تلسي

idara letterhead universal2c

تلسي

حڪيم عطاءَ الله نوابشاهي

                        هي نازبوءِ جهڙو ٻوٽو ٿئي ٿو. خوشبودار ۽ تمام سنها ڳاڙهيرا ٻج ٿيندا اٿس. هن جي ٻوٽي ۾ نازبوءِ جي ٻوٽي کان وڌيڪ شاخون ٿين ٿيون. جهنگ جهر ۾ پاڻهي ڦٽي ۽ واڌ ويجهه ڪري ٿو. هندو مذهب وارا هن کي برڪت ڀريو ۽ مبارڪ ٻوٽو تصور ڪن ٿا. ان ڪري گهرن ۾ ۽ مڙهين ۾ تمام گهڻو پوکيندا آهن.  هندي ٻوليءَ ۾ منجري سڏبو آهي. ٽن نمونن جو ٿئي ٿو سڀني جا فائدا هڪ جهڙا آهن.  ڪاري هلڪي رنگ واريءَ کي عربيءَ ۾ فرنجشڪ ۽ هندي ۾ ”رام تلسي“ سڏبو آهي. جهنگ جهر ۾ پيدا ٿيندڙ کي ”تن تلسي“ عربي ۾ ”بادورنج“ چئبو آهي. گهر ۾ پوکڻ سان مڇر گهر ڇڏي ويندا. مزاج گرم، خشڪ اٿس، دماغ کي خوش ڪندڙ، فرحت سڪون بخشيندڙ ۽ زهر کي ختم ڪندڙ آهي.  وڇون، نانگ ۽  ٻيا ذهريلا جيت ان جي خوشبو، کان ڪوهين پري ڀڄي وڃڻ ٿا. هن جا ٻج ڪونڊي ۾ پوکي گهرجي ڪنڊن پاسن ۾ رکڻ گهرجي.

خاصيتون، افعال، ڪم، استعمال:

  1. زڪام جي حالت ۾ هن جا پن سنگهڻ سان زڪام کي فائدو ڪن ٿا.
  2. زڪام جي ڪري اکين مان پاڻي وهي ته هن جي پنن جو پاڻي وجهڻ گهرجي.
  3. نظر جي ڪمزوري کان به هن جو پاڻي اکين ۾ وجهڻ مفيد آهي.
  4. ڪن ۾ اوچتو سور کان هن جي پنن جو نپوڙيل پاڻي ٻه ٽي ڦڙا وجهڻ گهرجن.
  5. ڪن ماڻهن جي ٻوڙاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ به هن جي پنن جو پاڻي ڪو وقت استعمال ڪرائين ٿا.
  6. پن سگهڻ سان بند نڪ کلي وڃي ٿو. ڪن ماڻهن جي سنگهڻ جي طاقت ختم ٿي وڃي ٿي خوشبو يا بدبوءِ جي خبر ڪانه پوندي آهي هن جا پن ڏينهن ۾ پنج ست ڀيرا سنگهڻ سان فائدو ٿئي ٿو. مهينو سوا ائين ڪجي.
  7. نڪهير ۾ هن جي پنن جي پاڻي ۾ ٿورو سرڪو انگوري گڏائي نڪ ۾ ٻه ٽي ڦڙا وجهڻ سان نڪهير بند ٿيو وڃي.
  8. مارچ مهيني ۾ جنهن کي هنديءَ ۾ ڀاگن مهينو سڏبو آهي هن جا پنج ٻه ٽي ڏينهن ڏندن تي ملڻ سان سارو سال ڏند ڏاٺ جوسور نه پوندو.
  9. وات مان گگ وهڻ، پاڻي وهڻ ۾ به هن جا پن ٻه ٽي ڏينهن چوسڻ گهرجي.
  10. کنگهه، ڄارو ۽ سيني ۾ ڦاٿل بلغم کي ڪڍڻ لاءِ هن جي پنن جي پاڻي هڪ چمچي ۾ ٿوري ماکي يا ڳڙ گڏي پيارڻ مفيد آهي.
  11. قبضي، گيس، مروڙ ۾ به هن جي پنن جو پاڻي ٽي چار چمچا پيئڻ سان تڪليف ختم ٿي وڃي ٿي.
  12. پيچس، دست، پيٽان کانگهاري جهڙي مروڙ سان ڪنهن شيءِ جي نڪرڻ ۾ هن جا پن آنو کن رات جو پاڻي ۾ پسائي صبح ملي ڇاڻي جافر ڪٽيل چپٽي کن گڏي پيارڻ گهرجي. جي فائدو ڏسڻ ۾ نه اچي يا بلل گهٽ فائدو ٿئي ته سونف تولو کن تئي تي ڀڃي ان ۾ مصري گڏي مٿئين دوا سان گڏائي کارائجي.
  13. هر ڪو ڪمزوري جي دانهن ڪري ٿو هن جا پن سڪائي ۽ ٻج ڪٽي کنڊ گڏائي رات جو چمچو کن کير سان کائجي.
  14. عورتن جي کير وڌائڻ ۽ بند ماهواري کي کولڻ لاءِ هن جا پن ٤ تولا ڪاڙهي پياريندا آهن. ماهواري کان ٻه ڏينهن اڳواٽ شروع ڪرائجي آخر تائين.
  15. عورتن جي ببي ۾ ڌڪ لڳي وڃي، يا ڪو ڳوڙهو پيدا ٿئي پوي يا سڄي وڃي ته ڪڻڪ جو ڇاڻ (يا جوَن جو اٽو) تيل سرنهن جو، گلاب جا ٻه ٽي گل (سڪل يا آلا) ۽ سرڪو  تلسي جا پنج گهوٽي لپري ڪري ٻڌي ڇڏجي.
  16. ”واري“ وارو بخار هن جي پنن کي گهوٽي پيئڻ سان ختم ٿي وڃي واري کان ٻه ڪلاڪ اڳ پيارجي.
  17. سيءَ تپ، مليريا ۾ پن ڪاڙهي ان ۾ ڪارا مرچ ٣. ٤ داڻا پيهين ملائي گرم گرم پيارڻ سان سيءَ ۾ بخار ختم.
  18. خارش، چمڙيءَ جي بيماري، هلڪيون ڦرڙيون، ڇاپاڪو، آرايون (پِت) لاءِ: تلسي پن، ڪا سني پن، پٽ پيرون (مڪوه) گهوٽي مصري گڏي پيارجي.
  19. طاقت ۽ جٽراءَ لاءِ ڪراڙا، ڪروڙڍ جوان: شنگرف ١ تولو، مرچ ڪارا ٣٠٠ داڻا، تلسي جا پنج سڪل ٣٠٠ پهريائين شنگرف اڪيلو ٽي چار ڏينهن گهوٽيو پوءِ هڪ پنج ۽ هڪ مرچ گڏي گهوٽبو اٽڪل ٽي ڪلاڪ وري ٻيهر هڪ پن هڪ مرچ ملايو اهڙي ريت سمورا مرچ ۽ پن ملائي چڻي داڻي برابررات جو کير سان کارايو. ٢١ ڏينهن.
  20. موسمي بخارن، مليريا، پراڻن بخارن ۾: تلسي پن، مرن جو پن يا (مغز) مرچ ڪارا، زهر مهره هموزن ڪٽي چڻي برابر داڻا ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا شربت بنفه سان کارائجي.
