اسلام ۾ عورت جو مقام

idara letterhead universal2c

اسلام ۾ عورت جو مقام

پروفيسر مولا بخش محمدي

اسلام جي هڪ امتيازي صفت آهي ته هن مرد به عورت کي جدا جدا  پنهنجي جاءِ تي اختيارات عطا ڪري بااختيار ۽ باعزت بنايو. ڇو ته هي  ٻئي  هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن، جيئن هڪ گاڏيءَ جا جدا جدا ڦيٿا آهن. جن جو صحيح ۽ سالم هجڻ گاڏي جي وجود لاءِ لازمي آهي.  جنهن بنا حياتي جي گاڏي هڪ وک به هلڻ جي سگهه نٿي ساري سگهي. قرآن حڪيم هن ڳالهه جي ڪيتري نه خوبصورت انداز ۾ عڪاسي ڪئي آهي ته:

مَنۡ عَمِلَ صَالِحًا مِّنۡ ذَکَرٍ اَوۡ اُنۡثٰی وَ ہُوَ مُؤۡمِنٌ فَلَنُحۡیِیَنَّہٗ  حَیٰوۃً  طَیِّبَۃً ۚ وَ لَنَجۡزِیَنَّہُمۡ اَجۡرَہُمۡ بِاَحۡسَنِ مَا کَانُوۡا یَعۡمَلُوۡنَ ﴿۹۷﴾  (النحل؛ ٩٧)

                        اسلام جتي مرد کي حق عطا ڪيا آهن اتي عورت جي حقن جي سخت لفظن ۾ تاڪيد پڻ ڪئي آهي. تاريخ اسلام جي صفحات ۾ جتي رمدن جو جوانمردي وارو مثالي ڪردار جوڀن تي نظر ايندو اتي نامياري پاڪباز نياڻين ۽ انسانيت جي گود ۾ پالنا ڪندڙ عورت جي تقويٰ، طهارت، دعوت ۽ تبليغ، شجاعت ۽ سخاوت، تعليم ۽ تربيت، علم ۽ هنر کانسواءِ دکي انسانيت جي سار سنڀال جا پڻ انيڪ مثال نظر ايندا. جيڪي هن اونڌائي ڪائنات ۾ سوجهري جي لاٽ ثابت ٿي. مغرب جي دلفريب دلاسن تي لڳل انسانيت لاءِ عظمت جو مينار ثابت ٿي سگهن ٿا. اهڙن مانائتي مثالن کي سامهون رکي اڄ جي عورت پنهنجي تابناڪ ۽ مثالي ماضيءَ سان رشتو ۽ ناتو ڳنڍي ٻنهي جهانن ۾ سوڀ ۽ سلامتي ماڻي سگهي ٿي.

                        هن ظلم ۽ زيادتي، انياءَ ۽ انتقام جي آڙاهه ۾ جلندڙ انسانيت کي سک جو ساهه کڻائڻ لاءِ وري اسان کي ”مسلمان ماءَ“ جي سڪون ڀريل هنج کي امن ۽ عافيت لاءِ پهرين پاڪيزه درسگاهه بنائڻو پوندو. ڇو ته اسلام تي ويساهه رکندڙ عورت علم ۽ ايثار، سيرت ۽ ڪردار، عزم ۽ استقلال جو اعليٰ نمونو بنجي. نئين ٽهي جي اهڙي ته تعليم ۽ تربيت جو فرض نڀائي سگهي ٿي جيڪو اڄ جي ڀٽڪيل انسانيت لاءِ اجهو ثابت ٿي سگهي ٿو.

                        هونءَ به علم ۽ ايثار، دانش ۽حڪمت، تفقه ۽ تدبر، ذهانيت ۽ ذڪاوت ۽ انسان ذات جي ڀلائي بهتري لاءِ پنهنجو پاڻ ارپڻ جو جذبو صرف مردن لاءِ مخصوص نه آهي بلڪه هن ميدان ۾ باڪمال عورتون به تاريخ ۾ مانائتو ماڳ حاصل ڪري چڪيون آهن ڇو ته پنج ئي آڱريون برابر نه آهن.

