دين اسلام جي اشاعت

idara letterhead universal2c

دين اسلام جي اشاعت

مولانا محمد عرفان عباسي

تعليم

                        اسلام جي اشاعت ۽ دين جي حفاظت جي سلسلي ۾ سڀ کان پهرين شيءِ علم آهي، جنهن به مذهب جي تعليم باقي نه رهي ته اهو مذهب باقي نه رهندو آهي، ان سلسلي لاءِ هڪ مڪمل تعليم آهي جنهن جي لاءِ جامع علماءِ پيدا ٿين ۽ اسلام جي حفاظت ۽ روڪ هر رنگ ۽ ڍنگ سان ڪن، هيءَ تعليم مدارس جي ذريعي ئي ٿي سگهي. جنهن جي ڪوشش اهل مدارس ڪندا اچن ٿا.

مسجد جي تعليم

                        هيءَ ڳالهه واضح آهي ته مدرسا تعليم جا محدود دائرا آهن نه ئي هر شخص مڪمل عالم بنجڻ چاهي ٿو ۽ نه ان جي  ضرورت آهي. ان جي ڪري مدرسي جي تعليم کان علاوه اهڙي ابتدائي تعليم جي پوءِ به ضرورت باقي رهي ٿي، جنهن سان مسلمان عوام جا سڀ ٻچا مستفيد ٿين ۽ ضروريات دين جو علم هر مسلمانن جي گهر ۾ پهچي وڃي ان مسئلي جو حل ابتدائي مڪاتب آهن جيڪي هر هر محلي جي مسجد ۾ قديم طرقي تي قائم ٿين جنهن ۾ قرآني تعليم سان گڏوگڏ هر مقامي ٻوليءَ جي پنهنجي زبان ۾ مختصر رسالا  درس ۾ شامل ڪيا وڃن جنهن ۾ ضروريات دين، عقائد فرائض، اخلاقيات، معاملات ۽ معاشرت جا مسائل هجن.

درس قرآن

                        بهرحال خواص جي تعليم مدارس مان ۽ ٻارن جي تعليم مڪاتب مان پوري ٿي وڃي ٿي، ليڪن عوام رهجي ٿو وڃي ان جي لاءِ ان جي صورت مساجد ۾ قرآن مجيد جو درس آهي جنهن ۾ قرآن مجيد جو عام فهم ۽ بامحاوره ترجمو ٻڌايو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ فقه جا عملي مسئلا موقعي مناسب سان بيان ڪيا وڃن، ته جيئن عوام غافل ۽ جاهل نه رهي ۽ انهن ۾ علم ۽ عمل جو به شوق پيدا ٿئي.

تبليغ

                        بهرحال تعليم توڙي جو مدرسي جي يا مڪتب جي يا مسجد جي هجي پر پوءِ هڪ محدود دائرو رکي ٿي ۽ ان جو ان حالت ۾ فائدو ٿي سگهي ٿو جڏهن ان وقت مدرسي، مڪتب، مسجد ۾ حاصل هجي. ظاهري ڳالهه آهي ته ان صورت ۾ به قوم جي تعليم پوري نه ٿي ٿئي ۽ دين جي اشاعت جو مقصد به پورو نه ٿو ٿئي، ان جي ڪري ان سان گڏوگڏ تبليغ جي به اشد ضرورت آهي. ته معلمين دين ماڻهن جي طلب جو انتظار ڇڏي ڪري  خود تعليم دين جي طلب کڻي ڪري نڪرن ۽ ماڻهن جي ڪنن تائين حق جو ڪلمو پهچائن ان کي شرعي اصطلاح ۾ تبليغ چيو ويندو آهي، جيڪو دين جو هڪ اهم بنيادي مسئلو آهي ۽ انبياءَ عليهم السلام جو اصلي ۽ حقيقي ورثو آهي.

