حضرت عمر بن خطاب رضي الله

idara letterhead universal2c

حضرت عمر بن خطاب رضي الله

چوھاڻ سليم الله سنڌي

               خلفاء راشدين مان ٻيو نمبر خليفو راشد، 22 لک مربع ميل تي اسلامي حڪومت جو جھنڊو ڦڙڪائيندڙ

نالو ۽ نسب:

               حضرت عمر بن خطاب رضه جن جو نسب هن طرح آهي:

               عمر بن خطاب بن نفيل بن عبدالعزيٰ بن رياح بن عبدالله بن قرط بن زراح بن عدي بن ڪعب بن لوي بن غالب القرشي عدوي آهي.

               پاڻ مسلمان اميرالمومنين، مسلمانن جا ٻئي نمبر تي خليفا آهن. ڪرامتن جا ڌڻي ۽ اسلامي سوڀن جا قائد آهن. مسلمانن لاءِ تما۾ گھڻيون سولايون پيدا ڪيون هيون. الله تعاليٰ حضرت عمر رضه جي ذريعي اسلام کي طاقت ڏني. سندن ئي ذريعي حق ۽ باطل ۾ فرق ٿيو. ڪيترن ئي ڳالهين ۾  حضرت عمر رضه جن کي ٻين جي مقابلي ۾ تمام گھڻو مرتبو حاصل آهي. سندن راءِ سان قرآن پاڪ جون ڪيتريون ئي آيتون نازل ٿيون آهن. سندن ئي ذريعي اسلام پکڙيو. شيطان به حضرت عمر رضه کان ڊڄندو هو. ديني غيرت جا مالڪ هئا. ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪندا هئا. پاڻ نهايت ئي وقار ۽ دٻدٻي جا مالڪ هئا، پاڻ جنت جا چراغ ۽ ماڻهن جي غلطين کي معاف ڪندڙ هئا. کين لڙڪ جلدي جاري ٿي ويندا هئا. سندن چهرو مبارڪ رونق وارو ۽ وڻندڙ هو. پاڻ پوڙهن جا خادم ۽ غريبن جا مددگار هئا. پاڻ نهايت ئي عادل بادشاھ ۽ باڪمال خليفا راشد هئا. نبي ڪريمﷺ سان گڏ ڪيترن ئي جنگين ۾ شريڪ ٿيا هئا. پاڻ دين جي لاءِ مظبوط قلعا هئا. پاڻ پهريون ماڻهو هئا، جنهن کلم کلا بيت الله جي اڳيان نماز پڙهي ۽ ظاهر ظهور هجرت ڪيائون. پاڻ سچ ڳالهائڻ ۾ مشهور هئا. الله تعاليٰ جي دين جي معاملي ۾ ڪنهن ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ڊڄندا هئا. الله تعاليٰ جي حدن کي قائم رکندڙ هئا. سندن نسب نامو ڪعب بن لوي بن غالب تي نبي ڪريمﷺ جن سان ملي ٿو. (ابن سعد  في الطبقات 3 265)

سندن پيدائش هاٿين واري سال کان تيرهن سال پوءِ ٿي. (الاستعاب 3، 1145 ومحض الصواب 1، 131.) ۽ هجرت کان پنج سال اڳ مسلمان ٿيو هو.(الاعلام 5، 45)

حضرت عمر رضه جي لاءِ نبي ڪريمﷺ جن جي دعا: نبي ڪريمﷺ جن دعا ڪئي ته:” اي الله! انهن ٻن عمرن مان جيڪو توکي وڌيڪ پيارو آهي، ان جي ذريعي اسلام کي قوت کي عطا فرماءِ”. هڪ عمروبن هشام يعني ابوجھل ۽ ٻيو عمر بن خطاب. الله تعاليٰ وٽ عمر خطاب وڌيڪ پيارو ثابت ٿيو. (اخرجه الترمذي 617)

حضرت عمر جي فضيلت: هتي ڪجھ ذڪر ڪجي ٿي. حضرت عمر رضه جي فضيلت ته تمام گھڻي آهي. نبي ڪريمﷺ جن فرمايو ته الله تعاليٰ حق ۽ سچ کي حضرت عمر جي دل ۽ زبان تي جاري ڪري ڇڏيو آهي. (احمد 5، 165، 145)

نبي ڪريمﷺ جن فرمايو جيڪڏهن مون کان پوءِ نبي هجي ها ته اهو عمر هجي ها. (احمد 5، 145) ۽ نبي ڪريم ﷺ جن هيئن به فرمايو آهي ته آئون انسانن ۽ جنن جي شيطانن کي ڏسان ٿو ته اهي عمر (ڊپ جي ڪري) ڀڄن ٿا. (ترمذي شريف 580)

۽ پاڻ ڪريمﷺ جن هيئن به فرمايو آهي ته توهان کان اڳ ماڻهن ۾ محدث پيدا ٿيندا هئا، جيڪڏهن منهنجي امت ۾ محدث آهي ته اهو عمر آهي. (بخاري شريف 3486)

حضرت علي رضه فرمائي ٿو ته اسان جي نبي سڳوري کان پوءِ هن امت جا بهترين ماڻهو ابوبڪر رضه آهن، ان کان پوءِ امت جا بهترين ماڻه عمر آهن. (بخاري شريف3468)

حضرت عمر رضه جون خصوصيتون: حضرت عمر رضه ڪيترن ئي ڳالهين ۾ ٻين کان گوءَ کڻي وڃن ٿا.

 حضرت عمر رضه پهريون اهي ماڻهو آهن، جنهن کلم کلا هجرت ڪئي.

حضرت عمر رضه پهريون اهو ماڻهو آهي جنهن کي اميرالمومنين جو لقب مليو.

حضرت عمر رضه پهريون اهو ماڻهو آهي جنهن هجري سن جي تاريخ مقرر ڪئي.

حضرت عمر رضه پهريون اهو ماڻهو آهي جنهن ماڻهن کي رمضان شريف ۾ تراويح جي لاءِ گڏ ڪيو.

حضرت عمر رضه پهريون اهو ماڻهو آهي جنهن قرآن پاڪ جي گڏ ڪرڻ جو مشورو ڏنو.

حضرت عمر رضه پهريون اهو ماڻهو آهي جنهن لاچار ۽ هيڻن ذمين کان جزيه (ڍل) معا ڪئي.

اهڙي ريت حضرت عمر رضه پهريون اهو ماڻهو آهي جنهن فوج جو نظام جوڙيو.

حضرت عمر رضه پهريون اهو ماڻهو آهي جنهن قاضين ۽ مرشدن کي لشڪر ۾ موڪليو.

حضرت عمر رضه پهريون اهو ماڻهو آهي جنهن اڳواڻن ۽ وزيرن شوريٰ قائم ڪئي.

حضرت عمر رضه پهريون اهو ماڻهو آهي جنهن ماڻهن جو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ رات جو گشت شروع ڪيو هو.

حضرت عمر رضه پهريون اهو ماڻهو آهي جنهن لشڪر ۾ ويندڙن ماڻهن جا نالا ۽ وظيفن جي لاءِ رجسٽر جوڙيو هو.

حضرت عمر رضه پهريون اهو ماڻهو آهي جنهن مهمان ٺاهيا هئا.

حضرت عمر رضه جي وفات: حضرت مغيره بن شعبه رضه جي غلام ابو لولو مجوسي صبح جي نماز ۾ خنجر جا وار ڪيا.  ٽي ڏينهن جيئرو رهڻ کان پوءِ وفات ڪري ويو، نبي ڪريمﷺ ۽ پنهنجي ساٿي حضرت ابوبڪر صديق رضه جي ڀر ۾ دفن ٿيو.