الله تعاليٰ حقيقي معنائن۾ حضور ﷺ جن جي سيرت طيبه اپنائڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين.