دارالعلوم ديوبند جو سنڌ ۾ فيض (۵)

idara letterhead universal2c

دارالعلوم ديوبند جو سنڌ ۾ فيض 

عبدالحي چاچڙ، گهوٽڪي      (٥)

مولانا عطاءُ الله پٺاڻ

                        مولانا عطاءَ الله ولد نور محمد پٺاڻ جي پيدائش تعلقه ٺل ضلع جيڪب آباد ۾ ٿي.”مرحوم اصل ويٺل تعلقه ٺل ضلع جيڪب آباد هو سندس عزيز دائودپوٽو سڏيندا هئا،مولانا پاڻ پٺاڻ سڏائيندو هو“

                        مولانا ابتدائي تعليم مولانا محمد اسماعيل عودوي کان حاصل ڪئي انهيءَ کان بعد دارالعلوم ديوبند ويو جتان پڙهي فراغت حاصل ڪيائون.

                        فراغت کان بعد پاڻ مختلف مدرسن ۾ تدريسي خدمتون ڏيندو رهيو.مسڻ وڏي ۾ خطيب پڻ رهيو.پاڻ گهڻو عرصو ميرپور خاص ۾ گذاريائون.آخر ۾ مولانا نور محمد سجاولي وٽ سجاول ۾ رهيا جتي آخر تائين رهيا سندس وفات به اتي ٿي.پاڻ طريقت جي حوالي سان مولانا تاج محمود امروٽي جا مريد هئا.

                        جمعيت علماء هند جي پليٽ فارم تان انگريز سامراج خلاف آزادي جي جنگ ۾ ڀرپور حصو ورتائون.مولانا سيد حسين احمد مدني،مولانا عبيدالله سنڌي،مولانا محمد صادق ميمڻ،مولانا عبدالحق رباني،مولانا محمد اسماعيل لغاري وارن جو ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو.هند جي ورهاڱي کان اڳ ۾ جيلن ۾ به ويو.

                        جڏهن سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ واري تحريڪ شروع ٿي ته سنڌ آزاد جماعت  جو بنياد پيو ته  مولانا جن کي ماتلي واري شاخ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.مولانا فيض الڪريم ٺارو شاهه وارن جڏهن تحقيق الخلافت فتويٰ لکي ته انهيءَ جي رد ۾ لکيل فتويٰ جي مولانا صاحب تصديق پڻ ڪئي.جمعيت العلماءِ اسلام سنڌ جو جڏهن قيام عمل ۾ آيو ته مٽياري واري تاريخي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪيائون. مولانا عطاءُ الله پٺاڻ 7 جمادالثاني 1402هه بمطابق 3 مارچ 1982ع تي سجاول ۾ وفات ڪئي.کيس پنهنجي ڳوٺ ۾ دفن ڪيو ويو.

مولانا حافظ محمد موسيٰ سومرو

                        مولانا حافظ محمد موسيٰ ولد مولانا عبدالله سومرو جي پيدائش 1332هه بمطابق 1914ع تي ٿرڙي محبت  تعلقه ميهڙ ضلع دادو ۾ پيدا ٿيو.

                        پاڻ پرائمري تعليم ٿرڙي محبت مان حاصل ڪيائون ۽ قرآن شريف پنهنجي والد کان حاصل ڪئي ،انهيءَ وٽ قرآن شريف جو حفظ ڪيائون.

                        عربي جي تعليم مقامي عالمن کان حاصل ڪيائون.انهيءَ کان بعد پاڻ دارالعلوم ديوبند ويا جتي مولانا سيد حسين احمد مدني وٽ 15 شوال 1350هه بمطابق 23 فيبروري 1932ع ۾ پڙهي فراغت حاصل ڪيائون.فراغت کان بعد مولانا صاحب ٿرڙي محبت ۾ تدريسي خدمتن جو سلسلو جاري رکيائون.

                        مولانا محمد موسيٰ سومرو 1 ذوالقعد 1360هه بمطابق 21 نومبر 1941ع تي وفات ڪيائون.وفات وقت سندس عمر 27 سال هئي.

مولانا محمد صديق ڪڇي

                        مولانا محمد صديق ولد مولانا عبدالله پٺاڻ 1293هه بمطابق 1876ع تي سوات ۾ پيدا ٿيو.

