حضرت خالد سيف الله رضي الله

idara letterhead universal2c

حضرت خالد سيف الله رضي الله

پروفيسر عبدالرحمان جتوئي

                        نالو خالد، ڪنيت ابو سليمان، لقب سيف الله. والد جو نالو وليد بن مغيره، والده جو نالو لبابة الصغريٰ بنت حارث، حضرت خالد رضي الله جو تعلق قريش جي بنو مخزوم قبيلي سان هيو. سندس نسب جو سلسلو ستين پيڙهينءَ ۾ (يعني مره بن ڪعب وٽ) رسول الله ﷺ سان ملي ٿو. جيڪو هن طرح آهي: خالد بن وليد بن مغيره بن بن عبدالله بن عمر بن مخزوم بن يقظه بن مره بن ڪعب بن لوي القريش.

                        حضرت خالد رضي الله جي والده لباربة الصغريٰ، ام المؤمنين حضرت ميمونه بنت حارث ۽ ام الفضل لبابة الڪبريٰ بنت حارث، زوجه حضرت عباس بن عبدالمطلب پاڻ ۾ ڀينر هيون. ان لحاظ کان پيغمبر پاڪ ﷺ ۽ حضرت عباس رضي الله، حضرت خالد جا ماسڙ ٿين.

                        مخدوم قبيلو، پنهنجي تعداد، خوش حالي، شرافت، شجاعت، تدبر، جنگي قابليت، مسارت ۽ صلاحيت ۾ سڄي قريش قوم ۾ ممتاز هيو ۽ انهن کي پنهنجي ان امتياز تي بيحد ناز هو. بنو هاشم سان همسري (برابري) هڪ جهڙائي ۽ انهن جي مقابلي ۾ قومي سيادت (سرداري، اڳواڻي) جا دعويدار به هيو.

                        حضرت خالد رضي الله جو والد وليد بن مغيره جو شمار قريش جي ذمين، عقلمند، دانشور ۽ سمجهدار ماڻهن ۾ ٿيندو هيو. هو نهايت فصيح البيان خطيب، دلير، ارادي جو پڪو پختو ۽ مضبوط انسان هيو. قريش جڏهن ڪعبت الله جي پراڻي عمارت کي ڊاهي ان کي نئين تعمير ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته ان قديم عمارت کي ڊاهڻ جو حوصلو ۽ همت ڪنهن کي به نه پئي ٿيو. سڀ ڊڄن ٿا ته متان ائين ڪرڻ سان جنگ ڪرڻ سان مٿن خدا جو قهر نه نازل ٿئي.  مگر وليد همت ڪري ڪوڏر هٿ ۾ کڻي ائين عمارت کي ڊاهڻ شروع ڪيو: ”اي اسان جا رب! اسان هي ڪم نهن بد ارادي سان نه پر نيڪ ارادي سان ڪري رهيا آهيون.“ وليد حج جي موقعي تي سمورن حاجين کي منيٰ ۾ ترسڻ وارا ڏينهن کاڌو کارائيندو هيو. هڪ سال هو اڪيلو ڪعبي تي غلاف چاڙهيندو هيو ۽ٻئي سال سڀ قريشي گڏجي ڪري. وليد پنهنجي قبيلي جي سردار هئڻ سان گڏ نهايت شاهوڪار ۽ دولت مند ماڻهو پڻ هيو. سون ۽ چاندي جي ڍڳن، زمينن، باغن ۽ بي شمار ٻانهن ۽ ٻانهين جو مالڪ هيو.

                        وليد انهن وڏن ماڻهن مان هيو، جن جي باري ۾ قريش چوندا هئا ته قرآن انهن تي ڇو نه لٿو؟ قرآن مجيد جي سورت زخرف ۾ ان طرف اشارو ڪيو ويو آهي:

وَ قَالُوۡا لَوۡ لَا نُزِّلَ ہٰذَا الۡقُرۡاٰنُ عَلٰی رَجُلٍ مِّنَ الۡقَرۡیَتَیۡنِ  عَظِیۡمٍ ﴿۳۱﴾  (الزخرف: ٣١)

                        قرآن ڪريم جي شارحن ۽ مفسرن ”قريتين“ مان مراد مڪو ۽ طائف شهر ورتا آهن. قريش جي نزديڪ مڪي جو وليد بن مغيره ۽ طائف جو عدوه بن مسعود تقفي اهڙا ”وڏا ماڻهو“ هئا جو آسمان تان جيڪڏهن وحي جو نازل ٿيڻ ضروري هيو ته رسول ڪريم کان (نعوذ بالله) اهي ٻئي ماڻهو ان ڳالهه جا وڌيڪ حقدار هئا، جو انهن تي قرآن نازل ٿئي!

