حضرت خالد سيف الله رضي الله

idara letterhead universal2c

حضرت خالد سيف الله رضي الله

پروفيسر عبدالرحمان جتوئي

حيره کانپوءِ حضرت خالد رضه اتر طرف رخ رکيو. انبار، عين التمر، دومة الجندل ۽ ٻيون ڪيتريون جڳهون فتح ڪري حيره واپس پهتو. هن جي ايران جي سرحدن تي آخري لڙائي فراض جي جنگ هئي.  هي لڙائي نهايت اهم هئي، ڇاڪاڻ ته هن لڙائيءَ ۾ ايرانين، رومين ۽ عيسائين عربن گڏجي اسلامي فوج جو مقابلو ڪيو. دشمن پنهنجي طاقت جي گهمنڊ تي فرات ندي پار ڪري اسلامي فوج مٿان حملي ڪرڻ لاءِ آيا، مگر مسلمانن انهن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا. پوئتان دريا هجڻ ڪري انهن کي ڀڄڻ لاءِ ڪو رستو نه هو، انهيءَ ڪري دشمن جي تقريباً سڄي فوج تباهه ۽ برباد ٿي ويئي. انهيءَ لڙائي کانپوءِ حضرت خالد  رضه کي اڌ فوج وٺي شام جي سرحد ڏانهن وڃڻ جو حڪم خيلفي وٽان موصول ٿيو.  حضرت خالد رضه حڪم جي تعميل ۾ مثنيٰ  بن حارث رضه باقي اڌ فوج سان عراق ۾ ڇڏي پاڻ سان تقريباً ڏهه هزار فوج وٺي شام ملڪ ۾ داخل ٿيو. رستي ۾ هن کي ايرانين ۽ عسائي عربن سان گهڻن يئ هنڌن تي مقابلو ڪرڻو پيو، مگر سڀني ۾ ڪامياب ٿيو.

                        شام ۾ داخل ٿيڻ سان مرج راه وٽ رومين جي هڪ وڏي لشڪر کي شڪست ڏنائين ۽ بصريٰ فتح ڪيائين. ان کانپوءِ هو ٻين اسلامي فوجن سان شامل ٿيو ۽ کين سڄي اسلامي لشڪر جو سپهه سالار اعليٰ بنايو ويو. 30 جولاءِ سن 634ع تي اجنادين وٽ رومي ۽ اسلامي فوج جو تعداد چاليهه هزار ۽ رومي عيسائي ٻه لک چاليهه هزار هئا. ظاهري تعداد ۽ جنگي ساز و سامان جي لحاظ کان مسلمان دشمن جي مقابلي ۾ گهڻو گهٽ هئا، مگر حضرت خالد رضه جي بهترين فوجي تنظيم، مسلمان جي ڪمال بهادريءَ، دليري ۽ شهادت جي شوق ڪري اسلامي فوج دشمن تي غالب آهيئ هن لڙائيءَ ۾ اٽڪل ٽي هزار مسلمان شهيد ٿيا، مگر رومي فوج جو تمام گهڻو نقصان ٿيو. هنن جا فقط  هڪ لک ويهه هزار سپاهي ڀڄڻ وقت پاڻي٤ ۾ ٻڏي مُئا. جيڪڏهن هن لڙائيءَ ۾ مسلمان رومين هٿان شڪست کائين ها ته اسلام جي طاقت کي زبردست نقصان پهچي ها، مگر مسلمانن کي پنهنجي رب جي نصرت تي پورو يقين هو ۽ انهن کي پڪ هئي ته ڪاميابي سندن پير چمندي، انهيءَ ڪري هو ڏاڍي جوش خروش ۽ بي بابيءَ سان وڙهيا. هن جنگ ۾ شڪست کائڻ کانپوءِ رومين جي همت ٽٽي پئي ۽ مسلمانن جي همت ۽ حوصلا بلند ٿي ويا.