نه هر زن زن است و نه ره مرد مرد

خدا پنج انگشت يڪسان نه ڪرد

                        عورت به انسان آهي، هن کي پڻ مان ۽ مرتبي سان جيئڻ جو حق ملڻ کپي. هن جي پاڪيزه پوتر ماحول ۾ تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪري کيس گهر جي راڻيءَ جو رتبو ڏيڻ کپي.

                        باقي اجائي هٺ ۽ هوڏ ۽ وڏيرا شاهيءَ جي ور چڙهيل صنف نازڪ (عورت) لاءِ ڌرتي ٽامون بنائي سندس جيئڻ جنجال بنائي. خصوصاً ٻهراڙي جي ڏکن ۽ ڏنجهن، بکن ۽ بدحالي، بيماري ۽ مارڪٽ جو شڪار بنيل عورت جو پيلو چهرو اسان جي نالي ماتر ”وڏ ماڻهپ“ واري چهري تي زوردار چماٽ آهي. جنهن نياڻي جي ڄمڻ تي سرور ڪائنات ۽ محسن انسانيت جن بهشت جي بشارت ڏين، ان سان اهو ويرين وارو برتاءُ؟

                        ههڙن موذي مرضن جو علاج اڄ به عالمي عريانيت جو پرچار ڪندڙ فورمن بجاءِ اسلام جي ابدي، اڻ مٽ ۽ فطري مذهب ۾ ڳولڻ بنا چاروئي ڪونه نظر ايندو. ڪاش اسان کي هاڻي ڀلي ۽ بري جي پرک ۽ پروڙ ۽ سمجهه اچي. عورت کي واپار جو ذريعو بنائي هن کي بازار ۽ بزم جو سينگار بنائڻ اسلامي انساني قدرن جي خلاف ۽ سراسر ابتڙ جهالت ۽ ناداني جو چٽو ثبوت آهي. جتي اسلام کان اڳ عورت ڍڳن ڍورن ۽جانورن کان بدتر حياتي گهارڻ تي مجبور هئي، اتي اڄ وري يورپ جي نالي ماتر روشن خيالي ۽ ترقي پسندي، وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري جي اڏوهي کاڌل نظام هيٺ زوريءَ ۽ زياتي سان مڙهيل نڪاح ۽ بدي جهڙي بدتر رواج کانسواءِ ڪارو ڪاري جهڙي نامراد ناسوري رسم وري به عورت کي پير جي جتي بنائي ڇڏيو آهي. يا وري اڌ اگهاڙي نمائش ڪندڙ عورت لفظ ”نياڻي“ جي مٽي پليت ڪري وڌي آهي. اسلام جي املهه پاڪيزه نظريه حياتي هيٺ عورت نياڻي به آهي. امڙ پڻ آهي. جنهن جي پيرن هيٺيان جنت جو نوراني نظارو پسي سگهجي ٿو. عورت عزت ۽ احترام، ست ۽ سيل جي رکوالي، نئين نسل جي ننڊاکڙن نيڻن جي پالنا ۽ تربيت ڪندڙ ديوي پڻ آهي. هاڻي عورت کي بازار جو رانديڪو بنائي ڀڃي ڀور ڪرڻ بجاءِ پراڻين آخري پساهه پٽيندڙ ريتن ۽ رسمن مان جان آزاد ڪري اسلام جي ابدي اصولن جي پوئيواري ڪجي ته چڱو سنئوڻ چئبو.

                        هن نالي ماتر ترقي واري وايو منڊل ۾ پڻ افسوس جو عورت جي پوتي جو پلئو لڙڪن سان آلو رهي ٿو. هن جي مٿي تي شفقت ڀريو هٿ رکي هن کي سکڻي آٿت ڏيڻ واري پهر به نظر نٿي اچي. هن جي ست ۽ سيل جي سنڀال ته وڏي ڳالهه آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته هوءَ ”ڌڻيءَ“ جي هٿن ۾ به نڌڻڪي ناري نظر ايندي آهي.

                        اسان جي سماج ۾ عورت کي رڳو گهرجي سنڀال ڪندڙ نوڪرياڻي واري حيثيت ۾ سمجهي ويٺا آهيون. قادر مطلق ته هن کي ڪٽنب جي رکوالي جهڙو فريضو سونپيو آهي. جيئن هو شمع محفل بنجڻ بجاءِ گهر جي راڻي وارو مقام ماڻي سگهي.