تبليغ هڪ اجتماعي مؤثر جي حيثيت ۾

                        تبليغ ئي هڪ اهو شاندار ڪم آهي جنهن هميشه اقليت ۽ اڪثريت جو فيصلو ڪيو آهي، مڪي ۾ سڀ ڪفار رهيا نبوي تبليغ سان پهريان مسلم اقليت پڳدا ٿي پوءِ اڪثريت ۽ پوءِ سڀ جو سڀ مسلمان بڻجي ويا، مديني ۾  اقليت مسلمانن جي هئي ابتداءَ جمره عقبه واري تبليغ سان اقليت پيدا ٿي پوءِ اڪثريت ۽ پوءِ آهسته آهسته ڪليت، ايستائين جو حجاز ۾ اهليت ۽ اڪثريت جو سوال ئي پيدا نه ٿيو.

تبليغ جو طريقو

                        تبليغ ۾ ان اسوه حسنه کي نقش قدم جو مشعل  راهه بڻايو وڃي. جيڪو حضور ﷺ جن عملاً اختيار فرمايو ۽  قرآن مجيد ان کي اصولاً پيش ڪيو يعني تبليغ الاقرب مالا قرب (جيڪا قريب تر قريب هجي) جي قاعدي سان پهريائين هڪ شخص پنهنجي نفس کي اسلام سان سنواري پوءِ پنهنجي گهر وارن کي پوءِ قريبي رشتي دارن کي پوءِ اهل شهر کي پوءِ قريبي شهرن کي پوءِ ملڪ کي  هيءَ صورت حال هن طرح آسان ٿي سگهي ٿي ته مسلمانن جي هر ڳوٺ هر علائقي ۾ هيءُ اصول پهچي وڃي ۽ هر علائقي جا مبلغ ان سلسلي وار اصول کي اختيار ڪن.

عسڪريت (فوجي ۽ جنگي ذهنيت)

                        انهن سڀني تعليمات جي سلسلي ۾ مدارس ۽ مڪاتب وغيره ۾ هڪ اهم جز جي اشاعت و ترويج بلڪه عملي مشق و رياضت ڪرائڻ جي سخت ضرورت آهي، ان لاءِ ته نوجوانن ۾ سياسي ۽ نظري حيثيت سان اهڙي شعور جي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جنگن جي خيالات کان متاثر ٿيڻ جي بجاءِ ان جي بنياد کي سمجهي سگهن ته ڪهڙا خيال ڪٿان ٿا اچن ۽ ڪهڙي پروپيگنڊا ڪٿان ملي آهي. ان جي منشع ڇا آهي ۽ اها مسلمانن کي ڪهڙي رخ تي آڻڻ ٿي چاهي ۽ ان جو حل ڇا آهي؟

نفس جو تزڪيو ۽ اصلاح

                        اخلاق تعليم کان به زياده ضروري آهي، جيڪڏهن اخلاق بلند نه هوندو ته علم جو هجڻ ڪو نفعو نه ٿو پهچائي سگهي، اخلاق عمل جي مخفي طاقت آهي، جيڪڏهن طاقت ڪمزور هجي ته علم بغير عمل جي ڇا ڪم اچي سگهي ٿو؟ ان جي لاءِ اخلاقي تربيت ضروري آهي. جنهن جي لاءِ مسلمانن کي مجاهدي ۽ رياضت جي ضرورت آهي، اخلاق جي اعتدال لاءِ محنت ۽ مشقت جي ضرورت آهي. جنهن جو طريقو ۽ تدبير تصوف جي فن ۾ آهي.

                        مسلمانن جي تبليغ ۽ اسلام جي اشاعت ۾ جيتريقدر به حصو آهي ته اهو اخلاق جو آهي. مسلمانن جي سچائي ، الله  جي لاءِ معاف ڪرڻ، ايثار، تواضع ۽ معاملات جي صفائي ڏسي ڪري غير مسلمانن جون دليون انهن جي طرف جهڪي وينديون هيون. درحقيقت اخلاق انقلاب جي تابع آهي، قرآن مجيد ۾ به الله تعاليٰ فرمايو آهي:

ان الله لا ..... بانفهسم(سورت الرعد١١)