                        رسول الله ﷺ جڏهن توحيد جي دعوت جي شروعات ڪئي ته مڪي جا مشرڪ سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويا ۽ هنن پاڻ سڳورن ﷺ ۽ مٿن ايمان آڻيندڙن کي ايذائڻ ۽ ستائڻ شروع ڪري ڏنو. حق جي آڏو رنڊڪون ۽ رڪاوٽون وجهڻ شروع ڪيون. ان ڪم ۾ ابو جهل، ابو لهب، عاص بن وائل، اميه بن خلف، عقبه بن ابي معيط ۽ وليد بن مغيره پيش پيش ۽ سڀ کان اڳرا هئا. سيرت نگارن جو بيان آهي ته  مڪي جي قريش جا ڪيترائي وفد مختلف موقعن تي جناب ابو طالب وٽ ويا ۽ کيس چيائون ته يا ته پنهنجي ڀائٽي ان نئين دين جي تبليغ کان روڪ يا وري تون هن جي حمايت کان هٿ کڻي وڃ. خواجه ابو طالب هر دفعي کين انڪار ڪندي موٽائي ڇڏيندو هو. انهن ودفن ۾ وليد بن مغيره به شامل هوندو هو. اسلام دشمني م اچي هڪ دفعي وليد ڇا ڪيو جو هن پنهنجو هڪ پٽ عماره (حضرت خالد رضي الله جو ڀاءَ) مڪي جي قريش جي سپرد ڪندي انهن کي چيائين ته هن منهنجي پٽ کي ابو طالب جي حوالي ڪريو ۽ ان جي بدلي ۾ محمد کي وٺي اچو. چناچه قريش جو اهو ودف خواجه ابو طالب وٽ آيو ۽ اچي کيس چيائون:

                        ”اي ابو طالب! هي عماره بن وليد قريش جو نهايت خوبصورت ۽ هوشيار نوجوان آهي. ان کي تونپنهنجو پٽ بناءِ ۽ ان جي عيوض بدلي ۾ محمد اسان جي حوالي ڪر. جيڪو اسان جي ابن ڏاڏن واري دين جي مخالفت ڪري ٿو. قوم ۾ تفرقو ۽ ڏڦيڙو وڌو اٿائين. اسان سڀني کي بيوقوف ۽ احمق سڏي ٿو. اسان هڪڙو ماڻهو ڏيئي ٻيو ماڻهو وٺون ٿا، جيئن اسان ان کي قتل ڪري ڇڏيون.“ خواجه ابو طالب ان وفد کي ڪهڙو ته سهڻو ۽ دانشمندانه جواب ڏنائين. چيائين ته: ”اهو ڪٿان جو انصاف آهي ۽ ڪهڙي عدالت آهي  جو مان وليد جي پٽ جي پرورش ۽ پالنا ڪريان ۽ توهان منهنجي ڀائٽي کي وڃي قتل ڪريو. ائين هرگز نه ٿيو ٿي سگهي! عزت سان هتان هليا وڃو.“ بهرحال ان ڪفر ۽ اسلام دشمني واري حالت ۾ هجرت نبوي جي ٽن مهينن کانپوءِ وليد بن مغيره پنجانوي سالن جي عمر ۾ مڪي ۾ مري ويو.