                        مولانا صاحب ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪيائون .انهيءَ کان بعد پاڻ دارالعلوم ديوبند ويو جتان فراغت حاصل ڪيائون.انهيءَ سلسلي ۾ مولانا محمد اسماعيل ميمڻ کڏي ڪراچي وارو لکي ٿو ته:” هن مدرسه مظهر العلوم ۾ تعليم ورتي ۽ پوءِ تبرڪا آخري سال پڙهڻ لاءِ دارالعلوم ديوبند ويو جتي شيخ الهند مولانا محمود الحسن وٽ تعليم  ورتائين ۽ پوءِ سند وٺي موٽي آيو کڏي ۾ سندس جاءِ هئي ۽ مدرسه مظهر العلوم ۾ مدرس عربي مقرر ٿيو ۽ حياتيءَ جو وڏو عرصو مدرسي ۾ پڙهائيندو رهيو مختلف  مذهبي،سماجي ،سياسي تحريڪن ۾ به حصو ورتائين.مجلس خلافت تحريڪ ڪراچي شهر جو صدر رهيو صوبه سنڌ خلافت ڪميٽيءَ جو نائب صدر رهيو“.

                        مولانا محمد صديق ڪڇي  17 ربيع الاول 1372هه بمطابق 6 ڊسمبر 1952ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪيائون کيس مورڙي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

مولانا محمد صالح سمون

                        مولانا محمد صالح ولد حافظ محمد طالب سمون جي پيدائش 18 جمادالثاني 1318هه بمطابق 12 آڪٽوبر 1900ع تي گرهوڙ شريف  ضلع بدين ۾ ٿي.

                        پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪيائون انهيءَ کان بعد دارالعلوم ديوبند ويو جتي قاري محمد طيب ۽ ٻين عالمن وٽ پڙهي فراغت حاصل ڪيائون.

                        مولانا صاحب فراغت کان بعد ميرپور خاص ۾ اچي تدريسي خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو،انهيءَ سان گڏ مطب قائم ڪري عوام الناس جي خدمت ڪندو رهيو.

                        مولانا صاحب خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائون.جڏهن مولانا فيض الڪريم ٺارو شاهه وارن خلافت الحقيقت  جي نالي سان فتويٰ جاري ڪئي ته عالمن انهيءَ جي رد ۾ فتويٰ لکي ته مولانا صاحب ان فتويٰ  جي تصديق پڻ ڪئي.پاڻ جمعيت علماء هن جو ڪارڪن پڻ رهيو ۽ مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي وارن سان ڀرپور ساٿ نڀايائون.

                        مولانا صاحب جمعيت علماء هند جي ميرپور خاص واري شاخ جو نائب ناظم پڻ رهيو.جڏهن 1946ع تي حيدرآباد جي قلعي ۾ قاري محمد طيب جي هدايت  تي جسلو ٿيو ته مولانا صاحب جون ڪوششون پڻ ساراه جوڳيون آهن.مولانا صاحب پنهنجي زندگي ۾ 3 سال جيل پڻ ويو. مولانا محمد صالح هڪ سٺو عالم دين،مدرس ۽ حڪيم هو.سندس تدريسي، سياسي ۽ سماجي خدمتون نه وسرندڙ جوڳيون آهن.

                        مولانا محمد صالح سمون 19 جمادالثاني 1388هه بمطابق 12 سيپٽمبر 1960ع تي وفات ڪئي.

مولانا محمد ڪڇي

                        مولانا محمد اصل ۾ ڪڇ جو رهاڪو هو.سندس ابتدائي حالات زندگي معلوم نه ٿي سگهيا آهن.پاڻ مدرسه مظهر العلوم کڏهه ڪراچي مان تعليم حاصل ڪيائون.انهيءَ کان بعد پاڻ دارالعلوم ديوبند ويو جتي شيخ الهند مولانا محمودالحسن  وٽ پڙهي فراغت حاصل ڪيائون.

                        مولانا صاحب ديوبند کان واپس اچي مدرسه مظهر العلوم کڏه ۾ تدريسي خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو.مولانا صاحب آخر ۾ نئون آباد جي حاجاڻي مسجد ۾ خطيب ٿي رهيو.

                        مولانا محمد اسماعيل ميمڻ لکي ٿو ته :”مولانا صاحب ڏاڍو ماٺيڻو،متواضع ۽ گوشه نئين قسم جو ماڻهو هو،پر شرڪ ۽ بدعت جي خلاف تمام سخت هو.ڪراچي جا ڪڇي سونارا سڀ گهڻو ڪري سندس معتقد هئا ۽ اها مولانا محمد مرحوم جي همٿ ۽ ڪوششن جو نتيجو آهي.جيڪو گهڻن سونارن مان شرڪ،بدعت ۽ بڇڙي ڪمن جي اثر پٽجي وئي ۽ گهڻو ڪري موحد ٿي ويا آهن.ڪتابن جو تمام گهڻو شوقين هو ۽ چڱي ذوق جا عربي ڪتاب گڏ ڪيا هئائين.جنهن ۾ ڪجهه حديث،تاريخ ۽ تفسير  جا ڪتاب به هئا (ماهوار الصادق ڪراچي، جون جولاءِ 1982ع،ص 109)

                        مولانا محمد ڪڇي 7 ذوالقعد 1388ههه بمطابق 26 جنوري 1969ع تي وفات ڪئي کيس ڪراچي ۾ دفن ڪيو ويو.