”بيشڪ الله نه ٿو ڦيرائي حالت ڪنهن قوم جي جيستائين اهي نه ڦيرائين حالت پنهنجي.“

                        ان جي لاءِ خانقاهون آهن جنهن ۾ نفس جي اصلاح ۽ اخلاق جي تهذيب جو ڪم ڪيو ويندو آهي. ان جي ڪري گهرجي ته ڪنهن حقيقي مشائخ (بزرگ) سان ملي ڪري پنهنجي اصلاح ڪرايون ۽ انهن سان بيعت ڪريو. ذڪر الله کان غافل نه رهون توبه استغفار کي حضرات صحابه اڪرام رضـي الله عنهم اجمعين جي طرح پنهنجو شعار بڻايون پنهنجن اعمالن لاءِ جستجوءَ ۽ نفس جو محاسبو ڪريون.

                        قرآن ۽ حديث ۾ ٺهيل ٺڪيل پروگرام موجود آهي. باقي صرف ۽ صرف عمل جي ئي ضرورت رهي ٿي ان جي لاءِ سڀ کان پهريائين شيءِ نصب العين (اصل مقصد) آهي دلين جي لاءِ نظريئي جو مرڪز پيدا ڪيو وڃي ۽ اهو هڪ ٿي ڪري عملي دنيا ۾ اچي.

حڪومت الاهي جو قيام

                        ظاهري ڳالهه آهي ته هر هڪ نصب العين ۾ ٻه راءِ هونديون آهن، ليڪن ان نصب العين ۾ هڪ کان سواءِ ٻي راءِ جي گنجائش نه آهي ته اسان سڀني جو حاڪم ۽ بادشاهه الله تعاليٰ آهي، ان نظريئي کان اهوئي انڪار ڪري سگهي ٿو جيڪو منڍ کان ئي خدا جو منڪر هجي. ان جي ڪري قومي اتحاد جي پروگرام جو جامع نقطو ان کان علاوه ٻيو نه ٿو ٿي سگهي، ان وجهه جي ڪري اسلام سڀ کان پهريائين الله تعاليٰ جي ذات کي واحد جي طور تي دلين جو مرڪز پيش ڪيو ته جيئن سڀن کان دليون ڪٽجي هڪ ٿي جمع ٿي وڃن ته توحيد سڀ کان وڏو اتحاد جو مرڪز آهي.

قانون الاهي

                        ڇا اسان جو هيءَ فرض نه آهي ته جڏهن اسان حڪومت الاهي جا دعويدار ٿيون ٿا ته قانون الاهي تي به عمل ڪريون جيڪي حڪمت الاهي جا مظهر آهن. نماز، روزو، حج، زڪوات تائين محدود نه رکون. بلڪه پنهنجي گهر ۾، جائيداد ۾، عام معاشرت ۾ ۽ اخلاقي سلوڪ ۾ وغيره وغيره ۾ به قانون الاهي کي مشعل راهه بڻايون ۽ ان جي مقابلي ۾ رواج جي جهالت ۾ نه ڦاسون.

زندگيءَ جي نظام جي حفاظت:

                        هاڻي  سوال آهي زندگي گذارڻ جو ان جي لاءِ سڀ کان پهرين ۽ آخري شيءِ آهي آزاديءَ جو جذبو جيڪو دل جي رڳن ۾ رت وانگر جوڙندو آهي، ڇو ته غلاميءَ ۾ ڪوئي به نصب العين ، ڪوئي به نظريو ڪم نه ڏيندو آهي جيڪو زندگيءَ جي آزاد ضمير ۽ هر رسمي ماحول جي اثر کان آزاد ڪرڻ وارو پروگرام آهي. اهو اسوه حسنه آهي، جيڪو حضور ﷺ جي منظم ۽ مقدس زندگيءَ جو هڪ شرعي عنوان آهي. هيءَ پاڪ زندگي حڪومت الاهي جو عملي نمونو ۽ هڪ جي غلامي ڪري ۽ سڀن کان آزادي حاصل ڪري بلڪه انهن سڀني تي آقا هجڻ جو هڪ عملي نقشو آهي، سڀ آزاديون ان ۾ آهن. ضمير جي آزاديءَ جو پهريون قدم آهي ته دل تي غير الله جو ڪوئي رعب ۽ ڪوئي ادنيٰ خوف باقي نه رهي.