                        حضرت خالد رضي الله جي ولادت بعثت نبويءَ کان ستاويهه سال اڳ ۾ ٿي ۽ هجرت نبويءَ وقت سندس عمر اٽڪل چاليهه سال هئي. حضرت خالد رضي الله شاهوڪار ۽ خوشحال گهر ۾ اک کولي. سندس والد رئيس ۽ پنهنجي قبيلي جو سردار هيو. هن وٽ مال دولت، اٺ، گهوڙا، جايون، باغات مطلب ته هر شيءِ جهجهي مقدار ۾ موجود هئي. ان ڪري هن پرورش ۽ پالنا نهايت ناز ۽ نعمت واري ماحول ۾ ٿي. جوان ٿيو ته روزگار جي ڳڻتي کان آزاد ۽ بي فڪر هيو. قدرت واري هن کي ”سيف الله“ بڻجڻ لاءِ پيدا ڪيو هيو. ان ڪري هو عيش عشرت ۾ مبتلا نه ٿيو. بلڪه اهڙا مشغلا اختيار ڪيائين جيڪي صحت مندي، قوت، همت، جرائت، دلريري، محنت ۽ جفاڪشيءَ لاءِ ضروري هئا. مثال طور خوب ڪسرت (ورزش) ڪرڻ، هم عمر نوجوانن سان ڪشتي ڪرڻ، گهوڙا پالڻ ۽ گهوڙي سواري ڪرڻ، سپهه گيريءَ جا فن: تلوار بازي، نيزي بازي وغيره. اها فوجي تربيت هن ڪنهن درسگاهه ۾ نه پر کليل ميدانن ۾ پٿريلن علائقن ۾ حاصل ڪئي. تجربيڪار پوڙها ۽ قوم جو عسڪري روايتون هن جا معلم ۽ استاد هئا. فطري طور هو نهايت هوشيار، ذهين، بهادر ۽ دلير هيو. قدرت واري کيس جنگي دل ۽ دماغ عطا ڪيو هيو. جهانن  جي ڪارساز ننڍپڻ کان ئي هن جي طبيعت ۽ مزاج ۾ جنگي ماهر ۽ سپهه سالار بڻجڻ جون صلاحيتون پوشيده طور رکي ڇڏيون هيون. والد جي فوت ٿيڻ کانپوءِ القبه (قريش ۾ رواج هو ته لڙائي جي تياري وقت ڪنهن جاءِ تي هڪ خيمو لڳايو ويندو هو، جنهن ۾هر شخص پنهنجي طاقت ۽ پهچ آهر جنگ جو سامان جمع ڪرائيندو هو) ۽ الاعنه (شهسوار فوجي دستو) جي ذميواري ۽ قيادت هن جي حوالي ٿي، جنهن کي هن نهايت عمدگيءَ سان نڀايو.

                        پيغمبر پاڪ ﷺ حق جي دعوت جي شروعات ڪئي ته خالد رضي الله جي هڪ خوش نصيب ڀاءَ وليد بن وليد ابتدائي دور ۾ اسلام قبول ڪيو. مگر حضرت خالد رضي الله پنهنجي پيءَ جي پيروي اختيار ڪئي ۽ ٻين مشرڪن سان گڏ جي اسلام جي مخالفت تي سندرو ٻڌي بيهي رهيو. پاڻ ڪريمن جي مديني ڏانهن هجرت ۽ پيءَ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ به ستن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين مشرڪن جو ساٿ ڏيندو رهيو. جنگ بدر (سن 2 هجري) م مشرڪن جي لشڪر ۾ شامل هيو، پر ان ۾ هن ڪو خاص ڪارنامو نه ڏيکاريو.

                        غزوه احد (سن 3 هجري) ۾ حضرت خالد مشرڪن جي طرف کان حصو ورتو ۽ هو قريشي فوج جي ميمنه جي اڳواڻي ڪري رهيو هيو. جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ پاڻ ڪريمن پنجاهه تير اندازن سان جو هڪ دستو احد جبل جي هڪ گهٽ وٽ مقرر فرمايو ته جيئن دشمن پٺئين پاسي کان حملو نه ڪري سگهي. سائين جن تير اندازن جي اڳواڻ حضرت عبدالله بن جبير انصاري رضي الله کي سخت تاڪيد ڪندي فرمايو ته جنگ ۾ فتح ٿئي يا شڪت، جيستائين مان توهان کي نه سڏايان تيستائين توهان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ خالي نه ڇڏجو. جيڪڏهن توهان ڏسو ته پکي اسان کي اڏاري کڻي وڃي رهيا آهن، تڏهن به پنهنجي جاءِ تان نه هٽجو. جڏهن جنگ شروع ٿي ته مسلمان اهڙي ته بهادري ۽ شجاعت سان لڙيا جو ڪافر شڪست کائي ميدان ڇڏي وٺي ڀڳا.