                        اجنا دين جي لڙائيءَ کانپوءِ، حضرت خالد رضه شام جي تخت گاهه دمشق تي چڙهائي ڪئي ۽ ڇهن مهينن تائين دمشق جو گهيرو جاري رکيو. آخرڪار هڪڙيءَ رات همت ڪري ڪجهه جانباز پاڻ سان گڏ وٺي قلعي جي فصيل (ڀت- چوديواري) ٽپي اندر داخل ٿيو ۽ قلعي جي دروازي طرف ڌوڪيندو ويو. حضرت خالد رضه دروازي کولڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ اسلامي فوج قلعي ۾ داخل ٿي وئي. شهر جي ماڻهن ڪوبه مقابلو نه ڪيو ۽ قلعي جو ٻيو دروازو کولي ڇڏيو. حضرت خالد رضه انهن سان سهڻو سلوڪ ڪيو ۽ کين عام معافي ڏيئي ڇڏي. سندن ڪنهن به ملڪيت ۽ جائداد کي هٿ نه لاتو ويو. جزيي جي هڪ معمولي رقم جي ادائگي عيوض، انهن جي جان، مال ۽ ڪيسائين (گرجا- ديول) جي حفاظت جو ذمو مسلمانن پاڻ تي کنيو.

                        دمشق جي فتح کانپوءِ حضرت خالد رضه اردن ۽ حمص جا علائقا فتح ڪيا. رومي شهنشاهه هرقل کي شام جي ٽن مکيه علائقن دمشق، اردن ۽ حمص جي هٿان نڪري وڃڻ تي ڏاڍو جوش آيو ۽ هن هڪ وڏو لشڪر تيار ڪرائي پنهنجي ڀاءَ ٿيو ڊورس جي هٿ هيٺ مسلمانن جي مقابلي لاءِ موڪليو. يرموڪ درياءَ جي ڪناري تي يرموڪ جي ميدان تي ٻنهي ڌرين جي فوجن پنهنجا خيما کوڙيا. جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ حضرت عمرو بن عاص رضه، حضرت شرجيل بن حسنه رضه ۽ حضرت يزيد بن ابو سفيان رضه جي فوجن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرايو ۽ کيس ٻني اسلامي فوجن جو سپه سالار اعليٰ مقرر ڪيو ويو. هن سڄي اسلامي فوج جي نئين سر تنظيم ڪئي. رومي فوج جو تعداد اٽڪل ٻه لک هو ۽ انهن جي مقابلي ۾ مسلمان فقط ٽيهه هزار. ٻنهي فوجن جي وچ ۾ سخت خون ريز جنگ لڳي. ڪيترائي دفعا مسلمانن جون صفون هيٺ مٿي ٿي ويون ۽ ڪيترائي دفعا سندن پير اکڙيا، پر پوءِ پاڻ سنڀالي وڃن پيا. مگر آخر ۾ مسلمانن، رومين مٿان اهڙو ته زيردست حملو ڪيو جو انهن جا گهوڙا مسلمان تير انداز اڳيان بيهي نه سگهيا. عيسائين کي سخت شڪست ملي. انهن جو هڪ وڏو حصو لڙائيءَ ۾مارجي ويو ۽ اٽڪل هڪ لک سپاهي ڀڄڻ وقت يرموڪ درياءَ ۾ ٻڏي ويا.

                        يرموڪ جي لڙائي ۾ آخري ۽ فيصله ڪن لڙائي هئي. هن لڙائي کانپوءِ رومين کي ڪٿي به مسلمانن سان کليل ميدان تي مقابلي ڪرڻ جي جرائت نه ٿي. قنسرين، حلب، انطاڪيه ۽ ٻيا ڪيترائي شهر آسانيءَ سان هڪ ٻئي پٺيان مسلمانن جي قبضي ۾ ايندا ويا.

                        سن 18 هه ۾ حضرت عمر فاروق رضه ڪن خاص سببن جي ڪري حضرت خالد رضه کي سندس عهدي تان معزول ڪري، سندس جڳهه تي حضرت ابو عبيده رضه کي سپهه سالار اعليٰ مقرر ڪيو. حضرت خالد رضه بنا ڪنهن چون چرا جي امير المؤمنين جي حڪم جي اطاعت ڪئي ۽ پنهنجي وفاداري، خلوص ۽ اسلامي محبت جو هڪ بي نظير مثال پيش ڪيو. هو هاڻي حضرت ابو عبيدهرضه جي قيادت ۾هڪ سپاهيءَ جي حيثيت ۾ اڳي کان به وڌيڪ بهادريءَ سان وڙهڻ لڳو.

