منقبت

منقبت

ياسين ڪنڀر

نه سهڻي نبي٤ جي صحابا تي بَڪُ

شرم ڪي شرم بي نَڪا ڌارِ نَڪُ

 

محمد ڪريمن جا مائٽ سڳا

ٻه سهرا ٻه نياڻا، نه رکجي ڪو شَڪُ

 

ڪهاڙي نه تون پير پنهنجي تي هڻ،

نِڌڻڪا نه هڻ پنهنجي عزت کي ڌَڪُ

 

مڃن ڌرتي وارا وارا ٿي اصحاب کي،

صحابا تي راضي رهيو آ فَلڪُ

 

چئن جو ڇٽو چاهه آ چؤطرف

ٿو ساراهي تن کي سڄو تَرُ ۽ تَڪُ

 

حقيقت کي مڃ توون نه ٿي ناسِتَڪُ

چوان سچ ٿو توکي نه پايان ٿو چَڪُ

 

بدرَ اُحد خيبرَ ۽ خندق اندر

لڙيو هو صحابه جو لشڪر ڪٽڪ

 

مڱڻهار ”ياسين“ اصحاب جو

پڙهو ٿو گهمايان هڻي ڏوڪو ڏَڪُ