                        ڪافرن جي شڪست کائڻ کانپوءِ مسلمانن مال غنيمت ميڙڻ ۽ گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ته تير اندازن به مال غنيمت ميڙيندڙن سان شريڪ ٿيڻ لاءِ گهٽ ڇڏڻ شروع ڪيو. تير اندازن جي قائد کين گهڻو ئي سمجهايو، پر هنن سندس حڪم نه مڃيو. حضرت خالد رضي الله جي فوجي اک ان خالي گهٽ کي تاڙي ورتو ۽ سندس فوجي نڪ ان ڪمزوريءَ کي سنگهي ورتو. ٽي سو گهوڙي سوارن جو هڪ دستو وٺي ان خالي گهٽ وٽان گذري اوچتو پٺئين پاسي کان مسلمانن مٿان حملو ڪري ڏنائين. ان سان گڏ انهن شهسوارن هڪ وڏو نعرو پڻ هنيو، جنهن جي ٻڌڻ سان شڪت کاڌل مشرڪن کي نئين صورتحال جي ڄاڻ پئجي وئي ۽ انهن به موٽ کائي مسلمانن مٿان حملو ڪيو. هڪ مشرڪ عورت عمره بنت علقمه اڳتي وڌي زمين تان ڪافرن جو ڪريل جهنڊو کڻي بلند ڪيو. هينئر مسلمان ٻن طرفن کان ڪافرن جي گهيري ۾ اچي ويا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي فتح شڪت ۾ تبديل ٿي وئي. ستر صحابه شهيد ٿي ويا ۽ رسول پاڪ جن به سخت زخمي ٿي پيا ۽ سندن ڏند مبارڪ به شهيد ٿي پيا. اهو سڀ ڪجهه حضرت خالد رضي الله جي فوجي مهارت سبب ٿيو.

                        غزوه خندق (5) هجري ۽ غزوه صلح حديبيه (6 هجري) ۾ حضرت خالد رضي الله مشرڪن جي طرفان شريڪ رهيو، پر کيس ڪنهن ڪارنامي سرانجام ڏيڻ جو موقعو نه مليو. صلح حديبيه کان اڳلي سال (سن 7 هجري) جڏهن معاهدي مطابق پيغمبر پاڪ ﷺ پنهنجن جان نثارن سان گڏ مڪي ۾ داخل ٿيا ته حضرت خالد رضي الله به مڪي جي ٻين ماڻهن سان گڏجي شهر مان نڪري ٻاهر هليو ويو. مڪي ۾ قيام دوران رسول الله ﷺ، حضرت خالد رضي الله جي ڀاءَ وليد کي (جيڪو سچو ۽ مخلص مسلمان هيو) فرمايو، ”افسوس! خالد مون وٽ ناهي آيو. جيڪڏهن هو مون وٽ اچي ها ته اسان هن جو گرم جوشيءَ سان استقبال ڪريون ها. خالد جهڙي ماڻهوءَ کي اسلام کان پري نه رهڻ گهربو هو.“ ان کان علاوه سائين جن خالد رضي الله جي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ دعا پڻ گهري.

                        حضرت وليد رضي الله پنهنجي ڀاءَ جو سچو خير خواهه هيو. هن مديني پهچي پنهنجي ڀاءَ ڏانهن خط موڪليو، جنهن ۾ کيس اسلام قبول ڪرڻ جي ترغيب ڏنائين. ان خط حضرت خالد رضي الله جي دل تي تمام سٺو اثر ڪيو  اسلام قبول ڪرڻ لاءِ مديني شريف روانو ٿيو. بعد ۾ هن سان عثمان بن طليحه رضي الله ۽ عمرو بن عاص رصه اسلام قبول ڪرڻ لاءِ گڏجي روانا ٿيا. پهرئين صفر 8 هجريءَ تي هو مديني ۾ داخل ٿيا. رسول ڪريم ﷺ جن کي جڏهن انهن جي اچڻ جي خبر پئي ته پاڻ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ صحابه کي فرمايائون. مڪي پنهنجي جگر جا ٽڪرا توهان جي اڳيان اڇلايا آهن.“ پوءِ ٽيئي ڄڻا گڏجي بارگاهه رسالت ۾ حاضر ٿيا. حضرت خالد رضي الله مٺي مرسل کي سلام عرض ڪيو. پاڻ خندق پيشاني٤ سان سندس سلام جو جواب ڏنائون. حضرت خالد رضي الله ڪلمو پاڪ پڙهي اسلام قبول ڪيو ته پاڻ ڪريمن محبت واري انداز ۾ فرمايو: ”خالد! تنهنجي عقل، دانش، فهم ۽ فراست جو بنياد تي مون کي تمام گهڻي اميد هئي ته تون هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور اسلام قبول ڪندين.“