                        حضرت  خالد رضه جي معزولي کانپوءِ حضرت  عمر فاروق رضه صوبائي گورنرن ڏانهن جيڪو فرمان جاري ڪيو هو، ان ۾ حضرت خالد رضه جي برطرفي جي سببن تي روشني پوي ٿي: ”مان خالد رضه کي ڪنهن ناراضگي جي ڪري يا خيانت جي ڪري معزول نه ڪيو آهي، بلڪه ان ڪري ڪيو آهي جو ماڻهو هن جي ڪري فتني ۾ مبتلا ٿي ويا هئا. هو ان کي ايترو ته عظيم سمجهڻ لڳا جو انديشو هيو ته هو خالد رضه جي ذات تي نه ڀروسو ڪري ويهن. مان چاهيان ٿو ته ماڻهو ان حقيقت کي خوب ذهين نشين ڪن ته جيڪي ڪجهه ڪري ٿو الله پاڪ ڪري ٿو. بندي جي ڪابه حيثيت نه آهي. مسلمانن کي ڄاڻن گهرجي ته اسلامي فتني جو مدار خالد جي قوت ۽ طاقت تي نه آهي بلڪه الله تعاليٰ جي تائيد ۽ نصرت تي آهي.“

                        حضرت خالد رضه پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن شام ملڪ جي حمص شهر ۾ گوشه نشيني واري حالت ۾ گذاريا. سن 22 هجريءَ ۾ ڪجهه ڏينهن بيمار رهڻ بعد دنيا جو هي عظيم جرنيل فاتح عراق ۽ شام وفات ڪري ويو. انا لله و انا اليه راجعون. حمص ۾ ئي هن بطل جليل کي سپردخاڪ ڪيو ويو. وفات وقت سندس عمر سٺ سال هئي. حافظ ابن عبدالبر الاستيعاب ۾ لکيو آهي ته وفات کان اڳ ۾ حضرت خالد رضه وصيت ڪئي هئي ته منهنجا جنگي هٿيار ۽ گهوڙو الله جي رستي ۾ جهاد لاءِ وقف ڪيا وڃن. سندس ڪل ميراث هئي: هڪ غلام، هڪ گهوڙو ۽ ڪجهه جنگي هٿيار. ابن عساڪر جو بيان آهي ته حضرت عمر فاروق رضه کي جڏهن حضرت خالد رضه جي ترڪي (فوتيءَ جي ڇڏيل ملڪيت) جي ابري ۾ ٻڌايو ويو ته پاڻ روئي ويٺو ۽ فرمايائين، الله ابو سليمان تي رحم ڪري. اسان کي اها اميد نه هئي ته هو اهڙي تنگ دستي واري حياتي گذاري رهيو هو. هن مضمون جو اختتام حضرت خالد رضه جي شخصيت متعلق ٻن اديبن جي تاثرات تي ڪجي ٿو:

