پيليا- يرقان- سائي

idara letterhead universal2c

پيليا- يرقان- سائي

حڪيم عطاءَ الله نوابشاهي

انسان ويچارو جڏو، ڪمزور ۽ محتاج بنايو ويو آهي. روحاني ڪمالات ۾ عرش عظيم تي پهچي سگهي ٿو. فاني جسم لوڙي، لوڙهي هڪ مقام يا مڪان ۾ وڃي پناهه وٺي ٿو. فاني جسم مٽيءَ مان ٺهيو ڪو چيڪيءَ مان ڪو واريءَ مان ڪو پٿر مان ڪو ڪلر مان ڪو ڌپ هنيل ۽ پراڻي گاري مان، ڪنهن به بُهه گڏي ٺاهيائين ته ڪنهن ۾ ٻيون شين…. البته ڪرمنا جا خطاب به ڏنائين، هديناه السبيل به ٻڌايائينس ۽ ڪِن لاءِ هي به ٻڌايائين ته لڪنو اخلد الي الارض (اسان ته کيس مٿي پيا کڻون مٿي وٺيو ٿا هلون پر هو پاڻ زمين سان رشتو ناتو ڳنڍيو ٿو اچي ۽ ڪڏهن اسفل سافلين بڻجي ٿو ته ڪڏهن مظل الڪلب ٿيو وڃي رڳو هف هف حرص ، سڌ اميدن آسرن جي حوالي. نيٺ ٿڪجي بيمارين، ڪمزورن جي ور چڙهي وڃي ٿو ۽ نه گهر جو نه گهاٽ جو! انهن بيمارين مان هڪ تمام سخت ۽ اڻ ٽر مرض يرقان (سائي) به آهي. اسان جا سنڌي سٻاجها ان کي زرقان به سڏين ٿا. رات ڏينهن ننڊ ڦٽل، آرام ختم، اڃ بک ۾ ڀڄ ڀڄان جيڪري يا ته جسم سمورو، اکيون، کل (چمڙي) پيشاب ڦڪي رنگ ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا يا مٽيءَ جهڙو (ميرانجهڙو رنگ اختيار ڪن ٿا. پهريون زرد، پيلو، ڦڪو يرقان ۽ ٻئي کي ڪارو يرقان سڏبو آهي. ٻئي خطرناڪ آهن. البته حيلو وسيلو، علاج دعا ۽ دوا سان آساني ٿئي ٿي. حياتي الله سائين جي هٿ آهي. آخري اسٽيج وارا به ڪڏهن خوش چڱا ڀلا ٿيو وڃن. ڪڏهن ته پهرين سٽ ۾ راهي ٿين عدن جا! بزرگن، عاملن جي قول مطابق سرهن جي ٽي تولا تيل ۾ اوترو پاڻي وجهي جست وغيره جي وٽيءَ ۾ گڏائي مريض جي مٿي تي رکي، اولهه منهن ڪرائي ويهاري وٽيءَ ۾ سر جي پن مان يا ڪنهن ٻئي وڻ جي ساون پنن مان موڙي ٺاهي تيل ۾ گهمائڻ شروع ڪجي. سڄي ۽ کٻي ۽ صلوات شريف پڙهي آيت الڪرسي پڙهڻ شروع ڪجي. ٥، ٧ ڀيرا. پوءِ اهو تيل ڪنهن پاسي تي هاري ڇڏجي ۽ وٽيءَ کي صابڻ يا مٽي سان مانجي ڇڏجي. ٽي يا ست آچر ائين ڪرڻ سان آيت الڪرسي جي لڄ رکندي سائي پاسو مٽي هلي ويندي.