                        ان کانپوءِ حضرت خالد رضي الله، حضور ﷺ جن کي اسلام دشمني ۾ ڪيل پنهنجي گناهن جي معافي لاءِ دعا جي درخواست ڪئي. پاڻ سڳورن ﷺ سندس مغفرت لاءِ دعا گهري. ان بعد عثمان بن طلحه رضي الله ۽ عمرو بن عاص رضي الله اسلام ڪيو. حضرت خالدرضي الله اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ مڪي مان هجرت ڪري مديني شريف هليو آيو. سائين جن سندس رهائش لاءِ کيس هڪ گهر پڻ عنايت ڪيو. هاڻي حضرت خالد رضي الله جي زندگيءَ جو هڪ نئون دور شروع ٿيو.

                        اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ سڀ کان پهريون معرڪو، جنهن ۾ حضرت خالد رضي الله شريڪ ٿيو اهو غزوه موته هو، جيڪو هن جي اسلام قبول ڪرڻ کان ٽي مهينا پوءِ پيش آيو. حضرت خالد رضي الله هن لشڪر ۾ هڪ عام سپاهيءَ جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو هو. هيءَ جنگ موته جي ميدان ۾ لڙي ويئي: هڪ طرف ٻه لک عيسائي فوج هئي ته ٻئي طرف ٽي هزار ملسمان. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ خونريزي لڙائي لڳي، جنهن ۾ مسلمانن جا ٽي ڪمانڊر هڪ ٻئي پٺيان شهيد ٿي ويا. هينئر فوج جي ڪمان حضرت خالد رضي الله سنڀالي ۽ پنهنجي بي پناهه شجاعت ۽ عسڪري قابليت جي ذريعي مسلمانن کي دشمن فوج جي نرغي (گهيري) مان صحيح سلامت ٻاهر ڪڍي آيو. ان ڏينهن حضرت خالد رضي الله جي هٿ ۾ نو تلوارون ڀڄي پيون، باقي رڳو هڪ يمني تلوار هٿ ۾ رهيس. رسول الله ﷺ سندس سهڻي ڪارڪردگيءَ کان خوش ٿيندي کيس ”سيف الله“ (الله جي تلوار) لقب عطا ڪيو.

                        موته جي جنگ کانپوءِ پاڻ ڪريمن جي وصال تائين جيڪي ٻه جنگيون لڳيون مثلاً غزوه فتح مڪه، غزوه حنين ۽ غزوه تبوڪ وغيره، حضرت خالد رضي الله ڀرپور نموني انهن ۾ حصو ورتو. ان کان علاوه حضورپاڪ ﷺ جن ڪن فوجي دستن جو کيس اڳواڻ بنائي ڪافرن سان جهاد لاءِ پڻ روانو فرمايو هئاون، جن ۾ هن حسب معمول نهايت بهادري ۽ شجاعت جو مظاهرو ڪيو.

                        رسول الله ﷺ جي وفات کانپوءِ سارو عربستان فساد جي لپيٽ ۾ اچي ويو. خليفه حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ملڪ ۾ پکڙيل فتنن ۽ فسادن جي مڪمل خاتمي لاءِ عام فوج ڪشي جي تياري ڪئي. ان مقصد لاءِ هن يارهن لشڪر ترتيب ڏنا ۽ هر لشڪر کي مختلف علائقن جي مرتبن ۽ باغين جي سيکت لاءِ روانو ڪيو. حضرت خالد رضي الله کي هڪ لشڪر جو امير مقرر ڪري طلحه بن خويلد اسدي (نبوت جي ڪوڙي دعويدار) ۽ مالڪ بن نويده بطاحي (جيڪو مرتد ٿي ويو هو) جي فتنن کي ختم ڪرڻ لاءِ موڪليو. بزاخه جي ميدان ۾ حضرت خالد جي فوج ۽ طلبيحه اسدي جي فوج جي وچ ۾ لڙائي لڳي، جنهن ۾ طلبيحه جي فوج شڪست فاش کائي وٺي ڀاڄ ڪئي. ان کانپوءِ حضرت خالد رضي الله مالڪ بن نويره جي گوشمالي لاءِ بطاح طرف وڌيو. اتي پهچي مالڪ بن نويده ۽ سندس پيروڪارن کي گرفتار ڪري سندن سر قلم ڪيا ويا.