  21. هي نسخو به تپن کي تپ ڏيئي ڇڏي ٿو. تپائولي جي موسم ۾ ڪر آمد آهي. خاص ڪري سرءُ ۾. تلسي جا پن، ديسي ٻٻر جا پن، مرچ ڪارا، پپريون، ڪرنجو مغز (يا پن) گادنتي باهه ۾ ساڙيل سڀ هموزن ڪٽي گڏي رکجن مريض کي ڪوسي پاڻي سان ٻير جيترو ڏينهن جو ٽي ڀيرا کارائجي.
  22. پيٽ جا ڪيڙا ختم، جسم جي ٻنڌين ۾ ڇڪ کي ڇڪي ڪڍي ڇڏي، جان ۾ جان پيدا ڪري: تلسي جا پن هڪ پاءَ، پاڻي هڪ پاءَ ۾ ڪاڙهي جڏهن اڌ پاءَ رهي ته لاهي ٺاري مهٽي ڇاڻي ان ۾ پاءَ ترن جو تيل گڏي ٻيهر باهه تي رکي جڏهن پاڻي ختم ٿي وڃي ته لاهي سنڀالي رکجي. چمچو کن تيل گرم کير يا گرم پاڻي ۾ گڏي صبح نيرن بعد پي ڇڏجي.
  23. دل دماغ کي فرحت ڏئي، دماغي کوڙ سارن عارضن ۾ مفيد، مونجهه، مٿي ۾ ڦيري، هميشه سور، ٻوجهه، خفقان، دل مونجهي، ڪم ڪار لاءِ دل نه گهري، گرمي: تلسي جا پن گهوٽي اڌ ڪوپ کن پاڻي ڪڍي ان ۾ عرق ڪيوڙو، عرق بيد مشڪ، عرق گازبان ٻه ٻه چمچا گڏي مصري ملائي صبح شام پيارجي.
  24. دل جا بند وال کلي وڃن، دل جي ڪمزوري ختم ، خوف ٿورو ڳالهائڻ سان يا گوڙ شور، ڦڏو فساد، جهيڙو ٻڌڻ سان دل ڌڙڪي، خوف ۽ ڏر دل تي ويهي وڃي ته هي جپاٽو ٺاهي استعمال ڪجي، تلسي جا پنج گهوٽي پاڻي گڏي چڱي طرح نپوڙي ديڳڙيءَ ۾ هلڪي باهه تي رکو جڏهن پاڻي ٿورو گهاٽو ٿي وڃي ته لاهي رکجي. ان مان چڻي داڻي برابر عرق بيد مشڪ اڌ ڪوپ سان صبح شام کارائجي.
  25. آواز گگهو ٿي وڃي، نزلو زڪام ٿي پوي ته: تلسي جا ٻج پان جي پن ۾ وجهي ته: اڌ چمچو تلسي جا ٻج پاڻي سان ٻه ٽي ڏينهن لاڳيتو کارائجن.
  26. پيچس، مروڙ، سوري ۽ پيٽ ۾س ور کان: تلسي جا ٻج ۽ ٻٻر کؤنر گڏي ڪُتي اڌ چمچو کن کارائجي.
  27. پيشاب ۾ ساڙي، پنهنجن هٿن جي مهٽ سان وچين ڄنگهه ۾ سور، ساڙو، زخم، پونءِ يا رت اچي ته تلسي جا ٻج اڌ چمچو اڏ گلاس ۾ ڪلاڪ کن پسائي رکي مصري گڏي پي ڇڏجي. صبح، منجهند، رات.
  28. عورتن کي ٻار ڄڻڻ کانپوءِ هر قسم جي سور ۽ تڪليف وڃائڻ لاءِ: هن جا ٻج گهوٽي ڇاڻي گرم ڪري، ڳڙ گڏي پيارجي.
  29. زخم، ڦرڙي، پراڻو زخم وڃائڻ لاءِ: هن جا ٻج گهوٽي پاڻي گڏي لپري ڪري ٻڌجي.
  30. سنهي ماڻهوءَ کي سگهو ۽ ٿلهو ڪرڻو هجي ته هن جا ٻج ڪٽي ڊڳڙي پچائي کارائجي يا روزانو اڌ چمچو ڪٽيل ٻج کارائجن.
  31. ننڍن ٻارن جي هر قسم تپ، ڪمزوري وڃائڻ لاءِ: تلسي ٻج، مرچ ڪارا، طباشير، ست گو هموزن گڏي گهوٽي مڱ داڻي برابر گوريون ٺاهي ماءَ جي کير يا پاڻي يا ٻئي ڪنهن کير ۾ هڪ گوري حل ڪري پياري ڇڏجي. صبح شام
  32. 32. بيمارين جي جڙ قبض، گيس، ريج بادي، بدهضمي، پيٽ ڦوڪيل، سيٽيل وغيره رهي. هن زماني ۾ جي حڪيمن جي ايجاد مان فائدو وٺي ڏسجي. هريڙ وڏي کل ٣ ماسا سنا مڪي ١ تولو. گلاب گل ڏيڍ تولو. مٺي ڪاٺي ٢ تولا. سونف (وڏو) ٢ تولا، سنڍ ٦ ماسا، گندرف ١ تولو، وڏا ڦوٽا ڪڻ ٩ ماسا، سورجان مٺي ٢ تولا، کنڊ اڌ پاءَ، ڪٽي ڇاڻي صبح شام چمچو کن، کاڌي بعد کير پاڻي سان کارائجي. بازار ۾ وڪرو ڪجي ته مدرسه وارا چندي ڪرڻ کان بچي وڃن.