سبب: گرم کاڌن کائڻ، جيري ۽ معدي جي ڪمزوري يا گرمي، گهڻو وقت بخار ۾  گذارڻ، ڪنهن زرهيلي کاڌي کائڻ، بدهضمي، دائمي قبض، هميشه رنج، غم درد ۾ مبتلا هئڻ، احتياط نه ڪرڻ، بي وقت ۽ گهڻو کائڻ ورزش نه ڪرڻ، ميرو ۽ ڪنو پاڻي پيئڻ، آنڊن ۾ ڳوڙها (سُدا) ٿي پون.  تري وڌي وڃڻ يا تري پنهنجو ڪم ڇڏي ڏئي ته هي مرض لاڳو ٿي وڃي ٿو. هي بيماري ڪڏهن ته اوچتو هڪ دم عضون کي ڪمزور ڪري بدن تي ظاهر ٿيو پوي ۽ ڪڏهن وري آهستي آهستي حملو ڪندي اندران ئي اندران جسماني پرز ڪمزور ڪري دير سان ظاهر ٿئي ٿي. پيشاب ڦڪو، هيڊو، ميرانجهڙو اکيون ميريون يا ڦڪيون اڃ گهڻي لڳڻ، اُس تي گهمي ڦري نه سگهڻ، ڪپڙي کي پيشاب لڳي وڃي ته ڦڪو يا ڪاري رنگ جو داغ ٿيو وڃي. هن ۾ جسم، عضون ۾ سور وغيره ڪونه ٿيندو آهي البته مريض ۾ سستي، چڙ، غصو، قبض، کاڌي لاءِ دل نه گهرڻ، ڪڏهن ڪڏهن دست لڳي وڃن، نبض ڪمزور  زبان تي اچي يا ڪاري تي ڄميل، وات خشڪ ۽ ڪوڙو، بت ۾ سُڪي خارش، مٿي ۾ ڦيري، سور، دل ڪي ٿيڻ، اوڪارا اچڻ. ڪڏهن وري اچيون شيون به زرد ۽ هيڊيون نظر اينديون آهن. ڪڏهن وري اجايو بڪواس ڪرڻ گهڻو ڳالهائڻ يا بيهوشي جا دورا به شروع ٿي وڃن ٿا.

نتيجو: جيڪڏهن معدي جي خرابي، گيس قبض کان هي مرض ٿئي ته علاج سولو آهي ۽ مريض جي جلد صحتيابي جي اميد رکي سگهجي ٿي.۽ جيڪڏهن اندرين پرزن جيڪري آهي ته علاج ۾ ڪجهه دير لڳندي.

علاج: هي پاڻ مرادو ڪو خاص بيماري ناهي، ٻين عضون جي خرابي جي ڪري لڳي وڃي ٿي. البته علاج ۾ سستي نه ڪجي جيترو جلد ٿئي مالڪ کان سوال ڪري جلد علاج ڪجي. ونگي جو ٻج، گدري جو ٻج، کاسني ٻج، هنداڻو بج، سونف اڌ اڌ چمچو پاڻيءَ ۾ چڱي ءَ طرح گهوٽي ڇاڻي شربت بزوري ٻه چمچا گڏي انس ان خميره گائوزبان اڌ چمچي ۾ هڪ ورق چانديءَ جو ملائي کارائجي. جيڪڏهن گرم کاڌن ۽ گرميءَ جيڪري سائي ٿي هجي ته: عرق ڪاسني ۽ عرق مڪوه (پٽ پيرون) اڌ اڌ ڪوپ گڏي ان ۾ ٻه چمچا شربت بزوري گڏائي صبح شام پيارجي. پٿري جي ڪري سائي ٿي هجي ته: تخم ڪاسني هڪ تولو، لاهوري لوڻ ماسو کن ملائي باهه تي ڪوسو ڪري پيارجي. جڏهن تڪليف ختم ٿي وڃي سائي ڇڏي وڃي ۽ اکين ۾ ڦڪاڻ اڃا هجي ته گلاب عرق ۽ سرڪو انگوري هڪ چمچو ملائي سرائي سان اکين ۾ هڻجي.

ڪارو ڪامڻ، يرقان:

ڇانهون نپوڙي ڪڍيل پاڻيءَ هڪ ڪوپ ۾ مصري يا ديسي کنڊ يا مٺائي گڏي پيارڻ شروع ڪجي. منضج ۽ مسهل سوداءَ استعمال ڪجي. نسخو وڏن ڪتابن ۾ بيان ٿيل آهي. هي علاج به ڪارائتا آهن. (١) ريوند چيني هڪ ماسو، سونف (وڏو) ٥ ماسا. ڪاسني ٻج ٥ ماسا، منقي ٩ داڻا رات جو گرم پاڻيءَ ۾ ڀڄائي رکجي صبح ملي ڇاڻي خميره بنفه هڪ چمچو ملائي پيارجي. (٢) عناب آلو بخارا ٥-٥ داڻا، ڪاسني ٻج ٥ ماسا، پٽ پيرون (ڪانول) پن ڪاٺيون، گل نيلوفر ٥-٥- ماسا رات جو گرم پاڻيءَ ۾ ڀڄائي صبح ملي ڇاڻي پياري چڏجي روزانو. (٣) بزوري شربت ٤ توله، برنجاسف ٤ توله گهوٽي عرق ڪاسني ۽ عرق ڪانول (مڪوه) اڌ اڌ ڪوپ گڏي ان ۾ مٿيون شيون شامل ڪري پيارجي. (٤) پيٽ تي ڀرتي، سوڄ ۽ پيٽ سخت ڏسڻ ۾ اچي، قبض ۽ گيس به هجي ته هي نسخو استعمال ڪجي گل بنفشه ٧ ماسا، منقي ٩ داڻا، ڪاسني پاڙ، سونف پاڙ ٧-٧ ماسا. سونف ونگي، گدري جو ٻج، ٥/٥ ماسا، آلو بخارا ٥ داڻا ختم ٿي وڃي پيٽ هلڪو ۽ نرم ٿي وڃي (مٿين پڙين ۾ هي دوائون ملائي پيارجي) ڳڙ يا مٺائي ٤ تولا، ترجبين ٣ تول، گل قلند ٣ توله، سالٽ ٤ توله گڏي پيارجي هلڪي نيرن ڪرڻ بعد ۽ (٥) اڃ گهڻي لڳي ته سونف ۽ ڪانول هڪ هڪ تولو ڪپڙي ۾ ٻڌي گرم پاڻيءَ ۾ پسائي رکجي. اتان پاڻي پيارجي ۽ (يا) (٦) خبث الحديد ڪشتو، هريڙ وڏي جي کل، آنورا کل، ٻهيڙا ڪٽي سنها ڪري ڏهي (ڌونرو) ملائي صبح جو اڌ چمچو کارائجي. ۽ هي به مفيد آهي: ريند خطا،ي نوشادر، هڪ هل تولو، قلمي شورو ٢ تولا، فولاد ڄمون ڪشتو ٦ ماسا  گڏي گهوٽي صبح شام ٻير جيترو لسي، ڏهي، کير سان لئي وڻ جا پنج هڪ هڪ پاءَ رات جو ٽي ڪلو پاڻيءَ ۾ ڀڄائي رکجي. صبح ڪاڙهي جڏهن اڌ بچي ته لاهي ڇاڻي ٺاري ڏيڍ سير کنڊ/ مصري ملائي شربت تيار ڪجي. ان مان اڌ ڪوپ کڻي ٻن گلاس پاڻيءَ ۾ گڏي ان سان هڪ پڙي صبح جو کائي. شربت ڏينهن ۾ ٽي چار ڀيرا ڀت ۽ گرم شين کان پاسو ڪري. ڪدو، ڀينڊي، چماٽو، ماهيو ٻاڪرو گوشت، ميها، مڱ، چڻا دا، سوڍا جي بوتل کير به گڏي پيارجي.  هي نسخو ٻنهي قسم جي يرقان ۾ مفيد آهي. اکين ۾ خارش لاءِ: شاهترو اڌ توله پاڻيءَ ۾ ڀڄائي صبح نيرانو پيئڻ گهرجي. هرٻو ٻج (ميٿي) اڌ چمچو رات جو پاڻيءَ ۾ جوش ڏيئي پي ڇڏجي. دل جي ڪابه تڪليف ظاهر ٿئي ته: ڦودنو سڪل يا آلو، اڌ تولو، ادرڪ ٣ ماسا، ان جو پن اڌ ٽنهي کي اڌ گلاس پاڻيءَ ۾ جوش ڏيئي صبح نيرانو پيارجي خارش، ڦرڙيون، ڳوڙهيون، گل منڊي ١٠- ١٠داڻا صبح شام اڌ گلاس ۾ جوش ڏيئي ڇاڻي شربت عناب اڌ چمچو گڏائي يپارجي ١٥ ڏينهن.