                        ان بيد درٻار خلافت طرفان حضرت خالد رضي الله کي مسيلمه ڪذاب سان مقابلي ڪرڻ جو حڪم مليو. مسيلمه يمامه (نجد) جو ويٺل هيو ۽ پنهنجي قبيلي بنو حنيفه جو سردار هو. هن مٺي مرسل جي حياتي مبارڪ جي آخري ڏينهن ۾ نبوت جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي، جيئن ته هو چالاڪ، مڪار ۽ اٽڪلي شخص هيو، ان ڪري بنو حنيفه قبيلو سندس ڄار ۾ ڦاسي کيس نبي مڃڻ لڳو. حضرت ابوبڪر صديق رضي الله خالد رضي الله کي هڪ لشڪر ڏيئي مسلمه سان مقابلي ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. حضرت خالد جڏهن يمامه پهتو ته مسيلمه جي جهنڊي هيٺان سندس قبيلي جا چاليهه هزار ويڙهاڪ ۽ لڙاڪو نوجوان جمي ٿي چڪا هيا. هن جڏهن حضرت خالد رضي الله جي آمد جو ٻڌو ته اڳتي وڌي يمامه جي ميدان ۾ ڪئمپ هنيائين. حضرت خالد رضي الله به پنهنجي لشڪر سميت اتي پهچي ويو. يمامه جي ميدان ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ سخت خونريز جنگ لڳي، جنهن بابت مؤرخ طبري لکي ٿو ته ”مسلمانن کي ان کان وڌيڪ جنگ اڳتي ڪڏهن به پيش نه آئي.“ بهرحال تمام گهڻي قرباني ۽ قيمتي جانين جي نذراني ڏيڻ کانپوءِ تمام گهڻي ڏکيائي ۽ مشڪلات سان مسلمانن جنگ کٽي. دشمن جا 21 هزار مرتد قتل ٿيا ۽ مسلمانن جا ٽي هزار مجاهد شهيد ٿيا، جن ۾ ست سو ڪلام الله جا حافظ هئا.

                        حضرت خالد رضي الله اڃا يمامه ۾ مقيم هيو ته درٻار خلافت طرفان کيس عراق ۽ ايران طرف پيش قدميءَ جو حڪم مليو. حضرت خالد رضي الله پنهنجو لشڪر وٺي عراق طرف روانو ٿيو. ابله نالي هڪ جاءِ وٽ ٻيا مسلمان سالار به پنهنجا فوجي دستا وٺي اچي پهتا. اسلامي لشڪر جو ڪل تعداد 18 هزار هيو ۽ سموري فوج جو سپه سالار حضرت خالد رضي الله مقرر ٿيو. ايراني ۽ اسلامي فوج جي وچ ۾ پهريون مقابلو بصري کان اٽڪل ٥٠ ميل پري حاضر جي جڳهه وٽ ٿيو. جنهن ۾ ايرانين سخت شڪست کاڌي ۽ انهن جو سپهه سالار هرمز لڙائيءَ ۾ حضرت خالد رضي الله هٿان قتل ٿي ويو. هن لڙائيءَ ۾ ايراني سپاهين پاڻ کي زنجيرن سان هڪ ٻئي ۾ ٻڌي ڇڏيو هو، ته جيئن ميدان مان ڀڄي نه وڃن. انهيءَ ڪري هن لڙائيءَ کي ”حرب ذات السلاسل“ يعني زنجيرن واري لڙائي سڏيو وڃي ٿو. هن لڙائيءَ کانپوءِ حضرت خالد رضي الله ايراني فوجن کي هڪ ٻئي پٺيان شڪستون ڏيندو، حيره تائين وڃي پهتو هن فرات نديءَ جي مغربي ڪناري وارو علائقو فتح ڪيو هو، جيڪو اصل ۾ عربستان جو حصو هو، مگر ايران زبردستي ان تي قبضو ڪيو ويٺا هئا.

                        ڪوفي جي ويجهو حيره جي هڪ عيسائي رياست هئي، جيڪا ايراني سلطنت جي تابع هئي. حضرت خالدؒ حيره کي گهيرو ڪيو، مگر اتي جي حاڪم جلد ئي مسلمانن سان صلح ڪيو. حضرت خالدؒ هڪ لک نوي هزار دروم ساليانو جزيو قبول ڪيو ۽ ان جي عيوض مسلمانن سندن جان ۽ مال جي حفاظت جو ذمو پاڻ تي کنيو.

اصحاب رسول