مولانا مفتي محمد عثمان بلوچ

                        مولانا محمد عثمان ولد مولانا ڪريم بخش ڪڇي جي پيدائش 1315هه بمطابق 1897ع ڪراچي جي جهونا ڪمهارواڙا ۾ پيدا ٿيو.سندس والده ٻروچ هئي انهيءَ ڪري پاڻ بلوچ سڏائيندو هو.سندس والد به مدرسه مظهر العلوم کڏه ڪراچي جو  شاگرد هو.

                        پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان مدرسه احرار الاسلام مان حاصل ڪيائون، انهيءَ کان بعد مدرسه کڏه ڪراچي ۾ داخل ٿيو جتي مولانا محمد صادق ميمڻ ۽ مولانا محمد صديق ڪڇي وٽ پڙهي فراغت حاصل ڪيائون.پاڻ مزيد تعليم حاصل ڪراڻ لاءِ دارالعلوم ديوبند ويو جتي مولانا سيد حسين احمد مدني وٽ پڙهي سند حاصل ڪيائون.

                        مولانا صاحب فراغت کان بعد پنهنجي والد جي قائم ڪيل مدرسه احرار الاسلام ۾ تدريسي خدمتون ڏيندو رهيو،پنهنجي والد جي وفات کان بعد هن مدرسي جو مهتمم مقرر ٿيو.هن مدرسي بابت ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر لکي ٿو ته:” هي مدرسو ڪراچي ۾ ريگسر لائين لياري ڪوارٽرس ۾ هلندڙ آهي.جنهن جو آغاز 1339هه/ 1920ع ۾ ٿيو.مدرسي جو باني مولانا محمد ڪريم هو.کانئس پوءِ مولانا مفتي الحاج محمد عثمان  مدرسي جو اهتمام پنهنجي ذمي کنيو“.(سنڌ جا اسلامي درسگاهه،ص 370) . مولانا صاحب عورتن جي تعليم لاءِ مدرسة النبات قائم ڪيو .پاڻ ميونسپل جو ميمبر،سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي بورڊ جو ميمبر ۽ 1943ع ۾ رياست قلات جو معارف مقرر ٿيو.مولانا محمد عثمان وڏو  فتويٰ نويس هو.سندس فتويٰ کي پنهنجي علائقي ۾ مستند سمجهيو ويندو هو. مولانا صاحب 1935ع ۾ ترجمان بلوچ جي نالي سان هفتيوار اردو رسالو جاري ڪيو.جيڪو 1939ع تي جاري رهيو.

                        مولانا خلافت تحريڪ ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو.جڏهن عالمن فتويٰ پئي جاري ڪيون ته پاڻ انهن جي تصديق پڻ ڪيائون.1935ع ۾ جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي جلاوطني جا ڏينهن پورا ڪري وطن موٽي آيو ته پاڻ جمنا نربدا سنڌ ساگر ڪاميٽي جو بنياد وڌائون ،مولانا محمد عثمان به هن ۾ پنهنجون سياسي سرگرميون جاري رکيون.

                        مولانا محمد عثمان بلوچ 25 ذوالقعد 1390هه بمطابق 23 جنوري 1971ع تي وفات ڪئ کيس ڪراچي ۾ دفن ڪيو ويو.

مولانا محمد صديق بنگالي

                        مولانا محمد صديق بنگلاديش جو رهاڪو هو.مولانا صاحب جي حالات زندگي معلوم نه ٿي سگهيا آهن.پاڻ ڪڏهن پيدا ٿيو ڪٿي پيدا ٿيو،ڪٿان شروعاتي تعليم حاصل ڪيائون.

                        پاڻ دارالعلوم ديوبند مان ڪافي تعليم حاصل ڪيائون اتان ئي فراغت حاصل ڪيائون.جڏهن ديوبند ۾ پڙهندو هو ته جڏهن استاد ڪو ڪم چوندا هئا ته جلدي ۾ ڪري ايندو هو انهيءَ ڪري پاڻ مولوي بجلي جي نالي سان مشهور ٿي ويو ،جيڪو نالو مرڻ تائين قائم رهيو.جڏهن پاڪستان ۽ هندستان کان جدا ٿيو ته انهيءَ دوران پاڻ پاڪستان آيو ۽ گولارچي شهر جي ڀرسان ڏيڍ چڪ ۾ رهڻ لڳو.مولانا صاحب جو گذر سفر زمين تي هوندو هو.پاڻ تدريسي خدمتون به جاري رکيائون.

                        مولانا محمد صديق بنگالي 2002ع ۾ گولاڙچي ۾ وفات ڪئي کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو.(تاريخ گولاڙچي، ص 157)