                        ”خالد رضه اسلام جو عظيم ترين جرنيل هو، هو نهايت بهادر ۽ اولوالعزم (پڪي ارادي وارو. ثابت قدم) انسان هو. جنگ جو ميدان ڄڻ سندس گهر هيو. اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ سندس زندگي جهاد في سبيل الله ۽ الله جي ڪلمي کي بلند ڪرڻ ۾ گذري. هن اٽڪل هڪ سو ويهه جنگين ۾ سپهه سالار جي حيثيت ۾ حصو ورتو ۽ ڪنهن به جنگ ۾ شڪست نه کاڌائين بلڪه هر جنگ ۾ سوڀ ماڻيائين. هميشه لشڪر جي اڳين صفن ۾ عام سپاهين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جنگ ڪندو هو. سندس سڄو جسم تلوارن، نيزن ۽ تيرن جي زخمن سان ڀريو پيو هيو. تلوار جي جهنڪار هن جي لاءِ ڄڻ روح کي راحت رسائيندڙ آواز هيو. پاڻ چوندو هيو ته ”مون کي جنگ جي ميدان جي سخت رات شب عروسي (شاديءَ جي پهرئين رات) کان وڌيڪ محبوب ۽ مرغوب آهي. هن پنهنجي زندگيءَ کي الله جي دشمنن سان وڙهڻ ۽ اسلام جي جهنڊي کي سربلند رکڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. هن جي نزديڪ جيڪڏهن ڪوئي عمل محبوب هيو ته اهو ئي هيو. آخر وقت ۾ جڏهن حياتيءَ کان نااميد ٿي ويو ته ٿڌڙو ساهه ڀري چوڻ لڳو: ”افسوس! منهنجي سڄي ڄمار جنگ جي ميدان ۾ ڪافرن سان جهاد ڪندي گذري، مگر شهادت منهنجي نصيب ۾ نه هئي، اڄ مان بستري تي ڇڙيون هڻي رهيو آهيان.“ حضرت خالد رضه نهايت ذهين، روشن خيال ۽ دانا جرنيل هو. حملي ڪرڻ وقت پنهنجي پسند جو محاذ کوليندو هو. دشمن جي علائقي جي نظرداري ۽ چوڪسي ڪرڻ لاءِ پاڻ به گشت ڪندو ۽ ننڍا ننڍا فوجي دستا به موڪليندو هو. دشمن جي قوت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ جڏهن موقعو ملندو هيس ته ان تي ڪاري ضرب هڻندو هو. حريف (مدمقابل) جو ڪمزور پهلو يڪدم تاڙي وٺندو هو ۽ ان ڪمزوريءَ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندو هو. جنگ احد ۾ هن پنهنجي صلاحيت ۽ عسڪري مهارت جي بنياد تي جنگ جي ميدان جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو ۽ چند منٽن ۾ فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪري ڇڏيائين. مطلب ته حضرت خالد رضه ڏاڍو ڀاڳوند جرنيل هيو، جنهن طرف رخ رکندوهو فتح ۽ نصرت ڪاميابي ۽ ڪامراني سندس قدم پسندي هئي. (خورشيد رسالت کي پانڇ ڪرنين)

                        حضرت خالد رضه پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيترائي نڪاح ڪيا، جن مان جهجهو اولاد پيدا ٿيو. سيرت جي ڪتابن ۾ صرف چئن پٽن جا نالا ملن ٿا، جيڪي هن طرح آهن: (١) سليمان، (٢) عبدالله (٣) مهاجر ۽ (٤) عبدالرحمان. انهن مڙني مان وڌيڪ ناماچار ۽ شهرت عبدالرحمان ماڻي.  هودليري، بهادري ۽ شهسواري، شجاعت ۽ سخاوت ۾ پنهنجي عظيم والد صحيح وارث ۽ جانشين هو. حضرت عثمان رضه جي دور خلافت ۾ عبدالرحمان حمص جو گورنر هيو. حضرت عبدالرحمان  ان مشهور لشڪر ۾ هڪ آفيسر جي حيثيت ۾ شريڪ هيو، جنهن حضرت امير معاويه رضه جي دور حڪومت ۾ سڀ کان اول قسطنطنيه تي ڪاهه ڪئي هئي ۽ جنهن جي باري ۾ رسول ڪريم ”مغفور“ (گناهه کان بخشيل) هجڻ جي خوشخبري ڏني هئي. مشهور تاريخ ابن اثير جو بيان آهي ته (ٻن نسلن کانپوءِ) حضرت خالد رضه جي سڀ اولاد ختم ٿي ويئي ۽ مشرق توڙي مغرب ۾ ڪوبه شخص سندس اولاد مان باقي نه رهيو. رهي نالو الله جو. باقي حضرت خالد رضه جا سونهري ڪارناما قيامت تائين زنده رهندا.

                        سيرت نگارن ۽ تاريخ نويسن جو بيان آهي ته حضرت خالد رضه شڪل، صورت، قد ڪاٺ ۽ آواز ۾ حضرت عمر فاروق رضه سان تمام گهڻي ۽ گهري مشابهت رکندو هيو. ايتري قدر جو ڪي ماڻهو غلطي سبب حضرت عمر رضه کي حضرت خالد سمجهي ويهندا هئا. گويا حضرت خالد رضه جو حليو (شڪل شباهت. صورت) حضرت عمر رضه جو حليو هيو ۽ حضرت عمر رضه جو حليو، حضرت خالد رضه جو حليو هيو.